پاڪستان پروٽوڪول پوليس کي ڪير بچائيندو؟

 

ٻاهرين ملڪن ۾ پوليس کاتي جو قيام خاص طور ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ، ڏوهارين کي پڪڙي کين قانون موجب سزائون ڏئي عوام الناس کي تحفظ ڏيڻ هوندو آهي ۽ خود پوليس کاتي ۾ ملڪ جي قانون مطابق عمل ڪرڻ پڻ يقيني بڻايو ويندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ انهن ملڪن ۾ امن وامان جي صورتحال بهتر هوندي آهي. پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ پاڪستان اندر جتي تقريبن هر کاتو بدانتظامي، ڪرپشن، سياسي مداخلت سبب تباهه لڳو پيو آهي اتي ملڪ جو هي اهم پوليس کاتو به ان کان ناهي بچي سگهيو. سڄي ملڪ پر خاص طور اسان جي سنڌ پوليس کي ”پروٽوڪول پوليس“ چئجي ته غلط نه هوندو. ڇاڪاڻ ته اسان جي پوليس سياستدانن، ججن، وڏن آفيسرن، ڀوتارن سميت مختلف حڪومتي شخصيتن جي پروٽوڪول ۾ نظر اچي ٿي پئي ۽ باقي جيڪا پوليس بچي ٿي ان ۾ وري ويزا سسٽم تحت ماهوار 5 کان 10 هزار روپين جي عيوض هزارين عملدار گهر ويٺي پگهارون کڻندا آهن ۽ جيڪا پوليس ڊيوٽي تي آهي ته اها ڪرپشن جو اعليٰ مثال قائم ڪندي نظر ايندي آهي. پوليس کاتي ۾ هر ڪم پئسي کانسواءِ ٿيڻ ڄڻ ته ناممڪن بڻيل آهي. ان لاءِ ڀلي ته اوهان ڪيترا به مظلوم ڇو نه هجو پر اوهان جي دادرسي سواءِ پئسن ۽ سياسي سفارش جي ٿيڻ ممڪن ناهي. جڏهن ته وري پوليس کاتي ۾ مقرريون ۽ بدليون سياستدانن جي هٿ وس هئڻ ڪري پوليس کاتي جا عملدار  انهن جي در جا سلامي ٿيڻ تي مجبور آهن ۽ ظاهر ڳالھه آهي جيڪو سياسي ماڻھو ڪنهن پوليس عملدار جي مقرري يا بدلي ڪرائيندو ته وقت تي ان پوليس عملدار کان پنهنجا جائز ناجائز ڪم به ڪرائيندو ۽ پوليس عملدار کي ان جو هر ڪم مجبوراََ ڪرڻو ئي پوندو. انهن سڀني خرابين سبب پوليس کاتو صرف نالي ۾ پوليس کاتو رهجي ويو آهي باقي ڪم زيرو لڳو پيو آهي. ان جو تازو مثال اتر سنڌ جي شهر ميرپورماٿيلو ڀرسان پوليس ڪئمپ تي ڌاڙيلن جو ڪيل حملو آهي، جنهن ۾ پوليس کاتي جا اعليٰ عملدار ڊي ايس پي، ايس ايچ اوز سميت سپاهي شهيد ٿيا. هاڻي سوچڻ جو مقام آهي ته جيڪا پوليس پنهنجو تحفظ نه ٿي ڪري سگهي اها عوام جي ڪهڙي حفاظت ڪندي ۽ ڇا اسان جي پوليس ائين ئي بي يار و مددگار ڌاڙيلن، دهشتگردن هٿان شهيد ٿيندي رهندي؟ ان لاءِ ملڪ جي اصل مالڪن کي سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان جي عوام جو تحفظ ڪندڙ ادارا به اگر ائين غيرمحفوظ هوندا ته پوءِ ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جو آخر ڇا ٿيندو ۽ اگر پوليس ائين صرف نالي ۾ هڪ کوکلو ادارو رهيو ته پوءِ ملڪ جا دشمن، دهشتگرد، ڌاڙيل طاقتور ٿي عوام کي لٽيندا رهندا ۽ گهرو ويڙھ شروع ٿي ويندي. قانون جي حڪمراني ختم ٿي ويندي ۽ جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو نظام رهيو ته باقي ڇا بچندو؟ ان لاءِ پاڪستان پر خاص طور سنڌ پوليس مان سياسي مداخلت، ڪرپشن، ويزا سسٽم ختم ڪري پوليس کي بااختيار بڻائي ان جي مٿان وري هڪ صاف شفاف ايماندار آفيسرن تي مشتمل انويسٽيگيشن ٽيمون جوڙي پوليس تي به نظر رکي وڃي ۽ پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن کي نيڪالي ڏني وڃي، ڇوته انهن جي ڪري پوليس کاتو بدنام ٿي رهيو آهي. اسان جي سنڌ پوليس ڏوهارين کي پڪڙڻ بجاءِ رڳو سياستدانن، ڀوتارن جي ڪمداري ڪندي نظر پئي اچي ۽ رڳو نشي واريون سوپاريون، وڏيرن، سياستدانن جي چوڻ تي سندن مخالفن تي ڪيس داخل ڪري پڪڙي ايف آءِ آرون داخل ڪري خانه پوري ڪري رهي آهي. جڏهن ته منشيات جي اڏن تان هر ٿاڻي کي منٿلي ملڻ جا پڻ اطلاع آهن جنهن جي ڪري ڏوھ وڌي رهيا آهن.

