گھوٽڪي ضلعو سوڳوار بڻيل

 

سنڌ صوفين جي ڌرتي رهي آهي سنڌ ۾ هميشه محبت امن جو پيغام مليو آهي پر افسوس جيڪو رونتي واري ڪچي واري علائقي ۾ واقعو پيش آيو آهي انهيءَ تي گهوٽڪي ضلعو سوڳوار بڻيل آهي. ڌاڙيلن ۽ پوليس جي وچ ۾ هلندڙ مقابلي ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿيا آهن. شهيد ٿيلن ۾ ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀُٽو، ايس ايچ او دين محمد لغاري، ايس ايچ او عبدالمالڪ ڪمانگر، پوليس اهلڪارسليم چاچڙ ۽ جتوئي پتافي شامل آهن. ايس ايچ او رونتي غلام علي بروهي، اهلڪار محرم علي بروهي، آفتاب حسين ڀٽو، حاجي ممتاز سومرو سميت 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا جڏهن اھا خبر ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳي ته ائين محسوس پئي ٿيو ته گھوٽڪي ضلعي جي فضا به سوڳوار بڻجي وئي. جڏهن به پوليس رونتي واري ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو آهي ناڪام وئي آهي. پنهنجا نوجوان شهيد ڪرائي واپس موٽي آئي آهي. ڇا چند ڌاڙيل سنڌ حڪومت کان طاقتور آهن؟ اگر سنڌ حڪومت سنجيده سان ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري ته ڌاڙيلن جو نالو نشان مٽجي ويندو. پوليس اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ گھوٽڪي ضلعي جي عوام ۾خوف هراس پکڙيل آهي جنهن شهر ۾ شام جون رونقون ھونديون هيون اڄ اهي شھر شام کان اڳ ويران ٿي ٿا وڃن. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڌاڙيلن خلاف هڪ وڏو پلان سوچي ڪري مضبوط آپريشن ڪيو وڃي. جيئن ڌاڙيلن جو خاتمو ٿي سگهي ۽ گهوٽڪي ضلعي ۾ وري رونقون موٽي اچن. بهادر شهيد پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن کي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو ۽ ﷲپاڪ انهن جي گهر ڀاتين کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. آمين

 

فرمان علي لغاري /گهوٽڪي

ٺري ميرواھ مان برساتي پاڻي ڪڏھن نڪرندو

 

ٽي مهينا اڳ پيل برساتن ٺري ميرواھ ۾ وڏي تباهي آندي پر هينئر تائين تعلقي انتظاميا جي نااهلي سبب تعلقي  هيڊڪوارٽر شھر ٺري ميرواھ جي سرڪاري آفيسن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي. هن وقت به زرعي بينڪ، پوسٽ آفيس، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار هائوسن ۽ آفيسن، سب رجسٽرار آفيس، جڊيشل لاڪپ، آبپاشي سب ڊويزن ميرواھ آفيس، ڊي ايس پي ميرواھ آفيس، ميرواھ ٿاڻو، پريس ڪلب ٺري ميرواھ، سرڪاري مسجد، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٺري ميرواھ، گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول، تعلقا  سرڪاري اسپتال، ٽي اي او ميل فيميل سيڪنڊري ۽ پرائمري تعلقي آفيسون، نادرا آفيس، ٽائون ڪاميٽي آفيس، ايجوڪيشن ورڪس آفيس، آفيسر ڪالوني، پبلڪ لائبريري، آفيسر ڪالوني پرائمري اسڪول، پي ٽي سي ايل ٽيليفون ايڪسچينج، ڳوٺ ڊاڪٽر عبدالستار شر، باءِ پاس ڪالوني، ڳوٺ فيض محمد خاصخيلي، ڳوٺ کبڙ جوڳي، ميرس ڪالوني ۽ ٺري سکر روڊ تي هن وقت به ٻن کان ٽن فٽن تائين برساتي پاڻي موجود آھي. شروعاتي ڏينهن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ٺري باءِ پاس تي اٺ مشينون لڳايون ويون جنهن جو انگ آهستي آهستي گهٽجندو ويو. پوءِ مشينون هلڻ بدران اڪثر بند رهڻ لڳيون. هينئر هلندڙ مشينن جو انگ 2 ٽريڪٽر وارا جهٽا ۽ هڪ بجلي تي هلندڙ مشين آھي. بجلي تي هلندڙ مشين مينگهو فقير فيڊر تي 14 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ سبب رڳو 10ڪلاڪ مس هلي ٿي. جڏھن ٽريڪٽر وارا جهٽا به ڪالھه کان سرڪاري تيل نه ملڻ ڪري بند آھن. اهڙي صورتحال سبب ٺري ميرواھ مان برساتي پاڻي جي نيڪال وارو عمل بند ٿي ويو آھي. جڏھن ته تعلقي آفيسون ٻڏڻ بعد انتظاميا منظر تان مڪمل طور غائب آھي. ٺري ميرواھ واسين پاران برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ اضافي مشينري لڳائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو ويو پر ڪو کڙتيل نه نڪرڻ سبب ماڻھن مايوس ٿي خاموشي اختيار ڪري ورتي آھي. جنهن سبب عملدارن پاڻي نيڪالي لاءِ نالي ماتر هلندڙ مشينون به بند ڪرائي ڇڏيون آھن جنهن سبب هتان جي شھرين ۾ سخت مايوسي جي لهر ڇائنيل آھي. ٺري ميرواھ تعلقي هيڊڪوارٽر شھر ٻڏڻ جو وڏو سبب ناقص ڊرينيج سسٽم نه پر پاڻي نيڪال جو  سسٽم بلڪل ئي نه هجڻ آهي. ضلعي خيرپور جي سمورن تعلقن کان پهرئين نمبر تي ٺري ميرواھ جي آبادي آخري آدمشماري موجب 3 لک 55 هزار آھي پر هن وقت به تعلقي هيڊڪوارٽر شھر ۾ ناظمي دور جون ٺهيل فٽ جون ناليون آھن ۽ گندو پاڻي نيڪال لاءِ صرف 5 انچي پائيپ سسٽم آھي جيڪو پاڻي کي ميرواھ ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ڊرينيج سسٽم نه هجڻ ڪري برساتن دوران ٺري شھر سميت پسگردائي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پنج کان 6 فٽ پاڻي بيهجي ويو آھي. تعليمي ادارا اسڪول بند هجڻ ڪري هتان جا ماڻھو ٻٽي عذاب جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. جڏھن ته برساتن بعد هينئر تائين تڪ جي چونڊيل نمائندن جو ڪردار مايوس ڪندڙ آھي. اسان وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، ڪمشنر سکر کي اپيل ٿا ڪيون ته خدارا برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ٺري باءِ پاس وٽ بند پيل مشينن کي چالو ڪرائي وڌيڪ مشينري لڳرائي ٽن مهينن کان  برساتي پاڻي ۾ ٻڏل تعلقي هيڊڪوارٽر شھر جا  ادارا روڊ رستا  بحال ڪري بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي شھرين کي هن عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

 

عابد حسين شر/ ٺري ميرواھ

لاڙڪاڻو سينٽر جيل جتي جهل نه پل

 

