عالمي برادري سان تعلقات جي بحالي

 

وفاقي حڪومت پنهنجي اصول تي قائم رهندي دنيا سان تعلقات سڌا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهي. پاڪستاني سياسي تاريخ ۾ ڪيترائي پرڏيهي وزير آيا پر جيڪا شهرت ذوالفقار ڀٽو جي حصي ۾ آئي ان جي تاريخ گواهه آهي. جنهن پرڏيهي وزير جي حيثيت سان پاڪستاني مفادن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خواب ڏٺو. حقيقت ۾ ڀٽو کي سڃاڻپ ۽ مقبوليت جيڪا عالمي برادري وٽ ملي اها اڃا تائين پاڪستان جي ڪنهن ليڊر جي حصي ۾ ناهي آئي. هن وقت ڳالهه پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪجي ته اهو به گذريل پنجن مهينن کان ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪري وڏي مهارت سان پاڪستان جو ڪيس رکيو آهي ۽ عالمي برادري سان لاڳاپن جي بحالي ۽ بهتري لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري سفارتي لحاظ کان دنيا سان رابطا ۽ ڳانڍاپو مضبوط ڪرڻ تي زور ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف اقوام متحد اجلاس جو فائدو کڻي آمريڪا ويو. وزيراعظم اقوام متحده جي اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيل تباهي جا تفصيل دنيا جي سامهون رکيا جنهن دنيا کي پنهنجي ملڪ جي مشڪلات جي باري ۾ آگاهي ڏني. جن ملڪن سان گذريل چئن سالن کان لڳاپا خراب هئا اهي بحال ڪيا آهن. اهي ملڪ جيڪي مختلف فورمز جهڙوڪ آءِ ايم ايف، ايف اي ٽي ايف، ورلڊ بينڪ، انساني حقن جا ادارا جيڪي سلامتي ڪائونسل جي معاملن تي اثرانداز ٿيندا آهن. پرڏيهي وزير پنهنجي وزيراعظم کي سٺو فالواپ ڪيو، جنهن آمريڪا جي پرڏيهي وزير سميت ٻين عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا سفارتي، مالياتي ۽ امدادي قدمن جو اعلان ڪيو. 6 ڪروڙ ڊالر قرضن ۾ رعايت، آءِ ايم ايف ۾ آسانيون، ايف اي ٽي ايف ۾ تعاون ۽ ايف 16 جهازن لاءِ پرزن جهڙا معاملا اهم آهن. آمريڪا ۾ 5 لک پاڪستاني رهن ٿا. بلاول ڀٽو آمريڪي ميڊيا ۾ پاڪستان جو اميج بهتر بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان يورپي رهنمائن سان به تفصيلي ملاقاتون ڪيون. اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي سڀ کان اولين ترجيح پاڪستان جي عالمي برادري سان لاڳاپن جي بحالي لاءِ زور ڏيڻ آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

ڳوٺ گهنور خان زرداري جا مسئلا حل ڪريو

 

اسان جو ڳوٺ گهنور خان زرداري مٽياري ضلعي جي تعلقي نيو سعيد آباد ۽ يونين ڪائونسل محمد رمضان انڙ ۾ واقع آهي. اسان جو ڳوٺ گذريل برساتن ۾ ٻڏي ويو هو جيڪو اڃا تائين پاڻي هيٺ آهي. اسان وٽ نه ته ڪو ايم پي اي لڙي آيو آهي ۽ نه ئي ايم اين اي ئي آيو آهي. اسان ڳوٺ جا ڪيترائي خاندان برسات جا متاثر آهن پر انهن کي ڪو به راشن وغيره نه مليو آهي ۽ ڪا امدادي ٽيم به نه آئي آهي. اسان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، ايم اين اي مخدوم جميل الزمان کي گذارش آهي ته اسان جي ڳوٺ جي سار سنڀال لڌي وڃي. ڳوٺ جي سمورن غريبن جي مدد ڪئي وڃي ۽ ڳوٺ ۾ سروي ڪرائي گهرن جي تعمير ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

مظفر حسين زرداري/سرهاري

 

ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ميڊيڪل ڪئمپ لڳي

 

