شهيد ناظم جوکيو ۽ ڀوتارڪو نظام

 

3 نومبر فطرت جي رکوال ماحوليات جي پهرئين شهيد ناظم جوکيو جي ورسي جو ڏينهن آهي. جيڪو گذري سال 3 نومبر تي ڪراچي جي ملير واري علائقي جي ڳوٺ آچار سالار ۾ ڀوتارن هٿان قتل  ڪيو ويو هو جنهن ڏينهن کي اسان توهان سڀ ڀوتاري نامنظور ڏينهن ڪري ملهايون ته بهتر آ. ڇو جو ڀوتارڪو نظام امن جي ڌرتي سنڌ لاءِ ناسور بڻجي چڪو آهي. ڏھاڪن کان وٺي عالمي فنڊن لاءِ سنڌ کي ٻوڙائڻ، سنڌو جو پاڻي چوري کپائي سنڌ سڪائي سنڌ جي زمين ڀڳڙن مٺ تي کپائڻ، ماڻهو اغوا ڪرائي ڀنگ وٺي آزاد ڪرائڻ، نياڻيون سڱ چٺي ۾ ڏيڻ اھي سڀ ڀوتارڪي  نظام جا خطرناڪ ڪم آهن. جن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. انهي بدبوراد نظام ۾ مون سميت سنڌ جي ٻهراڙين جا لکين ماڻهو ڦاٿل آهن. اهو نظام هاڻي خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪو آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌي قوم کي سجاڳ ٿيڻو پوندو. نه ته اهو ٻچن کائو نظام الائي ڪيترن ناظم جوکين جون جوانيون کائي ويندو.

سنڌ امن جي، ڌرتي آهي،

هر ڪنھن جي هت مرضي آهي،

ڪير نه ڪنھن جو قرضي آهي،

هاڻي بس ڪھرامُ نه گهرجي.

ڀوتاري نظامُ نه گهرجي.  (نظير قريشي)

 

غلام شبير جوڻيجو/ قمبر

تنھا جي نانءُ ھڪ خط

 

تون ھميشه مون کي پنھنجو نالو تنھا ٻڌائيندي هئين ۽ پاڻ کي تنھا سمجھندي هئين، اڄ به سمجھين ٿي. تنھنجي تنھاين جو سبب آئون آھيان. توکي تنھا جو تخلص مون ئي ڏنو آھي. تنھنجي محبتن جي موٽ ۾ مون توکي هميشه جدايون ئي ڏنيون آھن ۽ اڄ تائين ڏيندو پيو اچان. تنھنجي زندگي ڪنھن اڪيلي سھرا جيان گذري رھي آھي. سچ پڇين ته منھنجي زندگي تو کان سواءِ تنھا ۽ سنسان آھي. بس زماني جي رنجشن جي ڪري مان توسان ملي به نٿو سگھان. تون پاڻ به سمجھي سگھين ٿي، ھن زماني ۾ ماڻھو گلاب کي مروڙي خشبو وٺي اڇلائي ڇڏين ٿا . مون گلابن کي ڪتابن ۾ مرجھايل به ڏٺو آھي ته گلابن کي روڊن رستن تي پيرن جي خاڪ ٿيندي به ڏٺو آھي. آئون تو جھڙي گلاب کي مرجھايل ۽ پيرن جي خاڪ ٿيندي نٿو ڏسي سگھان. اڄ تنھنجي اکين کي اداس ڏسي رھيو آھيان ته ڏک به ٿي رھيو آھي ته توکي مان زندگي جو ھڪڙو پل به ڏئي نٿو سگھان ۽ تو مون کي زندگي جا انيڪ لمحا ڏنا آھن، محبتون ڏنيون آھن ۽ ھر وقت منھنجو خيال رکيو آھي. ھا مون کي خبر آھي ته تون مون کان ناراض آھين بس تنھنجي ڀلائي خاطر توکان جدا رھڻو ٿو پوي، مان نٿو چاھيان ته منھنجي ڪري تون زماني جي ظالم اکين جو نشانو بڻجي وڃين. اڳي آئون زماني جي ظالم اکين جو نشانو بڻيل آھيان. تون منھنجي ڪل ڪائنات آھين بس منھنجي بيوفاين کي معاف ڪري ڇڏجان.

” ھا مان تنھنجي بنان ڪجھه به ته ناھيان ”

 

سرفراز احمد لغاري/ڳوٺ حاجي احمد لغاري سانگھڙ

جروار ۽ ان جي ڀرپاسي جي ماڻهن کي ساهه کڻڻ جي سهولت ته ڏيو!

 

گهوٽڪي ضلعي جي شهر جروار ۽ آسپاس ۾ وڌندڙ بٺن جو آزار متل آهي ۽ ماڻھو ساھ کڻڻ لاءِ به سخت پريشان آهن. اهي بٺا ڳوٺاڻن توڙي علائقي واسين لاءِ پريشانين جو سبب آهن. بٺن ۾ استعمال ٿيندڙ ناقص ٻارڻ نه فقط ڳوٺاڻن لاءِ آزار بڻيل آهي پر پورھيت به سخت پريشان آهن. اهي سرن جا بٺا علائقي واسين لاءِ موت جو ڪارڻ بڻجي ويا آهن. سرن جي بٺن تي سرن کي پچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻارڻ ۾ ڪاٺ جي بجاءِ شھر ساري جو گتو، ڪپڙو، ٻيو ڪچرو توڙي شگرملز مان نڪرندڙ مڏ، بگاس وغيره شامل آهي.   ان ٻارڻ جي استعمال ٿيڻ سبب بٺي مان نڪرندڙ دونھون انساني زندگين لاءِ نقصانڪار آهي ۽ ھر مھيني لکين روپيا ڪمائيندڙ بٺي مالڪن ۽ ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت سان ٻارڻ جو جوڳو بندوبست نه هجڻ ڪري ڪيترائي علائقي واسي مختلف بيمارين جي ور چڙهيل آهن. بٺي مالڪن کي انساني زندگين جي ڪابه پرواھ نه هجڻ ڪري هن مھل تائين ڪيترائي معصوم ٻارڙا مرد توڙي عورتون خطرناڪ بيمارين ۾ ورتل آهن، جن ۾ خاص طور تي بٺي مان نڪرندڙ دونھين سبب دم، سھڪي، چمڙي ۽ اکين جي بيمارين ۾ مبتلا آهن. ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر گھوٽڪي کي اپيل آهي ته سرن جي بٺن تي استعمال ٿيندڙ ماحول دشمن مٽيريل خلاف قدم کنيو وڃي ته جيئن نه رڳو بٺن تي ڪم ڪندڙ غريب پورهيتن جون زندگيون بچي سگهن پر علائقي واسي به ان عذاب کان بچي سگهن.

 

اعجاز گبول/ جروار

ڪوڙا ديس غدار

 

سنڌ جيڪا صوفين، بزرگن ۽ امن واري ڌرتي آهي جيڪا هميشه خوشحال رهي آهي ان ڪري ڪيترن حملا آورن حملا به ڪيا ۽ سنڌ جي وسيلن جي لٽ مار ڪئي. جن ۾ آريا، ارغون، ترخان يا مدد پٺاڻ جهڙا ماڻهو شامل هئا. پر سنڌ جي سورمن انهن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پاڻ کي سرخرو ڪيو ۽ ٻڌايو ته هي امن واري ڌرتي آهي. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿي ته سنڌ جا حالات اڃا خراب ٿيا ۽ سنڌ جي امن کي ڄڻ نظر لڳي وئي. هتي ته وڏي رواداري هئي ماضي ۾ سنڌ جي ماڻهن هميشه ڌارين کي جي ۾ جايون ڏنيون. سڀني ماڻهن کي امن امان ۽ روزگار ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي پر هتي ته هٿ سان دهشتگردي ڦهلائي مخصوص ماڻهن کي هٿيار فراهم ڪيا ويا. ويجهي ماضي ۾ سنڌي محنت ڪشن جا لاش موڪليا ويا ڇا سنڌي نڌڪڻا آهن؟ هتي ڪيترن مزورن کي ڦورو ڄاڻائي مارايو ويو. تازو مڇر ڪالوني ڪراچي ۾ ٻه سنڌي نوجوانن کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو جتي ڪا به پوليس جي رٽ نه آهي. انهن ماڻهن غلط اطلاع تي بيگناه ماڻهن کي قتل ڪيو. ڇا ان جا ذميدار سنڌ جا حاڪم نه آهن؟ جتي پوليس جي نگراني ۾ ظالمانه ڪاروائي ٿي. جيڪڏهن اهڙو ماحول رهيو ته ڪراچي پوليس تي ڪير ويساهه ڪندو. هن واقعي جي چار ڏينهن گذرڻ کان پوءِ سنڌ پوليس ڪجهه شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا آهن جن ۾ اهو پيش امام جيڪو هن واقعي جو اصلي مجرم آهي جنهن کي مقامي ماڻهن ڇڏايو هو پر پوليس هن کي ٻيهر گرفتار ڪيو آهي. سنڌ حڪومت برمين بنگالين ۽ پٺاڻن لاءِ ته قانون جوڙي ٿي ۽ ڪارڊ ڏئي ٿي پر ڌرتي ڌڻين کي ابتو ڏک ڏئي ٿي. توهان جي اهڙي عمل جي نندا ٿئي ٿي ۽ پوري سنڌ جي شهرن ۾ وڏو احتجاج ٿيو آهي جيڪو انصاف ملڻ تائين جاري رهندو. آخر ڪيستائين هي دهشتگردي جي راند جاري رهندي توهان کي اقتدار وڌيڪ پيارو آهي. سنڌ صوبو سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ڏئي ٿو ۽ موٽ ۾ ان کي ڪجهه نٿو ڏنو وڃي. ادارن کي مضبوط ڪيو وڃي قانون کي رستو ڏنو وڃي ۽ مذهبي هم آهنگي پيدا ڪئي وڃي. گڏيل جدوجهد ڪري مسئلن تي قابو پايو وڃي. پوري سنڌ سميت منهنجي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي گذارش آهي ته هن ڪڌي عمل جو سوموٽو ايڪشن ورتو وڃي ۽ بيگناهه سنڌين جي قتل ۾ جيڪي ذميدار آهن انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي جيئن ٻيا به ان مان سبق حاصل ڪن. سنڌ جي حڪمرانن کي به گذارش آهي ته توهان به مظلومن جو ساٿ ڏيو، اڻ ڌري جاچ ڪرايو نه ته تاريخ توهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هي غم متاثرن کان ڪڏهن به نه وسرندو. جيڪڏهن اهڙن ظالم ۽ خوني ديس غدارن کي سزا نه ملندي ته ملڪ ۾ وڏو ابهام پيدا ٿيندو ۽ اهڙا مجرم ٻيهر وارڌاتون ڪندا.

 

آخوند نوراحمد ڏهوٽ/ ڦلجي اسٽيشن

 

سنڌ حڪومت کي ڪاڇي جو تفريحي ماڳ گورک نظر ڇو نه ٿو اچي؟

 

يوسي واھي پانڌيءَ کان اولھه طرف جبل ۾ تقريبن ڪلاڪ ڏيڍ جو پنڌ تي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن جي نالي تي ھڪ ٿڌو جبل واقع آهي. سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن جو روڊ تقريبن 3 کان 4 مهينن کان وٺي بند پيل آهي، ڪاڇي ۾ زوردار طوفاني برساتن دوران کاول لک وٽان جبل جون وڏيون وڏيون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ روڊ مڪمل طور تي بند ٿي ويو آهي. ڪيترن ئي مهينن کان وٺي دادو ضلعي جا سمورا روڊ رستا تباھ هجڻ جي ڪري هن وقت تائين ڪو به سياح گهمڻ لاءِ گورک هل اسٽيشن تي نه پهچي سگهيو آهي، پر اُتي گورک هل اسٽيشن تي آباد ٿيل مقامي ماڻهن جي اچ وڃ جو به رستو مڪمل طور بند ٿي ويو آهي. گورک هل اسٽيشن تي خاص طور ايمرجنسي جي حالت ۾ مقامي ماڻهن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي،

ھتان جا جيڪي رھواسي آهن انھن جو چوڻ آهي ته گذريل ڪيترن مهينن کان دادو جوهي ته ٺھيو پر يو سي واھي پانڌيءَ ڏانھن به اچ وڃ جو رستو بلڪل بند ٿي ويو آهي. پر حقيقت اها آهي ته عوام سخت پريشان آهي. ھر سال جي بجيٽ هوندي به روڊ رستن جو ڪم نه ٿا ڪيا وڃن آخر ڇو؟ عوام مان رهيل ڪسرون عوامي نمائنده ۽ ڪامورا ڪڍي رهيا آهن. عوام عذاب ۾ آهي هر طرف تڪليفون آهن ڏک ڏوراپا شڪايتون پٽ پاراتا آهن. اسان سنڌ حڪومت کي اپيل ڪيون ٿا ته اسان کي گورک هل اسٽيشن جو روڊ جلد ٺھرائي ڏنو وڃي ته جيئن اسان شھرن مان کاڌ خوراڪ وٺي سگھون.

 

امتياز احمد لغاري/ يوسي واھي پانڌيءَ

 

ڪاڇي جا سور ڪجهه سوايا آهن!

 

منهنجو ڪاڇو هن جديد دور سائنسي دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي. جوھي ڪاڇي واسي اڃا ووٽ ڏيندا ساڳين نااھلن کي؟ دادو جوھي جي سڀني نااھل نمائندن جوھي دادو روڊ بحال ن ڪرايو آهي. منڇر جا ڪٽ بند ٿي ويا، درياھ جاڪٽ بند ٿي ويا مگر جوھي دادو روڊ جا ڪٽ بند نه ٿي سگھيا آهن، افسوس جو مقام آ ته دادو جوھي جو عوام ٽن مھينن کان پريشاني حالت ۾ آھي اڄ تائين روڊ بحال نه ٿي سگھيو آهي. افسوس آھي پي پي جي چونڊيل اڳواڻن تي. حڪمرانو  ڪجهه خيال ڪريو. چونڊيل نمائندا ملڪ ۾ اليڪشن وقت ته هر روز عوام وٽ لڙي ايندا آهن چونڊ کٽڻ کانپوءِ غائب آهن پر ان سان هنن کي ڪو فرق نٿو پوي. روڊ نه هجڻ ڪري علائقي ۾ ڪيتري مهانگائي آهي مريض اسپتالن تائين نٿا پهچي سگهن. عوام سان ڇا حالت آهي هاڻ ته ٻيڙيون به ڦاسن ٿيون. پاڻي سڪي ويو روڊ به نڪري ويو باقي روڊ کي لڳل گهارا بند نٿا ڪري سگهو ته استعيفا ڏئي گهر هليا وڃو.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو

 

ڪشمور کي يونيورسٽي ڏيو!

 

اتر سنڌ جو ضلعو ڪشمور  سنڌ جو آخري ضلعو آهي جيڪو پنجاب جي سرحدي پٽِي سان ملي ٿو، جنهن جي ايريا 255 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. سال 2017ع جي آدمشماري مطابق هتي جي آبادي  10 لک 89 هزار فردن تي ٻڌل  ٻڌائي ٿي وڃي ۽ اهو ضلعو ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ تعليم جي لحاظ کان هن ماڊرن دؤر ۾ به محروميت جو شڪار بڻجي چڪو آهي. سنڌ جي هر ضلعي کي نوازيو ويو رڳو نظرانداز ڪيو ويو ته ضلعي ڪشمور کي ئي ڪيو ويو آهي. ڪجهه اهڙا ضلعا جيڪي اسان کان آبادي جي لحاظ کان تمام گهٽ آهن پر انهن کي اسپتالون ۽ يونيورسٽين جهڙي زيورن سان نوازيو ويو آهي، ايتري قدر جو ڪشمور کي يونيورسٽي ته پنهنجي جاءِ تي پر عام ڪاليجن، جيئن مهراڻ، قائدعوام ۽ پڻ ڪافي ساري ٻين يونيورسٽن ۾ سِيٽن جو تعداد گهٽائي داخلا بند ڪئي وئي آهي، ڇا ضلعو ڪشمور سنڌ جو صوبو ناهي ۽ ڪشمور جو عوام سنڌ جا رهواسي ناهن؟ جي آهن ته پوءِ توهان کي حق برابر ڏيڻو پوندو چاھي تعليم هجي يا ڪاروبار هجي. سو خدارا ڪنهن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ بند ڪيو  ۽ ڪشمور کي يونيورسٽي ڏيو.

 

ايم عباس سبزوئي /ڪنڌڪوٽ

وڃايل زندگي جا رھجي ويل ايوارڊ

 

ضرورتون ٻن قسمن جون ھونديون آھن. ھڪ بنيادي ۽ ٻيو ثانوي ضرورتون. بنيادي ضرورتون انسان جي جسماني، روحاني بناوت ۽ اجتماعي زندگي جي طور طريقي سان سان تعلق رکن ٿيون. جڏهن ته ثانوي ضرورتون بنيادي ضرورتن مان پيدا ٿين ٿيون، جيڪي زماني سان گڏوگڏ بدلبيون رهنديون آھن. انهن بدلجندڙ ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ انسان ڏينهن رات محنت ڪندو رهي ٿو. اسان جي ملڪ جي رڳو خانگي ادارن ۾ 6 ڪروڙن کان مٿي ملازم ڪم ڪن ٿا. پر انهن کي ملازمن جي ڀرتي واري شرطن Standing  Order وارا ليٽر جاري نه ٿا ڪيا وڃن.

The Schedule of Standing Orders framed under section 2 (g) of the ordinance classify Workmen shall be classified as; Permanant, Probationers, Badlis, Temporary, Apprentices.

صنعتي ۽ تجارتي کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم چاھي اھي ھنرمند ھجن يا غير ھنرمند، ھٿن جي ذريعي ڪم ڪندڙ ھجن يا ڪلارڪ ٽائيپ وارا ڪم ڪندڙ ملازم ھجن، انھن سڀني کي پورھيت (Worker)تصور ڪيو ويندوآھي. اداري جي اندر اھي ورڪر چاھي پڪا (Permanant) ھجن يا ڪچا (Casual) ڪجھ مھينن لاءِ عارضي (Temporary) ملازم رکيل ھجن يا ڪنھن معاھدي   ( Contract) جي بنياد تي مقرر ٿيل ھجن يا چاھي اھي فني ھنر  (Apprentice ) سکڻ لاءِ ھجن اھي سڀئي اداري جي اندر ورڪر  (Worker) جي تعريف ۾ ايندا آھن. انھن سڀني جي روزگار جو تحفظ ۽ ذميواري اداري جي اندر جوڙيل يا چونڊ يل يا ملازمن پاران ٺاهيل يونين  CBA جي ھوندي آھي. پر جتي يونين نه ھجي اتي وري ملازمن جي ڀلائي لاءِ ورڪرز مينيجمينٽ ڪائونسل ٺھيل ھوندي آھي. اسان جي ملڪ جي صنعتي ۽ تجارتي ادارن ۾ پڪن ملازمن لاءِ موجود يونينيون پنھنجن حقن جي لاءِ چارٽرآف ڊيمانڊ جي ذريعي پنھنجا پنھنجا مطالبا ته منظور ڪرائين ٿا پر انھن ادارن جي اندر ڪم ڪندڙ باقي ملازم

(ڊيلي ويجز، ڪانٽريڪٽ) لاءِ ڪو به رھنمائي يا اڳواڻي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، جيڪو ھڪ وڏو الميو آھي. ملڪ جي اڪثر ادارن ۾ ڊيلي ويجز ۽ ڪانٽريڪٽ تي ملازم ڀرتي ٿيل آھن. اھي پنھنجي روزگار جي تحفظ ۽ ان روزگار کي پڪي ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان پنھنجون صلاحيتون استعمال ڪن پيا پر معاملا  آھن جو حل ٿيڻ جونالوئي نه ٿا وٺن. ھڪ طرف ادارن جي اندر ملازمن جي عزت نفس کي مجروح ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف کان سرڪاري ادارن جي اندر ڏاڍ ۽ جبر سان ڪم وٺڻ جي شڪل جنم وٺي رهي آھي.  ملڪ جي معيشت کي مضبوط ۽ ادارن کي خوشحال ڪرڻ لاءِ اسان جي ملازمن 40 سالن کان پنهنجون جوانيون لڳائي ڇڏيون آھن. ۽ اھو سلسلو سرڪاري ادارن ۾ اڃا تائين جاري آھي. نوڪري جي دوران ڪيترائي ملازم خالي ھٿين ريٽائر ٿي ويا آھن ۽ باقي ملازمن جي رٽائرمينٽ ۾ ھر سال اضافو ٿيندو پيو وڃي. سروس ڪندي 60 سال مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پورھيت جڏهن خالي ھٿ گهر موٽي ٿو ته ان جا اثر ان جي خاندان تي چٽي طرح نظر اچن ٿا. اھڙي ڀيانڪ صورتحال کي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ڊيلي ويجز وارا ملازم مايوسي جي نظرن ۾ ڏسن ٿا. 40 سالن کان ڪم ڪندڙ ملازمن کي اڄ به  20 ھزار روپيا في مھينو پگھار ملي ٿي. جيتوڻيڪ حڪومت پوري ملڪ ۾ ملازم جي گهٽ ۾ گهٽ پگھار 25 ھزار روپيا في مھيني وارو نوٽيفيڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آھي. ادارن ۾ ٿيندڙ ناانصافين جو سولائي سان اندازو ان مان ئي لڳائي سگھجي ٿو. 1986ع کان وٺي وفاقي سرڪاري ادارن جي اندر مسلسل ڪم ڪندڙ ڊيلي ويجز ملازمن کي ملڪي معيشت جي ڦيٿي کي ڦيرائڻ ۾ حقيقي اھم ڪردار ادا ڪرڻ تي صدارتي ايوارڊز ملڻ گهرجي.

 

علي اختر بلوچ

 

جلسن تي اربن جو خرچ ۽ غريب عوام

 

جلسا احتجاج ۽ لانگ مارچ جمھوريت جي سونھن ھوندا آھن، احتجاج ۽ لانگ مارچ ھر پارٽي جو جمھوري حق آھي، پر جيڪي پارٽين جا ليڊر لانگ مارچ وسيلي ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن انھن اڳواڻن مٿان قانوني ڪاروائي ڪري آئين ۽ قانون جي دائري ۾ ڏنڍ وڌو وڃي جيئن پارٽين جا اڳواڻ  عوام يا ملڪ کي نقصان ڏيندڙ تقرير نه ڪري سگھن. جلسن ۽ احتجاجن کي روڪڻ لاءِ حڪمران سرڪاري خزاني مان عوام جا ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏيندا آھن، جيترا پئسا جلسن ۽ احتجاجن ۾ خرچ ڪيا ويندا آھن، تنھن مان اڌ پئسو به عوام جي ڀلائي لاءِ ترقياتي پروگرامن ۾ خرچ ڪيا وڃن، ته شايد اسان جو ملڪ  ڏکين حالتن مان ھميشه لاءِ آزاد ٿي وڃي. گذريل حڪومت جا اڳواڻ عوام جي پئسن کي مال غنيمت سمجھي لٽيندا رھيا آھن، جمھوريت  کي بھتر ڪرڻ لاءِ سرڪاري گاڏيون ۽ مينھون به وڪرو ڪيون ويون پر افسوس  عوام کي ڪو به رليف نه ملي سگھيو. سنڌي پھاڪي جيان، ڇيلو به ويو، دلو به ويو. چور غدار جو راڳ آلاپيندڙ عمران خان پنھنجو دور حڪومت ۾ عام ماڻھن لاءِ ڪو به بھتر ڪم نه ڪري سگھيو، خوشحالي جا خواب ڏيکاريندڙ ڪپتان ملڪ کي بدحالي مان نه ڪڍي سگھيو. اقتدار حاصل ڪرڻ کان وٺي ھن وقت تائين ساڳئي ٻولي ڳالھائي رھيو آھي، ھر جلسي ۾ ھڪ ئي رٽ لڳائيندو آھي ته آئون انھن چورن کي نه ڇڏيندس، اسان چئون ٿا پي ڊي ايم ۾ جيڪي به پارٽيون گڏ آھن انھن جا اڳواڻ به کير جا ڌوتل نه آھن، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جا اڳواڻ به ڪرپٽ آھن عوام جي بھتري لاءِ ڪوئي خاص اپاءَ نه وٺي رھيا آھن پر عمران خان 2018ع واري اليڪشن ۾ ھڪ نئون چھرو ھو عام ماڻھن جون نظرون عمران خان کي وزير آعظم چونڊڻ لاءِ آتيون ھيون. 2018ع جي اليڪشن ۾ عوام جي چاھت ۽ خلائي مخلوق جي مھرباني سان پي ٽي آءِ ملڪ ۾ سوڀ ماڻي عمران خان وزيراعظم ٿي ويو پر ان به اھو ئي ڪم ڪيو جيڪي گذريل حڪومتن جا اڳواڻ ڪندا رھيا. غريب ماڻھن کي ڪوئي رليف نه ڏنو. وقت ڦيرو کاڌو عمران خان رات جي پيٽ ۾ گھر موڪليو ويو، سنگت جي مھربانين سان شھباز شريف ملڪ جو وزيراعظم ٿي ويو، وري عمران خان روڊن تي اچي ويو آھي.  ھن ملڪ جي ڌرتي جي پيٽ ۾ قدرت ھزارين خزانا رکيا آھن، پر اسان جي وطن جا ڪامورا چونڊيل نمائندن جي  ملي ڀڳت سان سرڪاري خزاني کي لاوارث ٻار جي ملڪيت سمجھي لٽيندا رھندا آھن، ڪرپٽ رشوت خور ڪامورن جي غلط پاليسين سبب ملڪ ۾ بک بدحالي گھر ڪري وئي آھي، ۽ اسين خوشحال ھئڻ جي باوجود فقير رھيا آھيون!

 

احمد پتافي