سال سوا اڳ لاڙڪاڻي سينٽرل جيل بابت پڙاڏا هئا ته اتي قيدين کي موبائل فون جي سهولت ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڪيئن ملي ٿو؟ ان کان پوءِ جيل ۾ قيدين نئي مقرر ٿيل جيل سپريٽينڊنٽ اشفاق ڪلور جي اچڻ بعد احتجاج به ڪيا ته وري بک هڙتالون به ٿيون خبرون ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي روز اچڻ لڳيون. سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اهڙا اشوز هلندي هلندي نيٺ پنهنجي پڄاڻي تي پهتا. خاموشي خاموشي  خاموشي .. هڪ ٻه خبرون ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اهي به آيون آھن ته لاڙڪاڻي سينٽرل جيل جي قيدين جون جيل سپريٽينڊنٽ جي آفيس ۾ ملاقتون به ٿين ٿيون ته اتي وري بااثر قيدين جون سيلفيون ۽ فوٽو سيشن به ٿين ٿا جيڪي سوشل ميڊيا جي مختلف سائيٽس تي وائرل به ٿين ٿا. اسان وٽ جيل خانا هونئن ته بنيادي طور اهي سڌار خانا ئي آھن پر افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته هتي ڏوهاري يا شريف قيدي جيڪو جنهن به ڪيس ۾ جيل ۾ قيد ٿئي ٿو اهو سڌرڻ بجاءِ بگڙي وڌيڪ ٿو ؟؟ان جا به لازمي آھن ته ڪي سبب آھن ۽ سببن پويان سوال آھن ته اهو آخر ايئن ٿئي ڇو ٿو؟؟ اچون ٿا اصل مسئلي ڏانهن ته  لاڙڪاڻو سينٽرل جيل هن وقت قيدين ۾ هڪ طبقاتي نظام جوڙي ڏنو آھي ته جيڪو سڻڀو سو سکيو وانگر ۽ جي اڻڀو آ ته اهو وري رکئي وانگر واري پاليسي ته عمل ٿي رهيو آھي.  اطلاع ۽ سرٻاٽ ته اهي به آھن ڪجهه قيدي ويزا تي ويندا آھن ۽ ويل آھن !!؟؟ جي واقعي ايئن آھي ته پوءِ ان جي  اعليٰ پئماني تي جاچ ٿيڻ کپي؟ اسان هتي اهو مطالبو ٿا ڪيون ته واقعي جي هتي ايئن آھي جيڪي مٿي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آھن ته پوءِ هي جيل خاناجات سڌار گهر گهٽ بگاڙ خانا وڌيڪ نذر ايندا. ڇوته محرومي ڪٿي به هوندي ،اجائي سبقت ڪنهن کي به ڪٿي به ڪهڙي به نموني هوندي اتي ڪيئي ۽ ڪيترا ئي سوال ڪر کڻي مٿي اٿندا، جن جو حل قانون موجب ۽ قانون کي فالو ڪندي ئي نڪري سگهي ٿو نه ڪي ايئن جيئن لاڙڪاڻي جيل بابت اطلاع هلن  ايئن ئي ٿيندو رهندو.

 

رحمت الله ٻرڙو

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن تي  تنقيد کان پهرين تحقيق ڪئي وڃي

 

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جنهن جو مقصد سنڌ ۾ تعليم جي لحاظ کان پٺتي پيل علائقن ۾ تعليمي بهتري آڻڻ آھي. ان مقصد لاءِ ھي ادارو سنڌ اندر تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي تارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي. سنڌ جي ٻھراڙي اندر اهڙا ڪيترائي علائقا هئا جتي اسڪول نه هجڻ سبب ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم ۽ جهالت جي اونداهي ۾ جڪڙيل هئا. پر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اهڙن علائقن ۾ بهترين ادارا کولي ادارن ۾ مفت تعليم، مفت ڪتابن سان گڏ معياري فرنيچر سولر سسٽم ۽ ٻيون سهولتون ڏيئي اتان جي ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان سينگاري علم جي روشني سان منور ڪيو. ان کان علاوه شهري علائقن ۾ جتي غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ٻارڙا پرائيويٽ اسڪولن جي ڳاٽي ٽوڙ فيسن ۽ ڪتابن جي خرچ ڀرڻ کان لاچار هئا اتي سنڌ ايجو ڪيشن فائونڊيشن پنهنجا ادارا کولي اتان جي غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي شاگردن کي مفت ۾ معياري تعليم سان گڏ مفت ڪتاب ڏئي اتان جي ٻارڙن مان احساس محرومي ختم ڪئي. پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ڪجهه ماڻھو سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن خلاف بغير تحقيق جي اجائي تنقيد ۽ واويلا ڪري نه رڳو سنڌ جي تعليم سان دشمني ڪري رهيا آهن پر اسان جي ايندڙ نسلن سان دشمني ڪري رهيا آھن. اهڙن ماڻهن کي منهنجي گذارش آھي ته تنقيد کان پهريان تحقيق ڪري سٺي ڪم جي ساراھ ڪرڻ گهرجي.

 

محمد اسلم سومرو/ کرڙاھ ٺري ميرواھ

 

ٿر ۾ سرعام ھلندڙ ڪَچي شَراب جون بَٺيون

 

ٿر ۾ گھڻي ڀاڱي ھر ڳوٺ ۾ ڪَچي شراب جو واھپو پوليس جي بغير ڊپ جي جاري آھي. انهن ڳوٺن ۾ اسان جو ڳوٺ نڪڻو ڀيل سرفھرست آھي. ڳوٺ نڪڻو ڀيل ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان موت جو ڪاروبار جاري ڳوٺ ۾ 20 کان مٿي ڪچي شراب (ٺري) جون بَٺيون آھن، جتي روزانو ڪيترائي ھزار لٽر ڪَچو شراب تيار ٿئي ٿو. ان ھاڃيڪار نشي جي ڪري ڳوٺ جا ڪيترائي نوجوان بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن. وڏا توڙي ننڍڙا ٻار به ھاڻ ان نشي جا عادي ٿي ويا آھن. ان کان علاوه چرس به تمام گھڻي مقدار ۾ وڪرو ٿئي پيو. اسان اسلام ڪوٽ پوليس کي ڪيترائي ڀيرا درخواست ڏني آھي پر ان تي اڃا تائين ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگھي آھي. اسان ٿرپارڪر جي ايس ايس پي کي عرض ٿا ڪريون ته اسلام ڪوٽ پوليس کي تنبيھه ڪري ڳوٺ ۾ ڪاروائي ڪرائي ھن ڪُڌي ڪاروبار کي ھميشه لاءِ بند ڪرايو وڃي ته جيئن وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگھن.

 

رميش ڪمار /مٺي ٿرپارڪر

 

لانگ مارچ جي سياست

 

لانگ مارچ يا ڌرڻن جي سياست پاڪستان ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ الزام لڳائڻ يا هڪٻئي سياسي پارٽي يا سياستدان کي بروڀلو چوڻ به ڪا وڏي ڳالهه ناهي. ڇو ته جڏھن سياستدانن کي پنهنجو هدف پورو ڪرڻو هوندو آهي ته پوءِ پراڻيون ڳالهيون سڀ وساري هڪ ٽيبل تي ويهي رهندا آهن ۽ ڀوڳيندو ملڪ ۽ عوام آهي.  جڏھن کان ملڪ ٺهيو آهي تڏهن کان هڪ ئي ڳالهه ٻڌندا پيا اچون ته اسٽيبلشمينٽ کان سواءِ ڪا پارٽي کٽي نه ٿي سگهي، پوءِ کڻي اليڪشن فيئر ئي ڇو نه ٿئي پر ماڻهن جي سائيڪالاجي اها ئي هوندي آهي ته فلاڻي پارٽي سان گڏ اسٽيبلشمينٽ آهي. ھينئر جيڪا تازي صورتحال آهي تقريبن سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ تي سر عام تنقيد ڪري رهيون آهن. ڪو وقت هو تڏهن اسٽيبلشمينٽ جي خلاف سياسي پارٽيون ڳالهه ڪندي به گهٻرائڻ لڳنديون هيون ۽ اچانڪ اھڙو ڇا ٿيو آهي جو سڀ اسٽيبلشمينٽ جي سان منهن اٽڪائي بيٺا آهن؟ تازو عمران خان جي لانگ مارچ تي فائرنگ ٿي جنھن ۾ عمران خان سميت ڪافي ماڻهو زخمي ٿيا ۽ هڪ ماڻھو حياتي وڃائي ويٺو ۽ اسان جا هوائي تجزيانگار ٻيا ڪي پختا ثبوت هٿ ڪرڻ جي بجاءِ بس اهو ئي پراڻي طرز جو تجزيو ڪرڻ ۾ پورا آهن ته هي جيڪو عمران خان جي لانگ مارچ تي فائرنگ ٿي ان پٺيان ٻه سبب آهن هڪ ته عمران خان پاڻ هي حملو ڪرايو آهي يا ٻيو هي ته اسٽيبلشمينٽ جي طرفان هي هڪ وارننگ آهي ته خبردار هاڻ گهڻو ٿيو. پر اهڙي قسم جا تجزيا ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ٻڌندا پيا اچون پر حقيقت کي ڪير سامهون آڻڻ لاءِ تيار ئي ناهي، ڇو ته هر ڪنهن کي پنهنجا پنهنجا سور آهن پنهنجيون پنهنجيون لالچون آهن. هاڻي ھتي سمجهڻ جي بس اها ڳالهه آھي ته انهن ڌرڻن ۽ احتجاجن جو فائدو ڪنهن کي ٿئي پيو ۽ هڪ ڳالهه واضع آهي ته هن پوري راند سان فائدو جنھن کي ٿئي پيو اهو ڀلي ٿئي پر نقصان صرف ۽ صرف ملڪ جو ٿئي پيو ۽ ملڪ کي ان نقصان مان ڪڍڻ لاءِ صرف ۽ صرف عوام کي اڳتي اچڻو پوندو.

 

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

 

برساتي ٻوڏ بعد خيرپور انتظاميا کان وسري ويل ڳوٺ

 

تعلقي ڪوٽڏيجي يوسي جھنڊو مشائخ جو ڳوٺ رسول بخش بروھي گذريل ٻن مھينن کان برساتي پاڻي جي سيلاب ۾ مڪمل ٻڏل آهي، سرڪار توڙي حڪومت ھن ڳوٺ جي ماڻھن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آھي. سرڪار توڙي ضلعي انتظاميا ھن ڳوٺ جي ماڻھن جي ڪابه سار سنڀال ناھي لڌي جنھن ڪري ڳوٺاڻا سرڪار مان اميد لاھي ڌڻي ڌر مدد لاءِ ٻاڏائي رھيا آھن. خبر ناھي ته  ھي سرڪار جي نوٽيس ناھي يا خبر ھوندي به لاڳاپيل ادارا گونگا ٻوڙا بڻيل آھن. اکيون بند ڪري ڇڏيون اٿن. ھن ڳوٺ جا ماڻھو عذاب ڀوڳي رھيا آھن. ڳوٺ رسول بخش بروھي جا رھواسي گذريل ٻن مھينن کان بي گھر بڻيل آھن. روڊن رستن تي دربدر ڌڪا ٿاٻا کائي  رھيا آھن. برسات جي وسڪارن کي ته ٻه  مھينا گذري چڪا آھن، لاڳاپيل ادارا اکيون بند ڪري گھري ننڊ سمھي پيا آھن، جنھن ڪري  ماڻھو سيلاب واري پاڻي جي  عذاب ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. ھتي الميو اھو آهي ته ڪنھن به ڪاموري وٽ يا ڌرتي جي  واڳ ڌڻي وٽ روشن مستقبل جوڙڻ  جي ڪابه حڪمت عملي موجود ناھي. ھر ڪو بس پاڻ چمڪائڻ جي چڪر ۾ آھي. ھر تڪليف، ھر ڀوڳنا، ھر اھنج توڙي سھنج صرف غريب عوام جي نصيب ۾ لکيل آھي. ھتان جا ڳوٺ تباھ، شھر تباھ، وستيون واھڻ تباھ، ھتي ھر فرد ويڳاڻو دربدر آهي. ھن ھيڏي ساري حال جا ڪنھن سان سور سلجن. بس خاموش اکين مان لڙڪ لاڙي رھيا آھن. ھتي ھر شعبو ڪرپشن جي لپيٽ ۾ آھي. سڀ ادارا مھاڪرپٽ فردن  جي ھٿ  وس آھن، جي پنھنجا نوازي واري رسم جي پالنا ڪندي نااھل ۽ ناڪارا ماڻھن فردن کي آفيسر مقرر ڪن ٿا، جي مختلف ھائوسن جي ڪمداري ڪن ٿا. غريب عوام ٻڏي چاھي مري ھنن کي ان جي ڪابه پر واھ ناھي ھوندي. جڏھن ته سرمائيدار ته زمينن مان پاڻي ڪڍرائي به ويا، ھن ڳوٺ رسول بخش بروھي مان پاڻي نيڪال ناھي ٿي سگھيو. اڄ به ڳوٺ اندر 8 کان 10 فٽ پاڻي بيٺل آھي. لاڳاپيل ادارا ڪوبه نوٽيس ناھي ورتو.

 

وحيدعلي ڄامڙو

اڃا ڪيترا جوڌا جوان ائين شهيد ٿيندا…؟

 

سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي ڪاررواين نه رڳو سنڌ جي امن امان کي تباهه ڪيو آهي پر عام شهرين جي زندڳي به داءُ تي لڳل آهي. مختلف علائقن ۾ ڌاڙيلن نه رڳو پنهنجون ڪيٽيون قائم ڪري ڇڏيون آهن پر انهن جي ڏهڪاءُ سبب ماڻهن جي زندڳي جو ڪاروهنوار به متاثر ٿي رهيو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به ڌاڙيلن آڏو بيوس لڳا پيا آهن، جڏهن ته ڌاڙيلن خلاف پوليس آپريشن ڪندي آهي ته پوليس کي ئي وڌ کان وڌ نقصان ٿيندو آهي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ڌاڙيل پوليس کان وڌيڪ طاقتور آهن. سنڌ ۾ موجود ڌاڙيل جديد هٿيار رکندا آهن انهن وٽ اهڙا به هٿيار هوندا آهن جيڪي پوليس وٽ به ڪو نه هوندا آهن. سوال اهو آهي ته ٻيلن ۾ زندگيون گذاريندڙ ۽ شهرين کي ڦريندڙ ڌاڙيل آخر اهڙا جديد هٿيار ڪٿان آڻيندا آهن؟ انهن کي اهڙا هٿيار ڪير فراهم ڪري ٿو؟ جيڪي اهي شهرين ۽ پوليس خلاف استعمال ڪندا رهندا آهن! تازو گهوٽڪي ضلعي جي راونتي واري علائقي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ ڊي ايس پي، ٻه ايس ايچ اوز۽ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 4 اهلڪار زخمي پڻ ٿيا هئا. حڪومتي سطح تي سنڌ جو وڏو وزير، آءِ جي سنڌ سميت لاڳاپيل اختياريون واقعي واري هنڌ پهتيون. رسمي ڪاروائيون پڻ ٿيون، زخمين جي عيادت ڪيائون، گلدستا پيش ڪيا، شهيدن کي سلامي ڏيندي مالي امداد ۽ وارثن کي نوڪريون ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. 5 -6 نومبر 2022ع واري رات جي سنڌ سميت ملڪ ۽ عالمي ميڊيا تي راونتي پوليس مقابلي جي خبر هيڊلائين ۽ سپر ليڊ طور هليون، هر شخص جي اک آلي نظر آئي. سمورن شهيدن جي گهرن ۾ ڪهرام متل هو. شهيدن جي ونين کي ڪهڙي خبر ته سندن ور مقابلي ۾ فتح ماڻي گهر پهچندا ته کين گلن جا هار پارايا ويندا. شهيدن جي امڙين کي ڪهڙي ڄاڻ ته سندن جگر جا ٽڪرا ائين گولين جو بک بڻجي هميشه لاءِ امر ٿي ويندا. شهيدن جي ڀينرن کي ڪهڙي خبر ته سندن ڀائر ائين وڇڙي ويندا جو ڪنهن سوچيو به نه هو. شهيدن جي پيئرن کي ڪير سمجهائيندو ته سندن جوڌا پٽ جيڪي انهن وڏي ناز نخري سان پالي پوسي وڏا ڪيا، جن ڪيترائي ڀيرا ٽريننگ مڪمل ڪري وڏا وڏا عهدا پڻ ماڻيا هئا، اهي واپس نه وري سگهندا. شهيدن جي اولاد، معصوم ٻارن، پٽن ۽ ڌيئرن کي اسڪول وڃڻ مهل هاڻي ڪير خرچي ڏيندو؟ کين ڪير آٿت ڏيندو ته پريشان نه ٿيو، اسان ويٺا آهيون. ڪالهوڪي تاريخ جي هن سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر سنڌ پوليس ڪنهن حڪمت عملي تحت مقابلو ڇو ڪو نه ڪندي آهي؟ ائين ڪيترا ڀيرا سنڌ پوليس جا جوڌا جوان شهيد ٿي پنهنجيون قيمتي حياتيون وڃائي ويهندا. اهو رڳو اهڙو هڪ واقعو ناهي، اهڙا ڪيترائي واقعا اڳ به رپورٽ ٿيندا رهيا آهن، پر ڪجهه ڏينهن ميڊيا تي اهي واقعا هلندا رهندا، پوءِ آهستي آهستي ميڊيا جي نظرن کان وانجهي هميشه لاءِ غائب ٿي ويندا. پر انهن شهيد ٿي ويلن جي وارثن کي ڪير آٿت ڏيندو جن جي گهرن ۾ اڄ قيامت صغرى جو منظر آهي. انهن جي گهرن ۾ وڇايل تڏي تي ڀلي ماڻهن جا انبوهه گڏ ٿي تعزيتون ڪن پر ٻڍڙا والد، جهور امڙ، هميشه لاءِ يتيم ٿي ويل معصوم ٻچڙا، ور جهڙي لقب کان محروم ٿي بيوهه جو لقب حاصل ڪندڙ ونين جا ڏک سور ڪير سهندو. وزير اعليٰ سنڌ آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو آهي ته سنڌ جي ڪجهه ضلعن جي ڪچي جي علائقن ۾ رهندڙ ڌاڙيلن خلاف مهاڏو اٽڪائيندڙ پنهنجي پوليس کي جديد هٿيار ڏئي اماڻيو وڃي ته جيئن قيمتي جانيون ضايع نه ٿين.

