ڪئمپ ۾ جنم وٺندڙ سنڌو ۽ دعا جي خوشين جا منظر!

خوشيون ۽ غم ته هميشه انسانن سان سلهاڙيل رهيا آهن سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برسات ۾ دربدر ماڻهن جي زندگي جي اڱڻ تي خوشيون ليئا پائي رهيون آهن. ڦلجي اسٽيشن جي اسڪول ۾ متاثرن لاءِ ڪئمپ قائم ڪئي وئي جتي ويهارو کن گهر رهيل آهن. هن ڪئمپ ۾ ٻن عورتن جي ڊليوري ٿي انهن عورتن کي سماجي ورڪرن رات جو دادو جي پرائويٽ اسپتال پهچايو. اسپتال جو خرچ ڦلجي شهر جي نيڪ نوجوان ادا ڪيو، هن کان اڳ هو نوجوان هن ڪئمپ کان سواءِ ٻين ڪئمپن ۾ پڻ ٻه ويلا ماني جو بندوبست ڪندو آهي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ اهڙو مثال ملڻ ڏکيو آهي جتان جي سماجي ورڪرن معززين جي مدد سان ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌين سان ڪيترا ئي ڏکيائيون ۽ حادثا ڇو نه پيش اچن پر هو انهن جو مردانگي سان مقابلو ڪندا آهن. هتي ٻوڏ متاثرن ۽ سماجي ورڪرن جو پاڻ ۾ اهڙو ته رشتو جڙي ويو آهي جو هڪ ٻئي سان حال احوال اورين ٿا ۽ ڏک سور ونڊي دل جو بار هلڪو ڪن ٿا. ڏاهن چيو آهي ته ڏکن پٺيان سک به ايندا آهن پر ماڻهو صبر ڪري ڏکويلن کي خوشين جا موقعا فراهم ڪجن ته انهن جا غم گهٽ ٿي سگهن. هن ڪئمپ ۾ سماجي ورڪرن ٻن نياڻين سنڌو ۽ دعا جي ڇٺي جو بندوبست ڪري متاثرن جي دل کٽي ورتي. هن پروگرام ۾ دهل شرنائين، ڳائڻ وڄائڻ ۽ سنڌي رسمون ٿيون. پروگرام ۾ شهر جي معززين، استادن ۽ سماجي ورڪرن کي دعوت ڏني وئي. سنڌو ۽ دعا کي ڪپڙا ۽ تحفا پڻ ڏنا ويا، ان موقعي تي کين تيار ڪيو ويو، نه فقط اهو پر سندن مائرن کي پئسن جا هار ۽ تحفا پڻ ڏنا ويا. هن ننڍڙي پروگرام ۾ سڀني ڪئمپن جا متاثرن شامل ٿيا، ڪجهه گهڙين لاءِ انهن کان پنهنجا اهنج وسري ويا ۽ پروگرام کي چار چنڊ لڳي ويا. هن سورن واري سنڌ ۾ هي ننڍڙي خوشي ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي، جڏهن منهنجي نظر ٻوڏ متاثرن جي ٻارڙن تي پئي جيڪي ڇٺي لاءِ تيار ٿيا هئا انهن جا چهرا ٻهڪي رهيا هئا ۽ هو ڪجهه وقت لاءِ پنهنجا سور وساري ويٺا هئا. اهڙا موقعا پوري انسانيت ڏانهن محبتن جو پيغام ڏئي رهيا آهن ته توهان به اچو ۽ هن خير ۽ خوشيءَ جي ڪم ۾ حصو وٺو، اهڙا مثالي ڪم ملائڪ ئي ڪري سگهن ٿا.

آخوند نور احمد ڏهوٽ/ ڦلجي اسٽيشن

جتي به هجو جهالت، ظلم، ناانصافي ۽ لاقانونيت خلاف اٿي کڙا ٿيو!

سنڌ جا نوجوانو جتي به آهيو، جهالت، ظلم، ناانصافي ۽ لاقانونيت خلاف اٿي کڙا ٿيو، مذهب، رنگ، ذات پات کان مٿانها ٿي انسانيت جا امين بڻجي اٿو، ڏسو سڄو عالم اڄ اوهان ڏانهن نهاري ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌ واحد ڌرتي آهي جتان قديم آثارن مان هٿيار نه مليا آهن، سنڌي آپگھاتي بمبار ناهن، ڪرائي جا قاتل ناهن، سنڌين ڪنهن پاڙيسري ملڪ تي حملو نه ڪيو آهي، جڏهن ته پاڙيسرين سنڌ تي حملا ڪيا آهن، سنڌين انسانيت جي اعليٰ ظرف جو مظاهرو ڪندي انهن کي بي گناھ نه ڪٺو ۽ نه انهن کي ڪڏهن لٽيو، سنڌ محبتن جي ڌرتي آهي جنهن لاءِ استاد بخاري چيو هو ته “هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻان، ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڊئو سهڻان، ڪم ڪار ڪريان يا پيار ڪيان، منهنجون عمريون هجن ها سو سهڻان.” اسان هر شيءِ سان ايترو پيار ڪيون ٿا جو ان پيار مان اسان کي ڊئو ئي نٿو ٿئي. اسان محبت ۽ ڪم ۾ ايترا مشغول آهيون جو ڪنهن سان نفرت لاءِ اسان وٽ وقت ئي ناهي. هڪ طرف غيرقانوني ايندڙ ڌارين کي ڪراچي ۾ آباد ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف ڌرتي ڌڻي سنڌي هندن کي سنڌ مان لڏائي رهيا آهن ته جيئن سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪجي. انهن کان روزگار، وسيلا، شهر، حق حڪمراني، تعليم ۽ ڌرتي جي مالڪي کسي انهن کي غلام بڻائجي، ان ڪري انهن پهريان قومپرست سياست ۾ پنهنجا ماڻهو ڀرٿي ڪيا، انهن کان سنڌ جي تعليم تباھ ڪرائي، ان وطن پرست سياست کي گندو ڪيو، ان کان عوام کي مايوس ڪيو، پوءِ پنهنجي هٿ ٺوڪي غدار ويڪائو وڏيرن جي سياسي منڊي لڳرائي سنڌ کي سياسي طور ڪمزور ڪيو، ڪرپٽ ڪيو، ڪوڙا ٺڳ صحافي پيدا ڪيا، انهن کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون ته ٻين کي شراب ۽ چند سڪن تي هيرايو ويو. هڪ بي ضمير ماڻهن جي لوڌ پيدا ڪئي وئي، ان جي باوجود اهي ڪامياب نه ٿيا ته انهن هي هٿيار استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، ان ۾ به سنڌ جي باضمير ماڻهن جيڪا هاڪاري موٽ ڏئي دشمن کي جنهن نموني شڪست ڏني آهي ان جو مثال نٿو ملي، هي سنڌ جي لازوال ٻڌي جو ثبوت آهي.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

اسان کان ماني نه کسيو!

سنڌ جي اڪثر آبادي غريب ۽ وچين طبقي سان تعلق رکي ٿي، جنهن جو گذر سفر، مزدوري يا ملازمت تي آهي ۽ پگهارون ايتريون آهن جنهن سان پنهنجو پيٽ پالڻ به ڏکيو آهي، مٿان وري گورنمينٽ جو فيصلو ته ڪڻڪ چار هزار رپيا في مڻ هوندي، ان فيصلي اچڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي ڪاوڙ به ڏسڻ وٽان آهي، هرڪو پريشان نظر اچي ٿو ۽ هر جاءِ تي پريشان حال ماڻهن جو ان تي تبصرو هوندو آهي ته هاڻ ڪيئن ڪنداسين؟ پنهنجي ٻچن جو پيٽ ڪيئن پالينداسين؟ ڇو جو اٽي جو ڪلو ڏيڍ سئو رپيا چار پنج سئو ڏهاڙي دار ڪٿان خريد ڪري سگھندو؟ ٻيون ضرورتون ڪٿان پوريون ڪندو؟ جنهن جي ڪري سنڌ اندر مزدور ۽ وچين طبقي جي حالت بد کان بدترين ٿي ويندي ۽ ملڪ معاشي بدحاليءَ ڏانهن ڌڪجي ويندو. ٻيو ته هر سهولت به وڏيرا شاهي کي ملي ٿي، سنڌ حڪومت ۾ سڀ زميندار طبقي وارا آهن، توڙي جو ويزاعليٰ، هن وقت انهن جي ٻني ٻوڏ هيٺ آيل آهي ۽ هو پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ عوام سان ايڏي ناانصافي ڪري رهيا آهن ۽ چند ڏينهن ۾ اٽي جو وڏو بحران پيدا ڪيو ويندو ۽ هي 2 سئو کان به مٿي عوام کي ڪلو ملندو، جنهن سان ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويندي، ايئن به سنڌ حڪومت سنڌ اندر ڪنهن به شيءِ جا اگھه ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي چڪي آهي، منهنجو دوست اخبار فروش اصغر ميراڻي هن وقت وڏو پريشان آهي، هو ويچارو روزانون ٽي چار سئو ڪمائڻ وارو ڪٿان ايترو مهانگو اٽو خريد ڪري سگھندو، سنڌ حڪومت کي ان اعلان تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ۽ اٽو 50 رپيا ڪلو ڪرڻ گهرجي.

علي حسن “احسن” چڍڙ/ميرپورماٿيلو

لطيف ادبي ڪانفرنس 2022ع ثقافت کاتي جي ناڪامي!

گذريل 8 سالن کان لطيف ادبي ڪانفرنس کي ثقافت کاتي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو ڪلاس روم بڻائي ڇڏيو آهي، هر سال مخصوص پروفيسر ليکڪن کي گهرايو وڃي ٿو، ادب سان وابسته محققن کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي. هر سال ساڳن استادن کان مقالا لکرايا پيا وڃن، جڏهن ته ان کان اڳ ساڳي ثقافت کاتي طرفان ڪانفرنس ۾ مقالن لاءِ اڳواٽ اشتهار جاري ڪيو ويندو هو، جنهن موجب سڄي سنڌ جا دانشمندن، اديبن کان مقالا لکريا ويندا هئا، جن مان هڪ ڪاميٽي 15 مقالن جي چونڊ ڪندي هئي جن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ گهرايو ويندو هو. جڏهن ته هاڻي هڪ مخصوص لابي کي نوازڻ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي، جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي. ٻي ڳالھ ته اڳ ۾ لطيف ڪانفرنس ۾ ھندستان ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن مان به محقق گهرايا ويندا هئا، لطيف ادبي ڪانفرنس وڏي سطح تي ڪوٺائي ويندي هئي، جنهن کي موجوده ثقافت جي وزير يونيورسٽيءَ جي استادن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ هندستان جي اديبن سان گڏ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي اديبن سان ملاقاتون ٿينديون هيون، اتي چند مخصوص ساڳين چهرن کي ڏسي ۽ ٻڌي بيزاري ٿي پئي آهي. ڪو نئون موضوع يا تحقيق سامهون نه پئي اچي. ڪانفرنس ۾ جتي پنج کان ڏھ ڪتابن جي پڌرائي ٿيندي هئي، اڄ اتي سڄي سال جي بجيٽ مان رڳو ٻه چار ڪتاب رسمي طور پڌرا ڪيا وڃن ٿا. جن جي ڪا به خاص خوبي نظر نه پئي اچي، ايئن پيو لڳي ڄڻ ڄاڻي واڻي شاھ تي تحقيق جا دروازا بند ڪيا ويا آهن، رڳو خانا پوري لاءِ رسم پوري ڪئي پئي وڃي، ثقافت کاتي جي ڪارڪردگي ٻڙي تي اچي بيٺي آهي، ساڃاھ وندن کي کپي ته ثقافت کاتي جي ان عمل جي مذمت ڪن ۽ ميڊيا تي کين تي سخت تنقيد ڪرڻ گهرجي.

شبير کوکر/ قاسم آباد، حيدرآباد

ڇو سنڌ کي ته ٻوڙيو ويو، ھاڻ تعليم ته بچايو!‎‎

سنڌ ۾ لاڳيتين برساتن سبب سيلاب گھر ۽ فصل به تباھ ڪري ڇڏيا آهن، باقي پاڻي کان بچيل شھرن ڳوٺن کي ڪٽ لڳرائي تباهه ڪيو پيو وڃي. ڪي اي شاھ مان رات جي اونداھيءَ ۾ ننڍڙن ٻارن جون آھون ۽ ڪوڪون ھيون ۽ ميھڙ، جوھي، خيرپور، ڳوٺ جھنگو، ٽالپر وڏا، ٺري ميرواھ، ننگريجا جسڪاڻي ۽ ڳوٺ ڪلادي کي به ھٿ سان ٻوڙايو ويو. سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ پاڻي بيٺو آھي، سنڌ جو وڏو وزير چئي رھيو آھي ته غلطيون ٿي وينديون آھن، اسان چئي رھيا آھيون ته اسان ڪوشش ڪنداسين ۽ ڪري رھيا آھيون، ماڻھن جي سھائتا ڪنداسين، اھو وقت ڪڏھن ايندو؟ وڏي وزير ۽ وزيرن چواڻي ته سنڌ حڪومت کاڌ خوراڪ تي ھڪ کرب ۽ ڪروڙين رپيا ورھائي چڪي آھي پر سمجھ ۾ نٿو اچي ته اھي ايترا ڏوڪڙ سنڌ ۾ ڪٿي ورھايا ويا آھن؟ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنر ته ڪروڙين رپيا ھڙپ ڪري ويا آهن پر ڪير به انهن کان پڇا ڳڇا ئي نٿو ڪري. سنڌ حڪومت آبادگارن جي لاءِ به وڏو پر سکڻو اعلان ئي ڪري ھا، آبادگار به پريشان آھن، زرعي قرض معاف نه ڪيا ويا آھن، ڪپھ جو فصل ته ويو، ھاڻ ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي ڪيئن ٿيندي؟ ڪورونا کان پوءِ وري برساتن سبب اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽيون به بند آھن، ٻار ۽ سندن والدين سخت پريشان آھن، اسڪولن ۽ ڪاليجن جون ڇتيون ۽ ڀيتيون به ڪري پيون آھن ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ برسات، ٻوڏ متاثر ويٺا آھن ۽ اھي فلحال نڪرڻ جو سوچي به نٿا سگھن ڇو ته سندن ۾ پاڻي سندن گھرن جي ڇتين سان لڳل آهي. شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آھن، سنڌ جي تعليم جو ليٽريسي ريشو اڳ ئي ايترو بھتر نه آھي، سنڌ جو لٽريسي ريشو لڳ ڀڳ 36pc آھي ۽ 20 کان 25  لک ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن، جيڪي پڙھڻ ۽ اسڪول وڃڻ جھڙا آھن پر ھن وقت سنڌ حڪومت اسڪولن ۽ ڪاليجن مان برسات متاثرن جو ڪو متبادل سوچي ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن مان پاڻي کي نيڪال ڪرايو وڃي ته جيئن تعليمي ٽٽل سلسلو جوڙي سگھجي، تعليم انسان جي ٽين اک آھي ان ڪري تعليم کي بچايو وڃي، تعليمي درسگاھون کوليون وڃن.

