امداد ته نه مليو پر واڳن ۽ زهريلن جانورن کان ته بچايو!

ڳوٺ حاجي احمد لغاري ڀرسان ڳوٺ وريام خان جلباڻي ۽ ڳوٺ فوجي فتح محمد ۾ واڳون ڏٺو ويو آھي، گذريل ڏيڍ مھيني کان ھي ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ آھن، ھتي اٺ کان 10 فوٽ پاڻي بيٺل آھي. ڳوٺ جي رھواسين جي چوڻ موجب ھي واڳون مٺڙائو ڪئنال واھ مان نڪري اولھ طرف ڳوٺن اندر داخل ٿيو آھي. 19 سيپٽمبر تي ھي واڳو مشتاق خان جلباڻي جي گھرن ويجھو ڏٺو ويو ھو، ان بعد اڄ ميٽر واري دڙي تي عبدالغفور لغاري، ارشد علي لغاري ۽ مولابخش لغاري ڏٺو آهي. انھن جي چوڻ موجب واڳون اٺ کان 10 فوٽ ڊگھو ھو ۽ سندس تمام گھڻي رفتار ۾ اولھ طرف چڪ نمبر 10 ڏانھن روانو ٿي ويو آھي، ڪجھ ڳوٺاڻا جيڪي پنھنجي گھرن اندر ڦاٿل آھن انھن جو چوڻ آھي ته اسان ڏانھن هن وقت تائين ڪا به امدادي يا ريسڪيو ٽيم ناھي پھتي. ھتي پاڻي اندر ھر ڏينھن نانگن ۽ زھريلن جيتن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. اسان تمام گھڻي تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آھيون. مٿان ھي واڳون به اسان لاءِ ھڪ آفت بڻيل آھي جيڪو ڏينھن رات اسان جي ٻارڙن، جانورن ۽ وڏن لاءِ ڊپ جو اهڃاڻ بڻيل آهي. اسان کي راشن پاڻي ۽ ضروري سامان ٽينٽ تمبو وغيرہ ته حڪومت مھيا ڪرڻ جو ته سوچيو به ناھي، ھاڻ ھن آفت جو ڪو حل ڪڍي اسان جي مدد ڪئي وڃي. اسان جي ڳوٺ فوجي فتح محمد ۽ حاجي احمد لغاري کي ھميشه نظرانداز ڪيو ويو آھي. حڪومت کي ٻوڏ ۾ ٻڏل اسان مزدورن جو به ڪجھ خيال رکڻ گھرجي. اسان رت جو ڦڙو وھائي ۽ بي انتها پگھر وھائي ٻنين کي آباد ڪندا ھئاسين. اڄ اسان جا گھر ٻڏي ويا آهن، راتين جو ٻارڙا بک وگھي روئي روئي سمھن ٿا ۽ بکن، تڪليفن جي کي جھوري ڇڏيو آھي. گھرن جي ڇتن تي ڏيڍ مھيني کان ويٺا آھيون. اڄ تائين اسان ڏي ڪو نمائيندو لڙي به ناھي آيو. حڪومت کي درخواست ٿي ڪجي ته ڪجھ وجود وڃائيندڙ اسان ٻوڏ متاثرن ڏانھن غور ڪيو وڃي ۽ جلد کان جلد پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.

سرفراز احمد لغاري/ ڳوٺاڻا، رھواسي، ڳوٺ حاجي احمد لغاري، سانگھڙ

والدين جون اولاد ڏانھن موڪليل ڪجھه گذارشون!

ڪنهن ڏينهن جي اسين ڪمزور ۽ پوڙها نظر اچون ته صبر ڪجانءِ ۽ اسان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجانءِ، جيڪڏهن اسين کاڌي کائڻ دوارن کاڌو اسان جي ڪپڙن کي لڳي پوي ۽ اسين پنهنجا ڪپڙا بدلائي نه سگهون ته مهرباني ڪري ناراض نه ٿجو ۽ اهو وقت ياد ڪجو جڏهن اسين اوهان کي کاڌو کارائيندا هئاسون ته نه فقط تون پنهنجا ڪپڙا خراب ڪندو هئين پر اسان جا ڪپڙا به ميرا ڪري ڇڏيندو هئين، جيڪڏهن اسين تو سان ڳالهائڻ دوران ڪئين جملا يا لفظ وري وري چئون ته مهرباني ڪري اسان کي ٽوڪجانءِ نه پر اسان کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. جڏهن تون ننڍڙو هئين ۽ اسين توکي هڪ هزار هڪ ڀيرو ساڳي ڪهاڻي ٻڌائيندا هئاسون جيستائين توکي ننڊ نه اچي وڃي، جيڪڏهن اسين ڪڏهن وهنجڻ نه چاهيون ته ناراض نه ٿجانءِ ياد ڪجان جڏهن ننڍي هوندي اسين توکي وهنجارڻ لاءِ وٺي ويندا هئاسون ته تون هزار بهانا ڪري ڀڄي ويندو هئين ۽ اسان کي تنهنجي پويان ڊوڙڻون پوندو هو، جڏهن اسين ڪنهن نئين ڳالهه يا ٽيڪنالاجي کي قبول نه ڪريون ته اسان جي مدد ڪريو ۽ ان ٽيڪنالاجي يا ڳالهه کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪجو، اسين پڻ توکي اهڙيون ڪئين ڳالهيون سيکاريندا هئاسون، جيئن کاڌو ڪيئن کائجي، ڪپڙا ڪيئن پائجن ۽ پنهنجي گهرجن لاءِ ڪيئن ڪوشش ڪجي! جڏهن اسان کي ياد نه رهي ته ۽ موضوع تي ڳالهائيندي بيهي وڃون ته اسان کي ڪجهه وقت ڏجانءِ ته ڳالهه ياد ڪري وٺون ۽ جي ياد نه ڪري سگهون ته چڙٻجانءِ نه، ڇاڪاڻ ته اهم ڳالهه اسان جي ڳالهه ناهي هوندي، اسين ته توکان ڪجهه وقت وٺندا آهيون ۽ توسان گڏ هجڻ جو مزو وٺندا آهيون، جڏهن ڪڏهن اسين ڪجهه کائڻ کان انڪار ڪيون ته زور نه ڀرجانءِ، اسان کي پنهنجي وت جي خبر آهي ته ڪڏهن ۽ ڪيترو کائجي ۽ ڪڏهن نه کائجي، جڏهن اسان جو ٿڪل ڄنگھون جواب ڏئي وڃن ۽ لٺ کان سواءِ گهمي نه سگهون ته مهرباني ڪري پنهنجو هٿ وڌائجانءِ ۽ مدد ڪجانءِ، ياد ڪر جڏهن تون هلي به نه سگهندو هئين ۽ اسان جي آڱرين جي آسري پنهنجا ننڍڙا ۽ پهريان قدم کڻي سکندو هئين ۽ جي ڪنهن ڏينهن اسين اهو چئون ته اسين وڌيڪ جيئڻ نٿا چاهيون ۽ مرڻ ٿا چاهيون ته ڪاوڙ نه ڪجانءِ، جو هڪ ڏينهن توکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي، ڪوشش ڪري اسان جي تعريف ڪجانءِ، ڇاڪاڻ ته اسان جي عمر هاڻ رهڻ جهڙي ناهي، بس وقت گذارڻ واري آهي. هڪ ڏينهن توکي احساس ضرور ٿيندو ته جيتوڻيڪ اسان جي نادانين جي اسين هميشه تو لاءِ ڀلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اها ڪوشش ڪئي ته تنهنجا رستا سولا ۽ آرامده ٿين.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

مهينو گذرڻ باوجود ريلوي ٽريڪ بحال ناهي ٿي!

هڪ مهينو گذرڻ باوجود نواب شاهه، بڇيري، پڊعيدن، محرابپور ۽ ٻين سيڪشنن تي ريلوي ٽريڪ تي سيلابي پاڻي موجود آهي، پاڻي موجود هجڻ جي ڪري ڪراچي، لاهور وچ ۾ 25 ڏينهن گذرڻ باوجود ٽرين سروس اڃا بحال ٿي نه سگهي آهي. ٽرين جو سفر عام ماڻهن جي لاءِ هڪ سستو سفري ذريعو آهي. غريب ماڻهو ان ذريعي سفر کي اوليت وڌيڪ ڏيندا آهن جڏهن ته واپاري برادري مال گاڏين ذريعي سامان جي نقل ۽ حرڪت ڪندي آهي، ڇاڪاڻ ته پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ عام ماڻهو سفر ڪرڻ يا وري واپارين لاءِ لوڪل ٽرانسپورٽ ذريعي سامان جو آڻڻ گهڻو مهانگو ٿي چڪو آهي پر 25 ڏينهن گذرڻ کان بعد به اڃا ريلوي ٽريڪ بحال ٿي نه سگهي آهي. خدا نه ڪري ته ڪنهن هنگامي آفت يا وري جنگي ماحول ۾ ريلوي اهڙي صورتحال ۾ ناڪارا ٿي ويندو جنهن ڪري اسان جو جنگي ساز و سامان جي نقل حرڪت به ريلوي ذريعي ئي محفوظ ۽ تيز ترين هوندي آهي. ڳالهه اها آهي ته ريلوي جي وفاقي وزير اهو اعلان ڪيو هو ته اسان جلدي جي بنيادن تي ريلوي ٽريڪ کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون تان جو جلدي ملڪ جي عوام کي اها سهولت فراهم ڪري سگهجي پر افسوس جو هن وقت تائين ريلوي ٽريڪ جي بحالي واري ڪائي صورت نظر نٿي اچي. ريلوي کاتي کي روزانون جي بنياد تي ڪروڙين رپين جو نقصان الڳ سان ٿي رهيو آهي. تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ريلوي جي بحاليءَ ۾ خصوصي طور دلچسپي وٺي جلد کان جلد ٽريڪ بحال ڪرائي تان جو ملڪ اندر ماڻهو سولائيءَ سان سفر ڪري سگهن.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

ٿرپارڪر ضلعي جي پريمي جوڙي کي فورن بازياب ڪرايو!

لڳ ڀڳ 23 آگسٽ تي گهران نڪتل هندو ڇوڪري 25 آگسٽ تي اسلام قبول ڪري ڳوٺ دلن جو تڙ جي رهواسي نوجوان سومار گجو سان پسند جو پرڻو ڪيو هو. 28 آگسٽ تي جوڙو ڳوٺ واپس اچي رهيو هو ته جوڙي کي بااثر اغوا ڪري کڻي ويا آهن، نوجوان سومار گجو وٽ روڪ پئسا، موبائيل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان گڏ هو، نوجوان سومار جي مائٽن موجب سومار کي جنهن اغوا ڪيو آهي اهي بااثر آهن، اسان جي ڇوڪري جي زندگي کي خطرو آهي، پوليس کي جوڙي جو تحفظ جو آرڊر ڏيڻ باوجود اها جوڙي کي تحفظ نه ڏئي سگهي آهي. اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته جوڙي کي جلد بازياب ڪرائي ان جي زندگي بچائي وڃي.

عبدالرحيم/ ڇاڇرو

ٽرانس جينڊر قانون جا ڪهڙا نقصان آهن!

اڪثر اهو سوال ڪيو ويندو آهي ته هي جيڪو قانون ٺاهيو ويو آهي، اهو صرف ٽرانس جينڊر لاءِ ئي آهي پر اوهان کي خبر آهي ته ٽرانس جينڊر ڪهڙي بلا آهي؟ اسان جي چوڌاري قدرتي معذور (کدڙا فقير)  گهمن ٿا، اهي قدرتي طور معذور آهن ۽ اسان انهن کي “ٽرانس جينڊر” ۾ شمار نٿا ڪري سگهون، ٽرانس جينڊر هڪ نفسياتي بيماري آهي، جنهن ۾ هم جنس پرستي جي بي انتها عادت هوندي آهي ۽ اها نفسياتي بيماري عورتن توڙي مردن ۾ پڻ هوندي آهي، تنهن ڪري عورت پاڻ کي مرد قرار ڏئي پنهنجي جنس تبديل ڪرائي پنهنجي سڃاڻپ مرد ڄاڻائي نادرا مان سي اين آءِ سي به مردن جو حاصل ڪري ٿي ۽ مردن ۾ نفسياتي بيماري طور عورت ٿيڻ جو تصور پيدا ٿئي ٿو ته هو پاڻ کي عورت تصور ڪندي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ به عورت جي نالي سان وٺي ٿو، جيئن ڊاڪٽر ساره گل جيڪا کدڙو نه پر ٽرانس جينڊر آهي، جنهن کي اسان ساراهيون پيا، هن وقت حڪومت جيڪو بل پاس ڪيو آهي ان تحت ٽرانس جينڊر محسوس ڪندي هو هم جنس پرستي سولائيءَ سان ڪري سگهن ٿا، ان ڪري هن سان هم جنس پرستي کي هٿي ملندي ۽ لوط جي قوم کان به وڌ هن قوم تي عذاب ايندا. ٻيو ته ورهاست به هن قانون موجب ٿيندي ۽ باقائدي هن قانون ۾ لکيل آهي ته ٽرانس جينڊر قانون تحت جائيداد جي ورهاست ۾ وڏا ڏڦير پيدا ٿيندا، هن قانون تحت جائيداد جي ورهاست ان انسان جي جنس موجب ڪئي ويندي. جيڪڏهن مرد پاڻ کي عورت تصور ڪري ٿو ۽ هن جنس تبديل ڪرائي نادرا موجب عورت جي سڃاڻپ مليل آهي ته هن کي عورت جي قانون تحت ورهاست ۾ حصو ملندو ۽ عورت جيڪڏهن مرد جي سڃاڻپ حاصل ڪري ٿي ته ان کي ورهاست ۾ حصو مرد وارو ملندو، هن قانون تحت افراتفريح جو ماحول پيدا ٿيندو ۽ هي قانون صرف قدرتي معذورن (کدڙن) تائين محدود ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو.

علي حسن “احسن” چڍڙ/ ميرپورماٿيلو

تعلقي ميروخان ۾ مليريا ۽ ڊينگي بي قابو ٿي ويا!‎‎

لاڳيتو برساتون پوڻ ڪري گهٽين ۽ نالين توڙي زمينن ۾ پاڻي بيهڻ ڪري ڪيترن ئي بيمارين ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، تعلقي ميرو خان ۾ ڪيترائي ڳوٺ موجود آهن جن ۾ هن وقت تائين برساتي پاڻي موجود آهي، جنهن سبب سوين بيمارين جنم ورتو آهي. يوسي مصري خان، ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي مليريا، ڊينگي، گيسٽرو ۽ ٻيون بيماريون ڳوٺاڻن کي وڪوڙي ويون آهن. ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو تقريبن 10 ھزار گهرن تي مشتمل آهي. قديمي ڳوٺ جي هن وقت تائين ڪنهن به سار سنڀال نه لڌي آهي. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت اسسٽنٽ ڪمشنر کي اسپري جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڏئي آيا آهن، ڳوٺاڻن ڪيترائي احتجاج به رڪارڊ ڪرايا آهن پر هن وقت تائين سرڪاري آفيسرن جي ڪن تي ڪا به جونءَ نه سري آهي نه ئي حڪمرانن جي ڪن تي نه چري آهي ۽ نه وري ڪنهن انتظاميه نوٽيس ورتو آهي. ميرو خان تعلقي جو جڳ مشهور ايم بي بي ايس ڊاڪٽر غفار چانڊيو موجب ميلريا ۽ ڊينگيءَ جا مريض وڌيڪ اچن ٿا ۽ هن اهو ٻڌايو ته اڃا ڪيترائي ڪيس ظاهر ٿيڻ جا خدشا آهن، جيڪڏهن ان ڳالھ جي خلاف جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا ته بيماري تقريبن سموري علائقي ۾ پکڙجي ويندي ۽ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو عمل ٿي ويندو، جيستائين اسپري نٿو ڪرايو وڃي تيستائين ان سلسلي ۾ اضافو ٿيندو رهندو. اسان محترم اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي سي ۽ اعليٰ عملدارن کي گذارش ٿا ڪريون ته ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو ۽ آسپاس جي علائقن ۾ جلد مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي ته جيئن غريب ڳوٺاڻن جي جان بچي سگهي.

مدثر بيدار چانڊيو/ميروخان

مقصودو رند هاءِ اسڪول ۾ سرڪار طرفان ڪتاب نه مليا!

