بنيادي سهولتن کان محروم ڳوٺ

 

منهنجو ڳوٺ حاجي محمد ابراهيم ڀنڀرو تعلقا و ضلعو سانگهڙ يوسي بهرم بري ۾ آهي. منهنجي ڳوٺ جا ٻه اهم مسئلا آهن، جيڪي حل ڪيا وڃن. اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ پرائمري اسڪول آهي جيڪو 1988ع ۾کليوآهي پر اسان جي اسڪول کي اڄ تائين عمارت نه ملي سگهي آهي. اسان وزيرتعليم وزيراعليٰ  سيد مراد علي شاهه کان ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿا ڪريون اسان جي اسڪول جي واهر ڪئي وڃي ۽ اسان جي اسڪول کي بنيادي سهولت مهيا ڪئي وڃي ته جيئن اسان جي ڳوٺ جي معصوم گلن جهڙن ٻارن جو مستقبل روشن ٿي سگهي ۽ کين علم جي روشني حاصل ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ٿئي. ٻيو اهم مسئلو صرف ٻه ڪلو ميٽر روڊ جو آهي ته جيئن هتان جي گوٺاڻن کي سفر جي سهولت ملي سگهي.

 

محمد رمضان ڀنڀرو/ پيرونمل

سنڌ جي ظالم وڏيرن کي ويچارا مجبور سنڌي مليا آهن!

 

سنڌ جي وڏيرن کي اچي ويچارا مجبور بيوس معصوم غريب اٻوجهه ۽ لاچار سنڌي مليا آهن جن کي هو روايتي مُختلف سحرن ۾ مُبتلا ڪري غلام رکيو ويٺا آهن. غلام به اهڙو جو جنهن کي سمجهاڻي ٿي ڏجي يا ظالم وڏيرن جا ڪرتوت ٿا ٻُڌائجن ته اصل ڪُهاڙي اُڀي ڪريو بيٺا آهن اها سمجهه ۽ خبر هوندي به ته اُهي سندن انگن ۽ سامن ۾ به اکيون وڌل آهن. جي مطلب پورو نٿو ٿئين ته ڪارو ڪاري جي بهاني مائٽن کي ورغلائي کين مارايو ڇڏين. پُڇو انهن کان جن کي هو سندن حويلين ۾ خدمت لا موڪلين ٿا پر غريب بُک ڪري سمجهڻ ئي نه پيو چاهي. انهن وڏيرن سفارشي ايوارڊ ۽ نالو ڏياري پنهنجا درٻاري ليکڪ به ٺاهيا آهن، جن جا اسڪالر به ٻڌل آهي ۽ عام بهترين ليکڪ جيڪو وڏيرن جي اوطاق جو پاڻي نٿو ڀري يا ٻُچ ٻُچ تي پُڇ نٿو لوڏي وڏيرن جا پير نٿو چٽي ته ان کي عادي بڻايو ويندو آهي. جاهل ته ڇڏيو پڙهيل لکيل چوندڙ پروفيسرن، ڊاڪٽرن، مولوين يا سماجي شخصيتن جا به حال پورا آهن مُفت جي ماني ۽ پروٽوڪول ڪوبه نٿو ڇڏي. ٻاهر قوم کي جاڳائڻ جون تقريرون ڪري پردي ۾ ٺري جي محفل. واهه! ڇا ته ٻه رُخي زندگي آهي.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

 

عوام وٽ پوليس جو گراف ۽ ڪم جي ڪارڪردگي

 

ڏوهن ۾ اضافي ڪري پوليس ڪارڪردگي تي سواليه نشان اچي ويندو آهي. پر پوليس جي مسئلن جو اندازو عوام کي گهٽ آهي. پوليس ڊيوٽي ڏيڻ سان گڏ عوام لاءِ انهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هميشه جوابده رهي ٿي. تنهن باوجود به بدامني جو خاتمو نٿو ٿئي. ٻي ڳالهه اها آهي ته اگر ڪنهن ڪم لاءِ حد جي ٿاڻي جو انچارج انڪار ڪندو آهي ته مقامي ۽ سياسي ماڻهو ان آفيسر کي تنگ ڪري ڇڏيندا آهن. پوليس وارن جو ڪوئي ڊيوٽي ٽائم ناهي. اهي 24 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪندا آهن. ٿاڻي جي حد وسيع ۽ نفري گهٽ هوندي آهي. پوليس بااثر جوابدارن کي ناهي پڪڙي سگهندي. پوليس جو هٿ صرف ڪمزورن تي پوندو آهي. پوليس منشيات فروشن ۽ ڏوهه ڪندڙ ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪندي آهي ته طاقتور وڏيرا ۽ حلقي جا چونڊيل نمائندا ۽ سياستدان انهن بااثر ماڻهن کي ڇڏائڻ لاءِ حرڪت ۾ اچي ويندا آهن. جنهن لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پوليس ۾ سياسي مداخلت ختم ٿيڻ کپي. هوڏانهن پنجاب پوليس ۾ به ساڳي صورتحال آهي جتي 25 سيڪڙو ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي. پوليس ڏوهارين آڏو ڄڻ بيوس ٿيو وڃي. تنهن کانسواءِ سياسي سماجي ماڻهن طرفان هر هنڌ ڏوهن تي واويلا الڳ شروع ٿيو وڃي. پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي اچڻ شرط پوليس پگهارن ۾ اضافي جو اعلان ڪيو ۽ هڪ کرب 48 ارب روپيه مختص ڪيا جنهن مان 66 ارب روپيا جاري ڪيا ويا آهن. هيڏانهن سنڌ حڪومت طرفان به پوليس کي وڏو رليف فراهم ڪيو ويو آهي. ان جا اسڪيل وڌايا ويا، تنهن کانسواءِ فنڊن جي فراهمي سان گڏ ان ۾ اضافي لاءِ سنڌ حڪومت ڪوشان آهي. ڳالهه اها آهي ته پوليس کي ڏوهن تي ڪنٽرول ۽ خاتمي ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي تان جو عوام ۾ پوليس ڪم جو گراف بهتر رهي ۽ عوام وٽ پوليس اعتماد ۽ ڀروسي جوڳي سڃاتي وڃي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

قدرتي آفت ۾ تعلقي سنڌڙي جي عوام جي سار لهندڙ مرد مجاهد

 

تعلقي سنڌڙي جي ڪيترين ئي يوسين ۾ ٻوڏ ستايل ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۾  حاجي رفيق احمد سومرو صدر جي يو آءِ سنڌڙي پنهنجو مٽ پاڻ رهيو. جتي اڄ ڏينهن تائين ڪا سرڪاري واهر ڪونه ٿي. نه ڪوئي چونڊيل نمائندو پهتو . سنڌڙي ۾ ڏکايل عوام جي خدمت خاطر رب ڪائنات حاجي صاحب کي هڪ مسيح بڻائي موڪليو جيڪو هن هيڏي ساري خلق جي خدمت ڪرڻ ۾ اڃا تائين جماعتي ليول ۽ ذاتي طور تمام گهڻو مصروف آھي. الله پاڪ هن نيڪ مرد جون ڪيل خدمتون پنهنجي بارگاهه ۾ قبول و منظور فرمائي آمين. حاجي صاحب هن سنڌڙي جي نگري ۾ بهترين ڪردار ادا ڪيو. ڪنهن به مذهبي جماعت کي ڪهڙي به فرقي جي ماڻھو کي نظر انداز نه ڪيو پوري انسانيت سان وقت مطابق دل جمعي سان پيش آيو. اقليت جي لاءِ به نظر آيو. ڏکي انسانيت جي رستي تي پاڻ ڊوڙندو رهيو. هلندڙ خطرناڪ برساتن ۾ ڏکايل ماڻھن جي گهرگهر پهچي راشن ۽ پڪل کاڌو رسايائين.  ڪيترائي هتي سرڪاري ڪامورا رهن ٿا، پر اهو حق ڪنهن جي نظر نه چڙھيو ڪيترن ئي سرڪاري ادارن کي اپيلون ڪيون ويون، پر سنڌڙي انهن جي نظرکان تمام گهڻو اوجل رهيو. وڏيرا اڳواڻ پنهنجو پيٽ ڀريندا رهيا هن ستايل عوام جي ڪابه خدمت ڪرڻ ۾ ويجهو نظر ڪونه آيا. ان وقت حاجي رفيق احمد سومرو ۽ انهن جي پوري ٽيم ئي مظلوم ماڻهن جي مدد ڪئي.