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

رب ڪا شڪر ادا ڪر ڀائي، جس ني هماري گائي بنائي!‎‎

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دوست سوشل ميڊيا تي پنهنجي اسڪول جي هڪ تصوير رکي تعليم کاتي کي ميار ڏني ته “اسان جو سڏ ڪير به نٿو ورنائي، ٻارڙا پٽ تي ويهي علم پرائي رهيا آهن.” کيس لکيم ته اد رب پاڪ جو شڪر ادا ڪريو، ڇاڪاڻ ته توهان جي اسڪول جا ٻارڙا وري به استاد جي اکين جي اڳيان اسڪول جي فرش تي ويهي علم پرائي رهيا آهن پر منهنجي ڳوٺ جي “انجنيئرنگ” ڪجهه اهڙي آهي جو “هاءِ اسڪول ٿيو هائير سيڪنڊري!” هائير سيڪنڊري لاءِ بنھ ڀينگ به ٽي ڪمرا کپن، هڪڙو يارهين ڪلاس لاءِ، ٻيو ٻارهين ڪلاس لاءِ ۽ ٽيون پرنسپل لاءِ. ليب ۽ لائبريري ته وڃي منڇر ۾ پون اڄ ڪلهه “ڪٽ” جو زمانو هيل پيو آهي، جنهن کي جتان به وجهه ملي ٿو سو “ڪٽ” هڻڻ ۾ اصل دير ئي نٿو ڪري. تنهن ڪري ڪامياب هائير سيڪنڊري جي لاءِ هاءِ اسڪول کي “ڪٽ” هڻي ڇھون، ستون ۽ اٺون ڪلاس پرائمري اسڪول ۾ شفٽ ڪري نالو ڏنو ويو “مڊل اسڪول.” ڪجهه “سرنديءَ وارن” ڪجهه وقت اڳ اڳوڻي پرائمري اسڪول ۽ هاڻوڪي “مڊل اسڪول” کي بينچون دان ڪيون هيون. هاڻ اسڪول ۾ بينچون ته آهن پر ڪمرا آهن ئي ڪونه جتي بينچون رکجن. “چور مينهن ٽپي، ڀت ڪاهي ويا!” ڪنهن سرنديءَ واري بينچون ڏنيون ڪو سرنديءَ وارو ڪمرا کڻي ويو، الله سائين سڀني کي خوش رکي. تنهن ڪري منهنجي پرائمري اسڪول جا ٻارڙا ڀر واري سائين محمود جي اوطاق تي پڙهن ٿا. ٻارڙا هاءِ رسڪ تي آهن، خدا نه ڪري ته سڀاڻي ڪجهه ٿي پوي ته ان جو ذميوار ڪير هوندو؟ دوست کي لکيم ته تون وري به دلجاءِ ڪر ته تنهنجي اسڪول جا ٻارڙا “اسڪول پرمسس” ۾ ئي آهن محفوظ آهن. ڪو سرندي وارو ايندو، بينچ ڏيئي ڦوٽو ڪڍائي ويندو. رب پاڪ سڻائي ڪندو.

ظهير لغاري/سعيد خان لغاري

ھڪ ڳڀروءَ جو آپگھات حڪمرانن جي منھن تي دانگي آھي!

ھا ھن بک ۽ بدحالي جي ڪري ئي آپگھات ناهي ڪيو پر سچ پڇو ته صدين کان وٺي مروج انهن دقيانوس ريتن ۽ رسمن کي ٽوڙيو آهي، ھا هو ته اهڙي خطي جو واسي هو جيڪا وسيلن سان مالا مال آھي. سندس تعلق اهڙي ديس سان هو، جتي سڳداسي چانورن جو هڳاءُ، هٿرادو خوشبوئن کان الاهي مٿانهون آهي. سنڌ خوشحاليءَ جو مرڪزي وطن جو خوبصورت حوالو آهي، جتي سياستدانن ڪرپشن جي ڪوڙڪيءَ اڏي ماڻهن جو جيئڻ محال بڻائي کين گونگو، ٻوڙو ۽ انڌو بڻائي ڇڏيو آهي. هو ان ديس کي پنهنجو محبوب سمجهي ساراهيندو هو. هن آپگھات نه پر انهن سياستدانن جي منهن تي تئو مليو آهي جن هن سميت سندس قوم کي ڪنگال ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي، هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪٿي به مجبور ٿيڻ کي غلامي تصور ڪندو هو، هن قوم کي دربدر ٿيڻ نه پئي چاهيو، بيوسيءَ ۾ نه ٿي ڏسڻ چاهيو، هر ماءُ وانگر هن نوجوان جي امڙ به سندس سرد ٿيل لاش مٿان ھنجون هاري رهي آهي، هو پنهنجي جهور پوڙهي امڙ جو اڪيلو سهارو هو. اڄ ان پوڙهي امڙ جا ڳوڙها برف جيان ڄمي ويا آهن، ڀلا اڃا ڪيترا نوجوان آپگھات ڪندا؟! اڄ فيصلو ھن قوم کي ڪرڻو آھي ته ھو غلامي ۾ رھڻ پسند ڪن ٿا يا آزاديءَ واري زندگي، جتي خودمختيار به ھيءَ قوم ھجي! اڪثريت اھڙن جي آھي جيڪي چون ٿا خدا چاھيو ته آزاد ٿينداسين پر خدا جو چاهڻ فقط ڪافي ناهي، قوم جو چاهڻ ۽ آزادي خاطر وڙهڻ ضروري آھي ڇو ٿه خدا ان قوم جي حالت ناهي بدلائيندو جيڪا پاڻ حالتون بدلائڻ ناهي چاهيندي.

اسلم ھزار چانڊيو/ ڊکڻ، شڪارپور

هوءَ سڏي ٿي پئي، تون نه ڏين سڏ اڃا، سنڌ جا نوجوان!

بلڪل هوءَ اسان کي سڏي ٿي پئي، پر اسان اڃا غفلت ۽ سستيءَ جي اگھور ننڊ ۾ آهيون، هوءَ بلڪل اسان کي سڏي ٿي پئي پر اسان اڃا به ٻين جي آسري ۽ خدا جي ڪنهن ڪرشمي جي انتظار ۾ آهيو، اسان بلڪل ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ ئي ته آهيون، ته فلاڻن حڪمرانن ڪئي ته سنڌ جي ڀينگ آهي پر ووٽ شهيدن جو آهي! جي ها بلڪل هوءَ سڏي ٿي پئي پر اسان بس ٻه پاراتي وارا لفظ واتان ڪڍي پنهنجو فرض پورو ڪندا آهيون يا فيس بڪ، سوشل ميڊيا تي ٻه ڏک جا اکر لکي پنهنجي ضمير تان بار لاهي ڇڏيندا آهيون. بلڪل هوءَ سڏي ٿي پئي، ڇو ته ان جا ٻچڙا اڄ گاهه کائي گذران ڪري رهيا آهن، ڇو ته انهن جي ووٽن تي عياشيون ڪندڙ امداد صرف منظورِ نظر ماڻهن، وڏيرن، ڀوتارن، پيرن، ميرن کي ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته جيجل سنڌ جا ٻچا اڄ به بيٺل گندي پاڻيءَ جي ڪنارن تان ساوا پَن پٽي کائي رهيا آهن. هن حڪومت کي اهو سمجھه ۾ نٿو اچي ته دک ٻلي کي کير جي رکوالي نٿي ڏئي سگھجي، اهو ڇو نٿو ٿي سگھي ته ڪجھه چونڊ ايماندار ججن، آفيسرن جي حوالي امداد جي ورهاست ڪئي وڃي! ڇا اهو ممڪن ناهي ته غريب جھور پوڙهين کي انهن جي گھرن جي دروازي تي بسپ جا پئسا ڏياريا وڃن، ڇا اهو ممڪن ناهي ته هر ضلعي جي ڊي سي يا ڪنهن ايماندار آفيسر کان ضلعي جي ڳوٺن، وستين واهڻن جي سروري ڪرائي جن غريبن جا اجھا ڪريا ۽ جن جا ٻچا بکن ۾ پاهه پيا ٿين انهن کي گھر ويٺي امداد پهچائي وڃي. باقي توهان جو سرڪار نالو ڇاجي لاءِ رکيو ويو آهي؟ توهان کي سنڌ جو حڪمران ڇو بڻايو ويو آهي؟ ڇا توهان کي ان لاءِ حڪمران بڻايو ويو آهي ته توهان هڪ هٿ سان امداد وٺندا پاڻ به کائو ۽ پنهنجن وزيرن جي عمرو عيار جي زنبيل جھڙن ڀڀن کي ڀريندا وڃو؟ باقي غريب ڀلي پيا گاهه کائين. شاهوڪار سنڌ جي اٻوجھه عوام سان اهڙو فرعوني رويو ڪيستائين جاري رکيو ويندو؟ هاڻ عوام کي به سوچڻ، لوچڻ ۽ اٿڻ گھرجي، حق جو آواز بلند ڪرڻ گھرجي ته ڇا هو واقعي به سنڌ جو سڏ ورنائيندا يا هميشه جيان حڪومتي بيڌياني، غير ذميواري، ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازيءَ کي پنهنجي قسمت جو نالو ڏئي وري ايندڙ 5 سال به پيا سور پٽيندا؟

عبدالسميع ماڇي/نوشهروفيروز

حضرت داتا گنج بخش جو ساليانو عرس مبارڪ!

حضرت داتا گنج بخش جو 979 هون عرس مبارڪ داتا جي نگري ۾ شروع ٿي ويو آهي، جڏهن لاهور کي ڏسندا آهيون ته ايئن محسوس ٿيندو آهي ته اهو زنده دليون رکندڙ ماڻهن جو شهر ان داتا مرشد جي فيض جي ڪري آهي، ان مرشد لاهور جي وجود سان ئي وسندو نظر ايندو آهي. حضرت داتا گنج بخش جو ساليانو عرس مبارڪ هر سال صفر جي 18، 19 ۽ 20 تاريخ تي سندن درگاهه تي منعقد ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ سڄي ملڪ توڙي پرڏيهه کان زائرين شرڪت ڪندا آهن. داتا جي هستي کي هندستان اندر ظلمت کي ختم ڪندڙ ۽ نور اسلام سان منور ڪرڻ واري هستي قرار ڏنو ويندو آهي. جنهن ڪري جبلن جيڏا ڪفر جا بند سولائيءَ جا ڀڄي پيا، سرزمين هند ۾ دين اسلام جي روشني ڦهلجي وئي، پنجاب جي سرزمين انهن جي دم سان ئي آهي. عرس مبارڪ جي موقعي تي تقريبن، قرآت، محفل نعت ۽ تبليغي اجتماع ڪيا ويندا آهن. انهن تقريبن ۾ ملڪ ۾ معتبر مذهبي، روحاني، ديني شخصيتون ۽ ناليوارا عالم سڳورا ايندا آهن. داتا گنج بخش جي تصوف جي منزلن تي هڪ اهڙي پُرتاثير ۽ نادر ڪتاب ڪشف المحجوب آهي جيڪا شريعت ۽ طريقت جي قاعدن ۽ ضابطن، عارفانن، اسرارن ۽ صوفياڻي فڪر ۽ نظر بابت هر دور ۾ عظيم تخليق قرار ڏني وئي آهي. رشدو هدايت کان مستفيد ٿيڻ لاءِ سيد علي هجويري جي ان ڪتاب جو مطالعو ضروري آهي. هڪ چوڻي به مشهور آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جو مرشد نه هجي ۽ اهو شخص ان ڪتاب جو مطالعو ڪري ته ان کي پير ڪامل ملي ويندو. داتا سرڪار جي عرس مبارڪ ۾ هزارين مڻ کير جي سبيل جي بندوبست سان ايصال ثواب لاءِ زائرين جي تواضع ڪئي ويندي آهي، جنهن جو بندوبست درگاهه جا عقيدتمند ڪندا آهن ته جيئن ڌڻي تعالى انهن جي صدقي عالم اسلام کي سربلندي عطا فرمائي. آمين.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل