استاد ولي الله مهيسر جون تعليمي خدمتون

 

استاد قوم جي تبديل ڪندڙ اھم مورچا آھن جيڪي پنھنجي قابليت ۽ محنت سان سڃاتا وڃن ٿا. انھن استادن مان پروفيسر ولي الله مھيسر به ھڪ آھن. پاڻ علمي ادبي قداور شخصيت آھن. سندس سمجھاڻي ۽ ٽيچنگ طريقيڪار تمام بھترين آھي. سندس محنت جاکوڙ وسارڻ جوڳي نه آھي. انسان پھاڙ کي پاش پاش ٽڪرا ڪري سگھن ٿا، هن CSS جو اتحان به پاس ڪيائين پنھنجي محنت کي جاري ساري رکيائين. پنھنجي پروفيشن سان سچو رھڻ ڪري زندگي تڪليف مان گذري آھي، پر پاڻ پھاڙ ٿي زندگي جو سفر جاري ساري رکيو آھي سندس جنم اباڻي ڳوٺ سڄڻ مھيسر ۾ 1-1-1967ع تي ٿيو. مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول  1981ع ۾ پير ڳوٺ مان ڪئي. انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر مان 1983ع ۾ ڪئي ايم اي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي مان انگلش ۾ ڪئي. ھن وقت ايسوسيئيٽ پروفيسر طور گورنمينٽ سپرئير سائنس ڪاليج ۾ پڙھائي رھيا آھن. روھڙي ڪاليج ۾ پرنسيپل جي عھدي تي رھيا. پروفيسر ولي الله مھيسر انگريزي ادب سان گڏ تاريخ ادب سان دلچسپي رکي ٿو ۽ سندس ڄاڻ مان نه صرف شاگرد پر استاد به فيضياب ٿين ٿا. پاڻ ڪاليج ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ مختلف موضوعن تي سيمينار ۽ ليڪچر ڏيندا رھن ٿا، شاگردن جي لاءِ اتساھيندڙ ڪردار آھن. سندن چواڻي ته جڏھن کان خانگي ادارن جو وجود ٿيو آھي ته سرڪار تعليمي ادارن کي ڌڪ رسيو آھي منھنجي شاگردن کي التجا ۽ پيغام آھي تعليم حاصل ڪريون ۽ ڊگريون نه وٺو پر ڄاڻ حاصل ڪريو.

 

ساگر شفيق وساڻ /ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

هڪ شهر جي ڪهاڻي

 

گندي پاڻيءَ جي دُٻي جهڙي شهر ۾ ڪيڙن وانگر آهن سڀ ماڻهو، هتي زندگي خوفزده چُوهي وانگر ڊڄي ٿي، موت جي ٻليءَ کان هتي زندگيءَ جي اکين ۾سهڻي مقصد جو ڪجل پيل ڪونهي پر انهن ۾ چپيون پيل آهن، بيحسي ۽ سمجھوتي جو ماستر هر روز اسڪول وڃڻ کان اڳ بستر ۾ ئي چاهي ٿو، ته ڪا هڙتال ٿئي ۽ اسڪول بند ٿئي. پوليس وارو قانون جي چهري تي گهروڙي ڏنل بُجي جهڙو آهي.

طوائف سِکي چُڪي آهي پنهنجو ڌيان جسم تان هٽائڻ جو فن ۽ هوءَ برداشت ڪري سگهي ٿي هر مرد کي. هن لاءِ هر مرد هڪ جهڙو آ جيئن ڊاڪٽر لاءِ هر مريض. خوابن ۾ به پوپٽ پڪڙيندڙ ننڍڙا ٻار جنسي تشدد جي خنجر لڳڻ سان هميشه لاءِ، روحاني گهاءَ کڻي گهمن ٿا، جمعي جي نماز تي ويندڙ ڪلف ڪپڙن وارو شخص پنندڙ ٻار کي لت هڻي عبادت لاءِ وڃي ٿو. هتي سيڪس پيار تي حاوي آهي. نوجوان نشي، نارين ۽ نوٽن لاءِ بيچين آهن. هو نوجوانيءَ واري خوبصورت عمر ۾، هڪ ڏينهن به سڌاري جو سپنو نه ٿا ڏسن ڇوڪريون نه ٿيون سمجھن آزاديءَ جي معنيٰ، پوڙها موت لاءِ مشق ٿا ڪن، سياستدان عوام کي بيوقوف بڻائن ٿا ۽ عوام به هر دفعي وانگر بيوقوف ٿيڻ لاءِ بلڪل تيار آهي، هر پيشو ڪندڙ پنهنجي پيشي کي صرف پئسي ڪمائڻ جو ذريعو سمجھي ٿو، ۽ ان لاءِ “ڪرپشن” کي فخر سان،“پروفيشنلزم” چئي ٿو، پر هن شهر جو سچو ۽ ذهين ماڻهو ڪجهه به نه ڪري سگهڻ جي ڏک کان بيزارٿي، خودڪشي ٿو ڪري سمنڊ ۾ ۽ سمنڊ ان ماڻهوءَ جي دل پنهنجي سيني ۾ رکي، بيچينيءَ ۾ سدائين ڇلندو ٿو رهي ڇُلندو ٿو رهي.

 

ابراهيم لنڊ /ڪلوئي ٿرپارڪر

 

نثري نظم ۽ آزاد نظم ۾ بنيادي فرق

 

نثري نظم ۽ آزاد نظم ۾ بنيادي فرق ڪهڙو آهي؟ انهن جون فني ۽ فڪري خوبيون ڪهڙيون آهن؟ آزاد نظم وزن بحر ۽ قافيي جي لحاظ کان واقعي آزاد آهي يا پابند؟ عروضي لحاظ کان آزاد نظم جا ڪهڙا قاعده آهن؟ ڇا نثري نظم ۾ هم آهنگي، ردم ۽ موسيقيت جو هجڻ ضروري آهي؟ ڇا بي هر ترتيب سٽن کي نثري نظم يا آزاد نظم چئي سگهجي ٿو؟ هي اهي سوال آهن، جيڪي اڪثر سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي شاعرن، خاص ڪري شاعريءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيندڙ سيکڙاٽ شاعرن پاران اٿاريا ويندا آهن.

نثري نظم ۽ آزاد نظم، اصل ۾ شاعري جون ٻه اهم خصوصيتون آهن. جن ۾ خيالن ۽ احساسن جو اظھار، آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو، جنهن سبب جديد سنڌي شاعريءَ ۾، شاعريءَ جا هي ٻه جديد منفرد نمونا ثابت ٿيا آهن، جن کي احساسن جي گهرائي ۽ وسيع خيالن جي اظھار، مقبوليت ڏني آهي. ڇو ته هنن ٻنهي نمونن ۾ قافيي، رديف ۽ شاعريءَ جي ٻين بندشن کان آزادي مليل آھي. آزاد نظم ۽ نثري نظم جي وچ ۾ بنيادي فرق فن جو آهي، جنهن کي نظر انداز هرگز نه ڪرڻ گهرجي. پر عام طور تي اسان وٽ ادبي حلقي ۾ ائين ٿو سمجهيو وڃي، ته نثري نظم توڙي آزاد نظم، ٻنهي ۾ بحر وزن، رديف ۽ قافيي، آهنگ، موسيقي ۽ ردم جي پاپندين کان شاعر کي مڪمل آزادي مليل آهي. ان جو مطلب هرگز اهو ناهي، ته بي ترتيب نثر کي نثري نظم يا آزاد نظم جو نالو ڏنو وڃي.

نثري نظم کي شاعريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ شاعريءَ جو عام ۽ اثرائتو روپ سمجهيو وڃي ٿو. نثري نظم مان مراد اهڙي شاعري آهي، جيڪا وزن، بحرن، رديف ۽ قافي جي پابندين کان آزاد ۽ بي ترتيب سٽن ۾ لکيل ته هوندي آهي. پر ان ۾ شاعراڻو انداز ضروري آهي. ان ۾ وزن، بحر، رديف ۽ قافيي کان سواءِ، نظم جون سموريون خوبيون کڻي نه به هجن، پر ان ۾ اندروني آهنگ ۽ نغمگي جي زاوين جو هجڻ لازم آهي، جيڪي موسيقيءَ جو احساس پيدا ڪن ٿا. نثري نظم جون سٽون گهٽ وڌ هونديون آهن، ايئن کڻي چئجي ته پدن جي صورت ۾ هونديون آهن، جن جو انتخاب شاعر جي خيالن جي پيشڪش تي منحصر هوندو آهي.

آزاد نظم مان مراد شاعريءَ جو اهڙو منفرد نمونو آهي، جيڪو شاعريءَ ۾ نوان تجربا ڪرڻ ۽ پنهنجن خيالن ۽ احساسن کي منفرد انداز ۾ بيان ڪرڻ جو هڪ خوبصورت قسم آهي. آزاد نظم شاعريءَ جو هڪ اهڙو روپ آهي، جيڪو شروع کان پڄاڻيءَ تائين، بحر تي لکيو ويندو آھي، پر ان جي سٽن ۾، استعمال ڪيل بحر جي ارڪان جو، ڪو به تعداد مقرر ٿيل نه هوندو آھي. اهو شاعر جي فني قابليت تي منحصر آهي، ته هو پنهنجن خيالن ۽ احساسن کي بيان ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ، ضرورت مطابق، هر سٽ ۾ گهٽ وڌ ارڪان استعمال ڪري سگهي ٿو.

فڪري حوالي کان انهن صنفن ۾ ڪو خاص فرق ناهي. پر اها ڳالهه طئي آهي، ته نثري نظم ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ خيال سمائي سگهجن ٿا، پر آزاد نظم ۾ نه. آزاد نظم شروع کان آخر تائين هڪ ئي خيال تي لکيو ويندو آهي. جيڪر ڪنهن شاعر ۾ انهن ٻنهي صنفن جي فني توڙي فڪري پاسن سان نڀاءَ ڪرڻ جي قابليت آهي، ته انهن صنفن ۾ ناول به لکي سگهي ٿو.

 

حنيف سوڍر

 

ميھر جي جوڌن بند بچايو مڃٺ جي جوڌن ضلعو بچايو

 

ميھڙ  جي جوڌن جوانن جي لاءِ ھر ڪو لکي ٿو ته انھن سر تري تي رکي بند بچايو، جيڪي تعريف جا حقدار آھن. مگر ميھڙ جي بند کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال مڃٺ جي ايم ايس بچاءُ بند جي ھئي، جنھن ۾ خاص ڪري ڳوٺ ڪريمداد کوسي  جي جوڌن جوانن ڪمزرو بند جي مالڪي ڪري بند بچايو. دريا مان پاڻي پھچڻ شرط بند کي روڻيون پوڻ شروع ٿي ويون ته نوجوانن ۾ زوار، غلام خليق، سراج، سفير، امجد، اسرار، خورشيد فراز، حاجن ۽ ٻين روڻ جي اڳيان پنھنجو سينو پيش ڪيو ۽ ڪوڏرن سان روڻ بند ڪئي. اتي بيٺل انجئير پڻ نواجوانن جي ھمت ڏسي ساراھيو ته جيڪو ڪم انھن کي ڪرڻ گھرجي اھو ھي نوجوان ڪري رھيا آھن، ٻيو واقعو ٿيو ته جڏھن ھڪ ھمراھ جو مال لڙھي ويو پاڻي ۾ ته  نوجوان غلام خليق جنھن 2 ڪلاڪ مسلسل دريا ۾ تري ان جو مال بچايو. ٻوڏ صورتحال سبب نوجوان زوار کوسو جي سربراھي ۾ ھڪ ٽيم ڪم رھي ھئي. اھي ئي نوجوان پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻھن کي پڻ محفوظ ھنڌن تي پڄايو ۽ بندن جي نگراني ۾ ڏينھن رات ھڪ ڪري بند کي مضبوط ڪيو. ھينئر تائين پڻ انھن نواجوانن جي انتظاميا طرفان ڪابه سهائتا نه ڪئي وئي آھي ۽ نه ئي انھن کي تعريفي سند ڏني وئي آھي لڪين اڄ اسين محفوظ آھيون مڃٺ کان نوشھري تائين ته ان جو ڪريڊٽ انھن نوجوانن ڏانھن وڃي ٿو. انتظاميا کي گذارش آھي ته اھڙن نواجوانن جي حوصلا افزائي ڪري انھن کي انعام سان پڻ نوازيو وڃي.

 

اظھر کوسو/ڪنڊيارو

منافقت دنيا جي غليظ حرڪت‎‎

 

منافقت بابت ھر ڪنھن جي پنھنجي سوچ، ويچار يا نظريو آهي! نه صرف منافقت پر ھر معاملي تي مختلف سوچ رکڻ سڀ ڪنھن جو بنيادي حق آهي. منافقت بابت منھنجو نظريو اھو آھي ته ڪنھن کي به منافقت نه ڪرڻ  کپي پر خصوصن ٻچڙيوال کي ته اصل نه ڪرڻ گهرجي. ڇو جو توهان جنھن سان به منافقت ڪيو ٿا ته  يقينن ان جي دل ڏکايو ٿا ائين نه ٿئي جو ڪنھن جي دل آزاري يا ڪنھن جي آھ جي سزا توهان جي ٻچن کي الله سائين ڏي. ڇو جو منافقت يا دل آزاري جي سزا ﷲ سائين جسماني نه پر روحاني ڏيندو آهي. مان به  ڪجھ نادان دوستن جي منافقت جو شڪار رھيو آھيان. پاڪ پروردگار جي ذات ۽ منھنجا ويجها دوست ڄاڻن ٿا ته مان انھن منافقن کان سٺي طرح بدلو  وٺڻ جي سگهه رکڻ باوجود ھر دفعي مون انھن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. منھنجو ايمان آهي ته منافق ھميشه خوار خراب ھوندو آھي ۽ اھو ڪڏھن به سڪون ۾ نه ھوندو آھي. ﷲ سائين ئي انھن منافقن کي بهتر  ۽ مناسب سزا ڏيڻ وارو آهي .

 

شُعِيبُ احمد جاگيراڻي/لاڙڪاڻو

 

منشيات هٿان يرغمال بڻيل سنڌ جو سماج!

 

انسان، انسانيت، جذبا ۽ احساس سڀ پئسي جي هيٺان دٻجي دفن ٿي چڪا آهن. جنهن کي ڏسو ان پئسي جي ڊوڙ ۾ ايترو ته انڌو ٿي چڪو آهي جو اهو هر قيمت تي ان کي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.آهي اسلامي جمهوريه پاڪستان پر شراب وڪامي رهيو آهي جواز اهو ٿو ڄاڻايو وڃي ته غيرمسلمن جو اهو حق آهي ته کين سندن مذهب مطابق رياست کين شراب مهيا ڪري ڏئي. غير مسلمن کي ٻيا سڀ سندن حق رياست ڏئي چڪي باقي شراب جو حق ئي رهجي ويو هو، جيڪو انهن کي مهيا ڪري ڏنو ويو آهي. پهرين ڳالھه اها ته اهو مذهب جي نالي تي سراسر بهتان آهي. دنيا جي ڪنهن به مذهب ۾ شراب استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي. ٻي ڳالھه اها ته غيرمسلمن کان وڌيڪ مسلمان اهو شراب استعمال ڪن ٿا، اصل پئسي ڪمائڻ جو مسئلو آهي جو ان گندي ڪاروبار ذريعي ڪيترائي ڪک پتي رات وچ ۾ لک پتي بڻجي ويا. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪر سڀاڻي ڪنهن به مذهب سان تعلق رکندڙ اهو چوي ته سندس مذهب ۾ ماڻهن کي ڪهڻ جائز آهي ته ڇا رياست ان جو اهڙو مطالبو مڃي وٺندي؟ اڄ جيڪي انتها پسند ماڻهن کي بمن سان اڏائي رهيا آهن انهن جي نزديڪ به سندن هٿ ٺوڪي مذهبي تشريح موجب اهو ڪم مذهب مطابق آهي. حڪومت کي واقعي عوام جي زندگين جو ڪو فڪر آهي ته سڀ کان پهرين ولايتي شراب جي انهن سمورن گتن کي بند ڪري ڏيکاري روزانو اخبارن ۾ عوام طرفان اهڙن سماج دشمن ڪاروبارن جي باري ۾ رڙيون ڪيون وڃن ٿيون اخبارون اداريا لکي لاڳاپيل عملدارن جو ڌيان انهن معاملن ڏانهن ڇڪائينديون رهن ٿيون ڪيترن ئي هنڌن تي ماڻهن طرفان مظاهرا به ڪيا وڃن ٿا پر ڪنهن جي ڪن تي جون نٿي سري جو يا ته اهي عملدار خود انهي ڪڌي ڪاروبار جا سرپرست آهن يا وري اها مافيا ايترو ته مضبوط آهي جو انهن جي خلاف قانون جا پير ڏڪڻ لڳن ٿا، سالن کان اهي منشياتي دهشتگرد نوجوان نسل جون زندگيون برباد ڪندا ۽ ڪيترائي گھر اجاڙيندا رهيا آهن.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

