ميهڙ ۾ ٻوڏ جو تباهڪاريون ۽ سرڪار جي بيحسي!

ميهڙ ۾ ٻوڏ جون تباهڪاريون رڪجي نه سگهيون آھن، بک، بدحالي، غذائي کوٽ ۽ گيسٽرو سبب روز ماڻهو مرڻ لڳا آھن، متاثر بي يارو مددگار بڻيل آھن. ميھڙ جي 10 يونين ڪائونسل جا سوين ڳوٺ هن وقت به پاڻي ھيٺ آھن، متاثر ڳوٺن جا سوين ماڻھو کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن پر انتظاميا جي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري. ميھڙ تعلقي ۾ بلوچستان کان آيل پاڻي ڪچي ۽ ڪاڇي کي مڪمل تباهه ۽ برباد ڪندي ميهڙ شهر سان اچي ٽڪرائجڻ کان پوءِ ميهڙ شهر جون 10 ڪالونين ۽ ٿرڙي راڌڻ ٽائون ڪاميٽين سميت تعلقي ميهڙ جي 20 يونين ڪائونسلن ۾ ٻوڏ برساتن ۽ سم نالن جي پاڻي مڪمل تباهي مچائي ڇڏي آھي، بيٺ گندي پاڻي، سخت گرمي، بک، بدحالي ۽ بيمارين جي ڪري معصوم گلاب جي گلڙن، ڳڀرو نوجوانن، عورتن توڙي پيرسنن سميت 65 کان وڌيڪ جانيون بک، بدحالي ۽ گيسٽرو جي شڪار ٿي ويون آھن. ڪيترين ئي امڙين جي جگرن جا ٽڪرا پاڻي لوڙهي ويو آهي پر انهن جا لاش به ملي ناھن سگهيا، جڏھن ته قبرستان پاڻي ھيٺ اچڻ جي ڪري گهڻن ماڻهن جا لاش دفنائڻ بجاءِ لوڙهيا ويا آهن، هزارين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ ماڻهن جو لکين ڪروڙين رپين جو چوپايو مال لڙهي ۽ مري ويو آھي، جڏهن ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل، تر، جوئر، ٻاجهري ۽ فروٽن جي باغن جو فصل به لڙهي ويو آھي. پنچ لک آبادي رکندڙ تعلقو ميهڙ مڪمل تباهه ٿي ويو آھي پر ھن وقت تائين هتي رليف جون سرگرميون شروع ئي ناھن ٿي سگھيون. ماڻھن جو الھ تلھ تباھ تي ويو آھي بيمارين گھيرو ڪري ورتو آھي، خوشحال سنڌ جا ماڻھو پنڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، ماڻھن جي زندگي بدتر بڻجي وئي آھي پر سرڪار اڃان تايئن ڪو به تحرڪ ناھي وٺي سگھي. ميھڙ ۾ جيتوڻيڪ ٻوڏ ۽ علائقا ٻوڙڻ بابت سرڪاري نااھلي کي ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي، افسوس جو سنڌ سرڪار توڙي ضلعي حڪومت سپريو بند ٽٽڻ مھل ته نه پھتي هئي پر ھن وقت جڏھن ماڻھو بکن  ۾ پاهه ٿي مري رھيا آھن ته ان وقت به سرڪار هن وقت تائين گم آھي، ماڻھو سوال ڪري رھيا آھن ته آخر سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪا شيءِ به آھي يا نه؟!

صابر ڪولاچي/ميهڙ

بنيادي سهولتن کان محروم اسان جا اسڪول!

اسان جي ڳوٺ جي معصوم ٻچن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، سجاول کان اوڀر طرف ٻه ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٽي سئو گھرن جي آبادي تي ھڪ ڳوٺ خميسو خان پٺاڻ واقع آھي جنھن ۾ ھڪ پرائمري بوائز اسڪول ۽ پرائمري گرلس اسڪول موجود آهن ۽ اسان جي ڳوٺ جي خوش نصيبي اِھا آھي ته ھتي جا استاد اسان جي پنھنجي ڳوٺ جا آھن، جيڪي پنھنجي شاگردن کي پنھنجي اولاد جيان علم جي روشني سان نوازين ٿا. مون به انھيءَ اسڪول ۾ پنج درجا پاس ڪيا آهن، انھن استادن مون کي به پڙھايو آهي ۽ علم جي سکيا ڏني آهي ۽ اڄ آئون صحافتي عھدي تي موجود آھيان، ھڪ قلم ڌڻي آھيان پر اڄ اسان جي اسڪول جي حالت ڏسي دل رت جا ڳوڙھا روئڻ لڳي آهي، اسڪول جي عمارت مڪمل تباھ ٿي چڪي آهي ۽ ڇتن جا ڇاپر ڪرڻ لڳا آهن، اسڪول جي ڪمپائونڊ وال جا نشان ئي ڊھي ويا آهن، اسڪول کي واشروم ڪونھي، هتي پيئڻ جي لاءِ پاڻي ڪونھي. لائيٽ ڪونھي، اسان جا استاد اس جي تپش ۾ ٻاھر ويهي ٻارن کي پڙھائي رھيا آھن. معصوم ٻارڙن ۾ خوف ڇايل آھي ته ڪٿي اسان جو اسڪول اسان جي مٿان ڪري نه پوي. اڄ اسان جا اسڪول اسڪول نه پر ڪو پراڻو بند ٿيل سرڪاري گدام ٿا لڳن، “نااھل اسان جي مالھي آ، معصوم گلن جو ڇا ٿيندو؟” اسان سنڌ حڪومت کان ۽ ھتان جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي اسڪولن جي واھر ڪئي وڃي، اسان جي اسڪولن کي بنيادي سهولتون مھيا ڪيون وڃن ته جيئن اسان جي ڳوٺ جي معصوم گلن جو مستقبل روشن ٿئي ۽ کين علم جي روشني حاصل ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ٿئي.

شھمير خان سنڌي/ سجاول

ھڪ ڏينهن جي مفت ميڊيڪل ڪئمپ!‎‎

ڳوٺ حسين آباد ۾ تاريخ 26,09,2022 تي برسات متاثرن جي اھنجن کي گھٽ ڪرڻ لاءِ آغا خان فائونڊيشن پاران ھڪ ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ڪئمپ جو انعقاد ڪيو ويو، ڪئمپ انچارج محترم جناب ارشاد چنو صاحب جي نگرانيءَ ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حسين آباد ۾ ڪيو ويو. ڊاڪٽرن ۾ فيميل ڊاڪٽر الڪا ڪماري ۽ ڊاڪٽر نادر علي ڪانھر صاحب مريضن جو خوش اسلوبي سان معائنو ڪيو. مريضن جنھن ۾ عورتون ۽ ٻار توڙي مرد شامل ھئا، مريضن جي مرض جي تشخيص ڪرڻ سان گڏ کين مفت ۾ دوائون پڻ ڏنيون ويون. ساڻن پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۾ سرفراز چنا صاحب ۽ ڊرائيور عبدالرحمان ٻانھن ٻيلي رھيا. ان کان سواءِ سندن مدد لاءِ اسڪول اسٽاف به ساڻن ڀرپور سهڪار ڪئي، خاص طور تي استاد واجد علي لغاري صاحب جيڪو پاڻ ماضي ۾ ڊسپينسر به رھي چڪو آھي. ان کان سواءِ ڳوٺ جون ليڊي ھيلٿ ورڪر به سندن مدد ڪنديون رھيون. ھڪ ڏنهن واري ڪئمپ ۾ مختلف بيمارين ۾ ورتل مريضن جو علاج ڪيو ويو، جن جو تعداد ساڍا چار سئو هو. ڪئمپ کي باضابطا طور سٺي نموني ھلائڻ لاءِ  اسڪول اسٽاف سان گڏ يوسي وائيس چيئرمين مشڪور حسين خاصخيلي ۽ ڪائونسلر سعادت علي پنھور سان گڏ ڳوٺ جي نوجوانن به ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ سهڪار ڪيو.

محمد رضا خاصخيلي/ ڳوٺ حسين آباد ڪوٽڏيجي، خيرپور

ڪڏھن ٿيندو سوجھرو؟!‎‎

ڪڏھن اسان متحد ٿينداسين؟ ڪڏھن اسان خودمختيار ٿينداسين؟ ڪڏھن ھڪ ھاري کي پنھنجا جائز حق ملندا؟ ڪڏھن وڏيرڪو نظام ختم ٿيندو؟ اڄ ضرور اھي سوال اٿن ٿا ۽ اندر ئي اندر ۾ دفن ٿي  ٿا وڃن. اڄ ھن ڏکئي وقت ۾ غريبن جو ڪو ھمدرد ڪونھي. پھريان جڏھن ھاري، مزدور محنت ڪري فصل پوکيندا ھئا ته زميندار وڏيرا بچت نه ٿيڻ ڪري ھارين تي قرض لکي ڇڏيندا ھئا ڇا اھو قرض ھارين جو ھو؟ ڇا اھي پئسا ھارين کاڌا ھئا؟ نه بلڪل نه، اھو قرض زمين جو ھو، اھو زمين کاڌو ھو، ھارين مزدورن ته رت جا ڦڙا پگھر وھائي رات ڏينھن محنت ڪئي، فصل نه ٿيو ته وري ابتو قرض به ھارين مزدورن تي لڳايا ويندا هئا. وڏيرا کٽ تي ويھي ماني کائين ٿا، انھن کي ڪھڙي خبر ته ھن ھڪ مانيءَ لاءِ ھاري راتين جو لنڊيون لتاڙي پاڻيءَ جا وارا ڪيئن ورائين ٿا. لاباري دوران ڪئين ڀيرا ھٿ وڍجن ٿا، مون پنھنجي اکين سان رت جون نارون وھندي ڏٺيون آھن، اھو درد ڪڏھن ڪنھن کي محسوس ٿيندو؟ اھو درد ان کي محسوس ٿيندو جنھن وٽ احساس هوندو آھي، جنھن جو ضمير زندہ هوندو آھي. اڄ ھن ٻوڏ ۾ به وڏيرن ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آهي، غريب عوام جي نالي تي راشن وٺي سڄو سامان ڊٻو ڪري ويا. جنھن غريب پڇيو چيائون توھان جو نالو ليسٽ ۾ ڪونھي. جڏھن اليڪشن ٿيندي آهي ته لسٽون ڪٿان ٿيون اچن؟ سوال ته اٿي ٿو، آخر ڪير ٿيندو ھمدرد ڏکايل دردن جي پيڙيل غريب عوام جو؟ اسان ٿينداسين ھمدرد، اسان کي ئي اسان مان وڏو ماڻھو ٿيڻو پوندو، اسان کي وڏيرڪو نظام ختم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻي پوندي ۽ سنڌ تي سرڙو ڏيڻو پوندو ۽ چوڻو پوندو. “جاڳيا آھيون، جاڳيا آھيون، تون چور اسين ڀاڳيا آھيون.”

سرفراز احمد لغاري/ڳوٺ حاجي احمد لغاري، سانگھڙ

سنڌ ۾ تعليم ڪمزور هجڻ جا سبب ۽ سڌارا !

عام چوڻي آهي ته علم انسان جي ٽين اک آهي، علم حاصل ڪرڻ لاءِ مرد توڙي عورت جو برابر حق آهي، علم اهو ئي پرائڻ گهرجي جنهن مان ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي، اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن سنڌ ۾ معياري تعليم جو ٻج پوکيو ويندو. پاڻ ڪريمن به فرمايو هو ته علم حاصل ڪيو چاهي اوهان کي چين به وڃڻو پوي. اسان جي سنڌي سماج ۾ تعليم جو لاڙو ڪيترو سيڪڙو گهٽ آهي، ان تي ته ڪيترائي بحث ٿي چڪا آهن پر اڃا تائين ڪير به ان نتيجي تي ناهي پهچي سگهيو ته ان جا انگ اکر ڪيترا آهن؟ ڪيترو ريشو گهٽ آهي؟ جيڪڏهن ريشو گهٽ آهي ته ان جا ڪارڻ ڪهڙ آهن؟ ۽ ان کي ڪهڙي نموني بهتر ڪري سگهجي ٿو! ڪير به صحيح ٻڌائي نٿو سگهي، جيڪي انگ اکر ٻڌايا وڃن ٿا اهي مفروضن تي ٻڌل آهن، مڪمل تحقيق ناهي ٿي سگهي. اصل ۾ ان بيماريءَ جي پاڙ ڳولي وڃي جنهن مرض جي تشخيص ڪري ان تي ضابطو آڻي سگهجي. سنڌ ۾ جيڪي به هن وقت تائين حڪومتون آيون آهن، انهن تعليم جي بجيٽ ۾ هر ڀيري اضافو به ڪيو آهي ۽ ان جي ڏس ۾ ٻاهرين ملڪن کان وافر مقدار ۾ فنڊنگ به ٿيندي رهي آهي. سنڌ ۾ تعليم جي ڪمزور هجڻ جو جيڪو تصور پيش ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ مختلف سبب ڄاڻايا وڃن ٿا ان ۾ ڪيتري سچائي آهي پر منهنجي خيال ۾ ان جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ سنڌ ۾ غربت، بيروزگاري، سماجي برايون، سماجي ڪمزوريون، سياسي مداخلت، سياسي ڀرتيون، اسڪولن تي وڏيرن جا قبضا ۽ رهي سهي ڪسر ڪاپي ڪلچر جو بنياد انهن مان اهم نقطا آهن، جنهن ڪري سنڌي سماج ۾ تعليم سدائين ڪمزور رهي آهي. ٻئي پاسي والدين يا ته ٻارڙن کي اسڪول ۾ ان ڪري به نٿا موڪلين ته ٻار پڙهي ڇا ڪندا؟ ڪهڙي انهن کي نوڪري ملندي يا سائنسدان ٿيندا وغيره جهڙا ڪمزور بهانا پيش ڪيا وڃن ٿا يا اهڙا والدين به موجود آهن جيڪي پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ دلچسپي ته رکن ٿا پر انهن وٽ وسيلا موجود ناهن جو هو پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم ڏياري سگهن.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو آمريڪي دورو!

پاڪستان جو پرڏيهي وزير پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چئن ڏينهن جي دوري تي نيويارڪ کان واشنگٽن پهچي ويو آهي. بلاول ڀٽو واشنگٽن دوري دوران آمريڪن ڪانگريسي ميمبرن، سينيٽرن، آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس ۽ آمريڪي ميڊيا جي ادارن جي نمائندن سان ملاقاتون ڪرڻ لاءِ هن وقت واشنگٽن پهتل آهي. جيڪو آمريڪا پاران سهڪار جا ٿورا مڃڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو جنهن ۾ آمريڪا ۽ آمريڪي صدر جا خاص ٿورا مڃيا آهن ۽ چيو ته اسان آمريڪا جا ٿورائتا آهيون، جنهن ٻين ملڪن سان گڏ پاڪستان کي به دعوت ڏئي گهرايو آهي. موسمياتي تبديلي سان ٿيل نقصان جي پورائي لاءِ دنيا کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ پوندي. قرضن جي اوڳاڙي ملتوي ڪئي وڃي. قرض معاف ڪرائن نٿا گهرون پر سولن شرطن تي قرض ڏنا وڃن. جنهن ڪري آمريڪي صدر جا ٿورائيتا آهيون. چين سان بهتر لاڳاپا آهن. چين پاڪستان جو بهتيرين دوست ملڪ آهي، ڳالهه اها آهي ته جڏهن کان پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جو حلف کنيو آهي ته ان طرفان پاڪستان سان پرڏيهي ملڪن جا لاڳاپا ۽ پاليسين سان هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوشان نظر آيو آهي. پرڏيهي لاڳاپا ۽ ان ۾ بهتري معاشي مستقبل ۽ ترقي جي ضمانت هوندي آهي. ملڪ اقتصادي ڏکيائين جو شڪار رهيو آهي، پاڪستان کي دوست ملڪن جي سهڪار جي پهريان کان وڌيڪ ضرورت آهي. بلاول ڀٽو تازو پنهنجي ايران سميت غير ملڪي دورن دوران پاڪستان ۾ هر بحران تي قابو پائڻ لاءِ ملڪن جي سربراهن سان اتفاق ۽ اهم اڳڀرائي رکي آهي. ملڪي معيشت مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجون پاليسيون ۽ غيرملڪي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي وڌيڪ زور ڏنو آهي، جيئن ملڪ معاشي، اقتصادي بحران مان جلد نڪري پوي. اها ئي ڳالهه آهي ته پاڪستان کي گري لسٽ مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي جيڪا ڳالهه پرڏيهي وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ممڪن ٿي آهي، جنهن ڪري عالمي ساک ۾ بحالي ۽ وائيٽ لسٽ ۾ واپسي ساراهه جوڳي ڳالهه آهي. اميد آهي ته پرڏيهي وزير اڃا وڌيڪ ان جذبي تحت پاڪستان لاءِ بهتر ڪم ڪندو رهندو.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

عوام جون اٽي لاءِ دانهون ۽ سيٺين جون من مستيون!

سنڌ ۾ ھڪ طرف سرڪاري ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آھي ته ٻئي طرف جيڪا رهيل ڪسر هئي سا سرڪاري مهانگائي به پوري ڪري رهي آھي. سنڌ حڪومت جي ڊرامي بازيءَ کان سنڌ جو هر فرد واقف آھي. حڪومت کي ڪرڻ ته ايئن گهرجي ها ته اربن کربن جي مليل ٻاهرين امداد ته هڙپ ڪيائون گهٽ ۾ گھٽ ٻوڏ سٽيل عوام کي پنهنجي ئي صوبي مان پيدا ٿيل ڪڻڪ يا اٽو ته مناسب اگهه تي ڏين ها، تڏھن به عوام جي دلين ۾ سنڌ حڪومت لاءِ ڪجھ احساس پيدا ٿئي ها نه ئي ڪي پٽون ۽ پاراتا ملن ها. ڏسندي ڏسندي جڏھن هٿرادو ٻوڏ تقريبن سموري سنڌ کي تباھ ڪري چڪي ان وقت سنڌ حڪومت به پنهنجي ساري ميدان تي اڇلائي يڪدم نوٽيس جاري ڪيو ۽ سنڌ ۾ ڪڻڪ جو اگھه چار هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو. 65 رپيا في ڪلو اٽي واري نوٽيس کي به ھفتو ڏھ ڏينهن گذري ويا آهن پر سنڌ جي ڪنهن به شھر جي سيٺين ان سرڪاري نوٽيس تي ٽڪي جو عمل نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ضلعي جي ڪنهن ڊي سي ان نوٽيس تي ڪاروباري سيٺين کي پابند بڻايو آهي. عوام اڄ تايئن 120/130 رپيا في ڪلو اٽو خريد ڪري رهي آھي. موجوده سنڌ حڪومت کي يا ته هلائڻ وارو ڪو ماڻھو ناهي يا ته پڪو پهه ڪيو اٿن ته عوام کي هرحال ۾ تڙپائي تڙپائي بکن ۾ مارڻو آھي. اچرج جي ڳالھ آھي ته سموري سنڌ بُکن سبب دانهون پئي ڪري، بيروزگار ماڻھو ٻچن کي بکيو تڙپندو ڏسي آپگھات پيا ڪن پر سرڪار جي ڪٿي به ڪا رٽ نظر نٿي اچي. سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي سڄو ڏينهن اٽو سستو ڪرڻ لاءِ ماڻھو سراپا احتجاج آھن. ڇا سنڌ حڪومت ان سڄي معاملي ۽ عوام جي رڙين کان بيخبر آھي؟ پنهنجي ئي جاري ڪيل سستي اگھه تي اٽو وڪرو ڪرڻ واري نوٽيس تي عمل ڇو نٿي ڪرائي؟ غريب عوام کي ذليل ۽ خوار ڪري بکون ڇو ٿي ڪٽرائي؟ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ضلعي جي هر ڊي سي کي سختي سان تاڪيد ڪري ۽ هر ضلعي جي هر شھر ۾ اٽو سرڪاري اگھه تي وڪرو ڪرائي جي پوءِ به ڪو ڪاروباري ماڻھو اٽو سستو نٿو ڪري ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪري پنهنجي جيئرو هجڻ جو ثبوت ڏئي. ٻي صورت ۾ هي ڪروڙين ماڻھو هر وقت ميڊيا تي صرف اٽي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آھن، پوري دنيا انٽرنيٽ ذريعي اهي منظر ڏسي ٿي. اهڙي صورتحال کان پوءِ دنيا سنڌ حڪومت کي ڪهڙن لفظن سان نوازي پئي يا ڪهڙا تبصرا ڪري پئي، اهي به ڪنهن کان ڳجها ناهن. سرڪاري ٻوڏ سبب رڪارڊ ٽوڙ مليل ٻاهرين امداد به خبر ناهي ڪٿي گُم ٿي وئي آهي، ڪنهن به مستحق کي طريقيڪار اها امداد ناهي ملي. لکن جي تعداد ۾ عوام پنهنجا ٻچا وٺي روڊن تي دربدر آھي. سنڌ حڪومت انهن کي اڃا تائين ڪو به سنجيندگي سان رليف ناهي ڏئي سگهي. ويتر غريبن کي وڌيڪ پريشان ۽ آپگھات ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جو اگھه وڌائي اٽو به مهانگو ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ حڪومت کي جيڪڏھن عوام جو ٽڪي جو به احساس آھي ته يڪدم اٽو سستو ڪرڻ لاءِ ضلعي جي هر ڊي سي کي حڪم جاري ڪرڻ گھرجي.

امر سنڌي/ ڪلوئي‎‎

سنڌ ۾ اٽي جي سرڪاري اگھ تي عمل ڪرايو!

جتي سڄي سنڌ خراب حڪمراني ۽ سرڪاري ناھليءَ کي ڀوڳيندي پنھنجي اباڻن ڪکن کي ٻڏندي ڏسي ۽ روڊن تي پناھ وٺندي دربدر ھجي اتي ماڻھن جي جياپي لاءِ اھم شيءِ سمجھيو ويندڙ اٽي جي وڌندڙ قيمتن انھن ڏتڙيل ڏيھ واسين جا اھنج ٻيڻان ڪري ڇڏيا آھن. مارڪيٽ پرائيس تي ڪنٽرول نه ٿيڻ ۽ بدانتظامي جي نظام سبب اڳ ئي واپاري پنھنجي مرضيءَ سان اٽي جو في ڪلو 90 رپين کان 100 رپين تائين وڪرو ڪندا ھئا پر جيئن ئي سنڌ حڪومت سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ ڪڻڪ جو سرڪاري اگھ چار ھزار رپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ته اٽي جي واپارين به موقعي جو فائدو وٺندي اٽي جو في ڪلو 120 کان 130 رپيا وڪرو ڪرڻ لڳا آھن، جنھن ڪري ٻوڏ، بک بدحالي، بدانتظامي سميت انيڪ مسئلن جو شڪار ٿيل سنڌ واسين جي قوت خريد ختم ٿي چڪي آھي ۽ ھاڻي هو بکن ۾ پاھ ٿي رھيا آھن، جنهن جي ڪري هو مجبورن سفيد پوش ماڻھو شھرن ۾ ٻارڙن کي دڪانن تان خيرات وٺڻ لاءِ موڪلين ٿا ۽ ملندڙ رقم مان ٻه ٽي ڪلو اٽو وٺي ويلا ٽاري رھيا آھن. سنڌ حڪومت واپارين طرفان اٽي جي ھٿرادو مقرر ڪيل اگھن جو نوٽيس ته ورتو آھي پر نه ئي حڪومت يا انتظاميا طرفان انھن منافعي خور واپارين خلاف ڪنھن به قسم جي ڪارروائي ٿي سگھي آھي نه ئي سنڌ سرڪار طرفان اٽي جي مقرر ڪيل اگھ 65 رپيا في ڪلو تي عمل ٿي سگھيو آھي، جنھن سبب واپاري پنھنجي ھٿ ٺوڪين اگھن تي اٽو وڪرو ڪري ڏتڙيل ڏيھ واسين کي ڦري رھيا آھن، منھنجي سنڌ حڪومت جي نمائندن وزير اعليٰ سنڌ، وزير خوارڪ سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين عملدارن کي گذارش آھي ته پنھنجي طرفان اٽي جي مقرر ڪيل سرڪاري اگھ 65 رپيا في ڪلو تي عمل ڪرائي موقعي پرست ۽ منافعي خور واپارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري دردن ۽ مسئلن جو ديس بڻيل سنڌ جي ماڻھن کي رليف ڏياريو وڃي. سيف الله پنھور/کورواهه

ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ مهرباني

ڪري هوائي فائرنگ جو نوٽيس وٺو!

محترم ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي پوليس! ڪراچي شهر جي ٻين علائقن ۾ به بي جا هوائي فائرنگ ڪئي ويندي آهي پر ڪراچيءَ جي محمود آباد جي خاص طور تي 2 نمبر ۽ ٽي پي ٽو جو علائقو ۽ اعظم بستيءَ ۾ شام ٿيندي ئي بي سبب هوائي فائرنگ جا ٽاڪوڙا مچي ويندا آهن جنهن کان پوءِ ڪمزور دل ماڻهن، پوڙهن ۽ معصوم ٻارن ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويندو آهي. محمود آباد جي ٽي پي ٽو جي علائقي ۾ ته شام سج لٿي کان شروع ٿيندڙ هوائي فائرن ۽ گولين جا زوزاٽ ۽ سرڙاٽن ۽ برسٽن جي ڪري ماڻهن جا هانوَ ڦاٽڻ لڳندا آهن. ان سموري معاملي ۾ ٽي پي ٽو جي علائقي ۾ تَر جو ايس ايڇ او ۽ علائقائي پوليس نيون ٺهندڙ عمارتن جي ٺيڪيدارن، ريڙهن ۽ دڪاندارن کان پوليس موبائيل تي سرعام ڀَتو وٺندي نظر ايندي آهي. محمود آباد، اعظم بستي ۽ ٽي پي 2 جي علائقي ۾ روزانون توهان کي پوليس موبائيل ڪنهن نه ڪنهن نئين ٺهندڙ عمارت جي مزدورن کي ڀتي نه ڏيڻ تي ڳچيءَ ۾ هٿ وجھي کين گرفتار ڪندي نظر ايندي، جڏهن ته شام ٿيندي ئي هوائي فائرنگ، چورين ۽ ڦرن جي وارداتن تي پوليس کي ڪا ڳڻتي ۽ نه ئي الڪو هوندو آهي. محمود آباد جي علائقي ٽي پي 2 جي پوليس جي اهڙن ڪارنامن جا علائقي واسي ڪيترائي ڀيرا وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي به رکي چڪا آهن ته ڪي سفيد پوش پوليس جي معاملي ۾ نه پوڻ ۽ ڪورٽ ڪچهرين جي معاملن کان بچڻ لاءِ پوليس جو هر ناجائز مطالبو به مڃي وٺندا آهن. جڏهن ته محمود آباد 2 نمبر جي ٽي پي ٽو جو علائقو چورين، ڦرن ۽ هوائي فائرنگ، عدالتي پابنديءَ باوجود لغڙ اڏائڻ جي لاءِ مشهور آهي ۽ اهي ماڻهو پوليس آفيسرن کان ڏاڍا آهن. روز جي هوائي فائرنگ جي ڪري علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙيل آهي پر پوليس پنهنجي ڀتن ۽ ڏاڍاين ۾ پوري آهي. اسان ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڊي آءِ جي ڪراچي کي معاملي جو نوٺيس وٺي هوائي فائرنگ جي بند ڪرائڻ جي اپيل ٿا ڪريون ته جيئن اسان جا ٻارڙا ۽ ٻڍا سڪون سان رهي سگھن.

محمد خالد سولنگي/ڪراچي