برساتن کان پوءِ سنڌ ۾ وڌنڌڙ وبائي مرض!

 

تازين برساتن ۽ منڇر ڍنڍ واھن، سم نالن، شاخن، کي ھنيل ھٿرادو گھارن سنڌ ۾ ھڪ وڏي تباھي آندي آھي، لڳ ڀڳ ٽي ڪروڙ ماڻھو دربدر ٿيا آھن، ھڪ ڪروڙ کان وڌيڪ گھر ڪري تباھ ٿي ويا آھن، انساني آبادي وچ پاڻي روڊ رستن کلئي آسمان بي يارو مددگار بڻيل آھن، ھن وڏي تباھي کان پوءِ سنڌ ۾ وبائي مرض تيزي سان پکڙي رھيا آھن، ڊينگي وائرس، گيسٽرو، مليريا، الٽي، دستن، جون بيماريون سنڌ واسين کي ڳڙڪائي رھيون آھن، افسوس جو مقام آھي جو سنڌ جو صحت کاتو مڪمل طرح سان اڻ ڄاڻ ويٺل آھي، مون کي ڪالھ ان وقت ڏاڏو ڏک ٿيو جو ھڪ ڳوٺ ۾ ٻه جنازا کنيا ويا، جنھن ۾ مون شرڪت ڪئي، منهنجي ڀرواري ڳوٺ ۾ به برسات کان پوءِ مختلف بيمارين وگھي چار ماڻهو هڪ هفتي اند فوت ٿيا آهن سڀني جي موت جو ڪارڻ گيسٽرو، مليريا، بخار، الٽيون ۽ دست ھو، اھڙي طرح سان صرف اسان جي چمبڙ تعلقي ۾ گذريل ھڪ ھفتي دوران 20 کان وڌيڪ ماڻھو فوت ٿيا آھن تقريبن ھر ڳوٺ ۾ تڏو آھي. توھان سمجھي سگھو ٿا ته سنڌ جي باقي علائقن جي حالت ڪھڙي ھوندي، سنڌ حڪومت ۽ سندس مشينري اڃا به سنڌ جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رھيا آھن ته اسان سنڌ جي برسات متاثرن جي وڏي مدد ڪئي آھي، اسان جنھن پاسي ڏسون ٿا ته ماڻھو پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪجھ نه ڪجھ ڪري رھيا آھن، منھنجي ڳوٺ ۽ ان جي آسپاس سنڌ جي مختلف علائقن کان سون جي تعداد ۾ بي گھر ماڻھو پنھنجي ٻچن جون حياتيون بچائي اچي کليل ميدانن ۾ پناھ ورتي آھي، جن کي اچي ڏسي سگھجي ٿو، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ڊاڙون ھڻڻ کان بھتر آھي ته ڪجھ عملي ڪم ڏيکاري پر جيڪڏھن ڪم نه ڪرڻو آھي ته سنڌ جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ نه ٻرڪيو وڃي.

 

ارشاد لغاري/ چمبڙ

 

ميرپورخاص جي آبادي پيئڻ جي پاڻي کان محروم!

 

ميرپورخاص ضلعي ۾ هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي پر هي اهو پاڻي آهي جيڪو استعمال نه ٿيڻ جوڳو آهي هرطرف برسات ۽ گٽر مليل پاڻي موجود آهي پر شهري جيڪو پيئڻ جو پاڻي استعمال ڪرڻ چاهين ٿا اهو موجود ناهي واهه ۽ شاخون بند پيل آهن، جمڙائو ڪينال ۾ 2000 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي جيڪو اڃا تائين ميرپورخاص ۾ پهچي نه سگهيو آهي، ميرپورخاص جا لکين ماڻهو گذريل ٻن مهينن کان پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن، مرد، عورتون ۽ ٻار پيئڻ جي پاڻي جي ڳولا ۾ ٿانون کڻندا نظر اچي رهيا آهن، شهرين پاران لاڳاپيل آفيسرن کي پاڻي جي فراهمي بابت لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن. ڊپٽي ڪمشنر سميت نارا ڪئنال ۾ فوري پاڻي ڇڏڻ جو مطالبو، حيرت اها آهي ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسرن جي نااهلي سبب ميرپورخاص جا شهري پيئڻ جو پاڻي به ميسر نه ٿي ويا آهن. گذريل ٻن مهينن کان پاڻي کان محروم آهن، برسات کان اڳ آبپاشي کاتي پاران پبلڪ هيلٿ کي پيئڻ جو پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ لکت ۾ آگاهه ڪيو هو، پر پبلڪ هيلٿ جي ايس ڊي او جي نااهلي سبب پاڻي ذخيرو نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري ميرپورخاص ۾ پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف شهرين محمد عرفان، محمد علي راجپوت ۽ ٻين پاران چونڊيل نمائندن ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن، ڊپٽي ڪمشنر، ڊائريڪٽر نارا ڪينا کي شڪايتون ڪيون آهن، جنهن سبب ميرپورخاص جي عوام سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ماڻهو پاڻي جي ڳولا ۾ ٿاڻن سان وڙهندا نظر اچي رهيا آهن. پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ، ميونسپل ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي لکت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شهري گذريل ٻن مهينن کان پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن، جنهن سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند ٿيل ۽ واٽر سپلاءِ جي تلائن کي مڪمل صاف ڪري برسات جو ۽ گندو پاڻي ڪڍي صاف پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي. ته جيئن اهي پاڻي جهڙي بنيادي سهوليت حاصل ڪري سگهن۔

 

شير محمد ملڪاڻي/ميرپورخاص

 

ٻوڏ متاثر مستحق ماڻھن جو راشن غير مستحق کائڻ لڳا!

 

هن تمام گهڻي ڏکين حالتن دوران جيڪڏهن ڏﭠﻮ وڃي ته ھڪ اسان جي گورنمينٽ ڪا ڳڻتي نه پئي ڪري. ٻوڏ متاثر تمام گهڻين ڏکيائين کي منھن ڏئي رهيا آهن. انهن مختلف بيماريون جنم ورتو آهي جهڙوڪ مليريا، گيسٽرو، خاص طور تي عورتن ۾ بيڪٽيريل بيماريون  جيڪي اڳتي هلي وبا جي صورت به اختيار ڪري سگھن ٿيون جتي يونائيٽڊ نيشن به ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاڪستاني حڪومت کي خبردار ڪيو پر اُن باوجود ڪو به ادارو ان معاملي کي سنجيدگي سان نه پيو وٺي نه ئي ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آھن، گذريل ڪجھ سال اڳ سنڌ حڪومت پاران ٻهراڙي واري علائقن لاءِ خريد ڪيل ڪروڙين رپين ماليت جون موبائل اسپتالون هن صورتحال ۾ به استعمال نه پيون ڪيون وڃن اُهي. نه ئي ڪي اپاءُ وٺڻ لاءِ تيار آهي. جي ٻئي پاسي ڳالھ ڪجي ڪجھ اُن مخلوق جي جيڪا مستحق نه هجڻ باوجود راشن سفارش تحت حاصل ڪري اُن جو غيرقانوني وڪرو ڪيو ٿو وڃي جتي پڻ تمام گھڻي افسوس جي ڳالھ ڪجي ته ايئن ڪرڻ سان ڪيترن ئي مسڪين ماروئڙن جو بُک سبب موت واقع ٿي ٿو. جيڪڏهن ڳالھ ڪجي ته آپگھات جي واقعن ۾ پڻ وڏو اضافو ٿيو آهي. جيڪا ڳالھ سمجھ کان ٻاهر آهي. اسين ﺳﻨﮅ گورنمينٽ کي اپيل ٿا ڪريون ته ان معاملي کي سنجيدگي سان وٺي ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪري انهن تائين راشن، دوائون جي فراهميءَ يقيني بڻائي ته جيئن زندگي جو گاڏو هلي.

 

عبدالطيف شر/ ٺري ميرواھ

 

اسان جي ڳوٺ جي به سار لهو!

 

ڳوٺ حاجي مهڪ خان مري جي ڪل آبادي 300 گهرن تي مشتمل آهي، هي ڳوٺ تعلقي کپرو ضلعو سانگهڙ ۾ آهي هي ڳوٺ هر بنيادي سھولتن کان محروم آهي هتي ووٽ وٺڻ لاءِ چيئرمين کان وٺي ۾ پي اي کان ايم اين اي تائين ووٽ وٺڻ لاءِ پِيرن جو سهارو وٺندا آهن، هي ڳوٺ جي اڌ آبادي اين آءِ سي ڪارڊ زيور کان محروم آهن هي ڳوٺ صاف پاڻي کان محروم آهي لائيٽ کان بي محروم آهي منهنجو گذارش آهي اعليٰ اختيارين کان ته پاڻ مرادو نوٽس وٺي ڳوٺ وارن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.

 

عارف علوي/سانگھڙ

 

بيمار روين جي ور چڙهيل سنڌي سماج!

 

اسان جو سماج ذهني طرح پنهنجي روين ۽ هلتڪاريءَ ۾ ڪهڙي نهج تي بيٺل آهي، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان جو سنڌي سماج صدين جي پسماندگيءَ جو شڪار آهي، جتي تبديليءَ جي عمل جي رفتار بنهه آهستي رهي آهي. سنڌي ماڻهو روايتي جاگيرداراڻن روين ۽ روشن جي ور چڙهيل آهي. اهوئي سبب آهي جو اهڙا واقعا پيش ايندا رهن ٿا جڏهن ته ٻي پاسي رياست پڻ پنهنجي طور تي ڪڏهن به اهڙو انتظام نه ڪيو آهي جنهن جي وسيلي ماڻهو صدين پراڻي فرسوده ريتن ۽ رواجن ۽ بيمار روين مان ٻاهر نڪري ڪنهن صحتمند ۽ مثبت لاڙن ۽ رجحانن ڏانهن وک کڻن. سرڪار ماڻهن کي جيئن جو تيئن واري حالت ۾ رڳو ئي رڳو حالتن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي ماڻهن لاءِ نه ته مناسب تعليم جو بندوبست آهي نه ئي انهن تائين ڪي اهڙا اپاءَ پهتا آهن جن جي وسيلي اُهي پنهنجي زندگيءَ ۾ بنيادي تبديلي آڻي سگهن اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ننڍڙن ننڍڙ مسئلن تان ڏهه ڏهه ماڻهو هڪ ئي وقت نه ماريندا ته ٻيو ڇا ڪندا ماڻهن کي تعليم ڏيڻ ۽ اُنهن کي سمجهائڻ جي تمام گهڻي گهرج آهي. اهڙو ڪم رياست پنهنجي انتظامڪاريءَ وسيلي بهتر نموني سرانجام ڏئي سگهي ٿي ماڻهو واقعي به پوئتي پيل آهن انهن کي اها خبر ناهي ته اُهي ڇا ڪرڻ وڃي رهيا آهن ۽ نه ئي اُهي اهو ڄاڻن ٿا ته سندن هڪڙي نقصانڪار قدم کان پوءِ ٻين نقصانڪار قدمن جو هڪ اڻ کٽُ ۽ ڊگهو سلسلو هلي نڪرندو آهي هن وقت جيڪا ڇڪتاڻ سمجهائيندو ڇاڪاڻ ته اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ڪن ڌرين جي وچ ۾ ڪو اهڙو تڪرار شروع ٿيندو آهي ته اُنهيءَ سڄي معاملي کي برادرين جا چڱا مڙس معاملي کي ٺارڻ ۽ ٽارڻ بدران پنهنجي معاشي ۽ منافعي بخش مفادن لاءِ استعمال ڪندا آهن اسان جو هن معاملي ۾ ڇڪتاڻ ۾ آيل ڌرين کي اهوئي چوڻ آهي ته انهن کي پاڻ ئي سمجهه کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ جلد ئي اُهي پنهنجي پاڻ ۾ ويهي يا ڪنهن ٽياڪڙيءَ وسيلي سرچاءَ جي واٽ ڪڍن. ڇو ته اڳي ئي ستن انساني زندگين جو زيان ٿي چڪو آهي ۽ اها ڪا معمولي ڳالهه نه آهي جيڪڏهن اهو معاملو ائين ئي وڌندو رهيو ته وڌيڪ انساني زندگين جي ڌيان کان سواءِ پلئه ته ڪجهه به ڪجهه به نه پوڻو آهي

 

انجنيئر وسيم چنا /سيوهڻ

 

ميلادن جي ڏينهن ۾ ادب به سکو!

 

هن وقت ميلاد جو موسم آهي ۽ اسان آقا ڪريم ﷺ جي آمد جي خوشي ۾ پنهنجي گهرن تي جهنڊيون هڻون پيا، جنهن تي درود و صلوات ۽ گنبذ خضرا جون تصويرون اڪريل هونديون آهن، هاڻي عرض اهو آهي ته اسان آمد جي خوشي ۾ تقدس کي نظر انداز ڪيون ٿا، محبوب سان محبت محبوب سان نسبت رکندڙ هر شيءِ جو قدر ڪرائي ٿي ۽ اسان محبوب جي سان نسبت رکندڙ درود و سلام ۽ گبنذ خضرا جي تصوير اهو سمجهي اسان پنهنجي گهرن، مسجدن، گهٽين ۽ شهرن ۾ هڻون ٿا ته اسان آقا ڪريم ﷺسان محبت جو ثبوت ڏيون ٿا پر اسان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته اسان پاڻ ٻي طرف محبوب سان منسوب شين جي پاڻ بي ادبي ڪيون ٿا پر ڪڏهن اسان جي هن طرف سوچ به ٿي وڃي جڏهن ميلاد جو مهينو گذري ويندو آهي، اسان صرف انهن جهنڊن ۽ جھنڊين کي لڳائڻ ڄاڻو ٿا ۽ بعد ۾ اهي لاهڻ نه ٿا ڄاڻو جنهن کان پوءِ اهي جهنڊيون اس ۽ هوا جي ڪري ٽٽي ڪري ٿيون پون ۽ پيرن ۾ لتاڙجن ٿيون پوءِ اسان بي ادبن ۾ شمار ٿي وياسين، جڏهن اهي پيرن ۾ ڪرن ٿيون ۽ جڳهه جڳهه تي وکريل نظر اچن ٿيون ۽ مون اهو ڏٺو آهي هن ڏانهن پوءِ ڪنهن کي ڌيان به نه هوندو آهي. اسان انسان اشرف المخلوقات آهيون ان لاءِ اسان کي رب پاڪ سوچ جي سگھ ڏني آهي اسان جي اهڙيون جهنڊيون هڻون به اٿا ته جڏهن ميلاد جو مهينو گذري اسان اتان هنن جهنڊين کي لاھي حفاظت سان گهر رکي ڇڏيون جيئن اڳين سال به اسان کي ڪم اچي يا دريا حوالي ڪري ڇڏجن يا قبرستان ۾ دفن ۽ ٻيو سٺو طريقو اهو ٿيندو ته اسان پنهنجي گهرن کي سائو ڪپڙو خريد ڪري ان جون جھنڊيون ٺاهي سجائي سگهون ٿا ۽ اسان هن مان بي ادبي کان به بچي سگهون ٿا ۽ ڪمپنين وارن کي به ذهن نشين ڪرائجي اوهان به بي ادبي ۾ برابر جا شريڪ ٿيو ٿا اهڙيون جھنڊيون ٺاهيو جيڪي پلين هجن.

 

علي حسن احسن چڍڙ/ ميرپورماٿيلو

 

ڇا اسان واقعي بيوقوف جاھل آھيون!‎‎

 

مان تقريبن گذريل چار سالن کان متحدا عرب امارات ۾ رهندڙ آھيان مان ھڪ ڪمپني ۾ ڪم ڪندو آھيان، ڪمپني ۾ مون سان گڏ جيڪي پاڪستاني ڪم ڪندا آھن انھن ۾ اڪثريت پٺاڻن جي آھي، ڪجھ پنجاپي ۽ ھڪ ٻه ڪشميري ماڻھو مون سان گڏ ڪم ڪندا آھن جڏھن اسان ڪچھري ڪندا آھيون پٺاڻ ھجن يان پنجاپي يان وري ڪشميري سب اڪثر چوندا آھن ته “هم ني آج تڪ سندهيون جيسي بيوقوف جاهل قوم نهين ديکي.” شروع ۾ ھنن جا لفظ ٻڌي ڪاوڙ ايندي ھئي ۽ ڏک ٿيندو ھو ته ھي سڀ سنڌين جي توھين ڪري رھيا آھن ۽ آئون ڪچھري ڇڏي ھليو ويندو ھوس پر پوءِ جڏھن غورفڪر ڪيم ته ڳالھ سمجھ ۾ آئي ته ڪافي سالن کان سنڌ ۾ ھڪ ئي پارٽي حڪومت ڪري رھي آھي. سنڌ جا مسئلا حل ٿيڻ جي بجاءِ ھر روز وڌي رھيا آھن پر پوءِ به سنڌي ماڻھون ھنن حڪمرانن کي ووٽ ڏيندا آھن ۽ پوءِ وري پنج سال ھنن جو ظلم برداشت ڪندا آھن.

 

صابر علي فجيرا/ گڏيل عرب امارات

 

پاڪستاني رياست ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار!‎‎

 

رياست ماءُ ھوندي آهي، جڏهن کان ھوش سنڀاليو اھو ٻڌندا پيا اچون، بلڪل رياست پنهنجي عوام لاءِ ماءُ جو درجو رکي ٿي پر اسان جي رياست شايد دنيا جي اھا واحد رياست آهي جنهن کي صرف حرامي ٻار عزيز آهن، رياست جا فرض ۽ ذميواريون پنهنجي عوام جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري بھتر ۽ بنيادي سھولتون فراھم ڪرڻ آهي پر اسان واري رياست عوام جي فلاح جو ڪم ڪرڻ جي بدران شروع کان عوام جي وات ۾ اسلام جو لولي پاپ وجهي ڇڏيو آهي. رياستي ادارا ۽ اسٽيبلشمينٽ ٻڌائي ته زندگي گذارڻ لاءِ عوام کي بنيادي سھولتون فراھم ڪرڻ ضروري آهن؟ يا عوام کي ڪوڙن نعرن ۽ نظرين جي پويان لڳائي ڇڏڻ ضروري آهي؟ اسان جي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ رياستي ادارا پنهنجو ڪم ڪرڻ بدران رياست خاص طور تي صوبي سنڌ کي جاھل وڏيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ بيوروڪريسي عوام جي خدمت ڪرڻ جي بدران وڏيرن جي سھولتڪاري ڪرڻ ۾ رڌل آهي. دنيا جي مھذب ملڪن ۾ اھڙين شين جو تصور به نٿو ڪري سگهجي جيڪي روز پاڪستان ۾ رونما ٿين ٿيون. اسان وٽ رياست جو ڪم يونين ڪائونسل سطح تي ٿاڻو وڏيري جي حوالي ڪرڻ ۽ ٽائو يا تعلقو ھڪ MPA جي حوالي ڪرڻ ۽ ضلعو وري MNA جي حوالي ڪرڻ آهي جڏهن سڄو ڪم وڏيرن جي مرضي سان ٿيڻو آهي ته پوءِ يونين ڪائونسل سطح تي يوسي سيڪريٽري تعلقي سطح تي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ضلعي سطح تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر جو ڪھڙو ڪم آهي؟ انهن کي ته فارغ ڪريو سنڌ ۾ ڀاشن کان وٺي راشن سڀ وڏيرن جي حوالي ٿيل آهي، سنڌ ۾ شديد ٻوڏ دوران بيوروڪريسي جو تصويرون ڪڍرائڻ کان سواءِ اسان کي سڄي صوبي ۾ ڪٿي به ڪو عملي ڪم نظر نه آيو. عالمي دنيا به ايڏي چري آهي جيڪا صرف ڦوٽو سيشن ڏسي امداد ھنن ڪرپٽ ۽ چور حڪمرانن ۽ انهن جي ناڪاره ادارن جي حوالي ڪري ٿي جنهن امدا مان ھي وڌيڪ سگھارا بڻجي وري غريب عوام تي ظلمن جا پھاڙ ڪيرائين ٿا. اسان عالمي دنيا جي طاقتن کي چئون ٿا ھنن کي ڪير به امداد نه ڏي ھي عوام کي ڪجھ به نٿا ڏين NDMA سميت ڪو به ادارو اسان کي صحيح معنيٰ ۾ سنڌ صوبي ۾ ڪٿي به ڪم ڪندي نظر نه آيو دنيا جي ٻين ملڪن جي ادارن ۾ ڪي فرد ڪرپٽ ھوندا پر پاڪستان دنيا جي واحد رياست آهي جنهن ۾ ادارن جا ادارا ڪرپٽ آهن. ھن ملڪ ۾ عوام جي حالت بد کان بدتر ٿيندي پئي وڃي پر ھتي ڪنهن کي به ڪا به پرواھ نه آهي.

مور چانڊيو/سيھڙ

ڪھڙو غريب ڏوھ ڪيو سنڌ جي غريب عوام!

 

سنڌ ۽ بلوچستان صوبي ۾ برساتن وڌ کان وڌ نقصان ڏنو پر غريب عوام جو ھن وقت جئيڻ ڏکيو ٿي پيو آھي جڏھن ته ھن وقت نه ڪڻڪ لھڻ جي موسم آھي نه وري ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي ٿي سگھندي، ڪڻڪ جي بحران جو مسئلو رھندو، سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو 4000 ھزار مڻ ڪري سنڌ جي مظلوم ۽ ٻوڏ متاثرن جي کيسي تي وار ڪيو آھي، جڏھن ته پنجاب ۾ 2500 سئو مڻ ان جو خيبر پختونخواه ۾ 2600 سئو ۽ بلوچستان صوبي ۾ 2800 سئو رپيا آھي. حڪومت چواڻي ته اٽي جو 65 رپيا في ڪلو عوام کي ملندو پر ان جڳھ تي اٽو في ڪلو 110 کان 120  رپيا ملي ٿو. کير في ڪلو 180 رپيا وڪرو ڪيو وڃي ٿو، فلور مل مالڪن به حڪومت جي فيصلي تي عمل نه ڪيو، سنڌ حڪومت لڳ ڀڳ ست سئو ھنڌن تي اٽي سستي جا اسٽال لڳرائڻ جو اعلان ته ڪيو آھي پر غريب عام ماڻھو کي اٽو ملندو به يا نه؟ ھن وقت عوام کي سڀ عام واھپي جون شيون تمام مھانگيون ملن ٿيون. غريب عوام ھڪ ويلي کائڻ جي لاءِ پريشان آھي. اٽي جو اگھ حڪومت کي 4000 ھزار نه رکڻ کپي ھا، واپاري طبقو منافعي خور آھي ڀلي دڪاندارن يا فلور مل مالڪن جو في مڻ 2000 ھزار ورتل ھجي پر اھي سرڪاري ريٽ کان 500کان 1000 رپيا في مڻ تي رکي ھلائيندا، ان جو سبب ھڪ ته سنڌ حڪومت وٽ چيڪ بئلنس جانچ پڙتال جو مرحلو تمام سست ڪمزور آھي، ان نظام طريقيڪار کي ڪير بھتر ڪندو؟ ظاھر آھي ان طريقيڪار کي بھتر ڪرڻ جو ذميواري به سنڌ حڪومت جي آھي، ھن وقت سنڌ حڪومت کي ڪڻڪ جو في مڻ 1200 کان 1800 رکڻ گھرجي ھا ۽ سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري ته ڪڻڪ جي پيداوار کي وڌائي ۽ آبپاشي نظام نھري پاڻي کي ھلائي جيڪي به زمينيون ڪڻڪ پوکائي جي لائق آھن انھن زمينين کي پاڻي جي ضرورت آھي ته جيئن وقتن ڪڻڪ جي پوکائي ٿي سگھي ۽ آبادگارن کي زرعي ٻج ۽ ڀاڻ سستا مناسب اگھن تي ڏياري. زرعي قرض معاف ڪري ۽ وڌ ۾ وڌ ڪڻڪ جي پيداوار تي ڌيان ڏئي. پاڪستان زرعي ملڪ آھي ۽ حڪومت پنھنجي آبادي جي انگن اکرن کي ڏسي کائڻ پئيڻ جون شيون فراھم ڪرڻ ۾ پنھنجو مثبت ۽ عملن ڪردار ادا ڪري. عوام ھر ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي شيءِ تي ٽيڪس ڏئي ٿو ۽ پنھجو قيمتي ووٽ به ڏئي ٿو. سنڌ حڪومت ان جي کيسي تي وار نه ڪري پھريائين برساتن تباھ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي.

 

ساگر شفيق وساڻ /ڳوٺ جھنگو وساڻ

سنڌ حڪومت جون عوام سان جٺيون!

 

حڪومت سنڌ عوام سان ڪھڙو مذاق پئي ڪري ڪڻڪ جي اڃا پوکي نه ٿي آهي ۽ ڪڻڪ جو اگھ چار هزار چار سئو رپيا مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ٻي طرف وري سنڌ حڪومت اٽي جو اگھ 65 رپيا ڪلو مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته آئون اسان جي ضلعي ٽنڊوالهيار جي ڳالھ ڪندس ته گذريل ڇهن مهينن کان اسان جي ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ ڪڻڪ جي سخت کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي، اتي حڪومت سنڌ جو ڪڻڪ جو اگھ مقرر ڪرڻ ۽ اٽي جو اگھ مقرر ڪرڻ سمجھ کان ٻاهر آهي ٿيڻ ايئن گهرجي ها ته حڪومت سنڌ جي گودامن ۾ پيل ڪڻڪ فلور ملز ۽ اٽي چڪي وارن کي ڏيڻ کپي ها جيڪا تازو پيل برساتن ۾ خراب ٿي وئي آهي. حڪومت پاران پوکي کان اڳ نئين ڪڻڪ جو اگھ چار هزار چار سئو رپيا مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري عوام جي مٿان وڏو ايٽم بم جو ڌماڪو ڪيو آهي، ڪڻڪ جو اگھ وڌڻ کان پوءِ ڪڻڪ اسٽاڪ هولڊر ڪڻڪ بليڪ تي ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ مارڪيٽ ۾ اٽو گورنمينٽ جي مقرر ڪيل اگھ 65 رپيا ڪلو بجاءِ 120 رپين کان 150 رپيا ڪلو تي ملڻ لڳو ٻوڏ ۾ ٻڏل عوام کي حڪومت سنڌ رليف ڏيڻ بجاءِ مهانگائي جو رليف فراهم ڪري پريشان ڪري ڇڏيو آهي حڪومت سنڌ پاران عوام سان ڪيل مذاق کي ختم ڪري حقيقي معني ۾ فلور ملز ۽ اٽي چڪي وارن کي ڪڻڪ فراهم ڪري ۽ عوام کي 65 رپيا ڪلو اٽو فراھم ڪري باقي حڪومت ڊرامي بازي نه ڪري ته بھتر آهي.

 

محمد قاسم ملاح/ مسڻ وڏي