هن وقت سنڌ جا تقريبن سڀ علائقا ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آهن ۽ اتي جا رهواسي تمام گهڻين تڪليفن ۾ مبتلا آهن. اسان فيلڊ دوران ڪجھه اھڙيون تڪليفن ۾ مبتلا فيمليون به ڏٺيون سين جن جون تڪليفون ٻڌائڻ يا لکڻ به مناسب نه پيو لڳي. يقين ڪريو دل روئي پئي ۽ دل ئي دل ۾ خدا جو شڪر ادا ڪيو ته اي خدا اسان انهن مجبور لاچار ماڻهن جون تڪليفون ڏسي به نه پيا سگھون ۽ اسان کي خدا انھن تڪليفن کان دور رکيو ۽ اهي ماڻهو انهن تڪليفن کي منهن ڪيئن ٿا ڏين اهو بيان ڪرڻ ڏکيو آهي !! نه پيئڻ جو صاف پاڻي، نه ٽائيم تي ماني، نه ڇت ڪيڏين تڪليفن منجھه ماڻهو آهن. انهن مجبور لاچار ماڻھن ۾ ڪي اھڙيون مائرون به هيون جن جون جوان ڌيئرون هيون ۽ اهي مائرون ڪيئن ننڊ ڪن جن جون نوجوان ڌيئرون پڌري پٽ ستل هجن ! معصوم ٻارڙا کليل آسمان ۽ مٿان بيمارين جو زور،  دست الٽيون، نمونيا،  چمڙي جون بيماريون، مليريا ۽ ٻيون انيڪ بيماريون مٿان وري غربت ۽ غربت مٿان وري ٻوڏ سبب اجهو تڏو ئي کسجي ويو ۽ هاڻي هي خدا جي ذات، جنهن جي آسري پيا ماڻھو جيئڻ جو حيلو ڪن . اهڙي صورتحال ۾ اسان جي موبائيل ميڊيڪل ٽيم انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪورپس مختلف ڳوٺن ۾ ماڻھن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پئي ۽ هڪ ڏينھن اسان نئون ڪوٽ ويجهو ڪنهن ڳوٺ ۾ پهتاسين ته اتي جي ماڻهن جي چھرن تي ڪجھه گهڙين لاءِ خوشي محسوس ٿي ڇو ته ان ڳوٺ ۾ ٻوڏ کان علاوه به ڪيترن ئي سالن کان ميڊيڪل ڪئمپ نه لڳي هئي. اسان هر ڏينهن اها ئي ڪوشش ڪئي ته هر روز ڪنهن نه ڪنهن درد مند جي ڪم اچجي

 

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

 

سنڌ واسين جا درد

 

پاڪستان جي تاريخ جو  27 ڊسمبر 2007ع جو ڏينهن اهو ڪارو ڏينهن هو جڏهن لياقت باغ راولپنڊي ۾ محترمه بينظير ڀٽو تي قاتلاڻو حملو ڪري کيس شهيد ڪيو ويو. انهيءَ ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ واسين جا درد ٻيڻا ٿي ويا آهن. 2010ع ۾ سنڌو درياهه کي هٿراڌو ڪٽ ڏيئي ٻوڙيو ويو هو. اها حقيقت آهي. هاڻي وري جڏهن مسلسل برسات پوڻ تي گهڻن شهرن کي هٿراڌو ڪٽ ڏئي ٻوڙيو ويو. سنڌ واسين جي دردن جي دانھن ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، برسات سبب سڄي سنڌ متاثر ٿي آهي. هن ٽائيم تائين سنڌ حڪومت طرفان ڪا خاص مدد نه ڪئي وئي آهي، صرف پنهنجن کي ئي نوازيو ويو آهي. سنڌ واسي هن وقت تائين سراپا احتجاج بڻيل آهن پر افسوس سنڌ حڪومت هن وقت تائين ڪو به رليف نه ڏئي سگهي آهي. سوشل ميڊيا هجي يا اليڪٽرانڪ ميڊيا هجي اڄ ڏينهن تائين ماڻهو دانھون پيا ڪن. اسان جي واهر ڪئي وڃي غريب سنڌ واسي سٻاجهڙا مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. انهن کي صحت جون سهولتون فراهم نه ڪيون ويون آهن. آخر سنڌ واسين جي دردن جي دانھن ڪير ٻڌندو ۽ سنڌ واسين کي صحت جون سهولتون ۽ ٻيون سهولتون ڪير فراهم ڪندو؟

 

فرمان علي لغاري/گهوٽڪي

 

ايم پي اي ميهڙ فياض علي ٻٽ ڏانهن کليل خط

 

فياض علي ٻٽ صاحب! ميهڙ ۽ آسپاس جا ماڻهو توهان جا درشن ڪرڻ لاءِ آتا آهن. توهان ايئن غائب ٿي ويا آهيو جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ. رنگ بند واري راند کان پوءِ توهان مسلسل منظر تان غائب آهيو، خبر نه آهي الائي ڪٿي آهيو؟ توهان جو هيرو ڀاءُ پاشا ٻٽ به اڄ ڪلهه نظر نه پيو اچي. هونئن ته  بلدياتي اليڪشن ۾ ماڻهن کي الائي ڪيئن ڳولهي پيا لهو، پر هاڻي ته ڳولهئي نه پيا ملو. ٻٽ صاحب! حڪومت توهان کي ضلع دادو لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي. شايد توهان کان ڳالهه وسري وئي هجي مگر عوام کي ياد آهي. ٻيو اهو ته توهان کي فوڪل پرسن ضلع جي عوام لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي نه ڪي پ پ جي ڪارڪنن لاءِ، ڪجھه ڏينهن پهريان ڊفينس شادي هال ٻيٽو روڊ تي جيڪو فلاحي اداري طرفان راشن ورهايو ويو اهو ڇا صرف پ پ ڪارڪنن لاءِ هو يا ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ. محترم سائين ڪيترن ئي ماڻهن کي جن کي ٽوڪن مليل هئا اهو چئي موٽايو ويو ته توهان لياقت جتوئي جا سپورٽر آهيو توهان کي راشن نه ملندو. توهان ميهڙ جي بيوس ماڻهن کي ٻوڙائڻ کان پهريان اها ته جاچ ڪيو ها ته هي لياقت جتوئي جا سپورٽر آهن هنن کي نه ٻوڙايون! ڇو ته منهنجا دادلا هنن کي راشن نه ڏيندا. توهان کي ٻڌائيندو هلان ته اِهي اُهي ماڻهو آهن جن جا 3 نسل پ پ جا ووٽر رهيا آهن، توهان جي پاليسين ۽ جن ماڻهن کي توهان اڳيان آندو آهي جيڪي خود جدي پشتي لياقت جتوئي جا سپورٽر هئا انهن جي ڪري پ پ کان باغي ٿيا آهن. بهرحال اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر ڪڏهن ظاهر ٿيو ته جيئن توهان جو ديدار ڪري سگهجي. محترم اهي مجبور بيوس ماڻهو توهان جون واٽون پيا نهارين جن کي ٻوڙائي، ماني ڳڀي لاءِ پنڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. هاڻي ماڻهو بکن ۽ اُسن ۾ تڙپي تڙپي مري رهيا آهن، ٻٽ صاحب! عوام ۾ موٽي اچو ۽ انهن تائين امداد پهچايو ورنه اهي ڏينهن ڏور نه آهن ته بکايل ماڻهو ٻٽ هائوس ٻٽ سرائي پهچي وڃن!

 

ماجد حسين تنيو/ ميهڙ

 

ٻوڏ کان پوءِ واري منهنجي سنڌ

 

ٻوڏ! ها هر طرف، هر ڪچهري ۾، هر اخبار ۾، هر جلسي ۾، هر جلوس ۾، هر پل هر زبان تي ٻوڏ ۽ سندس تباهڪارين جو ذڪر ۽ فڪر جاري آهي. اڃا تائين خيما بستيون آباد آهن. اڃا تائين امداد جو سلسلو سلامت آهي. اڃا تائين لڏپلاڻ ڪندڙن ماڳن طرف موٽ نه کاڌي آهي. اڃا تائين ٻوڏ جو پاڻي سمنڊ جي ڇولين وانگر هوا تي ڇوليون هڻي رهيو آهي. اڃا تائين ڳوٺن جا ڪچا پڪا رستا پاڻيءَ سان ڀريل آهن. اڃا تائين زرعي زمينن ۾ بيٺل پاڻي ناهي سڪو. اڃا تائين آس مند اکيون انتظار ۾ آهن ته ڪڻڪ جو فصل به پوکڻو آهي. خبر ناهي ته ٻوڏ جو پاڻي ڪڏهن سڪندو جو زمين ۾ هر هلائي ڪڻڪ جي پوکي ڪبي!

ٻوڏ جو پاڻي تاحال جيئن جو تيئن جي بنياد کان ٿورو گهٽ ٿيو آهي، ڇو ته اڪثر علائقن ۾ پاڻي کي نيڪر ٿيڻ جو آسان رستو ڪونهي ڪو، انهيءَ ڪري اهو پاڻي جيسيتائين نه سڪندو تيسيتائين مسئلا ڪاريهر جي ڪر وانگر ڦڻ کنيو بيٺا هوندا ۽ خيما بستيون به ايئن ئي قائم رهنديون، پر ان ٻوڏ بعد وڏو الميو ۽ ڳنڀيرتا آهي مختلف ٻاراڻين بيمارين جو وبا جي صورت اختيار ڪرڻ جنهن منجھه مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري رپورٽس موجب ته سنڌ جي ٻوڏ وارن علائقن ۾ روزاني جي بنياد تي 15 کان 20 معصوم ٻار گيسٽرو مليريا ڪرونا ڊينگي ڊائيريا خارش ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين جي سبب ۽ وقت سر علاج نه ٿيڻ ڪري مري رهيا آهن، جيڪو به سنڌي قوم لاءِ هڪ لمحه فڪر آهي بس ايئن سمجهو ته هڪ طرح سان سنڌي قوم جي وجود جي تباهي ۽ خاتمي جو ڪارڻ آهي. سو انهي طرف سنڌ حڪومت ۽ سماجي ڪارڪنن سان گڏ وزارت صحت کي پڻ تڪڙا ۽ سگهارا اپاءُ وٺڻ گهرجن ته جيئن انهن مختلف بيمارين تي ضابطو آڻي معصومن جي قيمتي زندگي بچائي سگهجي .

ٻوڏ تان ياد آيو ته اسان وٽ سرڪاري اسپتالون به عام ماڻهن خاطر ايئن آهن جيئن روڊ تي ٺهيل اهڙو انتظار گاهه جتان سڄي ڏينهن جي انتظار ڪرڻ باوجود به ڪا گاڏي ناهي ايندي. ها باقي ڊاڪٽرن جون پرائيويٽ ڪلينڪون ايئن آهن جيئن وڏن شهرن ۾ رڪشا ۽ ننڍن شهرن يا ڳوٺن منجھه چنگچيون جيڪي مسافر کان ڪرائي جي مد ۾ کل لاهينديون آهن. سو هتي به ڊاڪٽر پرائيويٽ اسپتالن ۾ مريضن کي دل تي ڦري تباهه ڪندا آهن پر افسوس جو حڪومت عام عوام جي اهنجن تي پها رکڻ بجاءِ ننڊ جون گوريون کائي آرام فرمائي رهي آهي. خبر ناهي ته عوام جي دردن جو داد ڪڏهن ٿيندو يا ٿيندو ئي نه .

ٻوڏ حقيقت ۾ خاص ڪري سنڌي قوم خاص ڪري وچولي ۽ هيٺين طبقي وارن جي لاء موت بڻجي آئي ڇو ته اميرن وٽ ته هر قسم جي سهوليت ميسر آهي سو ڪير ڪيئن به مري انهن جي صحت تي ڪو به فرق نه پوندو جڏهن ته عام ماڻهو جيڪي ٻوڏ کان اول به علاج خاطر دربدر هيا سي ته ويتر ئي ڌرتي تي ننڌڻڪا ٿي ويا آهن هتي اڳي ئي ڳوٺن ۾ ڪا اسپتال نه هئي پر جي هئي به ته نالي ماتر مگر حاليه برسات ۽ هٿرادو ٻوڏ ويتر ئي کين بي گهر ڪري اچي خيمن تائين پهچايو آهي جتي ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت ناهي وڏا ته وڏا پر ننڍا ابهم ٻالڪ مختلف بيمارين جي ور چڙهي موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن. ڇو ته خيما بستين ۾ وڏين اسپتالن جهڙو علاج ناهي. ها بس فارملٽي خاطر عارضي ميڊيڪل ڪئمپن ۾ ڊاڪٽر اچن ٿا کنگھه، بخار، پيچش جي دوا ڏئي جوڳي نه ڪنهن جا مٽ تحت هليا ٿا وڃن ٻيو ته خيما بستين ۾ ڪا به صفائي ناهي نه ئي وري ڪا بجلي آهي سو بيماريون ته پيدا ٿينديون .