 

غلام فريد هاليپوٽو/ اڪري چودڳي

 

پَٽيوالن ۽ چوڪيدارن جون سيٽون ڪڏھن ڀَريندا؟؟

 

ھلندڙ وقت ھڪ ته سنڌ کي قدرتي آفتن ۽ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي سَٽي سوڙھو ڪري ڇڏيو آھي. مٿانھن وري دماغ تي سوار بيروزگاري جي بت به غريب ڏتڙيل ماڻھن کي ڄڻ نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيو آھي. ھلندڙ وقت ۾ وفاقي حڪومت جي ته ڪا خبر نٿي پوي پر صوبائي سنڌ حڪومت پاران به جيڪي ڀرتيون ڪيون وڃن پيون اھي به رڳو مٿين سطح جون ڀرتيون ڏسڻ ۾ اچن پيون پر ھڪ کان ٻه يا ٻه کان چار مطلب چوڪيدارن پٽيوالن ۽ مالھين جون ڪيتريون ئي سيٽون خالي ھئڻ باوجود به ڀرتيون نٿيون ڪيون وڃن. آخر ڇو؟ منھنجو تعلق ضلعي ۽ تعلقي سجاول سان آھي. آئون صرف پنھنجي” يوسي ٻيلو“ جو جيڪڏھن جائزو وٺندي ۽ ٻڌايان ته مختلف کاتن جھڙوڪ پٽيوالن، چوڪيدارن سميت مالھين جون به 16 کان 18 جڳھيون خالي آھن پر جڳھيون ڀريون نٿيون وڃن ته جيئن مون جھڙا مستحق غريب نوجوان روزگار سان سلھاڙجي سگھن. ھي يوسي سطح تي ڳالهه ڪيم پر ضلعي ليول تي ته الائي ڪيتريون سيٽون خالي ھونديون، جنھن جو ڪو اندازو ئي ڪونھي! ڏسجي ته جيڪڏھن وڏيون پوسٽون سرڪار کي ميريٽ تي ئي ڏيڻيون آھن ۽ ننڍيون جيڪڏھن سياسي ۽ ڪوٽا تحت ڏنيون وينديون ته تڏھن به انھي ۾ به ڪافي دير ٿي وئي آھي جڏھن ته ڪافي عرصي کان خالي سيٽن کي فِل ڪرڻ خاطر ڪوبه تحرڪ نه پيو ورتو وڃي. ان ڪري مھرباني ڪري ننڍين پوسٽن مطلب چوڪيدارن، پٽيوالن سميت مالھين جي مختلف ادارن ۾ خالي پيل جڳھين کي ڀريو وڃي ته جيئن انھن پوسٽن جي اهل نوجوانن کي روزگار ملي سگھي. پر جي سياسي طور تي  ڀرتيون ڪيون وڃن تڏھن به وس وارن  کي نماڻي التجا آھي ته ڪافي وقت کان آئون روزگار خاطر دربدر آھيان مون کي به مستحق سمجھي روزگار سان سلھاڙيو وڃي ته آئون به زندگي جي ريڙھي کي بھتر نموني ڌڪي سگھان.

 

علي اَڪبر ڪنڀار/ٻيلو/سجاول