اردو ميڊيا جي تعصب پرستي يا ڪجهه ٻيو ؟

 

سنڌي بزنس مين سڪندر جتوئي جو پٽ شارخ جتوئي جنھن کي شاھزيب قتل ڪيس ۾ پھرين موت جي سزا ملي ۽ پوءِ ان کي سنڌ هاءِ ڪورٽ وري عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ان کان پوءِ شاھزيب جي وارثن صلح نامي جي ذريعي ان کي معاف ڪري ڇڏيو. پوءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس افتخار چوڌري ازخود نوٽيس ذريعي ان صلح نامي کي رد ڪري ڇڏيو هو،  جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته قرآن پاڪ والدين کي اھو اختيار ڏي ٿو ته اھي چاھين ته معاف ڪري سگھن ٿا پر اردو ميڊيا انھيءَ مسئلي کي ايترو اٿاريو جو ائين لڳو ڄڻ ته پاڪستان ۾ صرف اھو ھڪڙو قتل ٿيو آهي. ان کان پھريان ڪو به قتل نه ٿيو آهي. حالانڪه قتل ڪرڻ اسلام ۾ تمام وڏو ڏوھ آھي، جنھن جي ھر گز حمايت نٿي ڪري سگهجي، اھو چاھي ڪھڙي به فرد کان ٿئي پر ھتي رويي جي ڳالهه آھي. بلديا ٽائون فيڪٽري سانحي ۾ ايڏو وڏو ظلم ٿيو ان تي تمام اردو ميڊيا سميت تمام انساني حقن جون تنظيمون سماجي و سوشل ورڪر اقرار الاحسن جھڙا نام نهاد خاموش نظر اچن ٿا. ان کان سواءِ به ڪيترا ئي اھڙا افسوسناڪ واقعا آھن جن تي اردو ميڊيا، انساني حقن جون تنظيمون، سماجي رھنما خاموش نظر اچن ٿا. انھيءَ تي ڪوبه سوال جواب ناهي. اڄ جڏهن وري ھڪ دفعو سپريم ڪورٽ شاهه رخ جتوئي کي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ لارجر بينچ  انھيءَ قتل ڪيس مان بري ڪيو آهي ته ھڪ دفعو وري تمام اردو ميڊيا، انساني حقن جون تنظيمون، سماجي اڳواڻن سميت تمام جو موضوع شاهه رخ جتوئي جي بريت آھي. جيڪي چئنل ڪنھن مظلوم ماڻهو جي دانھن جو ھڪ ٽڪر ھلائڻ لاءِ تيار ناهن هوندا اھي شاهه رخ جتوئي جي بريت تي خصوصي پروگرام ڪري رهيا آهن. فيصلي تي سوال پيا اٿارين. اڄ انھن کي ھڪ دفعو وري انسانيت ياد اچي وئي آهي، سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اھو سڀ ڪجهه ان لاءِ آھي ته شاهه رخ جتوئي سنڌي آھي، انھيءَ لاءِ اھو سڀ ڪجهه ٿئي پيو، ان کان سواءِ ان ۾ ٻيو ته ڪوبه مسئلو بظاهر نٿو اچي، جڏهن ته ملڪ جي اعليٰ عدليه بري ڪري ڇڏيو. شاھ زيب جا وارث ان کي پھرين ئي معاف ڪري چڪا ان جي باوجود به انھيءَ تي ايڏي پروپيگنڊا ڪرڻ، خصوصي پروگرام ڪرڻ سمجھه کان ٻاهر آهي. منهنجي نظر ۾ ته اردو ميڊيا سميت تمام انساني حقن جون تنظيمون سماجي و سوشل رھنما صرف ۽ صرف تعصب پرستي جو مظاهرو ڪن پيا.