مقصودو رند هاءِ اسڪول ۾ گورنمينٽ طرفان شاگردن کي درسي ڪتاب ملي نه سگهيا آهن، جنهن جي ڪري هتان جو درسي عمل سخت متاثر ٿيو آهي، گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مقصودو رند ۾ نئين تعليمي سال جي شروعات گذريل پنج مهينن کان ٿي چڪي آھي پر شاگردن کي ڇهين درجي کان وٺي ڏهين درجي تائين جا درسي ڪتاب نه ملي سگهيا آھن، جنهن سبب شاگردن جي جو تدريسي عمل سخت متاثر ٿي رهيو آھي. جڏهن ته شاگرد پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي روزانون اسڪول وڃن ٿا پر افسوس جو روز کين اهو ئي چئي موٽايو ٿو وڃي ته اڄ نه سڀاڻي درسي ڪتاب ملندا، ان حوالي سان اسڪول انتظاميه جو چوڻ آھي ته اسان کي ڇهين کان اٺين درجي تائين جا ڪجھ درسي ڪتاب مليا هئا، جيڪي به مڪمل نه هئا پر اسان اهي شاگردن ۾ ورهائي ڇڏيا آھن پر ڏهين درجي جا درسي ڪتاب ته بلڪل مٿان اسان کي به نه مليا آھن ته شاگردن کي ڪٿان ڏيون؟ اسان تعليم جي وزير سيد سردار شاھ کي اپيل ٿا ڪريون ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ ڇهين ڪلاس کان ڏهين ڪلاس تائين جا مڪمل درسي ڪتاب اسڪول ۾ مهيا ڪيا وڃن ته جيئن شاگرد تعليم جهڙي زيور سان سنوارجي سگهن.

ظھور حسين رند/ مقصودورند، سانگهڙ

سنڌ جي رضاڪار دوستن ڏانھن چٺي!

تازين برساتن ۽ ٻوڏ دوران رضاڪار دوستن ۽ تنظيمن متاثر ماڻھن جي مدد لاءِ مختلف متاثر علائقن ۾ پهتا آهن ۽ انهن جي مدد ڪئي آهي، جيڪو هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ٻوڏن ۽ برساتن سبب مختلف بيماريون پکڙجي رهيون آهن، خاص ڪري پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي پکڙجڻ جو خدشو تمام گھڻو آهي ۽ مقامي ماڻهو سخت متاثر ٿي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ رضاڪار پنهنجي جان خطري ۾ وجهي مختلف علائقن ۾ ماڻهن جي مدد ڪري رهيا آهن، جيڪو هڪ سٺو عمل آهي پر اهڙي صورتحال ۾ رضاڪارن کي پنهنجي صحت جو به خاص خيال رکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهي مختلف علائقن ۾ وڃن ٿا ۽ جيڪڏهن اهي ڪنهن بيماريءَ ۾ وٺجي وڃن ٿا ته انهن مان ٻين علائقن ۾ بيماريون پکڙجڻ جو به خدشو آهي ۽ هڪ رضاڪار جي زندگي به خطري ۾ پئجي سگهي ٿي ۽ اهڙي طرح محب وطن رضاڪار تمام قيمتي دوست آهن، جيڪي ملڪ جو حقيقي اثاثو آهن. رضاڪار دوستن کي پنهنجي صحت جي حفاظت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇو جو جيڪڏهن اهي محفوظ هوندا ته تڏهن ئي ڪنهن جو سهارو بڻجي سگھندا.

راحيل بڙدي/خيرپورميرس

ڪاڇي ۾ برسات کان پوءِ جون تباهيون!‎‎

جوهي ۽ ڪاڇي ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، گذريل ڀيري وقفي وقفي سان تيز برسات جاري رهڻ ڪري ڪيترائي ڪچا گهر ڊھي پٽ ٿي ويا هئا، نئين گاج جي وهڪري سبب ڪاڇي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن، انهن جو جوهي ۽ دادو سان سان زميني رابطو ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪٽيل آهي پر انتظاميا غائب آهي جوهي شھر جي نيو ڪالوني، حسين آباد ڪالوني پاڻي هيٺ اچي ويون آهن، مسڪين ماڻھن جا ڪچا گهر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن، جوهي جي ڳوٺ علي مرتضيٰ لغاري، گل محمد گاڏھي سميت مختلف ڳوٺن ۾ به غريب پورهيتن جا ڪچا گهر ڪري پيا آهن، ٻئي طرف سنڌ بلوچستان سميت کير ٿر جي جابلو پٽين تي زوردار وسڪارن کان پوءِ ڪاڇي ۾ نئين گاج سميت مختلف نئيون وھي آيون هيون جنھن ڪري ڪاڇي جا مختلف روڊ رستا ڇني، واهي پانڌي ڳوٺ پريو جمالي، ڊرگھ بالا روڊ سميت ڪيترائي روڊ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا هئا جنھن سبب سئو کان وڌيڪ ڳوٺن جو جوھي دادو ھيڊ ڪوارٽر سان ڪيترن ئي ڏينهن کان زميني رابطو ڪٽيل رهيو، علائقي واسين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون پيش اينديون رهيون. برسات سبب ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ۾ غريبن مسڪينن جا ڪچا گھر ڊھي پٽ ٿيڻ ڪري ڪيترائي غريب ۽ مسڪين خاندان هن وقت کلئي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن، پر تڪ جي چونڊيل نمائندن ضلعي انتظاميا دادو پاران برسات متاثرين جي لڳ ڀڳ مهينو گذرڻ باوجود ڪا به واھر نه ڪئي وئي آھي، جنھن سبب کاڌ خوراڪ جو سامان نه ھجڻ ۽ جوھي دادو ھيڊ ڪوارٽرن رابطو ڪٽجڻ ڪري سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهيون. جڏهن ته ڪاڇي ۾ مليريا جي وبا تي ضابطو نه اچي سگهيو، هر ڪو پنهنجي پيارن جي جان بچائڻ لاءِ جتن پيو ڪري، مليريا سبب آسپاس جي علائقن جون اسپتالون ڀرجي ويون آهن ۽ اسپتالن ۾ اڻپورين سهولتن جي ڪري مريضن کي گھٽين ۾ ڊرپو چاڙهي سندن علاج ڪيو ويندو آهي. ڪاڇي ۾  مليريا جي وبا جو اندازو هن تصوير مان لڳائي سگهجي ٿو. واهي پانڌي ۾ پرائيوٽ سينٽرن جي ٻاهران روز  اهڙا منظر ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

ٻوڏ متاثر کي پنڻ کان بچائڻ لاءِ نوجوانن کي بنا وياج قرض ڏيو!

ھن وقت سنڌ جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي ۽ سنڌ جي ھر طبقي سان واسطو رکندڙ به تنگ زندگي گذراڻ تي مجبور آھن، ھاري پورھيت مزدور ۽ ملازمت وارو طبقو به پريشان آھي. وقت سنڌ جي زراعت، مال متاع ،گھرن کي ايترو نقصان پھتو آھي، جنھن جي نقصان جو اندازو نٿو لڳائي سگھجي. ماڻھو پنھنجا اجھا، ڪکاوان جھوپڙا، ڪچا پڪا گھر، مال متاع سامان ڇڏي دربدر واري زندگي گذاري رھيا آھن. وري سڄي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ واري ڊوڙ ۾ ڏسجي ته پ پ پ حڪومت جو خاص ڪو مثبت ڪردار نظر نه پيو اچي ۽ نه وري حڪومت ماڻھن کي تڙ تڪڙ ۾ رليف ڏئي سگھي آهي يا وري ڳوٺن ۽ شھرن مان پاڻي ڪڍرائي سگھي آهي ۽ اربين رپين جي امداد به ٻاھرين ملڪن کان آيل آهي پر اها به ورھائي ماڻھن کي نه ٿا ڏئي سگھن. ضلعي انتظاميه ڊي سي کي 4 ڪروڙ کان مٿي پئسو مليو آهي اھو پئسو ڪيڏانھن ويو اها ڪنهن کي به خبر ناهي. آخر عوام ۾ شعور آھي ۽ ڪجھ ماڻھن کي ته ڊي سي تي ڪورٽن ۾ ڪيس داخل ڪرڻ گھرجي. سنڌ حڪومت به سنڌي عوام کي مستقل حل ڪڍي ننڍا ننڍا قرض ڏئي روزگار کولي ڏئي ۽ اھي قرض فري وياج ھجن ۽ انھن جي واپس وٺڻ ۾ ڏکيا شرط نه ھجن جيئن عمران خان گھرن جي اسڪيم ۾ ڏکيا شرط رکيا ھئا. سنڌ حڪومت به غريبن کي گھر ٺھرائي ڏئي ۽ ان فارم ۾ مختيارڪار يا ايس ڊي ايم يا کاتن جو شرط نه ھجي. فارم ۾ ڏکيا شرط آھن، ان ڪري غريب برسات متاثرن کي گھر ڏکيائيءَ سان ٺھي ملندا. ھن وقت به ڏٺو وڃي ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي ٻاھران امداد ۽ فنڊ تمام گھڻو مليو آھي پر ان آيل امداد کي ورھائڻ جي لاءِ ڪو بھتر طريقيڪار جوڙيو وڃي، ان جي مانيٽرنگ ھجڻ گھرجي ۽ سنڌي ماڻھن کي ڀلي کاڌ خوراڪ ڏني وپي پر خدارا! کين پنڻ کان بچايو، رياست ۽ حڪومت ڪو مڪينزم ۽ بندوبست ڪري جيئن ماڻھو آفتن کان بچي سگھن، جڏهن ته هن ڏکئي وقت ۾ اين ڊي ايم نيشنل ڊزازسٽر مئنيجمينٽ جو ڪو ڪردار نظر نه پيو اچي ھي، آفتن کي منھن ڏيڻ وارو ادارو به ماڻھن کي تربيتون ڏئي ۽ ڏکئي وقت ۾ ڪم اچي.

ساگر شفيق وساڻ/جھنگو وساڻ

آئون پوءِ به اڪيلو ويندس، حسن درس جو وڇوڙو!

حسن درس نئين ٽهيءَ ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي نمائنده شاعر جو جنم، 5 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ مشائخ هوٿي، ٽنڊي الهيار ۾، حاجي غلام رسول درس جي گهر ۾ ٿيو. حسن درس جا وڏا اصل ۾ لاکا ذات جا آهن پر سندن ڏاڏي مشائخ هوٿي لاکي (وفات 1408) کي سهرورديه سلسلي جي ملتاني بزرگ هٿان خلافت ۽ “درس” جي خطاب ملڻ کان پوءِ “درس” سڏجڻ لڳا. حسن درس جي والد غلام رسول درس (1973- 1905ع) کي ٻن شادين مان چار ڌيئرون ۽ ٻه پُٽ اڳ ۾ ئي هئا ۽ حسن درس سندس آخري اولاد هو. مٿس نالو به سندس ڏاڏي محمد حسن درس (1942-1884ع) جو رکيو ويو، ان ڪري ڏاڏي جي نسبت سان کيس گهر ۾ ڪوڏ مان “ڏاڏو” سڏيندا هئا. حسن درس ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ورتي ۽ اٺين ڪلاس تائين مڊل اسڪول مشائخ (قاضي احمد) مان تعليم حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ هن مئٽرڪ مسلم هاءِ اسڪول ٽنڊي الهيار مان ڪئي. اڳتي هلي ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ڪيائين. حسن درس ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ سان دلچسپي رکندو هو. شايد اها دلچسپي منجهس موروثي وديعت ٿيل هئي، جو سندس ڏاڏو محمد حسن درس به مدح ۽ مولود جو ناميارو شاعر هو ۽ سندس شاعري درگاهه مشائخ هوٿيءَ سميت تر جي ميلن ۽ محفلن ۾ ڳائي ويندي هئي. هن 16 سالن جي ڄمار کان شاعري شروع ڪئي ۽ اڳتي هلي پنهنجي ٽهيءَ جو سرواڻ شاعر بڻجي ويو. هن جي شاعريءَ ۾ موسيقي، رواني ۽ فڪري تسلسل ڪمال درجي جو آهي. سندس شاعريءَ ۾ فطرت جي حسين منطر نگاريءَ ۽ سنڌ جي ذري ذري سان اٿاهه محبت سان گڏ تصوف جو رنگ به موجود آهي.

امتياز علي ڪنڀر/ميرپورخاص