 

محمد خالد ميمڻ/ ڦل شهر

سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي بهتر ڪارڪردگي

 

تقريباً گذريل 14 سالن کان سنڌ ۾ پ پ پ اقتدار ۾ هوندي معياري ۽ سستي تعليم جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهي. تنهن کان سواءِ تعليمي لحاظ کان پ پ پ حڪومت کي ڪارڪردگي ۽ اپائن وٺڻ لحاظ کان جانچجي ته ٻين حڪومتن نسبت پ پ پ حڪومت ۾ تعليم کاتي اندر ڪارڪردگي بهتر رهي آهي. سجي صوبي اندر صحت جو نظام، هارين ۽ مزدورن جي بهتري لاءِ پروگرام تنهن کانسواءِ غريب عورتن جي مالي سهائتا لاءِ پڻ حڪومت جو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ساراهه جوڳو آهي. سنڌ ۾ معياري ۽ بهتر تعليمي لحاظ کان پروگرام ۽ حڪومتي قدم ساراهه جوڳا آهن. سنڌ ۾ نوجوانن لاءِ تعليم لازمي وارو معاشرو سازگار بڻايو پيو وڃي. جيڪو ڪم سنڌ جي وڏي وزير ۽ خاص ڪري وزير تعليم جي خاص توجه، دلچسپي ۽ ڪوششن سبب ممڪن ٿيو آهي. ڳالهه اها آهي ته بيروزگاري ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو وڏو مسئلو آهي. جنهن لاءِ سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتو سڄي صوبي اندر آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ماڻهن کي استادن جي ڀرتي ڪري ڏيکاريو جيڪا ڳالهه به حڪومت طرفان ساراهه جوڳي ۽ خوش آئند رهي. جنهن سبب سنڌ ۾ هزارين بيروزگار برسرروزگار ٿي ويا ۽ اڃا وڌيڪ بيروزگاري خاتمي واسطي لوئر اسٽاف هڪ کان چار گريڊ تائين ڀرتيون سنڌ حڪومت ڪري رهي آهي. اميد ته جيڪو مرحلو به جلد مڪمل ڪيو ويندو. بهرحال ڳالهه اها آهي ته هن وقت سنڌ ۾ تعليم کاتي جون سرگرميون اسڪيمون ۽ پاليسيون واضح طور بهتر آهن، جنهن مان اڃا وڌيڪ اميد آهي ته حڪومت تعليم کاتي اندر بهتر قدم ڪرڻ سان گڏ اڃا وڌيڪ بهتر اپاءُ وٺندي رهندي.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

 

بابا مان وڪيل ٿيندس

 

دودو ويچارو سڄو ڏينهن مزدوري ڪري ٿڪجي اچي گهر پهتو جيئن ئي پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيو پري کان پنهنجي پٽ کي پاڻ ڏي ڊوڙندي ڏٺائين. وڏي واڪي چئي رهيو هو

بابو آيو بابو، امان بابو آيو. هي ننڍڙو ڊوڙي اچي هن جي هنج ۾ ويٺو، ننڍڙي جي مسڪراهٽ هن جي سڄي ڏينهن جي ٿڪ ڄڻ کن پل ۾ دور ڪري ڇڏي هئي. هو ننڍڙي کي ڀاڪر پائي چميون ڏيڻ لڳو، ڄڻ ھن جي شرير ۾ ساري سگھه موٽي آئي هجي . ننڍڙي هن کي مسڪرائيندي چيو:بابا منهنجو ڪتاب وٺي آئين؟

هن کلندي جواب ڏنو: ها پٽ تنهنجو ڪتاب وٺي آيو آھيان.هن وري نرمي واري انداز ۾ چيو: پر پٽ اڄ تون اسڪول ويو هئين.ننڍڙي اشوڪ کلندي چيو: ها بابا اسڪول ويو هئس.