 

مسڪين حافظ محمد علي ورڙ

 

خاڪو ميگھواڙ بيگناھ باندي بڻيل

 

ٿر جي ڳوٺ ڀڃٻڙ جو رهواسي خاڪو ولد گنگو ميگهواڙ يوسي سيکڙو تعلقو ۽ ضلعو عمرڪوٽ جيڪو ننڍڙن پٽن سميت حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ ڪنهن بنگلي تي ڪم ڪندو هو. خاڪو پاڻ ڪنهن ضروري ڪم سان ڳوٺ ويو پويان معصوم ٻار بنگلي تي هئا پويان اچانڪ بنگلي ۾ باهه لڳڻ ڪري ڪجهه پراڻو  سامان سڙي ويو. بنگلي مالڪ خاڪو ۽ صدام راهمون ڳوٺ ساڪري تعلقو ڏاهلي ضلعو ٿرپارڪر، جيڪو ڀرپاسي واري بنگلي تي ڪم ڪندو هو ۽جنهن جو ڏوه اهو هو ته هو انهن تي رحم کائي ماني کارائيندو هو ۽ انهن جي سار سنڀال وٺندو هو، انهن ٻنهي تي ايف آءِ آر ڪٽرائي. ڳوٺ ڀڃٻڙ جيڪو ٻوڙاٻاھ کان ڏکڻ طرف ڪجهه ڪلوميٽرن جي پنڌ تي غريباڻو ڳوٺڙو آھي جتي جو رھاڪو خاڪو ميگھواڙ مسڪيني حال ۾ زندگي بسر ڪري رھيو آھي. سندس گھر ۾ ڪچو ڪکائون ٺھيل چونئرو ئي ڪل ملڪيت آهي. جيڪو پنھنجي ٻن معصوم پٽن سميت حيدرآباد ۾ بنگلي جي چوڪيداري ڪندو هو. ان تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ خاڪو ميگهواڙ جو چوڻ آھي ته آئون ڪافي وقت کان هتي چوڪيدار هئس پر مالڪ ٻاهرين ملڪ هو. مون کي گذريل 8 مهينن جون پگهارون به ناهن ڏنيون. سمورن سنڌ واسين کي اپيل آهي ت بيگناھ باندي بڻيل خاڪو ميگھواڙ جي آزادي لاءِ جدوجھد ڪئي وڃي جيئن ٿر جي مسڪين ماروئڙن کي انصاف ملي سگهي.

 

گورڌن داس پرمار/ کاروڙو سيد امرڪوٽ

 

تپيدار جي تعصب کان بچايو

 

يونين ڪائونسل ملگزار جو تپيدار يوسي جي سمورن ڳوٺن جو سروي ڪرائي ويو، پر ڳوٺ حاجي گنجو خان جکراڻي ۽ محمد عالم جکراڻي جي سروي کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. يونين ڪائونسل ملگزار جي فرنٽيئر شاخ بيلٽ جا اسين رھواسي تپيدار جي ھن عمل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور کي اپيل آهي ته جلدي تپيدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسان جي ڳوٺن جو سروي ڪرائي وڃي.

 

عبدالناصر جکراڻي

 

پوليس جي ڪاميابي موٽر سائيڪل چور گروهه گرفتار

 

سکر ۾ گذريل ڪجهه ميهنن کان پوليس آفيسر خاص ڪري ٿاڻي انچارج مڪمل طور آپريشنل نظر اچي رهيا آهن. جن ڏوهن تي ڪنٽرول لاءِ خاص ڪري اسٽريٽ ڪرائيم ۽ موٽر سائيڪل چوري جي ڏوهه ۾ هڪ گروهه گرفتار ڪري ورتو، جيڪا ڪاروائي سکر پوليس ڪمانڊر جي سربراهي ۾ پوليس اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث گروهه جو سراغ لڳائي چورن کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان لکين روپيه ماليت جون 25 موٽر سائيڪلون ۽ 18 قيمتي موبائل فون هٿ ڪيا. هٿ ڪيل موبائل فون ۽ گاڏيون اصل مالڪن جي حوالي ڪيون ويون. ڳالهه اها آهي ته موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل چوري جو ٿاڻي جو SHO ۽ وڏو منشي نوٽيس ئي نه وٺندا آهن. صرف ڪچي رپورٽ داخل ڪئي ويندي آهي. غريب طبقو جيڪو وڏي مشڪل سان ڪمائي ڪري پيسا گڏ ڪري ذاتي گهريلو استعمال لاءِ آسان ۽ سستي سواري موٽر سائيڪل خريد ڪندو آهي. جڏهن ان جي چوري ٿي ويندي آهي ته ان غريب ۽ عام ماڻهو جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه جي مهانگائي واري دور ۾ جتي عام استعمال وارين شين جا اڳهه چوٽ چڙهي چڪا آهن ۽ گذارو ڪرڻ مشڪل ٿي چڪو آهي. اتي غريب ماڻهو ۽ آسان سستي سواري موٽر سائيڪل جي چوري کانپوءِ خالي افسوس ڪري ويهي رهندو آهي. سکر پوليس طرفان ان سلسلي ۾ ڪارڪردگي جو ڏيکارڻ ۽ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ گاڏين مالڪن کي واپسي پوليس طرفان ڪارڪردگي ڪنهن ڪرشمي کان گهٽ ڳالهه ڪانهي. جيڪا ڳالهه پوليس لاءِ ساراهه جوڳي چئبي. سکر پوليس جتي ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن، منشيات فروشن ۽ معاشرتي براين جي جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ مصروف آهي. جيڪا سکر شهر ۽ ضلعي اندر مثالي امن و امان قائم ڪرڻ لاءِ مصروف عمل آهي. ڪجهه مهينا اڳ جنهن مختلف ڪاروائين ۾ 33 ملزمن کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان 128 موٽر سائيڪلون ۽ 103 موبائل فون هٿ ڪرڻ کانپوءِ اصل مالڪن حوالي ڪيا. پوليس جا ڪامياب ڪاروائي کانپوءِ اها بهتر ڪارڪردگي آهي. ڇاڪاڻ ته پوليس جو ڪم آهي شهرين جي جان مال جي حفاظت ۽ امن و امان برقرار رکن.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

يوسي صالح مهر ۾ ٿيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺو !!!

 

گهوٽڪي جي يوسي صالح مهر ۾ ڪرپشن جي عجب ۽ غضب ڪهاڻي ظاهر ٿي وئي آهي. يوسي صالح مهر ٺهڻ کي ست سال گذري چڪا آهن جنهن ۾ هڪ دفعو عوامي چونڊيل نمائندا رهي چڪا آهن. باقي سال يوسي صالح مهر سيڪريٽري سميت پنج ڪلارڪن، هڪ مالهي، هڪ چوڪيدار، هڪ پٽيوالي يعني 9 ملازمن وٽ ستن سالن کان يرغمال آهي. جنهن جي بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي. يوسي صالح مهر  ۾ ٽوٽل 33 ڳوٺ آهن جنهن ۾ يوسي صالح مهر جي بجيٽ مان هڪ رپيو به خرچ ناهي ٿي سگهيو. 9 مان  7 ملازم  گهر ويٺي پگهارون حاصل ڪن ٿا. ڪو به ملازم آفيس اچڻ لاءِ تيار ناهي. يوسي سيڪريٽري سالن کان آفيس جو منهن ئي ناهي ڏٺو، فقط آفيس جي بجيٽ کي منهن ڏيو پيو اچي. علائقي واسين ڪيترائي احتجاج ڪيا پر ڪنهن اعليٰ اختياري توڙي ضلعي انتظاميا ڪو نوٽيس نه ورتو نه ئي ڪرپشن جو ڪو حساب ٿيو. اسين علائقي واسي نيب سکر، اينٽي ڪرپشن کاتي سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿا ڪيون ته ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ڪرپشن ٿيل بجيٽ واپس ڪرائي يوسي صالح مهر جي ڳوٺن تي خرچ ڪئي وڃي.

 

ذاڪر حسين مهر /ڳوٺ عارب مهر ضلعو گهوٽڪي

 

گورنمينٽ پرائمري اسڪول سڪ واهڻ ٻيھر کوليو وڃي

 

