خوفناڪ نطر ايندڙ شاگردن جو مستقبل!
اسڪول سکيا جو مرڪز آھي جيڪو شاگرد جي قابليت کي وڌائي ٿو، شاگرد اسڪولن ۾ پڙھڻ سان گڏوگڏ پنھنجي ساٿي شاگردن سان دوستيون وڌايئندا آهن جنھن سان سندن ۾ سماجي شعور پڻ وڌي ٿو، اسڪول ۾ هجڻ جو بنيادي مقصد آهي ته ٻار جي قابليت وڌي سگهي، جيتوڻيڪ شاگردن جو اسڪول وڃڻ ۽ استادن جو وقتن به وقتن شاگردن کان ڪلاس ٽيسٽ وٺڻ سان شاگردن جي ڪارڪردگي کي کان واقفيت خبر ھجڻ جي به ضرورت ھوندي آهي پر ڇا اسان اندازو لڳائي سگھون ٿا ته ڪورونا وبا تعليم کي ڪيترو متاثر ڪيو آھي؟ تعليم جي معاملي ۾ پاڪستان اڳ ئي پوئتي پيل آھي ۽ ان مسئلي جو حل هن وقت تايئن ناھي نڪري سگھيو. پاڪستان ۾ 22.8 ملين ٻار اسڪولن کان محروم آهن، ڪورونا وبا 50 لک کان وڌيڪ شاگردن کي پوئتي ڪري ڇڏيو آھي، ڪورونا جي ٽين لھر سبب حڪومت مختلف شھرن ۾ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو اعلان ڪري تمام تعليمي ادارن کي 15 ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي، جنھن ڪري ٽيون ڀيرو تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آھن. شھر، مارڪيٽون ۽ مال کليل آھن پر تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن، مطلب وائرس صرف تعليمي ادارن ۾ آھي. حڪومت آنلايئن ڪلاسز به متعارف ڪرايا آھن پر سڀني کي خبر آھي ته آنلايئن ڪلاس شاگرد ڪيئن پيا وٺن، ان ۾ صرف شاگرد موبائيل فونز کولي پاڻ ننڍ ڪري رھيا هوندا آھن. اسان جا شاگرد به ھاڻ ان آسري ۾ آھن ته ھڪ ڀيرو ٻيھر حڪومت کين بنا امتحانن جي پاس ڪري ڇڏيندي. منھنجو حڪومت کي عرض آھي خدارا شاگردن سان دشمني ڪرڻ بند ڪيو يا وري شاگرد ۽ استادن کي ويڪسين لڳرايو ته جيئن اسان جو مستقبل تباھي کان پچي سگھي.
سمير ساگر قريشي/حيدرآباد
گورنمينٽ گرلس ڪاليج کي تباھيءَ کان بچايو!
تعليم کاتي جي بيحسي سبب گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج سجاول تباھي ڪناري پھچي ويو آھي، سجاول جي شاگردياڻين جي تعليم جو واحد مرڪز گرلس ڪاليج جي عمارت زبون حاليءَ جو شڪار آهي، عمارت جي ڇتن مان چاپڙ ڪرڻ ڪري ڪنھن وقت به استادن ۽ شاگردياڻين جي زخمي ٿيڻ خدشو آھي. ضلعي جي شھرن چوھڙ جمالي، جاتي، ميرپور بٺورو، دڙو، ٻيلو کان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين پنھنجي جان جوکي ۾ وجهي تعليمي عمل جاري رکيو پيون اچن. گرلس ڊگري ڪاليج ٻين سھولتن کان به محروم آهي. ڪاليج ۾ ليڪچرارن ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف جي کوٽ ڪري شاگردياڻين جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته نان ٽيڪنيڪل اسٽاف چوڪيدار، سوئيپر ۽ مالي نه ھئڻ ڪري انتظاميا سخت ڏکيائين کي منهن پئي ڏئي. گرلس ڪاليج جي پرنسپل ميڊم نصرت جھان سومرو چيو ته سجاول جو واحد گرلس ڊگري ڪاليج انيڪ مسئلن جو شڪار آهي، ڪلاس رومن جون ڇتين مان چاپڙ ڪري رهيا آهن، ڪاليج جي چوديواري ڪري پئي آھي، ڪاليج کي مليل وين جو ڊرائيور نه ھئڻ ڪري ڪيترا سال نه ھلڻ سبب اھا ناڪارا ٿي چڪي آهي ۽ اسان کي ڪاليج جي ڪم لاءِ پرائيويٽ گاڏي استعمال ڪرڻي پوي ٿي، عمارت جي نئين سرتعمير لاءِ وزير اعليٰ کان وٺي ڊائريڪٽر ڪاليجز، کي بار بار شڪايت پئي پر هنن مسئلي تي ڌيان لاءِ ڪير به تيار ناهي. اسان شهري، والدين ۽ ڪاليج انتظاميا سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته گرلس ڊگري ڪاليج جي عمارت ٺهرائڻ سميت سھولتون ڏنيون وڃن جيئن سجاول جي شاگردياڻين کي معياري تعليم ملي سگھي.
وفا بابو پٺاڻ/سجاول
گھوٽڪي ضلعي ۾ وڏيرا شاهي ۽ پوليس جو ڪردار!
سنڌ اوليائن صوفين جي ڌرتي آهي، جتي پيار، محبت جو درس ڏنو ويندو آهي، اتي هاڻي وڏيرا مسڪينن مٿان ظلم ڪري رهيا آهن، وڏيري حاجي مهر مبينا طور هڪ پورهيت مٿان گاڏي چاڙھي ڇڏي، وڏيري جي لڳل گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان شفيع محمد مھر جي ڄنگھ ڀڃي پئي، خبر ناھي ته آخر گھوٽڪي جي پوليس وڏيرا شاھي کان آخر ڇو ٿي ڊڄي، جو ھن وقت تايئن مسڪين سان ظلم ڪندڙ وڏيري کي ڪجھ به ڪو نه ٿيو آھي، لڳي ٿو ته ھن مسڪين کي دٻائي ان جو آواز بند ڪيو ويندو جيئن ٻيھر ڪو به ماڻھو انھن جي ظلم خلاف آواز نه اٿاري سگھي. جي قانون پنھنجيءَ تي اچي ته ھڪ منٽ اندر وڏيرو لاڪپ ٿي ويندو پر ايئن ٿيندو ڪو نه ڇو جو ھي سنڌ آھي ۽ ھتي وڏيرا شاھي ھجڻ باجود مسڪين کي انصاف ملڻ مھانگو آھي پر رب وٽ اھا ڪورٽ آھي جتي سفارش توڙي پئسو ڪم نه ايندو آهي، ان جي لٺ بي آواز آھي، ايس ايس پي گهوٽڪي کي گهرجي ته غريب کي انصاف ڏياري ۽ قانون موجب وڏيري حاجي مهر مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري، ان کي ڪورٽ پہچائي جيئن ڪو ٻيو وڏيرو ڪنهن غريب مٿان اهڙو ظلم ڪرڻ جي جرئت نه ڪري، جي هن وڏيري کي ڪجھ به نه ٿيو ته غريبن مٿان ظلم ايئن ئي ٿيندو رهندو.
فرمان علي لغاري/گهوٽڪي 
آتم ڪٿا وڃن سور سنڌا ڪيو، جو جائزو!
آتم ڪٿا دنيا جا محنتي ۽ محبتي ليکڪ پنھنجي ذاتي زندگي کي ھڪ ڪتاب ۾ تصوير جيان ڇاپيندا آھن، انھن جي زندگي دنيا وارن لاءِ ھڪ حقيقي آئينو ھوندي آھي جنھن ۾ ھر ڪو ماڻھو پنھنجي زندگي جي معنيٰ ڳوليندو آھي، محمد خان ابڙو جي آتم ڪٿا “وڃن سور سنڌا ڪيو” ۾ هن پنھنجي زندگي جون ڪَڙيون حقيقتون بيان ڪيون آهن. جنھن ۾ ھو ھمت، ڏک ۽ سک، ذاتي مسئلا، سياسي ۽ سماجي جدوجھد اھڙي ھنر سان بيان ڪري ٿو جو پڙھڻ واري جي زندگي ۾ گھڻو ڪري اھي سڀ واقعا ۽ موضوع نظر اچن ٿا. محمد خان ابڙو جي آتم ڪتا ۾ ٽي وڏا ۽ اھم مضمون انتهائي دلچسپ آهن، پھريون رت جي رشتن جي سار سنڀال لھڻ، ٻيون نوجوانن جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجھد ۽ ڪاميابي ۽ ٽيون سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ سنڌي ماڻھن جي حقن لاءِ جستجو ۽ جاکوڙ ۽ پاڻ کي ھڪ سچو اڳواڻ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش. سچ پڇو ته هيءَ آتم ڪٿا، انهن غريب نوجوانن لاءِ جيڪي غربت ۽ وقتي مونجھارن جي ڪري تعليم پرائي نٿا سگھن انهن هڪ آئيڊيل ڪتاب آهي.
علي شير ابڙو/ سيوھڻ
خدارا سلطاني واهه ۾ زرعي پاڻي ڇوڙ ڪريو!‎
عليپور ريگيوليٽر وٽان نڪرنڌڙ سطاني واهه جيڪو راڄوخاڻي، غلام شاهه ۽ ڏيئي شهر جي لکين ايڪڙ زمينن کي سيراب ڪري ٿو، هتان جي ڳاٺڻ جو روزگار جو وسيلو چوپايو مال ۽ زراعت تي آهي، هن وقت سطاني واهه جي پيٽ ۾ صرف واري اڏامي رهي آهي، واهه ۾ زرعي پاڻي نه هجڻ جي ڪري هي لاڙ پٽ جو علائقو ٿر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري انسان توڙي جانور پاڻي لاءِ واجهائي رهيا آهن، ٻئي پاسي سنڌ حڪومت طرفان لاڙ پٽ جي زمين تي سارين جي پوکائي تي بندش لڳائي وئي آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جي هتان جي عوام سان سراسر ناانصافي آهي. آخرڪار سنڌ جي زرعي پاڻي تي ڪهڙي سياست ڪئي پئي وڃي، هتان جي جر جو پاڻي مڪمل کارو آهي جيڪو پئڻ لائق ناهي رهيو، هتان جا رهواسي ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ ڪري پيئڻ لاءِ پاڻي ڀري اچن ٿا، هر گهر جو فرد سڄو ڏينهن پاڻي لاءِ رلي ٿو. اسان جي سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته سلطاني واهه ۾ پاڻي ڇڏي هتان جي آبادگارن کي معاشي نقصان ۽ اسان جون زندگيون بچايون وڃن.
يعقوب کوسو/ تلهار
مٺي کان ڏيپلي روڊ جي مرمت ڪرائي ڏيو!
مٺي شهر کان جيڪو روڊ ڏيپلي طرف وڃي رهيو آهي اهو روڊ ڏيپلي موڙ کان ڏکڻ طرف لڳ ڀڳ 50 ننڍن وڏن ڳوٺن کي پاڻ ۾ ملائي. اهو روڊ مڪمل تباهه ٿي چڪو آهي، ڳوٺ ڀار مليو کان عالمسر، سوڀارو، ڀڪوئو، ٽوهه، ناٿڙو، ڇهو، ٽاهو، لاڪوڙي ۽ گھونو لنڊ تائين مڪمل ختم ٿي چڪو آهي. هن روڊ تي حادثا پڻ روز جو معمول بڻجي ويا آهن، هتان جا چونڊل نمائندا صرف اليڪشن جق وقت بلٽ پروف گاڏين ۾ ورڪ ڪرڻ ايندا آهن ۽ گاڏين جا شيشا چاڙهي ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ کان عاري ٿي ويندا آهن، هو گاڏين مان به روڊن جو معائون ناهن ڪندا. اهي سرڪار جي خرچ تي خوش آهن ۽ اسان ووٽ ڏئي انهن کي اعليٰ منصبن تائين پهچايو ان ڪري ته اهي ٿرپارڪر جي وارثي ڪندا پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اسان جو علائقي جي اهم ضرورت روڊ آهي جنهن مان غريب ۽ امير کي فائدو ملي ٿو جيڪو مڪمل کنڊر بڻجي ويو آهي ۽ موريون پڻ ٽٽي تباهه ٿي ويون آهن. هتان هر روز 30 کان وڌيڪ لوڻ سان ڀري ٽرالا گذرندا آهن جن هن روڊ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، 2 مهينا اڳ ٻڌڻ ۾ آيو ته هن روڊ جي رپيئرنگ جو ٽينڊر به جاري ٿيو آهي پر اڃا تائين ان جو ڪم شروع ناهي ٿيو. اسان هتان جي چونڊين نمائندن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي علائقي جي سار لهي هتي ترقيا ڪم ڪرايا وڃن، رڳو آسرن ۾ ڪم نه هلايو وڃي. اعليٰ اختيارين ۽ حڪومت کان پڻ اهو مطالبو آهي اسان کي روڊ ٺهرائي ڏنو وڃي جيئن اسان حادثن کان بچي سگھون.
احمد خان لنڊ/ گھونو، ٿرپارڪر
نوان سماجي لاڳاپا قائم ڪريو، دوستيون وڌايو!
نون ماڻھن سان ملو، نوان دوست بڻايو، دوستن جو حلقو وسيع بڻايو، نون ماڻھن ۾ پنهنجي جاءِ بڻايو، نين شين ۽ ماحول کان بلڪل نه گهٻرايو پر انهن کي دل سان ڀليڪار چئو. معاشري جي مجموعي ڀلائي ۽ بهبود جي ڪمن ۾ دلچسپي وٺو، پنهنجي ذات مان ٻاھر نڪري ماڻھن جا سور، حال احوال کان واقفيت حاصل ڪرڻ گهرجي، ڇو ته انسان جي جوڙ ئي ٻين سان گڏجي رهڻ لاءِ ڪئي وئي آھي، انسان جي گڏجي رهڻ سان ئي سماج ۽ معاشرو جنم وٺندو آهي، اڪيلي سِر انسان ڪو به تعميري ڪم نٿو ڪري سگهي پر ٻين سان گڏجي اهو هاڪاري انداز اختيار ڪري سگهي ٿو ۽ انهن کي تڪميل تائين پهچائي سگهي ٿو، جنهن سان هڪ پرامن سڪون ۽ دل جي اطمينان واري دولت حاصل ٿئي ٿي.
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن 
سيوھڻ ۾ مستقبل جي معمارن کي بچايو وڃي!‎
سيوهڻ شريف جيڪو ڄامشوري ضلعي ۾ هڪ غير معمولي تعلقي جي حيثيت رکي ٿو پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو هتي سرڪاري تعليمي ادارا مڪمل طور غير فعال بڻيل آھن. ان جو مثال ساڍا 7 سو کان مٿي انرولمينٽ شاگردن جي  گرلز ڪاليج جو ڪم مسلسل 12 سالن کان رولڙي جو شڪار آهي. سيوھڻ جون شاگردياڻيون هاءِ اسڪول جي ڪمرن ۾ پڙهي رهيون آھن. ڪاليج لاءِ ايندڙ فنڊز مسلسل انتظاميا هڙپ ڪري رهيي آهي. ان کان سواءِ هتي فزڪس، ميٿميٽڪس، ڪيمسٽري، انگريزيءَ جا استاد به مقرر آهن، جيڪي مقرر آھن اھي به پهنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ سان نٿا نڀائين. سنڌ جي وڏي وزير، تعليم جي وزير ۽ سيوھڻ جو شعور، وسوارن کان گھر ٿي ڪجي ته جلد گرلز ڪاليج جي عمارت جو ڪم مڪمل ڪرائي مڪمل اسٽاف ۽ شاگردياڻين کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
نظام الدين سولنگي/سيوهڻ
غريب ڇوڪرن سان ٿيندڙ ناانصافي بند ڪريو!
ڪجھ وقت اڳ تعلقي کپرو جي اين جي اوز تحت هلندڙ پرائيويٽ ۽ سرڪاري اسڪولن جي سروي لاءِ آرٽس فائونڊيش نالي هڪ اداري ڪم ڪيو ۽ مقامي کپرو تعلقي سان تعلق رکندڙ 150 کان وڌيڪ والينٽيئرز پنهنجي خرچ تي ان ۾ ڪم ڪيو، اسڪولن جي سروي ڪئي، ان کان سواءِ ٻيا پروجيڪٽ به هليا، ڪافي وقت گذري ويو آهي پر اڃا تائين والينٽيئرز کي هڪ رپيو به نه ملي سگهيو آهي. والينٽيئرز کي فيلڊ آفيسرن جي ڪوڙن دلاسن ۽ آسرن تي هلايو پيو وڃي. في والينٽيئرز 24000 آهن سمورن ورڪرز پاران احتجاج ڪيو ويو، ان وقت ڪم وٺندڙ سپروائيزر ۽ فيلڊ آفيسرن سان رابطو به ڪيو ويو پر رڳو آسرن جي ڪجھ به نه ٿو ٿئي، ٿرڊ پارٽي اين جي اوز وٽ اهي پئسا موجود آهن جيڪي ڪجھ مخصوص ورڪرز کي گهرائي ڏنا پيا وڃن، ورهائيندڙن پاران مخصوص ۽ من پسند والينٽيئرز کي گهرائي پئسا ڏنا پيا وڃن ۽ انهن کي اهو به چيو پيو وڃي ته ڪنهن سان ڳالھ نه ڪجو ته توهان کي پئسا مليا آهن. تمام غريب والينٽيئرز پاران ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن شهيد بينظيرآباد کان برٽش ڪائونسل پاران آرٽس فائونڊيش تحت ڪم ڪندڙ والينٽيئرز لاءِ آيل رقم ۾ ڪرپشن تي نوٽيس وٺي سخت ڪارروائي جي اپيل ڪئي آهي.
سميع الله شر/سامارو موري اسٽاپ
پاپي آ، مولا دنيا تنهنجي ڏاڍي پاپي آ!‎
جڏهن سوڳوار فضا گهلندي آھي ته زندگيءَ جا سمورا رنگ بي رنگ ٿي پوندا آھن، زندگيءَ جي هن ڪٺن سفر ۾ پنهنجن جون بي رخيون، پنهجن کان لاتعلقي ۽ قدم قدم تي فريب جي ڄار ڪا نئين ڳالھ ناهي پر جڏهن ڪنهن جي اندر ۾ ماڻھپو مري ويندو آھي ته پوءِ وحشت جي بوءِ ڪيترا گهر اجاڙي ڇڏيندي آھي. تازو ڳڙو خيري ۾ گهٽي جي لنگهه تان رتوڇاڻ ۾ 8 ماڻھو قتل ٿيڻ واري خبر تي دلين تي کنوڻ جيان ڪڙڪي پئي. قتل ٿيلن ۾ هڪ کير پياڪ ٻالڪ به شامل آهي. واقعي تي هانءُ ڏري پيو، سنسار جي سونهن کي به ٽڙڻ کان اڳ مرجهايو ويو، ايڏي وحشت ۽ جهالت؟ جو معمولي ڳالھ تان رت سان راند کيڏندي ڌرتيءَ تي ايڏو رت وهايو وڃي ٿو جو لاش سڙي ڪوئلو ٿي وڃن ٿا؟ امن جي نگريءَ ۾ خبر ناهي هيءَ وحشت ڪٿان ڪاهي پئي آھي جو روز ڪٿي نه ڪٿي رت جي راند کيڏي ٿي وڃي، انسان جو قتل ڄڻ سستو وکر ٿي پيو آھي. ٿورڙي انا جي ڪري ڪونڌر ڪسجي ٿا وڃن. ونين کان ور، ڀيڻن کان ڀائر کسجي ٿا وڃن، امڙين جون جهوليون خالي ڪيون وڃن ٿيون، انسانيت جي قتل تي الائي ڇو اکيون آليون نٿيون ٿين، پراڻيون دشمنيون، پراڻا پلاند، معمولي ڳالھ تان جهيڙو، سڱاوتي تڪرار، ملڪيت خاطر جهيڙا، خبر ناهي ڌرتي اڃا ڪيترا گهاوَ سهندي رهندي، خبر ناهي هن وحشيت جي بوءِ ۾ اڃا الائي ڪيترا ڪونڌر ڪسجندا رهندا؟ وقت جي واڳ ڌڻين توڙي انسانيت جي علمبردارن کي گهرجي ته امن جي ڌرتيءَ تي ٿيندڙ رتوڇاڻ کي روڪرائي ماڻھن کي ماڻھپي جا نوان دڳ ڏيکاريا وڃن.
مولا دنيا تنهنجي ڏاڍي پاپي آ،
ڪري ظلم اڃا نه ڍاپي آ!
غلام علي گل ٻجورو/ سجاول
ٽنڊو مير علي ۾ وڌي ويل عطائي ڊاڪٽرن جو آزار!
ٽنڊي مير علي جي مختلف شھرن ۾ عطائي ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل اسٽور وارن ديرا ڄمائي نقلي دوائن سميت نشي آور انجيڪشون ۽ گوريون به وڪرو ڪري رهيا آهن، جنھن ڪري نوجوان نسل تباھيءَ جي ڪناري تي پھچي ويو آهي، نقلي دوائون وڪرو ٿيڻ ڪري ماڻھو صحتياب ٿيڻ بدران وڌيڪ بيمار ٿيڻ لڳا آهن، ڪنھن به ميڊيڪل اسٽور واري جو ڊسپينسر جو ڪورس ناھي ٿيل. مريضن کي سرعام انجيڪشنون ۽ دوائون به اسٽور اندر پاڻ ئي ڏيڻ ٿا، سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن سميت ڪنھن به ڪاروائي نه ڪئي آهي، ٽنڊو مير علي آسپاس جي علائقن چودڳي ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن پڻ ديرا ڄمائي ڇڌيا آهن ۽ انهن جا ميڊيڪل اسٽور وارا اٻوجھ ماڻھن کي نقلي دوائون ڏئي ٻنھي ھٿن سان ڦري رهيا آهن، جيڪي ٿورڙي وقت ۾ مان لک پتي بڻجي ويا آهن، ميڊيڪل اسٽورن ۾ پنھنجون اسپتالون ھلائي رهيا آهن، سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن سميت ڪنھن به لاڳاپيل اداري انهن خلاف ڪا ڪاروائي ناهي ڪئي، ڪنهن وٽ به ڊگري ناھي، مٽن مائٽن، دوستن يا پئسن تي سرٽيفيڪٽ وٺي اٻوجھ ماڻھن جي جان سان کيڏي رهيا آهن. سنڌ ميڊيڪل ڪيئر ڪميشن کي گھرجي ته عطائي ڊاڪٽرن ۽ نقلي سرٽيفڪيٽن تي ميڊيڪل اسٽورن هلائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن غريب ماڻھن جي جان بچي سگھي.
راشد لطيف شر/ ٽنڊو مير علي
ڪراچي ۾ سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ ڇو نٿا ٺهي سگھن؟
ماضيءَ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين سنڌ صوبي سان وفاق جو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رھيو آھي، ويتر مٿان شيخ رشيد جيڪو سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاھن ۽ غلط تاثر ڏيڻ، سنڌين بابت غلط موقف رکڻ سندس غليظ سوچ آھي، ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو شھر آھي، سنڌين جو شھر آھي، جتي ٻاھرين ڪُت خلق کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏنا پيا وڃن، اتي اصل رھواسين جا ڪارڊ ڇو نٿا ٺاهي سگھجن؟ شيخ رشيد ڪراچي ۾ اچي اھڙو تعصب ڦھلايو آهي جنھن سان نفرت جي باھ ئي ڀڙڪي سگھي ٿي. اھڙا ڪيترائي ڪرائي جا پِٺو آيا ۽ ويا جيڪي سنڌ جو وار به ونگو ناهن ڪري سگھيا. سنڌين جا ڪارڊ ٺھندا ۽ سنڌين کي وڌ ۾ وڌ ڪراچي ۾ ئي ڪارڊ ٺھرائڻ گھرجن، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته شيخ رشيد تي ڪيس داخل ڪري ۽ سنڌين جي پ پ پ کي مالڪي ڪرڻ گھرجي.
شفيق حسين وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ
ٻيلي شهر ۾ وڌيل منشيات جي آزار جو نوٽيس وٺو!
ٻيلي شهر ۾ منشيات جو آزار وڌي ويو آهي، هتي گٽڪو، مائو، ڪچو شراب ۽ چرس سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي، وڏا وڏا ڊيلر ٻين شهرن مان مختلف گاڏين ۾ سوپاريون ۽ ٻيون نشي واريون شيون کڻي اچن ٿا پر انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. ياد رهي ته ٻيلو شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪچي شراب جون بٺيون پڻ لڳل آهن، جتي ڪچو شراب سرعام وڪرو ڪيو ٿو وڃي پر پوليس انهن جي خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ڪري ۽ انهن کان صرف منٿليون اوڳاڙي انهن کي زهريلي نشي جي واپار جو کلي عام اجازت رهي آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو سنڌ جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي پر ايندڙ نسل پڻ تباهه پيو ٿئي. اسان ڊي ايس پي ۽ ايس ايس پي سجاول کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته منشيات خلاف ڪارروائي ڪري نوجوان نسل جي زندگين کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
سماجي براين خلاف لکو! ‎
محبوب جي ڪارن زلفن تي ڀل لکو پر پيٽ بکايل ۽ انگ اگھاڙن مسڪينن تي به لکو، ننڍڙن ٻارن سان ٿيندڙ زيادتين تي لکو، پنھنجي ڪيل ڪرتوتن ڪري ڏنڊ ۾ ڏنل ان نياڻيءَ تي لکو، پئسن عيوض ڏنل ڇوڪريءَ تي لکو جنھن جا ارمان ۽ خواب چند ٽڪن عيوض وڪيا ويا. انهن آفيسرن جي ڪڌن ڪمن تي لکو جيڪي ان لاءِ تعليم پرائيندا آھن ته ناجائز مال ڪمايون، ان پير، مير، وڏيري ۽ سياستدان تي لکو جيڪو ڪوڙا واعدا ڪري ووٽ وٺي وري ڳوليا نٿا لڀن، ان سرڪاري اسپتال تي لکو جنھن جي بجيٽ ڪروڙين پر ملي پيٽ جي سور جي گوري به نٿي. احساس ڪفالت جي نالي تي ايجنٽن ھٿان لٽجندڙ ان ڪراڙيءَ تي لکو جيڪا ڪمزوريءَ هوندي به قطار ۾ بيٺي ڏڪندي آهي، ان پوليس جي اعمالن تي لکو جيڪا ڪجھ پئسا وٺي انصاف جي نانءَ تي خاندانن جا خاندان تباھ ٿي ڪري. ان موڀي پٽ تي لکو جيڪو  پنھنجي جيجل جو ڪنڌ ڪپيندي دير نٿو ۽ جھور پوڙھي ابي تي به ڏنڊا اڀا ٿو ڪري. مسڪين جي جھريل جھوپڙي تي لکو ان ۾ ويٺل ان معصوم نياڻءَ تي لکو جنھن کي ڏاج  نه ھجڻ ڪري سندس جواني گذري وئي. انھن ڊرائيورن جي لاپرواھي تي لکو جيڪي وين کي جھاز سمجھي ٿا ھلائين ۽ معصوم جوانيون چيڀاٽي امڙين جون جھوليون خالي ٿا ڪن. تعليم جي ٺيڪيدارن تي لکو جيڪي پيٽ خاطر مستقبل جي معمارن جون زندگيون پيا تباھ ڪن، سنڌ ۾ غيرقانوني ٿيندڙ ڌارين آبادڪاري تي لکو. ان نو جوان تي لکو جن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي پر شراب ٿو پيئي، کائڻ لاءِ ماني ڪانھي پر گٽڪا، پان ٿو کائي، سماج جي فرسوده ريتن، رسمن ۽ رواجن تي لکو ۽ آخر ۾ وڏيري جي ان چمچي تي به لکو جيڪو چمچي مان ترقي ڪري ڪپگير ٿي ويو آهي.
رياض راڄپر/ ڀنگو بھڻ، فيض گنج