 

ساگرشبيرشر/ ساماروموري

 

سورن ۾ پلجندڙ سنڌڙي

 

اسان جي چوطرف رهندڙ ڪيترائي ماڻهو آھن جيڪي هن وڏي سانحي يعني هن ٻوڏ جهڙي صورتحال ۾ ورتل آھن، جن جي مدد ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي جيڪي اُڃن بکن ۾ پاھ ٿي رهيا آھن. هو اڄ اسان جي هٿن ڏانهن ڏسندڙ آھن. اڪثر ڏٺو ويو آھي ته روڊن تي ويٺل مسڪين ماڻهو، جيڪي ايڏا مسڪين به نه هئا، پر هن هانوَ ڏاريندڙ ٻوڏ انهن کي مسڪيني واري لڪير ۾ آڻي ڇڏيو، جيڪي پاڻ سرندي وارا هئا سي اڄ دربدري واري زندگي گذاري رهيا آھن. اڄڪلھه موسمي طرح سان به ڪجھه مشڪلاتون پيدا ٿيون آھن، ڇو ته سيارو به پنهنجا پر سوئي رهيو آھي ۽ جلد اچڻ وارو آھي ۽ رات جو پوندڙ ماڪ جي ڪري کنگھه، زڪام، بخار ۽ ٻين بيمارين ۾ پڻ اضافو ٿيو آھي. آهسته آهسته پاڻي جي لهرن ۾ به گهٽتائي اچي رهي آھي پر هيٺيان علائقا اڃا به پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن، ليڪن پاڻيءَ ۾ ٻڏل جايون ويرانيءَ جو ڏيک ڏئي رهيون آھن ۽ انهن کي ڏسندي سچ ته اندر مان اڌما اڀري اچن ٿا. اداسين ۾ ورتل مرڪون چهرن کان ڏور آھن جنهن جي ڪري هر ماڻهو ڏک ۾ ورتل آھي. هِن ههڙي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ڪجھه ادارن پنهنجو فرض نڀايو آھي، جنهن جي ڪري هن ڏک جي صورتحال ۾ ڪجھه گهٽتائي ٿي آھي. پر سرڪار اڃا تائين اگهور ننڊ ستل آهي ۽ مسڪين ماڻهو اڄ به سڏڪن جا سر آلاپين پيا. ڏکن جي ور چڙهي ويل سنڌ ۾ توڙي جو سڀ وسيلا آھن، ٿر مان نڪرندڙ ڪارو سون ڪوئلو ۽ ٻي ڪيتري معدنيات جا ذخيره سنڌ ۾ موجود آهن پر پوءِ به سنڌ ههڙي ڏک ۾ جڪڙيل آھي جنهن جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. غريب مسڪين ماڻهو اٽي لاءِ پريشان آھي ۽ ڪڻڪ جو اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. زمينن تي بيٺل فصل ڪپھه، ڪمند ۽ ٻيا فصل هنن نالين جي پاڻيءَ جي ڪري پوري طرح سان تباھ ٿي ويا آهن، جنهن جي ڪري مسڪين هاري ماڻهو تمام مشڪل صورتحال مان گذري رهيا آهن. ان سان گڏ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي گهرج هن محل تمام گهڻي آهي، ڇو ته انسان کي جيئرو رهڻ لاءِ خوراڪ سان گڏ پاڻيءَ جي ضرورت پڻ پوندي آھي. هن وقت نالين جي پاڻيءَ جي ڪري ڪجھه جرَ ڦِٽي ويا آھن جنهن جي ڪري اهو پاڻي کارو ٿي ويو آھي ۽ صاف پاڻي نه هجڻ ڪري پيٽ جي بيمارين ۾ پڻ اضافو ٿيو آھي. هن مسئلي کي حل ڪرڻ جي تمام گهڻي گهرج آھي جيڪا ڪيتريون ئي جانيون بچائي سگهي ٿي. انسانيت جي ناتي هر ماڻهو کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي ڇو ته اسان سڀ هن سنڌ جا آھيون جيڪي سنڌ سان، سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪن ٿا سي هن ڏکئي وقت ۾ سنڌ جي ڏکايل ماڻهن جي مدد لاءِ پاڻ ملهائن. هن ٻوڏ جي ڪري تعليم، زراعت، معيشت کي پڻ وڏو ڌڪ رسيو آهي اسڪولن ۾ ويٺل ماڻهن جي ڪري تعليم وارو سلسلو ڪجھه ڏينهن لاءِ رڪيل آهي ۽ زراعت زمينن ۾ پاڻيءَ جي ڪري ڪڻڪ جي پوکائي ڪٿي ٿيندي ته ڪٿي نه ٿيڻ جهڙي محسوس ٿي رهي آھي ۽ معيشت پڻ داءُ تي لڳل آھي. هر ماڻهو بيروزگاريءَ جهڙي مرض ۾ ورتل آھي، جنهن جي ڪري ڪجھه مونجهارا پڻ زندگيءَ ۾ پيدا ٿيا آھن. پر پنهنجي ڪوشش ۽ رب پاڪ مان اميدون لاهڻ نه گهرجن. اسان کي اميد آهي ته مرجهايل چهرن تي وري جلد مرڪون موٽي اينديون.

 

ناشاد شوڪت شنباڻي

 

۽ وڇوڙو شھر جهڙو آ…!

 

رات جي ماني کائڻ کانپوءِ جڏهن به ٻاهر ورزش تي نڪرندو هئس ته سندس اوطاق ۾ ڪڏهن ٽھڪ پيا وکيربا هئا ته ڪڏهن سندس اوطاق علم ۽ ادب جو مرڪز لڳندي هئي. ڪڏهن ڀٽائي پيو جهونگاربو هو ته ڪڏهن سرويچ، بخاري ۽ اياز تي پيا ويچار ونڊبا هئا. دل ڏاڍي ڇڪ کائيندي هئي ته سنگت سان گڏ ويهي ڪجهه سکجي ۽ ڪجھه لطف اندوز ٿجي پر پاپي پيٽ خاطر رات جو به نوڪري ٿي ڪرڻي پئي. تنهن ڪري سنگت سان گڏ ڪڏهن به ويهڻ جو موقعو نه مليو.

هن جي ڳوٺ جو جڏهن ڪو نوجوان ملندو هو ته سندس گفتگو ۽ خيالن جي اپٽار مان ئي سمجهي ويندو هئس ته هن يار جي تربيت ڦلاڻي اوطاقي سنگت جي ڪري ٿي آھي. ڪافي وقت کانپوءِ نوڪري رات واري شفٽ مان ڏينهن واري شفٽ ۾ تبديل ٿي، سوچيم اڄ اوطاق تي وڃي روح اندر جا حال اوربا ڪجهه ٻڌبو ۽ ڪجهه ٻڌائبو. جڏهن اوطاق تي پهتس ته اوطاق ڪنهن ويران کنڊر جو ڏيک ڏئي رهي هئي. ڳوٺ جي ڪنهن ڳڀرو کان پڇيم هي اوطاق ويران ڇو آھي؟

وراڻيائين يار جڏهن هوءَ هئي تڏهن مرڪون هيون سنگت هئي، اوطاقون آباد هيون هاڻي هوءَ مري وئي آھي. حيران ٿي پڇيم ڪير مري وئي آھي ؟ وراڻيائين محبت مري وئي آھي

 

غلام علي گل ٻجورو

ٻوڏ متاثر ٻارن لاءِ اسڪولي سامان جي درخواست

 

ڳوٺ فوجي فتح محمد لغاري ۾ رھندڙ ٻوڏ متاثر ٻارن کي کُليل آسمان ھيٺ ويھي مفت تعليم ڏئي رھيو آھيان. ھي ڳوٺ سانگھڙ ضلعي جي يوسي مياڻ کان چار ڪلوميٽر اتر طرف واقع آھي. ھتي جا ٻار ٻوڏ جي ڪري تعليم کان محروم ٿي رھيا آھن. مون ھتي رھندڙ  ٻارن لاءِ ھڪ ننڍڙي ڪوشش ڪري پنهنجي ئي گھر ۾ ھڪ اسڪول قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻارن کي مفت  تعليم ڏئي رھيو آھيان جڏهن ته ٻارن کي پڙھائڻ لاءِ ٻه عدد ڪتاب ۽ ھڪ عدد پين ۽ ھڪ ڪاپي مون وٽ  موجود آهي، باڪي ٻارن جا ڪتاب ٻوڏ سبب لڙھي ويا آھن.  ھتي  30 کان 40 ٻارن کي پڙھائڻ لاءِ ٻن ڪتابن سان کوڙ ساريون مشڪلاتون پيش اچن ٿيوم آئون عرض ڪندس ڊي سي سانگھڙ کي ۽ تعليم واري ڊي او کي ۽ سانگھڙ  جي چونڊيل نمائدن کي اسان کي سڀني ٻارن لاءِ الڳ الڳ ڪتاب ڏنا وڃن جيئن ٻار آساني سان پڙھي سگھن. ان سان گڏ  ھڪ تنبو  ۽ ھڪ وائٽ بورڊ ۽ ڪجهه پلاسٽڪ وارين ڪرسين جي به  ضرورت آهي جيئن ٻارن کي پنهنجي ڳوٺ ۾ آساني سان تعليم ڏئي سگھجي.

عرضدار ڳوٺ فوجي فتح محمد جا رھواسي

 

سرفراز لغاري

سنڌي ٻولي سڀني ٻولين جي ماءُ

 

قبل مسيح ۾ پھريان جڏھن ماڻهو ھن دنيا ۾ رھندا ھئا، انھن وٽ ٻولي نه ھئي، انھن عجيب آواز ( جيئن مطلب ڪنھن کي ڌڪ لڳي اھو رريون، ريھون ڪندو ھو يا ڪو ڳورو وزن کڻي چيھاٽ ڪندو ھو، يا وري ڪو پکين جيان آواز ڪڍندو ھو) مان لفظ نڪتا، انھن   لفظن پنھنجي معنيٰ وٺڻ شروع ڪئي. لفظن ملي جملا ٺاھيا، جملن ٻولي کنئي يا (adopt) ڪئي، تڏھن ٻولي جو جنم ٿيو. پر سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ متعلق اسان جا ڪي عالم چوندا آهن ته سنڌي ٻولي پالي مان آئي، ميسوپوٽاميا مان آئي، يا ٻين ٻولين مان ٿيندي پوءِ پوئين دور ۾ سنڌي ٻولي پنھنجو جنم ورتو، جيئن سر گريئرسن نظريو ڏنو آھي: سنڌي ٻولي وراچڊ اپڀرنش يعني بگڙيل اپڀرنش مان نڪتي ۽ اپڀرنش وري شورسيني مان نڪتي، شورسيني وري پالي مان نڪتي، ۽ اھڙيءِ طرح پالي وري پراڪرت، پراڪرت وري سنسڪرت ٻولي مان نڪتي. (Linguistic survey of India)

جيڪر سنڌي ٻولي پالي مان آئي آهي ته جيڪي اسان جا سنڌي مھر ڳڙهه (موجوده بلوچستان) جيڪو 7000 ھزار ق.م قديم آھي، جيڪو سموري دنيا جو مرڪز  رھيو آھي، دنيا جي پھرين ترقي ڪيل  تھذيب رھي آھي، مھر ڳڙهه کي evolution of civilization به سڏڻ ۾ ڪائي هٻڪ نه ٿيندي،  ڇاڪاڻ ته اتي باغ ھئا، سرون ھيون، ڪڻڪ ھئي، ڏامٽا ھئا ۽ ٻڪرين جا نشان مليا آهن. انھن جي ڪھڙي ٻولي ھئي، اھي روز مره جي زندگيءِ ۾ ڪھڙي ٻولي استعمال آڻيندا ھئا، ڇا گونگا ھئا؟ اھي گونگا نه ھئا تنھن مھل ماڻھو ٻوليون ڳالھائيندا ھئا، ۽ جيڪا ٻولي مھر ڳڙهه ۾ ڳالهائي ويندي ھئي اھا  (primitive) سنڌي ٻولي ھئي، پوءِ اسان جا عالم اھو ڪيئن ٿا چئي سگھن ته اسان جي سنڌي ٻولي ڪلھه ڪلھوڪي ٻولي پالي، سنسڪرت يا ٻين مان نڪتي آھي يا شاخ آهي. وري ٻيو ڏسجي موھن جو دڙو جنھن جي ڊرل مشين جي ذريعي کوٽائي ٿي ھئي، جنھن ۾ معلوم ٿيو ھيو ته 59 ھزار فٽ تھذيب ھيٺ ھئي، اھا تھذيب 15000 ھزار سال، 10000 ھزار سال يا 8000 ھزار سال پراڻي نه ٿيندي؟ سنڌي تھذيب (موئن جو دڙو) مٿين تھذيب کان ويهه دفعا وڌيڪ ڀلي آھي، ڇا انھي تھذيب جا خالق ۽ مالڪ گونگا ھئا، نه انھي (سنڌي) ٻوليءِ جا نشان مليا آهن، جيڪا ٻولي اھي ڳالھائيندا ھئا اھا ٻولي primitive ھوندي، ھوندي ته سنڌي ٻولي نه؟ تيئن ئي اسان چئون ٿا ته سنڌي ٻولي سنسڪرت يا پالي جي شاخ مان نه آھي بلڪي پالي يا سنسڪرت سنڌي ٻوليءِ مان يا ان جي شاخ آھي.

سنڌي ٻولي سڀني ٻولين جي ماءُ آھي. قديم سنڌي ٻولي ئي ٻين ٻولين کي جنم ڏنو آھي. ھا اھا به ھڪ حقيقت آھي، ته ھر ٻولي جون پاڙون ٻي ٻولي ۾ کپيل ھونديون آھن، ائين ئي اسان يورپ کنڊ  رومين (اسان (سنڌي) ٽي سئو سال روم ۾ رھيا آھيون)  اٽالين  کي ٻوليون ڏنيون آهن، موجوده دور جون ٻوليون جيئن ABC به اسان جي ٻولي تان ورتل آهي، جيئن اسان جي موجوده ٻولي سنڌي ۾ ڪيترائي لفظ ڌارين ٻولين مان ورتل آھن، مثال فارسي، عربي، انگريزي، اردو وغيره، ۽ اردو ٻولي جيڪا مڪمل لشڪري ٻولي (mixture of    words and language) آھي، جيڪا ھندڪو، فارسي، ترڪش، سرائيڪي وغيره جي لفظن تان کنيل آھي. موجودہ  سنڌي ٻولي مڪمل اکرن (52) لھجن (اترادي، لاڙي ۽ ٿري) تي مشتمل آهي، سنڌي مادري ٻولي جي تاريخ کي اسان مٿي بيان ڪري آيا آھيون ته اھا 15000 ھزار ق.م  يا 10000 ھزار ق.م  ۾ ڳالھائيندي ملي پئي، مادري ٻولي ڪھڙي ٻولي کي چئبو آھي؟ سگمنڊ فرائيڊ جي چواڻي ته: اسان خواب انھي ٻوليءِ ۾ ڏسندا آھيون جيڪا اسان جي مادري ٻولي ھوندي آھي.

وري اچو ته ڏسون ريڊ انڊين  جيڪي ھتان (قديم ماٿري تھذيب سنڌو) کان آمريڪا ويا ھئا، جنھن قوم جو تاريخ ۾ عبرتناڪ حشر ڏسجي ٿو، اھي روز مره جي زندگيءِ ۾ primitive ٻولي استعمال ڪندا ھئا، ريڊ انڊين ڪير ھئا، ولڊيورانٽ مطابق ريڊ انڊين (ڳاڙھا ھندستاني) سنڌي ھئا (ڪتاب آمريڪا جا سنڌي ولڊيورانٽ)، اھي به (سنڌي) ٻولي استعمال ڪندي ڏسبا، جيڪا ھن مهل آمريڪي ٻولي سڏجي ٿي. مادري ٻوليون ڪٿي پلبيون ۽ نپبيون آھن؟ مادري ٻوليون تھذيبن مان جنم وٺي شھر  مان پلجندي ڳوٺ  ۾ مورچا ٺاھينديون آھن. مطلب ٻوليون تھذيبن ۾ ڄمي بانبڙا پائي ھلڻ سکي پوءِ ٻين ٻولين ڏانھن سفر ڪنديون آهن.

 

مزمل انڍڙ

ضمني اليڪشن جو نتيجو ۽ سياسي پارٽين جو سوچڻ

 

اسان جي ملڪ ۾ اليڪشن کي متنازع بڻائڻ جو سلسلو هلندو پيو اچي. ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيتريون به اليڪشنون ٿيون آهن انهن اليڪشنن ۾ ڪنھن به پارٽي پنهنجي هار کي قبول ناهي ڪيو ۽ انهن سياسي پارٽين هڪٻئي تي ڌانڌلي جا الزام پڻ هنيا ۽ اڪثر پارٽين پاران اسٽيبلشمينٽ تي به الزام پڻ لڳايا پر اڄ تائين ڪا به سياسي پارٽي ڌانڌلي يا اسٽيبلشمينٽ تي لڳل الزام ثابت ڪري نه سگهي آهي. بس احتجاج ڌرڻا ڪجھه ڏينهن ڪري وري ڪنڊ ۾ ماٺ ڪري ويهي رهندا آهن ۽ اهو سلسلو به عجيب سلسلو آهي جيڪو پنجهتر سالن کان جاري آهي پر ڪنهن به سياسي پارٽي ان ڌانڌلي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کي روڪڻ لاءِ پارليامينٽ مان ڪو سگهارو نظام نه آڻي سگهي. ان جا سبب ڪهڙا آهن اهو ته سياسي پارٽين سان گڏوگڏ عام ماڻهو به ٻڌائي سگهي ٿو. اسان جا سياستدان ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ بدران پنهنجي ذات جو وڌيڪ سوچن ٿا ڇو ته پنجهتر سالن ۾ جيڪي به اليڪشن ذريعي پارليامينٽ پهتا انهن شاھي خرچ ڪري ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ٻوڙي ڇڏيو! تازو ضمني اليڪشن ٿي گذري جنهن ۾ پي ٽي آءِ واضح اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي ۽ پ پ پ ٻه ن ليگ هڪ سيٽ کنئي ان ڳالھه مان صاف ظاهر آهي ته سڀ پارٽين جا اتحاد ملي به عمران خان کي هارائي نه سگهيا. جيئن سنڌ ۾ سڀ پارٽيون ملي اتحاد ڪرڻ جي باوجود به پيپلزپارٽي کي نٿيون هارائي سگھن. ان جو سبب ڇا آهي اهو سڀ ٿا ڄاڻڻ گهرجي ته سنڌ جي شهري آبادي آهستي آهستي پيپلزپارٽي جي هٿن مان نڪرندي پئي وڃي. ان جو سبب اهو آهي ته شهري ماڻهو پڙهيل لکيل آهن ان ڪري انهن کي حق نه ڏيڻ سان ماڻهو باغي ٿيندا پيا وڃن، ان ڪري 2023 واري اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي سميت ٻين پارٽين کي پي ٽي آءِ جي مقبوليت پريشان ضرور ڪيو آهي ھاڻي ڏسجي ته 2023 ۾ اٺ ڪهڙي پاسي پاسو بدلائي ٿو.

 

دليپ آزاد عمرڪوٽ