ڳوٺ سڪ واهڻ ٽپال گهر کھڙا تعلقه گنبٽ ضلع خيرپور ميرن واري ۾ واقع آهي. گذريل چئن سالن کان سنڌ جي تعليم ڪافي مشڪلاتن جو شڪار رهندي پئي اچي، ڪڏهن ڪورونا جي ڪري ته ڪڏهن وري ڪجهه ٻين سببن جي ڪري نقصان تعليم جو ئي ٿيو آهي. هن سال جڏهن نون استادن کي ڀرتي ڪيو ويو ته اها قوي اميد ڪئي وئي ته سنڌ جي تعليم جو ٻڏل ٻيڙو ضرور ڪنڌيءَ تي لڳندو، پر سنڌ ۾ تازن پيل مينهن جي ڪري اها اميد جي ٻيڙي به ٻڏي وئي. سنڌ ۾ 80 سيڪڙو اسڪولن ۾ مينهن متاثرن پنهنجا اجها هنيا ۽ ڪيترن ئي اسڪولن  جون عمارتون ڪري پيون يا وري زبون ٿي ويون. ان ڪري سنڌ حڪومت جي حڪم تحت ڊپٽي ڪمشنرن اسڪولن کي بند رکڻ جو حڪم ڪڍيو، جڏهن صورتحال صحيح ٿي ته اسڪول وري کلڻ جو سلسلو شروع ٿيو. هن وقت تقريبن سڄي سنڌ ۾ اسڪول کلي ويا آهن پر خيرپور ضلعي جا اڪثر اسڪول بند آھن. ڊپٽي ڪمشنر هر هفتي اسڪول کولڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ٿو، جنهن تحت لسٽ ۾ ڏنل اسڪول کوليا وڃن ٿا. لسٽ کي جيڪڏهن نظر ۾ رکجي ته سڀ اسڪول کلڻ ۾ پورو سال لڳي ويندو. اسان جو اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول سڪ واهڻ به اڃا تائين بند پيل اسڪولن جي لسٽ ۾ شامل آهي. هڪ مھينو کن اڳ اسان ضلعي آفيسرن کي لکي چڪا آهيون ته اسان جي اسڪول ۾ نه ته پاڻي بيٺل آهي ۽ نه وري برسات متاثر ڳوٺاڻا ويٺل آهن، اسڪول جي مينهن کان اندازن 15 ڏينهن کن اڳ مرمت ٿي آهي ۽ عمارت به محفوظ آهي، تنهن هوندي به خبر نه آهي ته ڪھڙن سببن جي ڪري اسان جي اسڪول کي کولڻ جو نوٽيس نه ٿو ڪڍيو وڃي. اسڪول بند هجڻ جي ڪري معصوم ٻارن جو مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي. تعليم حاصل ڪرڻ هر شخص جو قانوني ۽ آئيني فرض آهي، ان ڪري اسان ڊپٽي ڪمشنر ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر خيرپور، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر گنبٽ ۽ ٻين وس وارن عملدارن کي عرض ڪريون ٿا ته جلد کان جلد نوٽيس ڪڍي گورنمينٽ پرائمري اسڪول سڪ واهڻ کي کوليو وڃي ته جيئن معصوم ٻار تعليم حاصل ڪري سٺا ۽ ڪارگر شھري بڻجي سگهن.

 

نويد ناز اڄڻ/گنبٽ، خيرپور

پ پ پ وارن جي سوڀ ۽ ن ليگ جي يو آءِ جي ھار جا سبب

 

ضمني اليڪشن جو مرحلو پورو ٿي ويو آھي. في الحال جيڪي استعيفائون قبول ڪيون ويون انھن تي الڪيشن ڪميشن پاران پرامن طريقي سان اليڪشن ڪرائي وئي آھي. جن سيٽن تي ٻيھر اليڪشن ٿي آھي اھي سڀ سيٽون پي ٽي آءِ وارن جون ڇڏيل ھيون، جن سيٽن مان ستن سيٽن تي پي ٽي آءِ سربراھ عمران خان پاڻ اليڪشن ۾ حصو وٺي بيٺو ھو. جڏھن تـ ملتان جي سيٽ تي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاھ محمود جي ڌيءُ مھربانو جو مقابلو پ پ پ جي ورڪر موسيٰ گيلاني سان ٿيو. خاص ڳالههه اھا آھي ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين ضمني اليڪشن جي تيارين لاءِ پرپور ڪوششون ورتيون ھيون. پاڻ اليڪشن مھم ھلائيندو رھيو ۽ وڏا جلساپڻ ڪندو رھيو. جڏهن تـ پ پ پ سميت ڪنھن به حڪومتي اتحادي پاران ڪو به جلسو نه ڪيو ويو ۽ اليڪشن مھم پڻ نه ھلائي. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وفاقي وزير ھجڻ جي ڪري اليڪشن مھم ۾ حصو نه وٺي سگھيو جڏھن ته شھباز شريف پڻ وزيراعظم ھجڻ سبب اليڪشن کان پري رھيو جڏھن ته مريم نواز ۽ حمزا شھباز تي اليڪشن مھم ھلائڻ جي وڏي ذميداري ھئي پر مريم نواز اليڪشن مھم ۾ حصو وٺڻ بدران ٻاھر ھلي وئي. جڏھن تـ حمزا شھباز وزارت اعليٰ کسجڻ بعد گھر مان ٻاھر نٿو نڪري. ان جي ڪري ووٽرن کي گڏ ڪرڻ ۽ انھن کان ووٽ وٺڻ ۾ ن ليگ وارا ناڪام رھيا. اليڪشن مھم نه ھلائڻ باجود ھتي پ پ پ جي جيالن کي سلام آھي. جن در در وڃي پنھنجي چيئرمين جو پيغام پھچايو، جنھن سبب پ پ پ جي ھڪ عام ورڪر پي ٽي آءِ جي سربراھ کي ڪراچي ملير ۾ شڪست ڏني ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ موسيٰ گيلاني شاھ محمود قريشي جي ڌيءُ کي وڏي مارجن سان شڪست ڏني. جڏھن ته پنجاب جي فيصل آباد ننڪانا صاحب جي سيٽن تان ن ليگ وارا صحيح نموني اليڪشن مھم نه ھلائڻ ۽ مريم نواز جي غيرموجودگي سبب پي ٽي آءِ کي سوڀ ملي. چارسدا پشاور ڪراچي جي سيٽن تي جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم وارا ھارائي ويا ان جو سبب صرف ۽ صرف مھانگائي کي قرار نٿا ڏئي سگھو. اصل سبب اھو آھي تـ ھڪ ته تمام سيٽن تي عمران پاڻ بيٺو ھو جيڪڏھن انھن سيٽن تي عمران اتان اڳ وارن اميدوارن کي بيھاري ھا ته شايد اھي ھارائي وڃن ھا ۽ ٻيو سبب اھو ھو ته جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي وارا پڻ اليڪشن مھم کان پري رھيا جنھن جو فائدو پي ٽي آءِ وارن ورتو.

 

عبدالمجيد بروھي

سياستدان ، پنڊت ، سڏائيندڙ ، سوديباز ..؟

 

جيڪڏهن مان گذريل ويهن سالن جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ سياستدانن تي نظر وجهان ته ڪو بي تاج بادشاهه، ڪو سياست جو ابو ته ڪو رانديگر ته ڪو استاد ته ڪو شوديباز سڏائڻ تي فخر ڪري ٿو، جڏهن ته پاڪستان ۾ سياسي پنڊت سڏائيندڙن جو تعداد به ڪجهه گهڻو آهي، جيڪي سدائين عوام جي خدمت جي ڳالهه ڪن ٿا جڏهن ته سچ اهو آئي ته شهيدن جي نالن کي استعمال ڪري عوام کان ووٽ به حاصل ڪن ٿا جڏهن ته بارشبن بعد پيدا ٿيل صورت حال سنڌ جي ته تمام گهڻي خراب آهي. جتي هن وقت به لکين عام ماڻهو گهر ڪرڻ ڪري بي گهر آهن ۽ سياستدانن ڏانهن مدد لاڀ واجهائي رهيا آهن پر انهن ۾ اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. بهرحال هن مڪمل صورتحال تي صرف ڏک جو اظهار ڪري سگهون ٿا باقي ملندو ڪجهه به نه. عام ماڻهون جيئن بک سبب موت کي ڀاڪر پائي رهيا آهن، سردي ايندي ئي گهڻو ڪجهه ڏسي رهيا آهن، بس مالڪ سائين رحم ڪري. جنهن جو ڪوئي ناهي ان جو رب پاڪ آهي.  پاڪستان جي سياست تي نطر وجهنداسين ته سدائين هڪ ٻئي کي بليڪ ميل ڪري حڪومت ڪرڻ جا قصا عام ملندا. ان ڪري هن وقت به ملڪ اندر جيڪو ٿي رهيو آهي اهو به اسان جي اڳيان آهي. پاڪستان انتهائي خطرناڪ صورت حال ۾ ڦاٿل آهي عوام خاص طور حڪومت وقت جي غلط پلاننگ ڪري  عوام کي ڪو خاص رليف ناهي مليو. جڏهن ته اها به تاريخ رهي آهي ته جيڪا به حڪومت آئي ان کي به هلڻ ناهي ڏنو ويو، هاڻ سوال اهو آهي ته ڪير آهن جيڪي حڪومتن کي اڳتي نه ٿا هلڻ ڏين؟ ڪيتريون ئي آڊيوز به ليڪ ٿيون آهن انهن مان پهرين آڊيو مان مجموعي تاثر اهو ملي ٿو ته عوامي خدمت جا دعويدار صرف پنهنجي خدمت تي سڄو ڌيان رکندا آهن. انهن جا عوامي محبت جا سڀ دعويٰ صرف فسانا آهن. ٻي آڊيو ۾ پنج وزير پنهنجي وزيراعظم سان گڏجي استعيفائن جي حوالي سان سازش جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن. اُن مان به ڪجهه سوال اڀرن ٿا ته ڇا وزير ۽ وزيراعظم پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو نٿا سوچين، ڇو هو صرف پنهنجي مخالفن جي خلاف سازشي حڪمت عمليون ٺاهيندا آهن، ڇا اها سموري ڳالهه ٻولهه جمهوريت جي خدمت آهي؟ اها سڄي ڳالهه ٻولهه پارليامينٽ جي خلاف سازش نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڇا اها ڳالهه ٻولهه اسپيڪر جي اختيارن تي سواليا نشان نه آهي ۽ ڇا اها ڳالهه ٻولهه چيف اليڪشن ڪمشنر جي جانبداري کي بي نقاب نه پئي ڪري؟ ڇا هن ڳالهه ٻولهه سان اهو تاثر نٿو ملي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان هڪ خودمختيار آئيني ادارو نه آهي. هڪ ننڍي آڊيو به آهي، اُن آڊيو ۾ اخلاقيات جو درس ڏيڻ وارا ڪهڙي طرح وزيراعليٰ پنجاب چوڌري پرويز الاهي جي باري ۾ گهٽ وڌ ڳالهه ٻولهه کان ڪم وٺي رهيا آهن، ڇا اهو عمل درست آهي؟ ڪيترائي ڀيرا عرض ڪري چُڪو آهيان ته پاڪستان جو حڪمران طبقو نه پاڪستان جو سوچي ٿو ۽ نه ئي هُن ڪڏهن وطن عزيز جي عوام جو سوچيو آهي. ڇا اهو سڀ ڪجهه ليڊرشپ جو ٻٽو عمل نه آهي؟ ڇا اها وطن سان بي وفائي نه آهي؟ ڇا اها جمهوريت ۽ جمهوريت جي خلاف خطرناڪ راند نه آهي؟ ان لاءِ ته هر طرف رسوائي ئي رسوائي آهي.

 

سيد زوار حسين شاه/ اسلام آباد

سنڌ اسيمبليءَ. ڏانهن پرامن احتجاج ڪندڙ عورتن تي پوليس جو تشدد

 

سنڌ اسيمبلي ڏانهن ويندڙ اميدوارن تي پوليس تشدد ڪيو آهي! اُتي موجود ڪنهن نياڻي ٻُڌايو آهي ته پوليس تشدد ۾ شهادت به ٿي وئي آهي جڏهن ته نياڻي ڪومل ۽ ثمرين کي پوليس گرفتار پڻ ڪيو. اسان پُڇڻ چاهيون ٿا مراد علي شاهه کان! توهان ڇا آمريڪا جي صدر کان به وڌيڪ اهميت ٿا رکو! وائٽ هائوس ٻاهران روزانو سون جي تعداد ۾ ماڻهو احتجاج ڪن ٿا! اُنهن کي ته پوليس تنگ نٿي ڪَري توهان ڪٿان جا ۽ ڪهڙا جمهوري حُڪمران پيدا ٿيا آهيو جو نياڻين جي عزتن ۾ هٿ وجهڻ کان به نه ٿا ڪيٻايو. ڌرتي جي وارثن کي فوري طور تي آزاد ڪري ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. عورتن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو