چونڊيل نمائندن کان وسري ويل شھر مقصودو رند!

تازين برساتن جتي سڄي سنڌ ۾ تباهي مچائي آھي، اتي تعلقي شھدادپور جي يوسي لنڊو جي شھر مقصودو رند ۽ ڀرپاسي برسات تباهي مچائي ڇڏي آھي، غريب پورهيتن صحبت علي رند، مدد علي رند، هشمت علي، زوار ڏاڙھون خان، اختيار علي، جيئند خان، امام بخش سومرو، علي بخش خاصخيلي، شاهد حسين رند، عبدالمجيد رند، حبدار علي، دائم خان رند سميت ڪيترن ئي پورهيتن جا گهر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن، فصل به ٻڏي ويا آھن، جڏهن ته چوپايو مال پڻ مري رهيو آھي. رهندو مڇرن جي آزار هتان جي رهواسين جي اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته تڪ جي چونڊيل نمائندن سميت ضلعي انتظاميا جو ڪو به عملدار غريبن سان همدردي ڪرڻ لاءِ لڙي به ناهي آيو، جڏهن ته غريب مسڪين پنهنجا ٻچا کليل آسمان هيٺ ويهاري ڪنهن مسيحا جو انتظار ڪري رهيا آھن پر افسوس اسان جي تڪ تان ڪهڙو به دور هجي پر هميشه ڪاميابي ماڻيندڙ ايم پي اي، ايم اين اي يا اي سي، ڊي سي ڪو به سندن واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، غريب مسڪين پورهيتن وٽ هن وقت تائين نه ڪو راشن پهتو آهي نه ٽينٽ، نه ئي ڪا کين مڇرداني ملي آھي جو هو پنهنجن ٻچن لڪائي سگهن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سياسي ڀوتار پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا آھن پر اهو نٿا سوچين ته توهان اڄ جنهن ڪرسي تي ويهي اي سي گاڏين ۽ بلنگ ۾ رهو ٿا اهو اوهان کي هنن غريبن جي ووٽن سبب مليون آھن، خدارا انهن مسڪينن جي مدد ڪريو، کين راشن، ٽينٽ، مڇردانيون ۽ ٻارن لاءِ دوائون وغيره ڏيو، وري اهي ئي ساڳيا اوهان کي ووٽ ڏئي اعليٰ ايوان تائين پهچائيندا.

ظھور حسين رند/ مقصودو رند، سانگهڙ

ڄڻو ڄڻو جلاوطن!

گهاءُ ته گهاءُ هوندو آ پر اهو گهاءُ ٻين گهائن کان گهڻو مختلف هوندو آ جيڪو ورهين کان ويٺل اباڻي ڳوٺ، گهر، ڌيءُ جي ڏاج جي پوتي ۽ پٽ جي رانديڪن سميت سموري سامان کي غرق ڇڏي ۽ اڱڻ کي آلين اکين سان الوداع چئي، صرف پنهنجي ٻچن ۽ پنهنجي سر ساڻ ڪري وڏا لوڏا ڏيندڙ لانچ ۾ ويهي ان راھ جو مسافر ٿيڻو پوي جتي نه اجهو نه نه ماڳ هوندو نه مڪان، اکيون اڀ ۾ کتل هونديون ته ڪٿان ٿو ڪل ڪائنات جو رازق روزي موڪلي، ان الوداع کي جلاوطني جو نالو ڏجي تڏهن به غلط نه ٿيندو. موجوده صورتحال ۾ هن وقت سنڌ جي ڳنڀير صورتحال آھي، سانوڻي جي برساتن هر سال سنڌ جي ماروئڙن مٿان ڇت ۽ انگ تي اوڍيل اوڇڻ به کسي ورتو آھي، جنهن تباهڪاري پويان ايل بي او ڊي سم نالن، ندين، واهن ڍورن ۽ واٽرن جا قدرتي لنگھ بحال نه ڪن انهن جي صحيح طريقي سان کوٽائي نه ڪرائڻ ۽ مضبوط بند نه ڏيارڻ آهي، سولي سنڌي ۾ ايئن چئجي ته حڪومتي نااهلي ان تباهڪاري جو اصل ڪارڻ آھي. هن سال به ڏٺو اٽڪل 30 لک ماڻهن جا اجها ڊٿا آھن پر سندن ڪو واهر ڪرڻ وارو ناهي، وڏي ذميواري واري ڪرسي تي ويٺل آفتن کي منهن ڏيڻ جو آڙ ۾ اربين رپيا ڳڙڪائيندڙ ادارو (نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ۽ پاڪستان ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي) به منظر عام تان غائب آهن. جڏهن ته ڪجھ رحمدل انسان پنهنجي مدد پاڻ تحت مستحق ماڻهن تائين کاڌو پهچائي رهيا آھن پر ڏٺو وڃي ته اسلامي دعويدار مولوي صاحبان پنهنجي روايتي طريقي موجب مذهبي انتشار پکيڙي هندن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪجھ ڏينهن Muslim Hands اين جي او طرفان پيش آيو. جن هندن کي اهو چئي موٽائي چڏيو ته هي سامان صرف مسلمانن لاءِ آھي. ڳالھ ڪجي تباهي جي وڏي ذميوار وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ جي ته شاھ صاحب به ڏند ٽيڙي ٻوڏ متاثرن ۾ هڪ لک کيما ۽ اٺ ارب رپين جو راشن ورهائي ڇڏڻ جو بيان ڏنو پر شاھ صاحب تي معيار ڏجي ته به ڪهڙي؟ 13 جولاءِ 2022 حيدرآباد باءِ پاس واڌو واھ ڀرسان قائم هوٽل سپر سلاطين تي معمولي ڳالھ تان جهيڙي ۾ افغانين هٿان بيدرديءَ سان شهيد ڪيل بلال ڪاڪا واري واقعي تي اهو چٽو ۽ واضع چئي چڪو هو ته هو حجاج بن يوسف جي موڪليل سنڌ تي ڪاھ ڪري آيل حملي آور يزيدي ٽولي مان هڪ آھن.

زاهد اوٺو/ٿرپارڪر

ٻاهرين ملڪن مان مليل امداد ڪٿي پيو ورهائجي؟!

برساتي ٻوڏ سنڌ کي تباهه  ڪري ڇڏيو آھي، ھر شيءِ ختم ٿي چڪي آھي، غريبن جا فصل ۽ اجھا مطلب ته ڪا شيءِ به نه بچي آهي پر سنڌ حڪومت توڙي وفاقي سرڪار متاثرن جي ڪا به واھر نه ڪئي آهي، انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن مان ڪو متاثرن وٽ ناهي پھتو، برساتي ٻوڏ سبب تعلقي ٺري ميرواھ به مڪمل طور ٻڏي ويو آهي، ھر طرف پاڻي ئي پاڻي آ، غريب پنهنجا سر بچائي مٿانهن علائقن تي اچي ويٺا آھن، انهن جو اناج به لڙھي ويو، انهن پنهنجي ٻچن جا سر ته بچايا پر ھاڻ پنهنجي ٻچن کي ڇا کارائين؟ نانگ ته ناھن جو مٽي کائين، انهن کي کاڌ خوراڪ جي ضرورت ته پوندي! پر مجال آ جو سرڪار کي ڪو رحم اچي، غريبن جا ٻچا کليل آسمان ھيٺ بک اڃ تي پيا گذارين! آخر ايڏو ظلم ڇو؟ انتظاميا ڇو نٿي واھر ڪري غريبن جي، مختلف ملڪن اربين رپين جي امداد جو اعلان به ڪيو آهي پر خبر ناهي اھو پئسو وڃي ڪيڏانهن ٿو، غريب ته اھو ئي سورن ۾ آهي. غريب کي ته ڪو به رليف نه مليو آهي. تعلقي ٺري ميرواھ جي انتظاميا به رڳو ڪوڙن جي ٻيو ڪجهه به نه ڪيو آهي، اي سي، ڊي سي يا فوڪل پرسن ميرواھ کي ڪالون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر انهن هن وقت تائين برسات متاثرن کي ٽينٽ به نه ڏنو آ، خبر ناهي انهن کي مليل راشن خيما ۽ ٻيو سامان ڏنو ڪنهن کي ويو آهي! اسان وري به وزيراعليٰ سنڌ کي اپيل ٿا ڪيون ته سموري سنڌ سميت تعلقي ميرواھ جي سار لھو، ھتان جو عوام بي يارو مددگار ويٺو آهي، توهان جا مقرر ڪيل عملدار الائي ڪٿي گم آهن جيڪي ڪٿي نظر به اچن ٿا ته اھو وڏيري يا ڪنهن ڀوتار جي اوطاق تي، غريبن جي ڪنهن کي پرواهه ڪونهي.

زاھد گل مجيداڻو/ پيروسڻ

سنڌ جي ماروئڙن سان ٿينڌڙ ناانصافيون!

جڏھن سج لھي پاتال تي پڄندو آھي ۽ ڪاري رات جي خاموشي منھنجي سنڌ کي گھيري ويندي آھي ته سچ پڇين ته سڄي رات ان سوچ ۾ مون کي ننڊ ناھي ايندي ته خدا ڄاڻي ھي ڪاري رات منھنجي سھڻي سنڌ جي ماروئڙن مٿان ڪيئن گذرندي؟ ان سوچن ۽ وسوسن ۾ سڄي رات گذري ويندي آھي، جڏھن سج نڪرندو آھي ته مان پنھنجو موبائل ڪنھن سولر تي چارج ڪري جڏھن فيس بڪ کوليندو آھيان ته ڪجھ اھڙيون پوسٽون نظر اينديون آھن جيڪي دل کي چيري وينديون آھن. گذريل ڏينھن به سانگھڙ شھر جي آسپاس راشن جي نالي تي غريب ڌتار نينگر کي لڳاتار ٻه ڏينھن تائين حوس جو نشانو بڻايو ويو. ان ڏينھن تي شھر عمرڪوٽ ويجھو روڊ جي پاسي تي اڏيل غريب مسڪين جي جھوپڙي مٿان ٽرڪ چڙھي وئي، ذريعن موجب گھر جا ڪجھ ڀاتي فوت ٿي ويا. ان ساڳي ڏينھن تي شھر ميرپور خاص ۽ بدين ۾ به اهڙا اڻ وڻندڙ واقعا پيش آيا. اھڙي ريت ھنن حادثن جو ريشو ڏينھون ڏينھن وڌنڌو پيو وڃي. جيتوڻيڪ ٽٽل روڊن جي ڪري خوفناڪ حادثا، پاڻي جي نيڪالي جو رستو نه ھجڻ سبب ماروئڙن مٿان گھرن جون ڇتون ڪرڻ، غربت ۽ بک مان آپگھاتن جھڙا کوڙ سارا موت جا واقعا پيش اچن ٿا، جن جي لفظن ۾ وضاحت ڪري نٿي سگھجي. خدا ڄاڻي سنڌ جي ماروئڙن سان ٿينڌڙ ناانصافيون ڪڏھن ۽ ڪيسين تائين جاري رهنديون؟

شان سنڌي/ کپرو

پاڻي ۾ گھيريل يوسي لانڍي

۽ انتظامي بي حسي!

موجوده صورتحال ۾ جتي سڄي سنڌ ۾ عوام کي جھڙي ريت ھٿرادو ٻوڏ ۾ ٻوڙي حڪمرانن جنهن ٻٽي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو آهي، ان نااھلي جو ته پاڻ کي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. ڇا سنڌ ۾ سرڪار نالي ڪا شيءِ آهي؟ ھتي عوام کي رليف فراھم ڪرڻ لاءِ انتظاميا جو ڪو اَتو پتو آهي؟ ھي ته سڀ اداڪار ٿا نظر اچن، جيڪي موجوده صورتحال ۾ سڄي سنڌ کي ھٿ سان ٻوڙي مٿان وري عجيب بيان ڏئي ماروئڙن جي زخمن تي لوڻ پيا ٻرڪين! باقي سنڌ حڪومت توڙي مقامي انتظاميا جو ھن وقت ڪٿي به ڪو حقيقي قدم نظر نٿو اچي، جنهن مان اھو ظاهر ٿئي ته واقعي سنڌ ۾ سرڪار نالي ڪا شيءِ آهي. ھنن بيحس حڪمرانن جي بقول ھي سندن انتظامي نااھلي نه پر سنڌ جي عوام مٿان ڪو قدرتي عذاب آهي، تنھن ڪري ھنن جي وس ۾ ھجي ها ته شايد ھي ماڪ پوڻ کي به فطرتي عذاب قرار ڏئي ڇڏين ها. سڄي سنڌ جيان ھن وقت تعلقي چمبڙ جي يوسي لانڍي جا سمورا ڳوٺ پڻ مڪمل پاڻي ھيٺ آهن، سڄو علائقو ڪنهن درياهه جو ڏيک پيو ڏئي پر افسوس جو انتظاميا موجب يوسي لانڍي ۾ پاڻي جي صورتحال نارمل آهي. توھان ايئر ڪنڊيشن آفيسن ۾ ويٺل آفيسرن لاءِ صورتحال واقعي نارمل ھوندي پر اھو ته ڪو يوسي لانڍي واسين کان پڇي ته صورتحال ڪيتري نارمل ۽ مقامي انتظاميا ڪيتري نه ايب نارمل آهي؟ جو سڄي يوسي لانڍي درياهه جو ڏيک ڏيڻ باوجود انتظاميا کي سڀ ڪجهه نارمل ٿو نظر اچي. ھن مڇرن جي آزار ۾ توھان کي يوسي لانڍي جي پاڻي ھيٺ آيل ڪيترين ئي ڳوٺن جا رھواسي روڊ تي بي يارو مددگار ويٺل نظر ايندا، ڪاش! ھي انتظامي عملدار روڊ تي ڪناري آباد انهن يوسي لانڍي واسين کان به پڇن ھا ته يوسي لانڍي ۾ پاڻي جي صورتحال ڪيتري نارمل آهي؟ يوسي لانڍي جي مختلف ڳوٺن ونگي اوٺا کان وٺي ڳوٺ سھراب لغاري، حاجي ولي محمد لغاري، محمد بچل لغاري سميت آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ گندي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ، مڇرن جي وڌي ويل آزار سبب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي. خدارا! ھنن ڏکين گھڙين ۾ يوسي لانڍي واسين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ بدران يوسي لانڍي سميت آسپاس جي سمورن ڳوٺن مان گندي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻائي پنهنجي ذميواري نڀايو.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

برسات سبب تباھه ٿيل شھر حيدرآباد جي بحاليءَ جو ڪم!

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شهر جي موجوده انتظاميا اڳواٽ آگاهي جي باوجود ڪي به تسلي بخش اپاءَ نه ورتا، جن جي ڪري شهر جا روڊ رستا برسات سبب مڪمل طور تباھ ٿي چڪا آهن، شهر ۾ گاڏين جي اچ وڃ ۽ ٽريفڪ جام ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي. جيڪو اڳ ۾ ئي پاڻيءَ جي نيڪال جي لائين جي مرمت سبب يا نامڪمل يا رولڙي جو شڪار بڻيل ڪم جي ڪري به مسئلو موجود هو، جيڪو برساتي پاڻي کان پوءِ انتهائي خراب شڪل اختيار ڪري ويو آهي. شهر مان پاڻيءَ جي نيڪال جي لائين جو ڪم ۽ روڊن جو رڪيل ڪم مڪمل ڪرڻ ۽ ان جي نڪنل بحالي لاءِ موجوده ضلعي انتظاميا ڪنهن به ڪم جي ناهي جيڪا ڪرپشن ۽ بدانتظامي ۽ خود غرضي سبب ناڪام ٿي وئي آهي، جن جي ڪري اجتماعي طور شهر تباھ ٿيو آهي. انهن کان شهر جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪم جي اميد رکڻ اجائي آهي، تنهن ڪري سنڌ حڪومت يا مقرر فوڪل پرسن کي کپي ته بحالي جي معياري ڪم لاءِ ضلعي انتظاميا جي مٿان رضاڪار نگران مقرر ڪيا وڃن، جيڪي سندن ڪم جي مڪمل طور نگراني ڪن. جن ۾  شهر جي غير سياسي، صحافي، دانشور، واپاري ۽ شهر جي نئين سر اڏاوت ۾ دلچسپي يا ڪو واضح سٺي ساک ۽ ڪردار رکندڙ هجن تن کي نگران ڪاميٽي ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن شهر نئين سر تعمير ٿئي، بحالي جو ڪم چڱي طرح انجام ڏئي سگهجي.

شبير کوکر/ قاسم آباد، حيدرآباد

بينظير انڪم سپورٽ ۾ ٿيندڙ بيواجيون!‎‎

محترمه بينظير جي شهادت بعد پ پ پ حڪومت انڪم سپورٽ پروگرام متعارف ڪرايو جنهن جي سروي کان پوءِ به ڪيتريون ئي غريب عورتون ۽ خاندان هن پروگرام جي اهل هوندي به نظرانداز ڪيا ويا، ان جي ابتڙ وڏا زميندار، خوشحال ۽ 19 هين گريڊ جا سرڪاري آفيسر به هن پروگرام مان ناجائز فائدو وٺندا رهيا. ٻيو ته ان پروگرام ۾ ان وقت اي ٽي ايم ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ سينٽرن تي ايتري رش هئي جو لاڳاپيل آفيسرن جلد بازي ۾ ڊيٽا ٺاهي اي ٽي ايم ڪارڊ ٺاهيا، جيڪي بعد ۾ نواز شريف جي حڪومت ويريفڪيشن ۽ مڪمل ڇنڊڇاڻ کان پوءِ نه رڳو سرڪاري آفيسرن جي گهر وارين پر هزارين غريب عورتن جا ايم ٽي ايم ڪارڊ ۽ اڪائونٽ به بلاڪ ڪيا ڇو جو سندن ڊيٽا غلط داخل ڪئي وئي هئي. جيڪي عورتون هن پروگرام جي وظيفي وٺڻ جي بلڪل اهل هيون انهن کي به نظرانداز ڪيو ويو، ن ليگ جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد تحريڪ انصاف اي ٽي ايم ختم ڪري بايو ميٽرڪ نظام شروع ڪيو، جنهن ڪري وظيفو وٺندڙ عورتن کي تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو پوي. هڪ ته ڊوائيس هولڊرن جي ڪٽوتي 14 هزار جي قسط کان هن وقت تائين 25 هزار جي رليف فنڊ جي ورهاست تائين ٻه کان ٽي هزار رپين جي جاري آهي ٻيو ته ڪيترن ئي عورتن جا فنگر پرنٽس نه لڳڻ ڪري هزارين عورتون بار بار سينٽرن ۽ نادرا آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن، عورتن سان بدڪلامي ۽ تذليل جا واقعا به معمول آهن، ٻيو ته سينٽرن تي پاڻي ۽ ڇانوري جو ڪو بندوبست ناهي هوندو، رش سبب گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ ڪيتريون ئي عورتون بيهوش ٿي وينديون آهن، جڏهن ته ڪيترين ئي عورتن جا سينٽرن تي موت پڻ واقع ٿيا آهن. وفاقي حڪومت کي گذارش آهي ته 2020ع ۾ جيڪا سروي ڪرائي وئي ان کان پوءِ ٻيهر رجسٽريشن ڪرائي وئي ان ڊيٽا موجب هن پروگرام ذريعي حقدار عورتن جي وظيفي کي شفاف نموني ورهائڻ لاءِ نئين سر اي ٽي ايم ڪارڊ جاري ڪيا وڃن ۽ هر حقدار خاندان کي هن پروگرام جو فائدو ڏنو وڃي جيئن پوڙهين، پيرسن ۽ معذور ۽ ڪمزور عورتن لاءِ سولائي پيدا ٿئي، مستحق عورتون تذليل ۽ ناجائز ڪٽوتين سميت ٻين ڏکيائين کان بچن.

ميهر مهراڻ چانڊيو/ ڪڙيوگهنور