ٻوڏ بعد هاڻي هن قوم جي چڱن مڙسن تي اها ذميواري عائد ٿي ٿئي ته هو پنهنجي فرض کي فرض سمجهي قوم کي موت جي منهن ۾ وڃڻ کان بچائين ۽ پيدا ٿيل مختلف وبائي بيمارين جو تڪڙي ۽ مفت علاج تحت يقيني خاتمو آڻين ۽ اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪري ڊاڪٽرن کي پابند ڪن ۽ مريض تائين دوائن جي پهچ کي هر صورت ۾ يقيني بڻائين ته جيئن ٻوڏ کان بعد مرندڙ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مستقبل کي صحتمند زندگي ڏئي سلجهيل قومن جي سٿ ۾ ڳڻائي سگهجي ۽ فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري چئي سگهجي ته اي مهر فقير سنڌ ۽ سنڌي قوم ڪڏهن به شڪست کائي ڪري مري نٿي سگهي .

مهر فقير

برساتن کانپوءِ ڪاڇي ۽ سنڌ بلوچستان دنگ جا ٺهيل ڀلوڙ رستا

 

برساتن کان پوءِ اسان جي چونڊيل نمائندن اسان کي بهترين روڊ ٺهرائي ڏنا آهن. اوهان به ڏسو  ۽ سٺا سٺا ڪمينٽ ڪيو! ڇاجي ڪري ته هي اسان جي ڪاڇي جا نمائندا آهن پنهنجي تڪ کي سپر روڊ ٺهرائي ڏنو اٿن. 13 سالن جي محنت سان هن جوهي، واهي پانڌي روڊ جي حالت اوهان جي سامهون آهي. واهي پانڌي ڪاڇي جو مرڪزي شهر آهي واهي پانڌي سان گڏ ڪجهه بلوچستان جي علائقي جي اچ وڃ آهي، جنهن ۾ ڪوٽڙو، ڳوٺ سومر بروهي، ڳوٺ عبدالرحيم بروهي، لوهي در سميت ڪيترن ئي علائقن جا ماڻهو واهي پانڌي رستي حيدرآباد، ڪراچي، لاڙڪاڻي ويندا آهن. هن وقت واهي پانڌي روڊ برساتن سبب مڪمل تباھ ٿي ويو آهي. واهي پانڌي، گورک هل اسٽيشن، ڳوٺ پريو جمالي، ڳوٺ ٽنڊو رحيم خان، ڳوٺ مراد جمالي، ڳوٺ پيارو لنڊ، ڳوٺ فضل جمالي، ڳوٺ پير بخش لاشاري سميت ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن جا ماڻهو واهي پانڌي رستي تي سفر ڪندا آهن. هن وقت واهي پانڌي رستي جي حالت تمام گهڻي خراب آهي تڪ جا چونڊيل نمائندا غائب آهن. ايتري قدر جو هن ڏکئي وقت ۾ به عوام وٽ هلي نه آيا آهن جنهن لاءِ ڪاڇي واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت ڪرائي وڃي ۽ ڪاڇي جي عوام کي تڪليف کان بچايو وڃي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو

ميرپورخاص جي هندو ملازمن کي ڏياري پگهار جي وقت سر ادائگي يقيني بڻايو

 

جيئن ته 15 آڪٽوبر 2022ع ڇنڇر جي ڏينهن واري روزاني اخبارن ۾ هندو برادري جي خوشين ڀرئي ڏڻ “ڏياري” جي موقعي تي سمورن سرڪاري ملازمن کي ايڊوانس پگھارون ڏيڻ ۽ هڪ ڏينهن جي 25 آڪٽوبر 2022 ع تي اڱاري جي ڏينهن موڪل ڏيڻ بابت حڪومت سنڌ کي خط لکي ۽ خبرن وسيلي اپيل ڪئي وئي هئي. جنهن جي آڌار تي حڪومت سنڌ جي فنانس ڊپارٽمنٽ پاران هڪ نوٽيفڪيشن نمبر Fd(SR-I)1(70)/2001-2009 Karachi Dated: 27-10-2022  تحت سمورن هندو سرڪاري ملازمن کي سندن وڏي ڏڻ “ڏياري” جي موقعي تي 20 آڪٽوبر 2022 تي ايڊوانس پگھارون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن تي حڪومت سنڌ کيرون لهڻي. جيئن ته 20 آڪٽوبر تي ڏياري هجڻ ڪري ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ملازمت ڪندڙ سرڪاري ملازم جيڪي 22 ۽ 23 آڪٽوبر تي ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن سرڪاري موڪل هئڻ ڪري اڳواٽ ئي پنهنجي ڏورانهن علائقن ۽ ماڳن ڏانهن روانا ٿيندا، جڏهن ته حڪومت سنڌ پاران 20 آڪٽوبر 2022 تي خميس جي ڏينهن پگھارون ڏيڻ واري اعلان باوجود اڄ 18 آڪٽوبر تائين ٽريزري آفيس ميرپورخاص پاران سرڪاري هندو ملازمن کي پگھارن جو پيرول نيشنل بينڪ مين برانچ توڙي ٻين بينڪن ۾ نه موڪليو ويو آهي. ان ڏس ۾ اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري، گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، چيف سيڪريٽري سنڌ سهيل احمد راجپوت، اي جي سنڌ، فنانس ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته ميرپورخاص جي ٽريزري آفيس ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان مين برانچ ميرپورخاص جي عملي کي حڪومت سنڌ جي ڪيل حڪم ۽ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي عمل ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي ته حڪومت سنڌ پاران  20 آڪٽوبر تي خميس جي ڏينهن اعلانيل ڏياري جون ايڊوانس پگھارون ڏنيون وڃن ته جيئن ڏورانهن علائقن ۾ رھندڙ سمورا سرڪاري ھندو ملازم ھن مھانگائي ۽ نفسا نفسي واري دور ۾ پنھنجو وڏو ڏڻ ڏياري پنھنجي ٻچن سان گڏ پنهنجي ماڳن تي آساني سان ملھائي سگھن. ڇاڪاڻ ته ٽريزري آفيس ھميشه ھر سال بئنڪن کي پيرول جاري ڪرڻ ۾ دير ۽ ڪوتاهي سبب نيشنل بئنڪ مين برانچ ميرپورخاص جو عملو اھو چئي ھندو سرڪاري ملازمن کي پگهارون ڏيڻ کان انڪار ڪندو آهي ته ٽريزري آفيس پاران پيرول جاري نه ٿيو آهي ۽ ائين کين ڏياري جي خوشين کان محروم رکيو ويندو آهي ان لاءِ تمام بئنڪن کي پابند ڪيو وڃي ته ھو پگھارن دوران اي ٽي ايم مشينون پڻ فعال رکن.

 

پارومل پريمي/ميرپورخاص

اقليتن سان ٿيندڙ ناانصافيون

 

ڪافي عرصي کان اسان جي ملڪ ۽ خاص ڪري صوبي سنڌ ۾ رھندڙ اقليت برادري سان ناانصافيون ٿينديون رھيون آھن، جنھن جو ڪوبه تدارڪ حل ناھي نڪري سگھيو. ڪڏھن ڪٿي پوليس گردي جي بھاني ته ڪڏھن ڪٿي اثر رسوخ ۽ ڇڙواڳ ماڻهن جي ھٿان ڪيئي نياڻين جون عزتون لٽبيون رھيون آھن. ڇا اسان اقليتي برادري ھن پياري ملڪ ۾ رھندڙ ناھيون جو روز روز ڪنھن نه ڪنھن بھاني تنگ ۽ ھراسان ڪيو ٿو وڃي. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ قانون سڀني لاءِ برابر آھي، قانون کان ڪوبه مٿاھون ڪونه آھي. قانون ۽ آئين جي پيروي ڪرڻ ھر ڪنھن جو اولين فرض آھي. خاص ڪري سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ غريب نياڻين کي نابالغ عمر ۾ اغوا ڪري ۽ زوري مذھب مٽائڻ سٺو عمل ناھي. اسين ماروئڙا ڪنھن در ڏيون دانھڙي!

ڪڏھن غريبن جي مال ملڪيت سان ڦرن جون وارداتون ته ڪڏھن ڪنھن سان زمين ٻني جي چڪر ۾ ڪيئي ڦڏا فساد ٿين ٿا، اسان اسان جي چونڊيل نمائندن کي اھا گذارش ڪريون ٿا نه اقليتي برادري سان ٿيندڙ زيادتيون ۽ ناانصافيون بند ڪرايون وڃن اسان کي اسان جا حق آئين ۽ قانون مطابق ڏنا وڃن.

 

گورڌن داس پرمار/کاروڙوسيد امرڪوٽ