هن وري پڇيو: اڇا پوءِ اڄ ڇا پڙهيو؟

اشوڪ جواب ڏنو: اڄ اڄ سائين بيت پڙھايو “واه ڙي تارا گول تارا چلڪي وارا چمڪي وارا” بس بس مونکي خبر آ اهو بيت تنهنجي ماءُ توکي رٽائي ڇڏيو آ ٻيو ڇا پڙھيو؟

ٻيو ٻيو ڪجھ به نه، ها ها سائين هڪ سوال پڇيو هو.

ڪهڙو سوال؟

سائين سڀني شاگردن کان پڇيو ۽ مون کان به پڇيو هو.

ها پر ڪهڙو سوال پڇيو؟

سائين مون کان پڇيو ته مان پڙھي ڇا ٿيندس؟

۽ تو وري ڪهڙو جواب ڏنو؟

مون چيو مان پڙھي وڪيل ٿيندس.

تيستائين پريان کان اشوڪ جي ماءُ ماني پچائيندي چيو: ها ها تنهنجي پٽ جا به تو وانگر وڏا خيال آھن.

وڏا خيال ڇو نه هوندا آخر ھي پٽ ڪنهنجو آهي.

هن وري آھستگي سان پڇيو: پر پٽ تون وڪيل ٿي ڇا ڪندين؟

ننڍڙي اشوڪ ڪيڏو نه سولي ۽ سهڻي نموني سان جواب ڏنو هو:

آئون وڪيل ٿي مسڪينن ۽ مظلومن جي حقن لاءِ وڙھندس، انهن مائرن جي ٿڃ لاءِ وڙهندس جن جا معصوم ٻچڙا غربت جي ڪري علاج نه ٿيڻ ڪري هر منحوس موت جو کاڄ ٿين ٿا، مان ان سنڌي ڀينرن جي لاءِ وڙھندس جن جي عزتن کي وحشي درندن هٿان نيلام ڪيو وڃي ٿو. مان ان ويڪائو وڏيرن خلاف وڙھندس جيڪي مسڪينن کي پنهنجي پيرن جي ڌوڙ سمجهي لتاڙيندا آھن، مان پورهيتن جي پورهئي جي لاءِ وڙھندس جن کي وقت تي پگهر جو پئسو نٿو ملي، اگر ملي ٿو اهو به ايترو جو مهانگائي جي ڪري انهن جو سفرگذر نٿو هلي. مان ان غريب ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ لڙندس جيڪي غربت جي ڪري ماني جي گرھ لاءِ به سِڪي رهيا آهن، مان سنڌ ڌرتي جي ننگن ۽ دنگن لاءِ وڙھندس جن تي ڌارين اچي ديرا ڄمايا آھن، مان سنڌ امڙ جي ٻيٽن ۽ چيٽن جي لاءِ وڙهندس جن تي قبضاخور ڳجهن وانگر لامارا هڻي رهيا آهن، مان ڪيٽي بندر ۽ ڪارونجهر لاءِ وڙهندس جن کي ڪاسائي ڪٽڻ جي ڪڌي ڪرت ڪري رهيا آهن ۽ مان انهن معصوم گلن جي لاءِ وڙھندس جيڪي ٻاروتڻ ۾ قلم بجاءِ ڪوڏر کڻڻ تي مجبور ٿين ٿا.  بابا مان دلتن، آديواسين ۽ دراوڙ لوڪن لاءِ سڄي زندگيءَ جدوجهد ڪندو رھندس.

دودو سڀ ڪجھه خاموشي سان ٻڌي رهيو هو ۽ ماٺ ۾ مبتلا ٿي ويو هو. هن جي ذهن تي سوچن جا سوين سمنڊ اٿلي پيا هئا ۽ هن جي وجود کي جَهڻ وانگر ولوڙڻ لڳا هئا، پنهنجي پٽ جون ڳالهيون ٻڌي هن کي پنهنجو ٻالڪپڻ ياد اچي رهيو هو.  جڏهن هي ننڍڙو هو هن کي به پڙهي وڪيل ٿيڻ جو شوق هو پر اچانڪ هن جي پيءُ جي مرتيو ٿيڻ ڪري، سڄي گهر جو وزن هن ننڍڙي تي اچي ويو هو، تڏهن هي پنجين درجي ۾ پڙهندو هو، هن کي مجبورن پڙهائي ڇڏڻي پئي، ڇاڪاڻ ته ماءُ سان گڏوگڏ بالغ ڀيڻ جي ذميواري هن تي اچي وئي هئي. هن کي ڪلهن تي ڪتابن جو ٿيلهو کڻڻ بدران تغاري کڻڻي پئي.  اهو سڀ ڪجھه سوچيندي هن جي اکين جي سمنڊ جا بند ٽٽي پيا هئا ۽ لڙڪ لاڙون ڪري وهڻ لڳا هئا. ننڍڙي اشوڪ ننڍڙن هٿن سان لڙڪ اگهندي هن کي چيو: بابا توهان روئي ڇو رهيا آھيو؟

هن پنهنجي اندر جي غم کي لڪائيندي اشوڪ کي ڀاڪر پائيندي چيو: ها پٽ تون وڪيل ضرور ٿيندين.

 

دولت راءِ دراوڙ/ ڀيل ننگر اسلام ڪوٽ

 

ميھڙ ۾ بدامني ۽ پوليس جي ڪارگردگي

 

ميھڙ شھر جيڪو مسلسل بدامني جي ور چڙھيل آھي، ميھڙ جا شھري جيڪي ڪافي عرصي کان  بدامني، چوري، ڦرين، ڌاڙن ۽ ڏوھن کي ھميشه منھن ڏيندا آيا آھن. ميھڙ جي شھرين کي ڪافي وقت کان ڦريو، لٽيو ويو آھي، پر ميھڙ پوليس ھن وقت تائين خاموش تماشائي بڻيل آھي. ميھڙ ۾ ھڪ سال کان ٿيل وڏن توڙي ننڍن ڏوھن مان ھن وقت تائين  ميھڙ پوليس ڪنھن جو ڏوھ ريڪوري ڪرائي نه سگهي آهي. گذريل ڏينهن ميھڙ ٻيٽو روڊ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾3 ھٿياربندن جي اٽي ڪٽي ۽ اناج جي دڪان تي چڙھائي ڪري واپاري اظھر گهانگھرو کي يرغمال بڻائي لکين روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به ھٿ ڪيا ويا آھن. ڪجهه ميهنا اڳ اظهر گهانگهرو جي نوجوان پٽ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو ان کان اڳ سندس ڀاءُ جي دڪان تان ڦر ۽ گهر مان لڳل ڌاڙي واري رقم واپس نه ٿي هئي. پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. ميھڙ ۾ بدامني، ڦرن ۽ ڏوھن واري واقعن کان پوءِ شھري خوف ۾ ورتل آھن. واپاري توڙي عام ماڻھو پاڻ کي غيرمحفوظ سمجھي ٿو. شھر ۾ پاٿاريون کليل آھن. ماڻھو ٿيل چورين ۽ ڦرن جي واپسي لاءِ پوليس بجاءِ پاٿارين جو رخ ڪن ٿا پر افسوس جو دادو پوليس نه ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪري ٿي نه ئي وري پاٿاريدارن خلاف ڪا ڪاروائي ڪري رھي آھي. شھري سوال ٿا ڪن ته آخر  ڪيستائين شھري لٽبا رھندا ۽ پوليس بااثرن جي آڏو مجبور رھندي ۽ ڏوھاري آزاد رھندا؟

 

صابر ڪولاچي/ ميھڙ

 

ڪاميابي جا 7 اصول: اچو ته عمل ڪريون!

 

هن سلسلي جو پنجون نقطو تمام اهم آهي

  1. سمجھڻ لاءِ پھرين ڪوشش ڪريو، پوءِ سمجھه ۾ ايندو:

ڪميونيڪيشن/رابطو زندگي ۾ سڀ کان اهم آهي. توهان سال گذاريندا آهيو سکڻ ۾ ته ڪيئن پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ گهرجي. پر ٻڌڻ بابت ڇا؟ توهان ڪهڙي تربيت حاصل ڪئي آهي جيڪا توهان کي ٻڌڻ جي قابل بڻائي ٿي ته جيئن توهان ڪنهن ٻئي انسان کي حقيقت ۾ سمجهي سگهو؟ شايد ائي نه هوندو آهي. جيڪڏهن توهان اڪثر ماڻهن وانگر آهيو، توهان شايد پهرين سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا. ائين ڪرڻ ۾، توهان ٻئي شخص کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪري سگهو ٿا، ظاهر ڪري سگهو ٿا ته توهان ٻڌي رهيا آهيو، صرف گفتگو جي ڪجهه حصن کي چونڊيو، يا صرف انهن لفظن تي ڌيان ڏيو، پر معنيٰ مڪمل طور تي گم ٿي وڃي ٿي پوءِ ائين ڇو ٿو ٿئي؟ ڇاڪاڻ ته اڪثر ماڻهو جواب ڏيڻ جي نيت سان ٻڌندا آهن، نه سمجهڻ جي نيت سان. توهان پنهنجو پاڻ کي ٻڌو جيئن توهان پنهنجي ذهن ۾ تيار ڪيو ته توهان ڇا چوڻ وارا آهيو، سوال جيڪي توهان پڇڻ وارا آهيو وغيره. توهان پنهنجي زندگيءَ جي تجربن ريعي جيڪي ٻڌو ٿا ان کي فلٽر ڪريو. توهان چيڪ ڪريو جيڪو توهان پنهنجي خلاف ٻڌو ٿا ۽ ڏسو ته اهو ڪيئن آهي تنهن ڪري، توهان وقت کان اڳ فيصلو نه ڪيو اهو سمجهو ته ٻئي شخص جو مطلب ڇا آهي؟

6 هم وقت سازي:

ان کي آسان ڪرڻ لاءِ، مطابقت جو مطلب آهي “ٻه سر هڪ کان بهتر آهن.” اهو ٽيم ورڪ، کليل ذهن ۽ جرئت آهي پراڻن مسئلن لاءِ نوان حل ڳولڻ لاءِ پر اهو پنهنجو پاڻ تي نه ٿو ٿئي. اهو هڪ عمل آهي، ۽ ان عمل ذريعي، ماڻهو پنهنجا سڀئي ذاتي تجربا ۽ صلاحيتون ميز تي آڻيندا آهن. گڏو گڏ، اهي گهڻو بهتر نتيجا پيدا ڪري سگھن ٿا جيڪي انفرادي طور تي ڪري سگهن ٿا. هم آهنگي اسان جي انهن شين کي گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي جيڪا اسان پاڻ کي دريافت ڪرڻ جي ممڪن ناهي.

7 آري کي تيز ڪريو

منهنجو مطلب آهي محفوظ ڪرڻ ۽ وڌائڻ جو سڀ کان وڏو اثاثو توهان وٽ آهي ان جو مطلب آهي توهان جي زندگي چئن شعبن ۾ خود تجديد لاءِ متوازن پروگرام هجي: جسماني، سماجي/جذباتي، ذهني ۽ روحاني.

هاڻ هي سلسلو ختم ڪريون ٿا، جيڪڏهن انهن اصولن تي عمل ڪيو وڃي ته ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي.

 

عبدالحيلم ڏاهري/نوابشاهه

سنڌ ۾ پيش ايندڙ سانحن جو تدارڪ ڪيو وڃي

 

بيوسيءَ جي عالم  ۾ گُذاريندڙ سنڌ جا ماروئڙا ڪنهن در ڏيندا دانهڙي جهڙو سوال منهنجي ذهن ۾ وري وري اچي ٿو. جنهن ۾ سوڳواريءَ جھڙو ماحول من جي بهار جهڙي مند کي خزائن ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو. انهيءَ سوڳواريءَ جهڙو ماحول ڪڏهن ڏڪار جي حالت ۾ ته ڪڏهن ٻوڏ جي حالت ۾ ته ڪڏهن وري وڏي سانحن جي حالت ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي برپا ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري اندر مان خوشين جا سِهرا سڏڪن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. اهڙو ئي هڪ وڏو سانحو ڪجھه ڏينهن پهريان ڪراچي کان لاڙڪاڻو ايندڙ ڪوچ سان پڻ پيش آيو، جنھن ۾ ڪيترين ئي جانين جو نقصان ٿيو. ھن وڏي سانحي هر حساس دل ماڻهن جي اکين مان لڙڪن جون لارون وهائي ڇڏيون. جنهن ۾ گلاب جا گل خزائن جو ويس پائي سڙندا رهيا. انهيءَ سوڳواريءَ جي حالت ۾ لکندي ڪاڳر سان گڏ قلم به روئي ڏنو ۽ احساس رکندڙ ماڻهن پنهنجا سڏڪا روڪي نه سگهيا. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ روز ڪونه ڪو ڏکوئيندڙ واقعو پيش اچي ٿو، پر ان جو تدارڪ نه ڪيو وڃي ٿو ۽ لاپرواهي جي ڪري ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿين ٿيون، جيڪا ھڪ ڏک جھڙي ڳالھه آھي. حڪومتي ادارن کي گهرجي تي هنن پيش ايندڙ وڏن سانحن جو تدارڪ ڪن ته جيئن هانوَ ڏاريندڙ ههڙن سانحن کان بچي سگهجي.

 

ناشاد شوڪت شنباڻي/ڪوٽڏيجي

 

 

ورلڊ ڊابٽيز ڊي ۽ اسان جي ذميداري

 

ورلڊ ڊابٽيز ڊي 1991ع کان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ انٽرنيشنل ڊابٽيز فائونڊيشن پاران ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته پوري دنيا جي ماڻهن کي هن قديم بيماري بابت آگاهي ڏن وڃي، هن جو علاج ۽ بيماري کان بچاءُ ڪيئن ڪجي؟ تاريخ جا ورق اٿلائڻ سان خبر پوي ٿي ته هي بيماري آڳاٽي زماني ۾ به موجود هئي ۽ 1550 ق م ۾ اندازو ڪيو ويو هو ته هي بيماري به آهي. 300 سال اڳ ماهرن شگر جي هاءِ ٿيڻ جو اندازو ڪيو هو ۽ ٻڌايو هو ته هن جو ڪارڻ وزن وڌڻ ۽ پيشاب جو گهڻو اچڻ هو. يوناني ماهرن به ڪارڻ ڳوليو. ڪجهه ماهرن هن بيماري کي بڪين جي بيماري سمجهيو هو پر 18هين صدي ۾ انگلينڊ جي ڊاڪٽرن  ٻڌايو ته اها بيماري يعني شگر لبلبي جي ڪم نه ڪرڻ ڪري ٿئي ٿي. 1776ع ۾ “ميٿيو ڊوسس” ڪنفرم ڪيو ته شگر جي مريض جو پيشاب مٺو هوندو آهي، مقصد پيشاب ۾ گلوڪوز وڌيڪ هوندو آهي. هن بيماري کي ٽائپ ون ۽ ٽائپ ٽو ۾ ورهايو ويو.

پاڪستان ۾ هن وقت تي ڪروڙ کان وڌيڪ مريض آهن جنهن ۾ لکين مريضن کي بيماري بابت خبر به نه آهي. شگر جي بيماري جا مريض 160 ملڪن ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ آهن. هن بيماري جا مسئلا تمام اهميت وارا آهن، جيڪي شگر جي مسئلن بابت بي خبر آهن، انهن کي مڪمل آگاهي ڏني ويندي آهي. مڪمل علاج مئوثر دوائون ڏيڻ، ٽائپ ون ۽ ٽائپ ٽو جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد آهي. شگر جي بيماري جي لاءِ يورپ جا ملڪ ملين ڊالر خرچ ڪري رهيا آهن. ڊائبٽيز ڊي ملهائڻ جو مقصد به اهو آهي ته پاڪستان جي صحت کاتي پاران واڪ، ليڪچر پروگرام، ريڊيو، ٽيليويزن موبائل تي پڙهي سٺي نموني ڄاڻ ڏئي آگاهي ڏني وڃي ٿي. شگر جي بيماري لاءِ بلڊ شگر کي مينيج ڪرڻ لاءِ روزانو ورزش ڪئي وڃي، جيڪا عمر جي لحاظ کان ڊاڪٽر ٻڌائيندا آهن. ورزش واڪ سان انسولين ليول ٿئي ٿي. آمريڪي ڊاڪٽرن مطابق هفتي ۾ پنج ڏينهن هر روز 30 منٽ ورزش ڪئي وڃي. هن سان بلڊ شگر بهتر، دل جي بيماري ۽ بلڊ پريشر نارمل ٿئي ٿو. ان کان پوءِ ماڻهو سائيڪل هلائڻ، ڊانس ڪرڻ، رانديون کيڏڻ، ڏاڪڻيون چڙهڻ ۽ ٻيڙي هلائڻ، باغباني ڪرڻ وغيره به شگر لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو. پنهنجي کاڌ خوراڪ جو وڌ ۾ وڌ خيال ڪيو وڃي. خاص ڪري سڻڀي غذا کان هٽي ڪري سايون ڀاڄيون واپرائڻ گهرجن. مثال گجرون، ٽماٽا، ساون پنن واريون ڀاڄيون، مڪئي وغيره. صحتمند ماڻهو کي جيڪڏهن اهڙي ڪا نشاني شگر وڌڻ جي ظاهر ٿئي مثال پيشاب جو وڌيڪ اچڻ، ننڊ جو صحيح نه اچڻ، ڄنگهن ۾ سور پوڻ، خشڪي ٿيڻ، پيرن جو سڙڻ وغيره ته جلدي ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکارجي ضروري ٽيسٽون ڪرائجن سستي هرگز نه ڪجي. هڪ سروي مطابق ته 1988ع کان 2013ع تائين شگر جي مريضن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. اهڙي صورتحال رهي ته موت جي شرح ۽ مريضن ۾ اضافو ٿي ويندو. ورلڊ ڊابٽيز ڊي اسان کي ياد ڏياري ٿو ته کاڌي ۽ ورزش جو خيال رکون ۽ ماڻهن ۾ ڄاڻ وڌايون ته جيئن اهڙين موذي بيمارين کان بچي سگهون.

 

آخوند نوراحمد ڏهوٽ/ ڦلجي اسٽيشن

ٻوڏ متاثر شناختي ڪارڊ متاثر

 

اسان اھڙي ملڪ ۾ رھون ٿا جتي خانگي اداري جو نمائندو ٽي سئو رپين وارو ٽپال جو لفافو گھر پھچائڻ ۾ ڪامياب  وڃي ٿو، پر اتي ملڪ جو سڀ کان حساس وڌ ۾ وڌ منافعو ڪمائيندڙ ادارو پنهنجي آفيس ۾ ھزار رپين جي بدلي ۾ خدمتون ڏيڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو. اھڙو حال نيشنل ڊيٽا بيس اٿارٽي نادرا جو اکين اڳيان پيو آھي، ان سان گڏوگڏ  اسان جو عوام ٺيڪ ان وقت ڪارڊ ٺھرائڻ لا آفيس ۾ اچي ٿو جنهن وقت کيس ڪا مالي مدد جي ضرورت پوي ٿي. جيتوڻيڪ نادرا مينيجمينٽ جي حساب سان ماڻهو صحيح وقت تي ڪارڊ ٺھرائن ته رڪارڊ حد تائين رش نه ٿيندي. ماڻهو آرام سڪون سان ڪارڊ ٺھرائي سگھندا. قصو ڪوتاھ اھڙي بدنظمين ۽ شناختي ڪارڊ کي سنجيدھ نه  وٺندي موجودھ ٻوڏ متاثر جي صورتحال حال تي نظر رکبي ته جن جا شناختي ڪارڊ ناھن ٺھي سگھيا يا وري مدي خارج ٿي ويا آھن. اھي ٻوڏ جي تڪليفن  کان وڌيڪ ڪارڊ ٺھرائڻ جي تڪليفن ۾  دربدر آھن، خاص ڪري ڊجيٽل سافٽ يعني اھڙي قسم جي مالي مدد کان   محروم ٿي رھيا آھن جيڪا ھٿو ھٿ بدران بينڪ چيڪ يا اڪائونٽ يا موبائل بينڪنگ ذريعي ڏني پئي وڃي. ان لا سرڪار کي گھرجي تـ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ شناختي ڪارڊ جي مسئلن کي مونجھارن مان ڪڍڻ لا ڪا حڪمت عملي جوڙي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ٻوڏ متاثر پروجيڪٽن مان فائدو حاصل ڪري سگھن.

 

منظورعلي ھاليپوٽو/ ٽلٽي