تعليم کان محروم مستقبل جا معمار!

 

غربت جي لڪير کان هيٺ جي زندگي گذاريندڙ هي سنڌ جا معصوم ٻارڙا گندگيءَ جي ڍير تان ڪلهن تي رکيل پاچڪن ۾ ڪچرو ميڙي ڏکايل ننڍپڻ جي گذرندڙ وقت جي اڳيان جبل جيان بيٺل آهن، هي معصوم جڏهن صبح جو سوير پاچڪو کڻي گند ميڙڻ نڪرندا هوندا تڏهن هنن اڳيان گذرندڙ امير ماڻهن جا ٻار ڏسي هنن جي دل ۾ ضرور اهو سوال اٿندو هوندو ته ڪاش اسان به اسڪول وڃو هان ۽ پڙهي لکي سگهون هان، جڏهن هنن جي امڙ پنهنجي جگر جي ٽڪڙن کي ايئن پاچڪن سوڌو ڏسندي هوندي ته يقينن سندن امڙ جون اکيون گهڙي پل لاءُ ڳوڙهن سان تار ٿي وينديون هونديون پر جڏهن هنن مسڪرائيندڙ چهرن جي مرڪ مٿان قربان ويندڙ ماءُ پنهنجي گهر ڏانهن نهاريندي هوندي تڏهن خاموش ٿي وڃڻ کان سواءُ هن وٽ ٻيو ڪجهه به نه هوندو. امير ماڻهو پنهنجن ٻارن کي وڏن وڏن اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ ڳريون فيسون ڀري تعليم ڏياري انهن جي مستقبل کي روشناس ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن، اتي هنن معصومن جهڙا هزارين ٻار غريب هجڻ سبب اسڪول جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهن. ڀلا هي معصوم گل ڪنهن کي دانهن ڏين؟ ڪير ٻڌڻ وارو آهي ئي ڪونه ڪنهن جي در وڃي فرياد ڪن ته اسان کان پاچڪا وٺي اسان جي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب ڏيو، ڇا اهو ممڪن آهي؟ ڇا هنن جهڙا هزارين ٻارڙا اسڪول وڃي سگهندا؟

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

هنگورجا کان ڪنڊياري تائين باءِ پاس N-5 جي سار لھو!

 

ھنگورجا کان وٺي ڪنڊياري تائين روڊ جي سار ڇو نٿا لھو، برساتن کان پوءِ ڪيترو عرصو گذري ويو آھي پر ڪير به باءِ پاس جي سار ڇو نٿو لهي، ڪيترائي مسافر ويچارا پريشان ٿي رھيا آھن پر وس وارن جي مٿي تي جونءِ به نٿي سري آخر ڇو؟ ڇا روڊس وارن جي بجيٽ نه ايندي آھي؟ ڇا عوام جو اھو به حق ڪونهي ڇا؟ جيڪي مسافر ويچارا پنجاپ، بلوچستان، ڪي پي ڪي کان اسلام آباد کان ڪراچي اچن ٿا جيڪي ھنگورجا کان وٺي ڪنڊيارو تائين خوار ٿين ٿا، آخر ان روڊ جي ٽڪري جي سار ڇو نٿي لڌي وڃي؟ 20 ڪلوميٽر جي مفاصلي تائين سڄي سڄي رات سفر ۾ گذري وڃي ٿي پر حڪومت کان ڪوئي پڇڻ وارو ئي نه آھي. منھنجو عرض آھي روڊس ۽ ورڪس جي منسٽر کي ته مھرباني ڪري ھنگورجا کان ڪنڊيارو تائين باءِ پاس روڊ جي مرمت ڪرايو ۽ مسافرن جون پريشانيون دور ڪيو.

 

صدام حسين ڀنڊ/ خيرپورميرس

 

روئاري ٿي ماني، کلائي ٿي ماني!‎‎

 

لاڙ جي اداس پوٺن تي ميرانجهڙيون شامون ڪيڏي نه دلفريب هونديون آھن،  شام ويلي سج لهڻ جا منظر ۽ پنهنجن آکيرن طرف ويندڙ پکين جون قطارون ڏسي روح اندر ۾ سوين حسناڪيون جنم وٺنديون آھن پر عين ان ويلي سانجھه ٿيندي ئي الائي ڇو من اندر جي ممبر تي ڪکائين جڳهين ۾ پويان پساهه کڻندڙ اهي فرد اکين آڏو تري ايندا آھن جن جون ڏرا هڻي ويل اکيون شاهوڪار ڌرتي جي وسيلن تي سواليا نشان بڻيل هونديون آھن  ۽ اهڙي روئداد ڏسي اکڙين ۾ تري آيل لڙڪ ولوڙ جيان گهاءَ پيا ڏيندا آھن. پنهنجي ننڍڙي جاڳرتا واري مهم ۾ رضاڪار طور رکيومانس. صبح جا اڃا 10 به نه وڳا هئا، طبيعت ۾ بيچيني ڏٺي مانس. پڇيومانس طبيعت خراب اٿئي؟ وراڻيائين، نه سر. ڀلا ڪنهن مسئلي جي ڪري پريشان آھين؟ وري جواب ڏنائين نه سر، پڇيومانس ته پوءِ؟ وراڻيائين سر رات ماني ڪونه کاڌي هئي؟ ۽ صبح جو ناشتو؟ سر صرف سليماني چانھه پيتي آهي. ڇو؟ سر اٽو مهانگو آھي، گهر ۾ اٽي سوڌو ڪو سامان ناهي. اکڙيون ڳوڙھن سان ڀرجي آيون، 2 ڪلاڪ پهرين پنهنجي ٽيم سان ڪيل بيضن اڦراٽن ۽ کير پتي چانھه سان ڪيل ناشتو ڄڻ منهنجي اندران الٽي جي صورت ۾ نڪري رهيو هو. رات جو سنگت سان گڏ ڪيل ڇيلي ڪڙاهي وارو سانجهاندو ڪنهن مردهه گوشت جي صورت ۾ اکين آڏو تري آيو.

ماسٽر چندر پي ڳايو:

روئاري ٿي ماني، کلائي ٿي ماني،

دنيا ۾ ڇا ڇا نه، ڪرائي ٿي ماني.

 

غلام علي گل ٻجورو/سجاول

 

ڪارونجھر جي ڪٽائي ۽ اتان جو بيوس عوام!

 

گذريل ڪجھه عرصي کان ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي تمام عروج تي پهتل آھي جڏھن ته سنڌ حڪومت اڳ ۾ به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ھو ته ننگر پارڪر ۾ تعمير ھيٺ ٺھندڙ ڊيمن ۾ ڪارونجھر جو پٿر استعمال نه ڪيو  ويندو پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ان ڳالھه تي اڃا تائين عمل ٿي نه سگھيو آھي. ھڪ ڀيرو منھنجو ننگر پارڪر وڃڻ ٿيو ھو ته مون اتي جي ٺيڪيدار کان پڇيو ھو ته سنڌ حڪومت جي اعلان باوجود به عمل ڇو ناھي ٿيو. اتي ٺيڪيدار ڪنڌ ورائيندي مون کي چيو ھو ته ڏسو نه بابا! ھي ڊيم به ھتان جي عوام جي سھولت خاطر ٺھي پيو. پوءِ اها واويلا ڇا جي؟ ھاڻ ڪير اھڙي ٺيڪيدار کي سمجھائي ته ڪارونجھر جبل ڊھڻ کان پوءِ ڊيمن ۾ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ننگر پارڪر جي دوستن سان ھڪ ڀيرو جڏھن ملڻ ٿيو ھو ته مون دوستن کي چيو هو ته ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي تي توھان ۽ تڪ جو عوام ڇو خاموش آھي؟ ان تي انھن جواب ڏنو هو ته ڪير ٻڌڻ وارو ناھي، اسان رڙيون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آھيون، ڪير به ٻڌڻ وارو ناھي، اھي خبرون ٻڌي مون کي تمام گھڻو افسوس ٿيو، ان جي ڀيٽ ۾ منھنجي سنڌ حڪومت کان مطالبو آھي ته اھڙي حرامخور ڪرپٽ ٺيڪيدارن ۽ آفيسرن کي سخت سزا ڏئي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻيو وڃي ۽ اتان جي غريب عوام جي لڙڪن ۽ احساسن جو قدر ڪري ڪارونجھر جبل کي ھميشه جي لاءِ بچايو وڃي.

 

عبدالسلام مري/ کپرو

حڪومت کي هڪ درخواست!

 

تعليمي سال 2022/2023۾ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ شاگردن جون فيسون معاف ڪيون وڃن، جڏھن ته  آفت سٽيل علائقن جا ڪافي شاگرد تعليم کان محروم ٿي ويا آھن. جن جا گھر، فصل  سڀ ڪجھه ٻڏي ويو آھي ۽ اتي جا رھواسي وڏين ڏکيائين سان زندگي گذاري رھيا آھن ۽ انهن شاگردن جي ذھني صحت تي تمام گھڻو خراب اثر پئجي رھيو آھي. جيڪڏھن حڪومت يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جون فيسون معاف نه ڪندي ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ رھندڙ نوجوان تعليم کان محروم ٿي ويندا ۽ سنڌ جي ليٽريسي ريشو تي تمام گھڻا خراب اثر پوندا. ان ڪري اسان جي سنڌ جي وزير تعليم ۽ تعليمي کاتي جي عھدي دارن کي گذارش آھي ته مھرباني ڪري سنڌ جي موجوده حالتن کي  نظر ۾ رکندي سٺا قدم کڻن  ۽ تعليمي سال  2022/2023  جون فيسون معاف ڪيون وڃن .

 

سرفراز احمد لغاري ۽ سانگھڙ ضلعي جا شاگرد

 

برسات متاثرين مسيحا جا منتظر!

 

گهوٽڪي ضلعو هڪ شاهوڪار ضلعو آهي، زراعت جي حوالي سان پهرئين نمبر تي آهي، ڪراچي کان پوءِ ٻيو نمبر ٽئڪس ڏيندڙ ضلعو آهي. گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪڻڪ، ڪمند، ڦٽيون، سبزيون ۽ ٻيا فصل پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪافي وڏيون فيڪٽريون پڻ موجود آهن پر افسوس هيلوڪين برسات سبب ننڍن آبادگارن ۽ هارين جو وڏو نقصان ٿيو آهي. آبادگار هجن توڙي هاري هجن انهن جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن. هن وقت تائين سنڌ حڪومت انهن جي ڪا به واهر نه ڪئي آهي. اڃا تائين زمينن توڙي گهرن ۾ چيلهه جيترو پاڻي بيٺل آهي. ڪڻڪ جو فصل ڪٿي ڪٿي ٿي سگهي ٿو، سوشل ميڊيا تي اڃا تائين آبادگارهجن يا هاري دانهون ڪن ٿا ته اسان جي واهر ڪئي وڃي ۽ ڊيزل ۽ ڀاڻ جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، جيئن اسان ڪڻڪ جي پوکائي ڪري سگهون، گهوٽڪي جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي، جروار، يارو لنڊ، ڌاماجي دڙي ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنهن جي ڪري هيل ڪڻڪ جو فصل نه ٿي سگهندو.

 

فرمان علي لغاري/گهوٽڪي

 

ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦھلجندڙ بيماريون!‎‎

 

ٻوڏ سٽيل علائقن ۾  برساتون ختم ٿئي سوا مھينو گذرڻ باوجود ڪيترن ئي علائقن مان برساتي پاڻي اڃا تائين نيڪال ناھي ٿي سگھيو، جنھن جي ڪري اتي ڪيترين ئي بيماريون جيئن مليريا ۽ گيسٽرو وغيره ڦھلجي رھيون آھن، جنھن سبب اھي ٻوڏ سٽيل جيڪي بي گھر ٿي روڊ رستن ۽ سرڪاري ٽينٽن ۾ رهندڙ آھن سخت متاثر ٿي رھيا آھن ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪيترائي ٻار انھن بيمارين جو شڪار ٿي موت جي منھن ۾ وڃي چڪا آھن. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته اھا ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڏينھن رات  ڪم ۾ مصروف آهي ۽ انھن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رھي آھي پر جڏھن ميڊيا ۾ مليريا ۽ گيسٽرو سبب ٿيندڙ موتن جون خبرون ٻڌڻ ۾ اينديون آھن ته ڏاڍو ڏک ٿيندو آھي. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ٻوڏ سٽيل علائقن مان جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي اتي مڇرمار اسپري ڪرائڻ کي يقيني بنائڻ سان گڏ متاثرين جي حقيقي نموني مدد ڪئي وڃي ته جيئن سندن ڪجھه مسئلا ئي حل ٿي سگھن.

 

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

 

ٻوڏ سبب خطري ھيٺ آيل تعليمي نظام!‎‎

 

تازو ئي ملڪ جي تاريخ جون بدترين برساتون پيون آھن، جن گذريل 30 سالن جي سراسري کان اٽڪل 6 ڀيرا 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو. جيئن عوام کي ٻيون تڪليفون رسيون آھن تيئن ئي تعليمي نظام کي پڻ نقصان رسيو آھي. ھينئر تائين ملڪ ۾ 24.000 کان وڌيڪ اسڪول تباهه ٿي چڪا آھن، ٻوڏ سبب لڳ ڀڳ 3.5 ملين ٻارن جي تعليم کي نقصان پھتو آھي. ڪيترن ئي اسڪولن کي ايمرجنسي شيلٽرز ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جتي متاثر خاندانن کي عارضي طور تي رهائش فراھم ڪئي وئي آهي. بلوچستان ۾ اڪثر اسڪولن کي ايمرجنسي شيلٽر طور استعمال ڪيو پيو وڃي. سنڌ جيڪو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ صوبو آھي، ان جي لڳ ڀڳ سمورن پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن کي 40 سيڪڙو نقصان پھتو آھي ۽ جن اسڪول کي نقصان نه رسيو آهي ته انھن کي پناهگاهون بڻايو ويو آهي. ان کان اڳ به لڳ ڀڳ 2 سالن تائين ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب تعليمي ادارا بند رھيا آھن، جنھن سان تعليمي نظام مڪمل درھم برهم ٿي چڪو ھو. ڪورونا وائرس ۽ ٻوڏ جي تباهيءَ کان اڳ چئن مان ٽي پاڪستاني ٻار “لرننگ پاورٽي” ۾ هئا. ڪورونا وائرس سبب ٻن سالن تائين تعليمي ادارا بند ٿيڻ کان پوءِ وري ھن سال پوين 3 مھينن کان تعليمي ادارن ۾ ٻوڏ متاثرن جو پناهگاهون بڻايو ويو آھي، جنھن سان تعليم جي بنيادي ڍانچي کي رسيل نقصان ايترو ته سخت آهي جو لرننگ پاورٽي ۾ 10 سيڪڙو تائين واڌ ٿي سگهي ٿي. ملڪ جي تعليمي نظام جي بحاليءَ لاءِ مربوط ڪوششن، وسيلن جي ضرورت آھي. حڪومت کي گهرجي ته ٻوڏ بحران کي منھن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ۽ متاثر خاندانن کي تعليمي ادارن جي بدران ايمرجنسي عمارتون تعمير ڪرائي خاندانن کي رھائش جو مرڪز بڻائي، جيستائين انھن جي شھرن ۽ گھرن مان ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪالي ٿي سگھي ۽ ٻيھر جڏھن اھڙي ايمرجنسي لاڳو ٿئي ته انھن عمارتن کي استعمال ۾ آڻيو وڃي جيئن مستقبل ۾ شاگردن جي تعليم محفوظ رھي سگھي، ڇاڪاڻ ته ملڪ تي ترقي صرف معياري تعليم تي ئي آڌاريل آهي.

 

سمير ساگر قريشي/ حيدرآباد

سنڌو تھذيب جي اسرڻ ۽ ڦھلجڻ جي مختصر تاريخ!

 

(حصو پهريون)

سنڌ جي تھذيب 5 ھزار سال پراڻي آھي، جنھن جا آثار موھن جو دڙو، رني ڪوٽ، برھمڻ آباد ۽ ڀنڀور ۾ ڏسي سگھجن ٿا. سنڌ ملڪ ۾ پھريان دراوڙي نسل آيو، دراوڙي ڪاري نسل جا ھئا، جيڪي موجوده ڀونچ (Mediterranean) سمنڊ جي جاءِ تي زمين ھئي جتي ھزارين ماڻھن کي پنھنجو تمدن ۽ تھذيب ھئي، ڪنھن حادثي پيش اچڻ ڪري اھا زمين سمنڊ جي پيٽ ۾ هلي وئي، جنھن ۾ ڪيترائي ماڻهو مري ويا ۽ جيڪي بچي ويا اھي سنڌ لڏي آيا ۽ آباد ٿي شھر ٻڌي، تھذيب جا مالڪ بڻيا. دراوڙي 1500 سئو ورھيه سنڌ تي حاوي رھي ترقي ڪندا رھيا، ان کان پوءِ سنڌوءَ جي الهندي ڪناري تي قلات، لسٻيلي ۽ مڪران کان آريا قوم جا ماڻھو لڏي، ھتي اچڻ شروع ٿيا، آريا جيڪي اڇي نسل جا ھئا، آرين دراوڙين سان وڙھي ڪجهه کي ماري (جيڪي انھن ساڻ وڙھيا) ڪجهه کي نيڪالي ڏئي ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪجهه کي غلام رکيائون (جيڪي انھن ساڻ وڙھي نه سگھيا) ھنن دراوڙن جي جاين تي قبضو ڪري، نئين شھرت ۽ ڪلچر برپا ڪيو. مطلب ته سنڌو تهذيب جو اسرڻ ۽ ڦھلجڻ 3500 ق.م ۽ 1500 ق.م جي وچ ۾ ٿيو آھي. سنڌ جي سرزمين ھميشه ڌارين جي حملن جو شڪار رھي آھي، ڪيترا حملي آور ھتي آيا ۽ ھن سرزمين جو ان ۽ ڌن لٽي واپس ھليا ويا، ڪي وري سنڌ جي روايتن ۽ تھذيب جي ڪشش سبب ھتي رھي، ھتان جا ٿي ويا. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ تي ٻاھرين طاقتن مان ايراني شھنشاھن سنڌ تي 519 ق.م ۾ سامراج برپا ڪري لٽيو ۽ ڦريو آهي، اٽڪل 500 سئو ورهيه (ق.م) سنڌ تي تسلط قائم رکيو اٿن. ايراني شھنشاھن جي حڪومت جا آثار ٻڌايل شھرن، برھمڻ آباد، رني ڪوٽ ۽ ڀنڀور مان معلوم ڪري سگھجن ٿا. ايرانين کان بعد سڪندراعظم 326ق.م ۾ اچي، پاڻ ايراني سلطنت تي قابض ٿيو ۽ سنڌ جي زرخيزيءَ جي ھاڪ ٻڌي ڪجهه وقت سنڌ آيو ھو. سڪندر جي مرڻ کان پوءِ سندس جنرلن مان ڊيميٽرس سنڌ ۾ اچي پٽالا (حيدرآباد) شهر تي قبضو ڪري ڪجهه وقت لاءِ حڪومت ڪئي. جنھن جا آثار سنڌ جي ڪن ھنڌن تان لڌل يوناني سڪا ۽ ڪي ٻيا انھن جا ڇڏيل آثار يوناني تسلط جي نشاندهي ڪن پيا. (سنڌوءَ جي ساڃاهه، سنڌ ۽ سيد، ۽ سنڌ جو آواز، مان کنيل تاريخ ۽ تي آڌاريل) جاري.

 

سهيل پنهور/نصيرآباد

سنڌ ۾ عجب لقاءُ آھي!‎‎

 

سنڌ ۾ عجب لقاءُ آھي،  ھر طرف خوف ۽ ڏھڪاءُ آھي، برساتي ٻوڏ جي ھٿرادو آفت بعد بُک ۽ بيمارين جو راڪاس زندگيون ڳڙڪائي رَھيو آھي، روز 20 کان 25 ماڻھو بي موت مري رھيا آھن. اڄ تلھار سان تعلق رکندڙ سائينداد جوڻيجي جي جوان ڀاڻيجي حيدر آباد اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. پروين ڪجھه ڏينھن اڳ بيمار ٿي هئي ۽ کيس بدين جي انڊس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو جتي ڪيس خراب ڪرڻ بعد ھنن کي حيدر آباد ريفرر ڪيو ويو، جتي 15 ڪلاڪن کان پوءِ ھيءَ بيمار نياڻي فوت ٿي وئي. وارثن موجب حيدر آباد اسپتال ۾ به ساڳيو حشر آھي، جيڪو بدين جي انڊس اسپتال ۾ آھي، سچ ته ھاڻ ھي سڀ ڪجھه ڏسي نٿو سگھجي، ڳالھه برداشت کان ٻاھر ٿي وئي آھي، خراب حڪمران ۽ بدانتظامي ڏانئڻ جو روپ ڌاري چڪي آھي. بيوسي ۽ لاچاريءَ جي انتھا آھي. ڪالھه شھيد صحافي اجئه ڪمار جي قتل ڪيس جو شاھد نريش ڪمار پراسرار حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ماڻھو ظلم خلاف ڪا دانھن ڏين ٿا ته ماريا وڃن ٿا، سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪجي؟ ڪنھن کان انصاف گھرجي؟ اسپتالون ڪوس گھر بڻيل آھن ۽ ڪامورن جون آفيسون قباحت خانن ۾ تبديل ٿيل آھن، ڪرپٽ ۽ راشي ڪامورن ۽ مسڪينن جو مال کائيندڙ آفيسرن ۽ حڪمرانن کي طوائفن سان ڀيٽ ڏيڻ به دراصل! طوائفن جي توھين آھي، حالت اها آھي ته حيدرآباد جھڙي وڏي شھر ۾ ڪا اعتبار جوڳي سرڪاري اسپتال به ناھي، ھي حڪمران پاڻ بيمار ٿين ٿا ته لنڊن ۽ آمريڪا مان علاج ڪرائڻ وڃن ٿا يا وري اتان جا ڊاڪٽر ٿا گھرائين، ھنن جون شھزاديون پلاسٽڪ سرجريءَ لاءِ به پرڏيھج ٿيون وڃن ۽ ھنن جي ڪتن ۽ ٻلين جو علاج به ٻاھرين ملڪن مان ٿئي ٿو. پاڻ ڏٺوسين ته چانڊڪا اسپتال ۾ ڇا ٿيو؟ اتي پ پ پ (شھيد ڀٽو) اڳواڻ عنايت عمراڻي جي جوان ڀاڻيج فوت ٿي وئي، جنھن کي نانگ چڪي وڌو ھو، جنھن کان پوءِ وارثن احتجاج ڪيو ۽ ڪجھه ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف کي موچڙا ھنيا ته ميڙ منٿ شروع ٿي وئي پر نياڻيءَ جو خون بخش نه ڪرڻ تي فوتي نياڻيءَ جي وارثن سميت 100 ماڻھن خلاف دھشتگرديءَ جا 2 ڪيس داخل ڪيا ويا. ھي سڀ ڪجھه ڇا آھي؟ ھن صورتحال کي ڪيئن منھن ڏجي؟ معصوم ٻارڙا مائرن جي ھنج ۾ ھڏڪيون ھڻي دم ڏئي رھيا آھن ۽ جوان نياڻيون روڊ رستن تي ۽ ڪئمپن ۾ ڊائريا وگھي جيون وڃائي رَھيون آھن. قوم پني رھي آھي ۽ قوم جي سڄڻن ڪنھن وڏي سياسي ھلچل، ڀرپور مزاحمت ۽ ڪا انقلابي واٽ اختيار ڪرڻ بدران امدادي سرگرمين ۾ “عافيت” ڳولي لڌي آھي. دل چوي ٿي ته ڪا وڏي جنگ جوٽجي، ٻيو نه ته ٻڏي مرڻ ئي آھي.  ھا! مون پنھنجي دل جي ڳالھه مڃي ورتي آھي، ٻيو آپشن سراسر بزدلي آھي.

 

ابراهيم لنڊ/ ڪلوئي

جنهن کي استاد چئجي!

 

اڄ جي ھن جديد دور ۾ لکڻ پڙهڻ ۽ چوڻ ۾ ته ھنم پنجن لفظن (ا س ت ا د) کي پاڻ ۾ ملائڻ سان استاد ٿئي ٿو پر ھن استاد جي حقيقت ان ڪورٽ ۾ ويٺل جج کان پڇا ڪيو ۽ انھن ڪمپنين جي وڏن وڏن سي اي اوز ۽ آفيسرن کان پڇا ڪيو ته ھڪ استاد ڇا هوندو آهي ۽ ھڪ انسان کي ڪٿان کان ڪٿان پڄائي سگھي ٿو، سنڌيءَ ۾ ھڪ چوڻي مشھور آھي ته ھڪ استاد بادشاهه ناھي ھوندو پر هو ڪنهن شاگرد کي بادشاهه به بڻائي ڇڏيندو آهي. ھڪ استاد ھن دنيا ۾ پنھنجي شاگرد کي ھڪ اھڙو زيور ڏياريندو آھي جيڪو زيور ھڪ شاگرد تاحيات ياد رکندو آھي. ان قيمتي زيور کي اسان تعليم چوندا آھيون، جيڪا ھڪ استاد کان سواءِ ڪڏھن ۽ ڪٿي نه ڪونه ٿا پرائي سگهون. ھن دور ۾ ھڪ ٻار جو رشتو پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گنڍيل ھوندو آھي، ايئن ئي ھڪ ساڳيو رشتو جيڪو تعليم ۽ استاد سان گنڍيل ھوندو آھي.  وڏن وڏن ليکڪن، صحافين به ڪڏھن ڪڏھن پنھنجن ڪتابن ۾ ۽ انٽرويوز ۾ چوندا آهن ته جي اڄ اسان جيڪو به آھيون اھو صرف ۽ صرف ھڪ استاد جي ئي ڪري آھيون.

جن کے کردار سے آتی ہو صداقت کی مہک،

اُن کی تدریس سے پتھر بھی پگھل جاتے ہیں۔

 

راجا دليپ ڪمار/سنڌ مڌرسة السلام يونيورسٽي، ڪراچي