دوائن جي کوٽ ۽ فارما سيوٽيڪل مافيا!

عوام کي معياري دوائون مناسب اگهن تي فراهم ڪرڻ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جي بنيادي ذميواري هوندي آهي. افسوس ته فارماسيوٽيڪل مافيا ڊريپ وارن جي ملي ڀڳت ڪري مخصوص دوائن جي مارڪيٽ ۾ سپلاءِ گهٽ ڪري هٿرادو کوٽ پيدا ڪندو آهي، پوءِ حڪومت کي قيمت وڌائڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آهي، جيڪو اهو بليڪ ميلنگ جو نتيجو آهي ته حڪومت گذريل ٽن سالن ۾ 80 سيڪڙو تائين دوائن جي قيمتن ۾ اضافو ڪري چڪي آهي. ڊرگ مافيا پهريان دل جي مرض، بلڊ پريشر، شوگر ۽ ٻين مرضن جي دوائن جي سپلاءِ گهٽ ڪري حڪومت کي قيمت وڌائڻ تي مجبور ڪيو. هاڻ هڪ ڪمپني پيراسٽامول جي قيمت وڌائڻ لاءِ ان دوا جي مارڪيٽ اندر کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي. ڳالهه اها آهي مارڪيٽ اندر پيراسٽامول جا 50 ٻيا برانڊ وافر مقدار ۾ موجود آهن پر اها به حقيقت آهي ته ڊاڪٽر مريضن کي مخصوص برانڊ وٺڻ جي هدايت ڪندا آهن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون مهانگن اشتهارن ۽ ڊاڪٽرن کي نوازي ٻي برانڊ جي باري ۾ شڪ ۽ شبا پيدا ڪندا آهن، جنهن ڪري ماڻهو مخصوص برانڊ وٺن کي اوليت ڏيندا آهن. بهتر ٿيندو ته حڪومت ڊاڪٽرن کي برانڊ بجاءِ سالٽ جو نالو لکڻ جو پابند ڪري، تان جو ڪنهن به برانڊ کي پنهنجي مقبوليت جو فائدو کڻي مريضن کي لٽڻ ۽ حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

ٻوڏ متاثرن جي بحالي وارو عمل ۽ سرڪاري دعوائون!

سنڌ ۾ ھن وقت سنڌ جو عوام جنهن ڪرب واري صورتحال کي منهن پيو ڏئي، اتي جيڪڏهن ڪو سڌريل ملڪن جو فرد ھنن ھاڃن کي ڏسي ته شايد خوف مان ھانءُ ڦاٽي پويس. ھن وقت تائين پنھنجا حڪمران رڳو ھوائي دورا ڪرڻ کي ئي پنهنجي ڪارڪردگي پيا قرار ڏين، جڏهن ته حڪمرانن جو ڪم رڳو ھوائي دورا ڪرڻ نه پر ڪنهن به قدرتي آفت اچڻ جي صورت ۾ ھر ممڪن حد تائين پنهنجي عوام کي رليف فراھم ڪرڻ ھوندو آهي پر انتھائي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ھن وقت سنڌ ۾ ھر روز سون جي تعداد ۾ سنڌ جا ماڻهو بک، مليريا، ڊائريا سميت ٻين موتمار بيمارين وگھي موت جي منهن ۾ پيا وڃن، مالوندن جا سوين ڍور تڙپي تڙپي مرن پيا پر حڪومتي اختياريون رڳو انگ اکر جاري پيون ڪن ته اسان متاثرن ۾ ھيترا خيما، مڇردانيون، دوائون ۽ ٻيو امداد ورھائي چڪا آهيون، جيڪو فقط نسورو ڪوڙ آهي، باقي زميني حقيقتون سراسر انهن سرڪاري انگن اکرن جي ابتڙ آهن. سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثر ماڻهن جي بحاليءَ واري عمل ۾ مڪمل ناڪام ٿي نظر اچي، حڪومت وٽ متاثرن کي رليف فراھم لاءِ ڪا به منصوبابندي جڙيل ناهي. ٿورو گھڻو سنڌ ۾ ٻيا فلاحي ادارا ۽ تنظيمون ھن وقت ميدان عمل ۾ آهن پر جن جي خالص ذميواري آهي عوام جي اھنجن کي گھٽائڻ جي اھي رڳو پنهنجي پيٽ پوڄا ۾ پورا آهن، افسوس ھنن نااھل حڪمرانن اھا سنڌ جيڪا تاريخ ۾ وسيلن سان مالا مال رھي آهي اھا سنڌ جنهن جي مھمانوازي ڏيھان ڏيھ مشھور رھي آهي، انهيءَ سنڌ جي ماڻهن کي ھن وقت ھنن حڪمرانن ڪرپشن ۽ غلط پاليسين سبب در در جا ڌڪا کائڻ ۽ پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ھاڻ اھا شاھوڪار سنڌ رڳو تاريخ جو ھڪ قصو بڻجي وئي آهي پر موجوده سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وجود جي بقاءَ لاءِ به دنيا ڏانهن ٻاڏائي رھيا آهن. سنڌ جي ماڻهن کي ھن مقام تائين پھچائڻ وارو ڪو ٻاھريون حملي آور يا ڪا سامراجي طاقت نه پر اھي پنهنجا ئي آهن جن گذريل ڪيترن سالن کان سنڌ کي پنهنجو ڪري لٽيو ۽ ڦريو آهي پر ھاڻ اھو ڏينهن به پري ناهي جڏهن سنڌ جا ماڻهو ھنن حڪمرانن خلاف پنهنجي ان ڪاوڙ کي استعمال ڪندي پنهنجي دردن جو حساب چڪتو ڪندا.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

احساس پروگرام سينٽرن تي ٿيندڙ ناانصافيون!‎‎

جيئن ته ملڪ ۾ غريبن کي ملندڙ امداد ۽ سپورٽ پروگرام تحت ملندڙ رقم مان ڪٽوتي ڄڻ هڪ رسم ٿي وئي آهي، ان رسم کي برقرار رکڻ ۾ انتظاميه جي ڪجهه ادارن جي آفيسرن جي گهرن جا چلها گرم ٿين ٿا، جنهن ۾ ضلعي انتظاميه جيڪا انهن کي ڪجهه نالي ماتر سهولتون راهم ڪري ٿي جيڪي سندن زميواري پڻ آهي، ان جو اجورو به هفتي جي صورت ۾ ڊوائيس هولڊر ادا ڪندو آهي، پوليس آفيسر جن جو پڻ فرض حفاظت آهي ۽ اها چين هلندي بئنڪ تائين پهچي ٿي ۽ ان ۾ علائقي جا صحافي پڻ هنن سان گڏ هٿ ونڊرائيندا آهن. هاڻ ايڏي وڏي چين کي هلائڻ لاءِ شاطر دماغ ڊوائيس هولڊر پنهنجي فن سان انهن جي گهر جي چلهي کي مسڪين ماڻهن کي ملندڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن جي ڪٽوتي ڪري پنهنجو گذر ڪندا آهن. پهرين نمبر تي آڱرين کي غلط ميچ ڪرڻ يعني ڊوائيس مان ساڄي هٿ جو آڱوٺو يا پهرين ٻي آگر سليڪٽ ڪري بينيفشري جي وري ٽين چوٿين يا پنجين آڱر اسڪين ڪرائيندا آهن ته ڊوائيس پنهنجي فڪس ٿيل اينالاگ ۾ ايرر ظاهر ڪندو آهي، جيڪي ڊوائس جي اسڪرين تي 363 ايرر ٻڌائيندو آهي ۽ ايئن ڊوائيس هولڊر بينيفشري کي مطمئن ڪرڻ لاءِ کاٻي هٿ جون آڱريون ٻڌائيندو آهي جيڪي ڊوائيس مان سليڪٽ ناهي ڪندو ۽ اهڙي طرح ڊوائيس ۾ ساڳو ايرر ٽي يا چار ڀيرا دهرايو وڃي ته ڊوائيس ۾ ٿيل پروگرام جو اينالاگ نادرا جي ڊيٽا ڏانهن اشارو ڪندي نادرا ويريفڪيشن جو پيغام ڏيندي آهي، جيڪي اسڪرين تي 920 ايرر انگ سان ظاهر ٿيندو آهي. جنهن ۾ بينيفشري کي واپس نادرا ڏانهن موٽايو ويندو آهي. مٿيون 363 جي ايرر بار بار دهرائڻ سان 920 جو ايرر ايندو آهي ۽ اهڙي ريت ٻه ٽي ڀيرا ساڳيو ايرر ورجائجي ته 938 جو ايرر ڊوائيس جي اسڪرين تي ظاهر ٿيندو آهي ۽ ان ايرر سان بينيفشري جو اڪائونٽ بلاڪ ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي. واضع رهي ته ڪنهن ڊوائيس هولڊ اهو پڻ اعتراف ڪيو هو ته فنگر ميچ نه ٿيڻ جا چانسز 100 سيڪڙي  مان صرف 1 ، يا 2 سيڪڙو ماڻهو مس هوندا آهن، جنهن مان اڪثريت جي عمر 80 کان مٿي ۽ ڪجهه هٿ جي مزدوري ڪندڙ عورتون وغيره آهن. پر احساس سينٽر تي هر نوجوان توڙي اڌڙوٽ عورتن کي جيڪي ڪٽوتي جي ڊيل نه اينديون آهن انهن کي واپس موٽايو ويندو آهي.

مظفر بهاول لغاري/چمبڙ

عالم ڪولھي جو موت ڊاڪٽرن جي غفلت ڪيئن چئجي؟

ڪجھ ڏينھن اڳ جي ڳالھ آھي ته ٽنڊي محمد خان جي سرڪاري اسپتال ۾ فوت ٿيل عالم ڪولھي جي موت کان پوءِ ڪافي تبصرا پڻ ھلي رھيا آھن، جن مان اھو محسوس پيو ٿئي ته ڊاڪٽرن جي غفلت بلڪل به نه هئي، ذريعن موجب عالم ڪولھي جڏھن اسپتال ۾ پھتو ته ان وقت اسپتال ۾ ھن گھڻو هُل ھنگامون ڪيو، جنھن ڪري ڊاڪٽرن پاران کيس دڙڪا ڏيڻ ڪري عالم ڪولھي ڍوڙندي پاڻ ئي گندي پاڻي جي کوھ ۾ ڄڻ آپگھات ڪري ڇڏيائين! افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سڀئي اسپتالون ھر وقت مريضن سان ڀريل ھونديون آھن، جتي ڪيترائي پريشان ماڻھو جيڪي ڪنھن ھنگامي حالت کي ڏسندي مريضن جو اڌ ساھ اھڙي ڪيفيت ۾ ئي نڪري ويندو آھي پر جيڪڏھن اھڙي ڪيفيت ۾ ڪو اچي ڊاڪٽرن سان ڪڙڪي ڳالھائي ته اها ڳالهه برداشت ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھ نٿي ھجي! پر اسپتال ۾ داخل ۽ ٻين سيريس مريضن جو به اسپتال جي عملي يعني ڊاڪٽرن کي ئي ته خيال رکڻون ھوندو آھي! ڊاڪٽر جيڪي مريضن لاءِ مسيحا ھجن ٿا اھي ڪيئن چاھيندا ته مريض فوت ٿين؟ اھڙي بدنامي ڊاڪٽرز ڪيئن ٿا کڻي سگھن؟ ڪڏھن به نه ڊاڪٽر اھو به نه چاھيندو ته اسپتال مان ڪو مريض مايوس ٿي موٽي وڃي. ڏاڍو افسوس ٿئي ٿو جو اھڙي صورتحال ۾ ٿيندڙ موت جي ايف آءِ آر به وري ڊاڪٽرن مٿان ته ڪٽجندي دير ئي نٿي ٿئي پر اصل حقيقت لڪي وڃي ٿي. جنھن ڪري ٽنڊي محمد خان جي اسپتال ۾ فوت ٿيندڙ يا وري آپگھات ڪندڙ عالم ڪولھي جو ڪيس به سول اسپتال ٽنڊي محمد خان جي ڊاڪٽرن مٿان ئي مڙھيو ويو آھي. ھونئن به جيڪڏھن ڏسنداسين ته جڏھن به اڪثر اسپتالن ۾ مريض فوت ٿي ويندو آھي تڏھن الزام وري ڊاڪٽرن تي غفلت جو لڳايو ويندو آھي! جن الزام ھڻندڙن ۾ اڪثريت اڻ پڙھيل ماڻھن جي ھجي ٿي پر ڏسجي ته جيڪڏھن ڪنھن ڊاڪٽر کان اتفاق سان ٽريٽمنٽ ڏيڻ ۾ ھڪ کان پنج منٽ دير ٿيڻ جي صورت ۾ به ڊاڪٽرز تي غفلت جو الزام ھنيو ويندو آھي پر اھو ڇو ناھي سوچيو ويندو ته مريض کي جيڪي اسپتال کڻي آيا اھي ڪيتري دير کان پوءِ اسپتال پھتا آهن؟ بلڪل اھڙي ئي ڪنڊيشن ۾ ڊاڪٽرن جون اڪثر ڪي به غلطيون ناھن ھونديون پر ڳالھ اھا جو ماڻھو اصلي حقيقتن کي تسليم ڪرڻ کان ناڪاري بڻجي وڃن ٿا ھي سماجي ناڪاريت جو وڏو اھڃاڻ آھي جيڪي ماڻھو اڪثر رڳو ڊاڪٽرن کي بدنام ڪندي باقي پاڻ ذميوارين کان لنوائي ويندا آهن!

شمائلا رند/ٽنڊو محمد خان

محترم سردار شاھه صاحب ڏانهن!

محترم سردار شاهه صاحب! ايوب کوسي جي قلم ۽ قوم سان هن جي عشق جو قدر اوهان وٽ 50 هزار رپيا آهن، ايوب کوسي جي گهر ۽ ٻني ٻاري کي رسندڙ نقصان لکن ۾ آهي، هن خودار انسان ڪڏهن اوهان ته ڇا پر انهن پبلشرن سان به حساب نه ڪيو آهي جيڪي هڪ مجموعو ڇاپي مهيني ۾ ڪتاب اڻلڀ ٿيڻ باوجود ٻئي ڇاپو بنا اجازت آڻيندا آهن، تڏهن پبلشرن کي هن ميار نه ڏني ته مون مان ايترو ڪمايو ٿا ته مون کي ڪجھ ڏيو، هن ته ڪڏهن سرڪاري ميلن ۾ شاعري ۽ مقالن واري قيمت آڱوٺو هڻي وصول ناهي ڪئي، هن قوم سان عشق ۽ وطن سان محبت جي ڪري ڏوڪڙن جي پرواھ ئي ناهي ڪئي، هن پنهنجي هڪ هڪ شعر لکڻ بعد پنهنجي وات مان رت ٿڪيو هوندو. هو ته جهڏي جي نالي جي روايتن سان منسوب مهاڻي جهنڊي پاتڻي جي ٻيڙي جيان پنهنجي تخليقي جي ٻيڙيءَ کي درياهه پار ڪرائڻ لاءِ ڪمائي جو ذريعو نه بڻايو آهي. جهڙي ريت جهنڊي ڪنوارين، بيواهن کان ڪڏهن هاڪڙو پار ڪرائڻ جو ملھ نه ورتو هو، اهڙي ريت هن باڪردار، باضمير قومي پيامبر رڳو پنهنجي شعرن، لفظن ۽ تخليقن ذريعي ڪنوارين جي چوڙين، ڇيڙن سان ڄامشوري جي پٿرن کي به ڇڻڪار ڪندي ٻڌايو آهي، هن جا نظم بيواهن جا نوحا به آهن ته قوم جون اکيون به آهن. سائين سردار شاھ صاحب اوهان جي ثقافت کاتي وٽ صرف ايوب کوسي جي قيمت ۽ هن جي ٻڏل ۽ جهريل جهڳي جي ڀرپائي لاءِ فقط پنجاھ هزار رپيا آهن، مانوارا سيد سردار شاھ صاحب! ايوب کوسي ڪڏهن اوهان کان ڪو سرڪاري مراعتون ناهن ورتيون، جيتري پئسا اوهان اعلانيا آهن، ايترا پئسا ته هن پنهنجي لکڻين لاءِ انڪ پين جي مس تي خرچ ڪري ڇڏيا هوندا، ان کان وڌيڪ هن رف لکي فيئر ڪيل پنن (ڪاغذ) ڪاٿو به ايترن پئسن کان واڌو هوندو.

عبدالرزاق عاصي/ ڪراچي

ماروئڙن جا حال بي حال!

2010ع واري ٻوڏ پاڪستان جي لڳ ڀڳ سڀني صوبن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ خاص طور تي سنڌ اندر ڪچي جي علائقن ۾ رهندڙ عوام متاثر ٿيو آهي، اهڙي آفت کي منهن ڏيندي ماروئڙن ۾ وري ٻيهر خوشحال زندگي گذارڻ جا نوان حوصلا پيدا ٿيا آهن. ان ٻوڏ ۾ خاص طور تي غريب طبقو گهڻو متاثر ٿيو آهي، جنهن کي لوئر ڪلاس کان مڊل ۽ اپر ڪلاس تائين ترقي ڪرڻ ۾ 20 سال لڳي سگهن ٿا، پر اڌ عرصو مس ئي گذريو ته وري آگسٽ 2022ع ۾ لاڳيتو تيز برساتون ۽ ٻوڏ انهن جي سالن جي محنت ۽ حوصلن کي پاڻي جي وهڪري سان لوڙهي ڇڏيو آهي، ڏٺو وڃي ته آگست 2022ع ۾ ٿيل برسات ۽ مٿس ٻوڏ نه رڳو غريب طبقي پر امير طبقي کي به متاثر ڪيو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته برسات غريبن جا ڪکاوان گهر ڊاهي ڇڏيا آهن ۽ وري مٿان ٻوڏ انهن کي بي گهر به ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ انهن جي آمدني به بند ٿي وئي، ايئن ان جا حال بي حال ٿي ويا آهن پر ڏٺو وڃي ته ڪنهن حد تائين امير طبقي کي به لوڏو آيو آهي. تيز برسات جي ڪري انهن جا ڪاروبار بند رهيا ۽ سندن وٽ ڪم ڪندڙ لوئر ۽ مڊل ڪلاس جا ملازم ئي آهن جيڪي پاڻ به متاثر ٿي چڪا هئا ۽ اهڙي حالتن ۾ گهر ۾ رهڻ سان پيٽ پالڻ جي پريشاني ۽ گهر کان ٻاهر رهڻ سان برسات ۽ ٻوڏ جي خوف کان بچن جي حفاظت جو خيال رهي پيو. پر حالتن ۾ بهتري اچڻ سان انهن کي وري نوان حوصلا ملي سگهن ٿا.

راحيل بڙدي/خيرپورميرس

ٻوڏ متاثرن جا اهنج ۽ ناڪارا بڻيل سرڪاري مشينري!

دنيا جي سڌريل سماجن ۾ آفتن کي منصوبابنديءَ، دليري، مڙسيءَ سان منھن ڏنو وڃي ٿو پر اسان جي سنڌ ۾ تازو برساتن سرڪار جا ڪچا چٺا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، برساتون قدرتي ھيون يا ھٿ ٺوڪيون، اهو جدا موضوع آھي پر اچون ٿا ته موجوده برساتن تي جيڪي پوءِ ٻوڏ ۾ تبديل ٿي ويون، ھاڻ اچجي ٿو سرڪار جا ڪھڙا ڪم ھئا پر اھا نه ڪري سگهي، ان جا سبب ڪهڙا آھن؟ سرڪار کي اڳ ئي اهڙا احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ گهربا هئا، سم نالا صاف ڪرڻ گهربا هئا، ھاڻي جيڪڏهن سرڪار ڪجھ نه ڪري سگهي ته امداد جي ورهاست متاثرن جو خيال بهتر ۽ احسن طريقي سان ڪري ھا پر سڀ ڪجھ ان جي ابتڙ ٿيندو رهيو. عوام بي يارو مددگار، لاوارث، غيريقيني، پيڙا، ڏک، عقوبتون، بکين ۾ پاھ ٿيندي ڏٺو ويو. ھاڻ سرڪار کي پنهنجي “غير ملڪي” امداد ته نه ڄاڻ ڪيتري ملي پر اها امداد ڪامورن جي واٺن، چمچن، بگهڙن جي ور چڙھي وئي آهي جيڪا مستحقن تائين درست نموني ناهي پهتي. يقينن ھي سانحو ڪنھن قيامت کان ڪنهن ريت گهٽ نه هو پر سرڪار جي نسبت خانگي ماڻھن، تنظيمن ڪجھ سرس ڪم ڪيو آھي. نه رڳو سياسي پر ڪامورن به هن آفت جو پي انتظار ڪيو ته اچي ته مال ميڙيون، عوام جو رت چوسيون. وري به عوام کي سلام آهي جن ناڪارا چونڊيل نمائندن جو گهيرو تنگ ڪيو، ھن مصيبت جي ڪري لکين ماڻھو بي گهر، هزارين ڳڀرو مائرن کان کسي ورتا آھن، درد جو ڪو درمان ۽ دارون ڪونهين. لطيف سرڪار فرمايو آهي ته:

سورهيه مرين سوڀ ۾، ته دل جا وهم وسار،

ھڻ ڀالا وڙھ ڀاڪرين آڏي ڍال ۾ ڍار،

مٿان تيغ ترار مار ته متارو ٿئين!

عابد سومرو/ خيرپور ميرس‎‎

حضرت امام حسين عليه السلام

جي عالمگير شهادت!

حضرت حسين عليه السلام جن جي شھادت تمام نرالي آھي، ڇو ته حق جي خاطر ڪنهن زھر جو پيالو پيتو، ڪنهن جيل ۽ سختيون برداشت ڪيون، ڪو ڦاسي تي چڙهيو پر امام حسين عليه السلام جو معاملو ئي الڳ آھي، جن پنهنجي گهر جي ھڪ ھڪ فرد کي پنهنجن پاڪ ھٿن سان کڻي دفن ڪرڻ باوجود دانهن ۽ تڪليفن بنا ڪو معاھدي ڪرڻ جي ھو بي جگري سان وڙھندا رھيا، دشمنن جو ڃمي مقابلو ڪندا رھيا پر ان باوجود صبر ۽ وقار جو دامن بي داغ رھيو، دشمنن تي ٽٽي پيا ۽ وڙھندي وڙھندي شھيد ٿي ويا. فرزند حيدر قرار، جنت جي نوجوانن جي سردار سيدالشھداءُ حضرت امام حسين عليه السلام جي لاءِ ھيءَ ڳالهه ڪافي آهي جو ھو نبي ڪريم ﷺ جن جو اولاد آهن پر سندن فضيلت ۾ رڳو هتي انتها ناهي پر ھنن حضور ﷺ جن جو زمانو ڏٺو، شفقت ڀريل سرپرستي ۾ ننڍپڻ گذاري ۽ تربيت حاصل ڪيائون، سندن جي پھرين غذا حضور ﷺ جن جو لعاب دھن ھو، ھاڻي سوچجي ته حضرت امام حسين عليه السلام جن جي باطن جي نورانيت جو ڇا مقام ھوندو؟ سندن کي آذان مبارڪ به ڏني، جنهن آذان جي برڪت اھا ھئي جو شھيد ٿيڻ وقت سر سجدي ۾ ھو. نالو به حضور ﷺ جن رکيو ته عقيقو به پاڻ ڪرايائو. پاڻ ھڪ ڀيري ھڪ ڪلھي تي امام حسن ۽ ٻئي ڪلھي تي امام حسين جن کي کنيائون ته چيو ويو ته ڇا توھان کي اھي ايترا محبوب آهن پاڻ ﷺجن فرمايو ته ھا! ھي ته منھنجا محبوب آھن ۽ جنهن به ھنن کي محبوب رکيو اھو جنت ۾ مون سان گڏ ھوندو، جنھن ھنن سان بغض رکيو ان مون سان بغض رکيو، سندن جي امام حسين عليه السلام سان ايتري ته محبت ھئي جو جڏهن روئين پيا ته پاڻ پنھنجي نياڻي کي فرمايائون ته ھن کي روئڻ نه ڏيو، ھن جي روئڻ سان مون کي تڪليف ٿئي ٿي.      انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