حالتون ھميشھ ھڪجھڙيون ناھن ھونديون!

اڪثر اسان ڪنهن به عمل جي شروعات ڪرڻ لاءِ موزون وقت ۽ بھتر حالتن جي اچڻ جو انتظار ڪندا آھيون. ته جيئن حالتون سئو سيڪڙو اسان جي حق ۾ ھجن ته پوءِ ئي اسان ڪو قدم کڻون. اسان جو اھو بھتر وقت ۽ حالتون سئو سيڪڙو پنهنجي حق ۾ هئڻ وارو خيال ھڪ خيال ئي آهي، جڏهن ته زميني حقيقتون، وقت جا لاھا چاڙھا ۽ حالتون ڪڏهن به سئو سيڪڙو انسان جي حق ۾ ۽ ھميشھ ھڪجھڙيون ھجن اھو ھن انفرادي مفادن جي ڊوڙ واري معاشري ممڪن ئي ناهي. ڪو شخص اھڙي خوشفھمي جو شڪار ٿئي ٿو ته انھي کي ھڪ گھڙي پنهنجي ماضي تي به نظر ڪرڻ گھرجي ته ڀلا ماضي ۾ ڪڏهن حالتون سئو سيڪڙو سندس حق ۾ ھيون؟ ڇا اسان جڏهن به ڪنهن ڪم جي شروعات ڪئي آهي ته اسان کي حالتن جي مخالفت کي منهن ناهي ڏيڻو پيو؟ جو ھاڻ به پاڻ انهي انتظار ۾ ويھي پور پچايون ته اسان ڪو به قدم تڏهن کڻنداسين جڏهن سڄو سماج پنهنجي انهي قدم کي ساراهيندو ۽ پاڻ کي سماج جي ناڪاري ڳالھين جو ڳٽ ڳچي ۾ نه پائڻو پوندو؟ ڀلا اھو به ضروري آهي ته سڄو نظام، وقت جا وھڪرا ۽ حالتون ھر وقت اسان جي ئي حق ۾ ھجن؟ ھي زندگي ”ڪڏهن ڀري ته ، ڪڏهن ڀاڪر“، انسان کي ھن دنيا ۾ قدم قدم تي ڪنڊا لتاڙي وڌڻو ٿو پوي، ھي زندگي انسان لاءِ ڪا گلن جي سيج ته  ناهي اسان کي سماج جي بي رحم روين، حالتن جي حادثن ۽ اداس موسمن ۾ گھلندڙ ھوائن جو رخ ھميشه پنهنجي حوصلي، جرئت ۽ اڻٿڪ جدوجهد سان ئي پنهنجي حق ۾ موڙڻو پوندو آهي. ڪڏهن انسان کي حالتون تبديل ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ گھرجن ته ڪڏهن وري حالتن سان گڏ پنهنجي پاڻ کي تبديل ڪرڻ گھرجي. باقي جنون عشق جي حد تائين ڪنهن به کنيل قدم سان سچائي99.99 سيڪڙو اسان جي خلاف بڻيل حالتن کي به رڳو اھو پنهنجي منزل سان سچائي وارو 1 سيڪڙو ولولو انهن حالتن کي سئو سيڪڙو انسان جي حق ۾ بدلائڻ جي سگھه رکي ٿو. تنھنڪري صحيح وقت ۽ بھتر حالتن جو انتظار ڪرڻ بدران ڇو نه انسان زندگي جي انهن رھزن راھن جو راھي بڻجي سندس خلاف بڻيل حالتن جو ھر ممڪن حد تائين مقابلو ڪندي انهن حالتن کي پنهنجي حق ۾ آڻڻ لاءِ ڪا جاکوڙ ڪري ته جيئن وقت سر ھو پنهنجو منزل ۽ مقصد ماڻي سگهي.

 

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

سنڌ جو پرائمري استاد ۽ تعليمي  پاليسيون

 

سنڌ جا نوجوانو  استادو شاگردو سوشل ورڪرو صحافيو سماج سڌارڪو ! هي جيڪي توهان ڪاريون پٽيون ٻڌي اسڪولن ۾ تدريسي عمل ۾ مشغول شخصيتون ڏسو پيا هي ڪي جن غيبات يا ڪا ٻي مخلوق  ناهن پر سنڌ جا پرائمري استاد آھن، جيڪي  تعليم يافته، يونيورسٽيز ڊگري هولڊر، ڊبل ڊبل ماسٽرس ڊگري هولڊرز، ايم اي، ايم ايڊ، پي ٽي سي، سي ٽي، اي ڊي، بي ايڊ، بيچلر آف انجنيئرنگ، ماسٽر آف بزنس ايڊمنسٽريشن،  پبلڪ ايڊمنسٽريشن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ اسپيشلائيزيشن (ڪيترائي استاد ايم فل، پي ايچ ڊي آھن ۽ ڪيترائي ايم فل پي ايچ ڊي جا شاگرد آھن ) پر هي ڪاريون پٽيون ٻڌي اسڪولن ۾ پڙھائڻ سان سنڌ واسين، سنڌ سرڪار، تعليم کاتي جي  ماهر پاليسي ميڪرن ۽ استادن جي تنظيم پ ٽ الف جي ڪرتا ڌرتا، وڏيرن، پيرن، سردارن، رئيسن، خانن، اڳواڻن  کي پنهنجي لاچاري بيوسي  ڏيکاري رهيا آھن ته ڇا اسان تعليم يافته ٿي پرائمري استاد ٿي ڪهڙو ڏوھ ڪيو ڪهڙو گناھ ڪيو  جو سنڌ ۾ پرائمري استاد جو گذريل 76 سالن کان ڪنهن به ترقي جو، مستقبل جو ڪيڊر اسٽرڪچر ناهي جيڪو جتي ڀرتي ٿئي ٿو اهو اتي ئي پيسجي پيسجي  سالن کان پوءِ نالي ماتر ٽائيم اسڪيل ۾ اچي  وري ڀرتي ٿيل 9 گريڊ جي مراعتن سان رٽائرڊ ٿي وڃي ٿو. هي پرائمري استاد اذيتن ۾ مرڻ نٿا چاهين، هي چاهين ٿا ته تعليم کاتي جي ٻين سيڪشن مثلن سيڪينڊري سائيڊ ڪاليج سائيڊ جيان پرائمري ۾ سهولتون هجن. استاد جو بهتر ڪيڊر گريڊ اسٽرڪچر هجي استاد ٽائيم به ٽائيم ترقي ڪندو اڳين ڪيڊر ۾ وڃي ڪيڊر گريڊ موجب پگهار وڌي جيئن زماني جي حالن موجب معاشي حالتن کي  بهتر ڪري سگهجي . سنڌ جي لاچار بيوس  پرائمري استاد جو آواز بڻجو جيئن  سنڌ جو استاد آباد رهندو ته سنڌ جو بنيادي تعليمي سرشتو پرائمري به ترقي ڪندو.

محمد پريل گهوٽو

دلبر ڪيئي دُوري….!!

 

ٿر جي ڀلوڙ راڳي ڀڳت بصر، مٺو ڀڳت، دلبر موتياڻي ۽ حنيف ڪنڀر جي اوچتي وڇوڙي تي پونئرن سان تمام گهڻو ڏک جو اظهار ڪجي ٿو…هميشه جيان بازار بند ڪري .. افسوس ۽ مذمت ڪري وري ڪجھه ڏينهن کانپوءِ وري ڪي لاش اسان کي ملندا ۽ اسان وري به افسوس ۽ مذمت ڪندا رهندا سين. انهي کان اڳتي اسان جا هٿ نٿا پُڄن. بظاهر  ٿر هڪ لاوارث خطو آهي ۽ اُتان جا رهواسي ايتري آساني سان ماريا وڃن ٿا جن جو ڪو به داد فرياد نٿو ٿئي. 19 اپريل 2019 تي اي سي ڪوچ 9 ماڻھو ماريا هئا. انهن سان جي انصاف ٿئي ها ته شايد ڪلھه اسان کان گويا ڪلاڪار ائين ئي نه وڇڙن ها. هميشه موت لکي جو ليک سمجهندڙ ماڻھن کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي. ماڻھو اي سي ڪوچن جي سفر کان خوف جي ڪري ٽيڪسيون ڪن ٿا. اي سي ڪوچون وري به ڪنڌ ۾ پون ٿيون. ايندڙ ڪنهن حادثي کان بچاءُ لاءِ سڀ کان پهرين انهن ڊرائيورن ۽ مالڪن کي سخت سزائون ملن ته من ڪو حل نڪري پوي. ڊرائيور بهترين روڊن تي تيز رفتاري جا مقابلا ڪري ڪيترا گهر اُجاڙي ڇڏين ٿا. ڪٿي ڪو پڇڻ وارو ڪونهي. بازارون بند ڪريو نه ڪريو، ڊرائيورن جي گرفتاري ۽ سزائن جو نه صرف مطالبو ڪريو پر گرفتاري تائين رستا بند ڪريو. ياد رکو انهي کي معافي ڏيڻ ٻئي ڪنهن جو گهر اُجاڙڻ جي برابر آهي. وري به ڪلھه وارو واقعو تمام گهڻو ڏکوئيندڙ آهي. ايشور پنهنجي چرنن ۾ رکي. پونئرن کي صبر عطا ڪري. سرُن ۽ سازن جا روح جيڪڏھن ايئن پرواز ٿيندا رهيا  ته پوءِ اسان وٽ جيئڻ جو ٻيو ڪو جواز نه رهندو.

ستسنگ ته سوين ٿيندا

باجي تي بصر جي صدا

وري هاڻ ڪڏھن ٻڌُبي.

دلبر کانسوا دلا

پيا روز ڪئين وڄندا

پر ڌُن اُها ڌوڻي

وري هاڻ ڪڏھن ٻڌُبي……!!

 

جمن لعل آسواڻي/ نهٽو، ٿر

نوري آباد واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي

 

ڪراچي کان خيرپور ناٿن شاهه ويندڙ ڪوچ نوري آباد ويجھو اي سي سرڪٽ شارٽ ٿيڻ سبب باھ حادثي جو شڪار ٿي وئي، نيتجي طور ھڪ ئي ڳوٺ جا 18 ڀاتي سڙي رک ٿي ويا. ڪيترائي مسافر شديد زخمي پڻ ٿيا. ٽراسپورٽ واري وزير يا سنڌ حڪومت فوتين جي وارثن سان ڪا مالي سھائتا نه ڪئي نه ئي نجي اسپتالن ۾ زير علاج زخمين جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو پيو وڃي. معلوم ٿيو آھي ته حادثو ڪوچ ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو. بقول بچي ويل مسافرن جي ته شروعاتي طور گاڏي جي پوئين حصي مان دونھون اٿيو. اسان ڊرائيور کي ٻڌايو پر ڊرائيور فوري طور گاڏي روڪڻ بجاءِ مرضي سان ان وقت گاڏي روڪي جڏھن باهه مڪمل طور گاڏي کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. جڏھن ته ھنگامي طور فائربرگيڊ گاڏيون نه پھتيون وڏي دير کان پوءِ فقط ھڪ فائربرگيڊ گاڏي پھتي.  نه فوري طور زخمين کي اسپتال پھچايو ويو نتيجي طور 18 ڀاتي اجل جو شڪار ٿي ويا. ذميوار اختيارن کي گھرجي ته نوري آباد حادثي جي شفاف جاچ ڪري واقعي ۾ غفلت جو مظاھرو ڪندڙ ڪوچ ڊرائيور ۽ مالڪ کي قانوني ڪٽھڙي ۾ بيھاريو وڃي، کين سخت سزا ڏني وڃي، جيئن آئنده اھڙا اڻوڻندڙ واقعا پيش نه اچي سگھن.

 

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي