هي وحشتون نيون ناهن!

سنڌ پنجاب جي سرحدي پٽي گھوٽڪي، رحيم يارخان جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل ھڪ مغوي جي ويڊيو وائرل ٿي آھي، ان ويڊيو ۾ ھڪ نقاب پوش لاءِ اھو چيو پيو وڃي ته اھو به مغوي آھي، جنھن کان ھڪ ٻئي مغوي کي ڪپڙن کان آجو ڪري سندس ڳچي ۾ زنجير وجھي بدفعلي ڪرائڻ واري ويڊيو ٺاھي وئي آھي، ڀنگ لاءِ اھا وڊيو وارثن ڏانھن موڪلي وئي آھي. ڇا قانون ايترو ڪمزور ٿي ويو آھي جو ڏوھاري بي لغام ٿي ويا آھن ۽ وحشت، ڏاڍ ھتي ننگو ناچ ڪري رھيا آھن؟ پوليس بيوس نظر اچي رھي، شھرين جي جان مال جو تحفظ رياست جو اولين فرض آھي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بيوس بڻجي ويا آھن، تڪليف ماڻھن جو مقدر بڻجي وئي آھي، ھتي ماڻھن جون عزتون پائمال ٿين ٿيون، لاقانونيت جي فضا قائم آھي، ھڪ انسان جي تذليل ڪئي پئي وڃي جيڪو غير انساني سلوڪ آھي، جيڪو ھتي مغوين سان ٿي رھيو آهي، انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪي ويو، اسان سوچيو به نه ھو ته انسان ايترو ڪري پوندو، اھڙا عمل ڪندو، انسان سان جانور وارو سلوڪ ٿي رھيو آھي. چوڻي آھي ته انسان جي مٽي ڳوھڻ وقت ڪو چڱائي واري چاڻي ۾ ڪو شيطاني رتوبت وارو رت به شامل ٿي ويو هو ان ڪري وحشت جا واقعا نت نون طريقن سان سامھون اچي رھيا آھن. ڪائنات جي ابتدا کان وٺي ھيل تائين انساني آزارين جا قصا تاريخ ۾ سئوڻا ڀيرا وڌيڪ رقم ٿيل آھن، ڌرتيءَ جي گولي تي ڪڙوڙين قھر ٿيندا رھيا آھن. ھي وحشيتون نيون ناھن، اھڙا واقعا ھڪ قلمڪار جي سھپ کان به چڙھي ويا آھن، اھڙي واقعي تي شعور جو روح رھڙيو آھي، دل رت جا ڳوڙھا روئي رھي آھي. سنڌ پنجاب جي سرحدي پٽي ڪچي ۾ ھن وقت به 50 کان وڌيڪ سنڌ پنجاب بلوچستان ڪي پي ڪي جا ماڻھو ڌاڙيلن وٽ يرغمال آھن، اسان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڏوھارين کي عبرتناڪ  سزا ڏني وڃي جيئن ٻيھر ڪو به ڏوھاري اھڙي عمل ڪرڻ کان پھريان سئو ڀيرا سوچي.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

هڪ چٺي ڊي سي گھوٽڪي جي نانءُ‎‎

ڊي سي صاحب اوهان ليٽر جاري ڪيو آهي ته 14 آگسٽ جي ڏينهن ضلعي جي مختلف تعليمي ادارن ۾ تقريرون اردو ۽ انگريزي زبان ۾ ڪيو وڃن، اوهان جي هن ليٽر تي سنڌي ٻوليءَ ڳالهائيندڙ توڙي سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن کي دلي ڏک پهتو آهي. ڊي سي صاحب جيڪڏهن توهان کي سنڌي ٻوليءَ کان ايتري نفرت آهي ته سنڌ مان نڪري وڃو، اسين 14 آگسٽ جي ڏينهن تي سنڌيءَ ۾ تقريرون ڪنداسين، سنڌي ٻولي اسان جي مادري زبان آهي، سنڌي ٻولي لکڻ، ڳالهائڻ، ڪڏهن ڪو نه ڇڏيندا سين.

علي گل شيخ/مريدشاخ

برساتي ۽ موسمي ڏيڏر!

دنيا جي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته ذوالفقار علي ڀٽي سرداري ۽ جاگيرداري نظام قائم ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ڪي اڌ پڙھيل سفارشي چونڊيل نمائندا ان مشن جي پويان ھلي ھلي سنڌي ماڻهن جو جوس ڪڍي ڇڏيو اٿن. ٻئي پاسي وري حڪومت جا چونڊيل نمائندا ڪـک پتيءَ مان لک پتي بڻجي ويا آهن، ڪجهه مھينا اڳ سنڌ ۾ لوڪل اليڪشن ٿي جنهن ۾ ڀٽي صاحب جي ان مشن تي پلجندڙ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڏن وڏن گاڏين ۾ ھٿيار کڻي ڄڻ ته شھيد راڻي جي قاتلن کان پلاند وٺڻ پيا وڃن پر قاتل به سنڌ حڪومت ۾ اصل ڪِلو کوڙي مضبوطي سان سنڌ جي وسيلن کي ڌارين حوالي ڪرڻ کان ويندي سنڌ ۾ ڌارين کي ڪالونيون ٺاھي ڏيڻ ۽ ريگيوليٽ ڪرڻ تائين ڪا ڪثر نه ڇڏي اٿن، بهرحال جيئن سياري جون ڀاڄيون ٿين، اونھاري جي مند ۾ وري اونھاري جا طعام پچن ٿا ايئن ئي اسان وٽ سنڌ ۾ ڪجهه اھڙا ڏيڏر ٽان ٽان ڪري رهيا آهن، مون سون جي برسات لاءِ ھي ويچارا منهن مٿي ڪري ٽان ٽان ڪري دعائون گھرن ويٺا ته ڪا ٻوڏ اچي، وري ٽينٽ، راشن، مڇردانيون، مڇرمار مشينون، دوا ۽ برسات متاثرن لاءِ مليل مال سڀ کپائي وري ڪوھ مري، اسلام آباد جو سير ڪري اچون. لاڳيتين برساتن کان پوءِ سمورن چونڊيل نمائندڙن جون ڄڻ ته پنجئي آڱريون گيھ ۾ ھجن. سنڌ جي مختلف ضلعن کان ويندي سانگھڙ ضلعو به ڪرپشن، ڦرن، چورين جي ور چڙھيل آهي. ھينئر  ماحول جي حساب سان سانگھڙ ضلعي ۾ مختلف آفيسر به ڏيڏرن جو ڏيک ڏئي رھيا آهن، ڏيڏرن جا ته اصل عجيب قسم آهن، ڪي ماڻڪي ڏيڏر، ڪي وري وڏن پيٽن وارا، ڪي وري ڪار منھان ايئن کوڙ نالا آهن، جيڪي سنڌ ۾ نازل ٿي ٻاڪو ڦاڙي ٽان ٽان ڪري سنڌي ماڻهن کي تباهه پيا ڪن. اچو ته انهن موسمي ڏيڏرن کي لغام ڏيڻ لاءِ عملي ڪم جوڙيون، ضلعي، تعلقي يا يوسين لاءِ مليل بجيٽ انهن موسمي ڏيڏرن کان وٺي برسات جي سٽيل غريبن مسڪينن تائين پھچائڻ لاءِ صحتمند ڪردار ادا ڪريون .

ظفر حسين مري/کپرو

سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ

۽ غريب عوام!

سنڌ ۾ عوام کي وڌيڪ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پئجي رهيون آهن، جيڪڏهن لوڊشيڊنگ وقت تي ڪنھن هڪ وقت تي ڪئي وڃي ته غريب عوام جا مسئلا اڃا به دور ٿي سگهن ٿا پر افسوس ته اسان جا حڪمران ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سنجيدگي جو مظاهرو نه پيا ڪن، جنهن سبب عوام سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھي. ڪنھن به سياسي پارٽيءَ جو ڪو به ليڊر انهن جي تڪليفن جو ازالو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ھينئر گرمين جو وچ آهي، مھيني ۾ اونهاري جي سخت موسم ھوندي ته غريب ماڻهو لوڊشيڊنگ سبب مري ويندا، هڪ گھڙيءَ لاءِ سوچيو ته شھرن جي بند گهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جو ڪهڙو حشر ٿيندو هوندو، سخت گرميءَ کي ٻارڙا ڪيئن برداشت ڪندا هوندا، جڏهن گرمي جو زور وڌي ويندو ته ماڻهن جو بجلي کان سواءِ رهڻ ڏکيو ٿي ويندو. ملڪ جي حڪمرانن کي هاڻي کان ئي سنجيدگيءَ سان هن بنيادي مسئلي تي ضابطو آڻڻو پوندو نه ته ايندڙ ڏينهن ۾ عوام ڏک ۾ وٺجي ويندو. هڪ طرف بجلي مهانگي ٿي رهي آهي ۽ ٻئي طرف لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جيڪو عوام سان دشمنيءَ برابر آهي، بجلي جي مقابلي ۾ سولر اينرجي سسٽم ھن وقت ڪافي مشهور ٿي چڪو آهي، اڄ ڪلھ وڏا وڏا ڪارخانا، فيڪٽريون، پيٽرول پمپ، سي اين جي اسٽيشنز، ريسٽورنٽس سولر اينرجي تي ھلي رھيا آھن، ان باوجود بجلي جي لوڊشيڊنگ ھجڻ ڪري گھڻا سوال جنم وٺن ٿا ته آخر بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي؟ افسوس ته بجلي جي لوڊشيڊنگ به رڳو عام ماڻهن لاءِ آهي، باقي اسمبلي ميمبرن يا وڏن ماڻهن لاءِ ڪا لوڊشيڊنگ ناهي اھي ته واپڊا وارن کان پئسن سان بجلي خريد ڪري پنھنجو ڪاروبار به ڪندا ته زندگيءَ سڪون سان گذاريندا، ماڻهو هڪ ويلي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن يا وري ھلڪي ڪاروبار ڪرڻ واري درزيءَ کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پوندو آھي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ھر تڪليف ۽ ڏکيائيون رڳو غريبن لاءِ آھن.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

سنڌ ۾ روز جو معمول بڻيل آپگھات ۽ اسان جو نوجوان!

جتي ميڊيڪل سائنس تمام تيزي سان ترقي ڪري رھي آھي ۽ لاعلاج بيمارين جو علاج پڻ دريافت ٿي چڪو آھي، اتي جيڪي ظاھري بيمارين جو علاج ممڪن ٿي چڪو آھي اتي ڳجھا گھاوَ ھوندا آھن، تن جو علاج صرف محبت سان ممڪن آھي. سنڌ ۾ جتي ھاڻ آپگھات روز جو معمول بڻيل آھن جن جي ڪا به جاچ ناھي ٿيندي، بس پوليس وٽ مائٽن جو اھو بيان عام ملي ٿو ته اسان جي نوجوان جو دماغي توازن درست نه ھجڻ ڪري هن آپگھات ڪيو پر ان پويان ڪافي سبب ملندا، جيڪي ٽي وي چينلن ۽ اخبارن ۽ نوجوانن جي مائٽن کان لڪل رھن ٿا. ڪافي نوجوان محبت ۾ ناڪامي، ڪنھن اعليٰ امتحان ۾ ناڪامي، زميني خواھش پوري نه ٿئڻ، دوستن جو ۽ خاندان جو ناڪاري ھجڻ، ڪا دلي خواھش پوري نه ٿئڻ، سوشل ميڊيا جو غير ضروري استعمال آهي.پاڻ اھڙي دور مان گذري رھيا آھيون جنھن دور ۾ نارمل زندگي گذارڻ تمام ڏکي بڻجي وئي آھي، ملڪ جي مٿئين طبقي لاءِ ڀل سڀ سک ھجن پر ھاڻ وچولو طبقو به ملڪي حالت جي بگاڙ ھٿان سخت متاثر ٿي رھيو آھي، ھيٺئين طبقي لاءِ ته زندگي روز موت جيان ھوندي آھي مھانگائي جو جن جيئن بوتل مان نڪتو آھي سو قابو ئي نه پيو اچي، جيڪي آڻين ۽ چاڙھين واري زندگي گذاريندا ھئا تن جي حالتن کي ڏسي آسمان روئي رهيو آهي پر ھٿين خالي حڪمران کين رڳو سکڻا دلاسا ڏيڻ ۾ مصروف آھن، اسان جي حڪمرانن کي گھرجي تي خالي دلاسا ڏيڻ واري سياست کان ٻاھر نڪري عملي رليف ڏنو وڃي، جيئن غريب ۽ لاچار ماڻھن جي اھنجن تي ڪو مرھم لڳي سگھي، سنڌ ۾ ونڌندڙ آپگھاتن تي اسان جي ملڪ جي تعليمي ادارن کي پڻ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. تعليمي اداران ۾ پڙھندڙ شاگرد توڙي شاگردياڻين کي موٽيويشن ڪرڻ گھرجي ۽ کين اھو ٻڌائجي تي ڪنھن اعليٰ امتحان ۾ ناڪامي تي آپگھات ڪرڻ انتھائي غلط عمل آھي، توھان ٻيھر ڪوشش ڪريو، توھان ڪامياب ٿيندا، ان واقعن خلاف والدين کي پڻ ڀرپور ساٿ ڏيڻ گھرجي، اولاد جي جائز خواھش پوري ڪرڻ ۽ کين هاڪاري جواب ڏيڻ گھرجي، ان سان اسان پنھنجي سماج ۽ نوجوانن ۾ روز جو معمول بڻجي ويندڙ عمل آپگھات کان روڪي سگھون ٿا.

آفتاب ممتاز سولنگي/ڊينگاڻ ڀرڳڙي

75 سالا آزادي ۾ اسان ڪيترا نظام بهتر ڪيا آهن؟

اسان جي پياري ملڪ پاڪستان کي آزاد ٿئي 75 سال ٿيا آهن، جنهن جو جشن ننڍن توڙي وڏن وڏي خوشي سان گڏجي ملهايو ۽ هر سال جيان هن سال به وڏيون وڏيون تقريرون ٻڌڻ لاءِ مليون ۽ اهي جوش ڀريل تقريرون ٻڌي خوب تاڙيون به وڄايونسين پر اسان جڏهن پاڪستان جي ترقياتي منصوبن ڏانهن نظر کڻي ڏسنداسين ته خبر پوندي اسان 75 سالن ۾ دنيا جي ڀيٽ ۾ ڪٿي بيٺل آهيون، ڇڏيو دنيا کي رڳو ڀر جي بنگلاديش کي ئي ڏسو جيڪو اسان کان اڳتي پيو وڃي، جنهن کي آزاد ٿئي ايترا سال به ناهن ٿيا ۽ اسان 75 سالن ۾ گٽر جي پاڻي جي نيڪالي وارو نظام به ٺيڪ ڪري نه سگهيا آهيون ۽ نه ئي برساتي پاڻي جي نيڪال ڪرڻ جو ۽ نه ان برساتي پاڻي کي زيان ٿيڻ کان بچائڻ وارو ڪو نظام ٺاهي سگھياسين! اسان وٽ 75 سالن کان پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو تمام گهڻو رهيو آهي، جيڪڏهن برساتي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لاءِ بهترين اپاءَ ورتل هجن ها ته اهو مسئلو به حل ٿيل هجي ها، ان کان سواءِ اسان وٽ 75 سالن کان قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ به ڪي اهڙا اپاءَ ناهن ورتا جنهن سان انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائجن. تازو مثال بلوچستان ۾ برسات سبب ٻوڏ ۽ ڪوهه مري جهڙا واقعا پڻ مثال آهن، ان کان سواءِ اسان 75 سالن کان روڊ حادثن سبب ٿيندڙ هزارين موت کي به روڪڻ لاءِ ٽراما سينٽر يا ريسڪيو ٽيمون نه ٺاهي سگهيا آهيون، جن سان موت جو تعداد گهٽجي سگهي. ان کان سواءِ 75 سالن ۾  تعليم جي شعبي ۾ به اهو معيار نه ٺاهي سگھياسين جيڪو هئڻ گهرجي، ڇو ته تعليم کي تباھ ڪرڻ ۾ ڪاپي ڪلچر، بورڊ ۾ ڪرپشن ۽ سفارشي ڪلچر، ميرٽ جو قتل پڻ شامل آهي، 75 سالن کان اسان جي ملڪ ۾ ريلوي سروس کي سڌاري ۽ منافع وارو ادارو ٺاهڻ بدران نقصان وارو ادارو بڻائي ڇڏيو آهي، سبب ڪرپشن ۽ اضافي ڀرتيون آهن، ان کان سواءِ ٻيا ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي 75 سالن کان اسان ٺيڪ ڪري نه سگهيا آهيون، سبب رڳو اهو آهي ته هتي ڪرپشن جي آزادي مليل آهي ۽ حق سچ، ميرٽ کي قيد ڪري رکيو ويو آهي، جيستائين ڪرپشن تي سزائون نه ڏنيون وينديون تيستائين ملڪ جون حالتون نه سڌرنديون ۽ اسان رڳو حالتون سڌارڻ جي اميد ئي رکي سگھون ٿا.

دليپ آزاد/عمرڪوٽ

آزاديءَ مان ڪهڙي مراد آهي؟

پاڪستان 14 آگسٽ 1947 تي انگريزن جي کان آزادي ورتي، اسان کي خبر ھجڻ گھرجي ته آزادي مان ڇا مراد  آھي! آزاديءَ مان اها مراد آهي ته هر انسان کي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ پنهنجي خواهش موجب زندگي گهارڻ جو حق آهي پر ان حق جي استعمال سان ٻئي ڪنهن جو حق متاثر نه ٿئي. آزادي جي ھي معنى ڏسي ذھن ۾ اھي خيال اچن ٿا ته اسان جي ملڪ کي 75 سال ٿي ويا آھن ۽ ڇا اسان آزاد ملڪ جا آزاد رھاڪو آھيون؟ اسان ته اڃا آزادي جي ميٺاڄ ۽ احساس کي ئي ناھي سمجھيو. ڇا اھا آزادي آ ته اسان جي ملڪ جا فيصلا ٻاھريان ملڪ ڪن، جتي ھر ماڻھو لکين رپين جو قرضي ھجي، ڇا آزادي ان کي چئبو آھي، جتي جنهن کي وڻي روڊن تي نڪري ڌرڻا ھڻي فساد برپا ڪري ۽ پنھنجا جائز، ناجائز مطالبا مڃرائي؟ ڇا آزادي اھا آھي ته امير، امير ترين ۽ غريب، غريب ترين ٿيندو وڃي؟ ڇا دنيا ۾ ڪٿي اهڙي آزادي آهي جو بگھڙ ٻڪرين جي رکوالي ڪندو هجي؟ افسوس جنهن ماحول ۾ اسان زندگي گذاري رھيا آھيون ڇا اھو آزادي وارو ماحول آ؟ جي اسان ٻيھر 75 سالن واري وڏي عرصي تي غور ڪريون ته زمين پيرن ھيٺان نڪري ويندي. وري ھڪ ٻيو سوال پيدا ٿو ٿئي ته 75 سالن واري سفر ۾ اسان ڪھڙيون ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ ڪٿي ناڪامي ملي؟ ڪاميابيون ته انڱريون تي ڳڻڻ جيتريون ملنديون پر ناڪامين جا ڍير لڳي ويندا. پاڪستان ھڪ نعمت جيان آھي جنهن کي عوام لاءِ نعمت بڻائڻ اسان جي سياستدانن جو ڪم آھي پر اسان جي سياستدانن جو پيشو ئي ڪرپشن ڪرڻ، عوام کي ڦرڻ، ڊالرن عيوض ملڪي سالميت کي نقصان پھچائڻ، ججز کان مرضيءَ جا فيصلا ڪرائڻ ۽ پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ ھر حد تائين وڃڻ. اھي نااھل حڪمران اقتدار تان ڌڪارجڻ باوجود مظلوم عوام کي بيوقوف بڻائڻ ۾ مصرف آھن. پاڪستان ماضي جي غلطين کي سامهون رکندي اڳتي قدم وڌائي رهيو آهي ۽ شفاف نظام جي ڳولا ۾ پڻ آهي، جتي ميرٽ هجي. اميد ته هي ملڪ جيئن پوءِ تيئن ترقي ڏانهن پنهنجا قدم وڌائيندو ۽ ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم ٿيندي، جڏهن ته غربت جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا.

طارق اظهار/گھوٽڪي

بنيادي سھولتن کان محروم ڳوٺ رحيم ميربحر!

تعلقي جوھي جي اوڀر طرف ايم اين وي (MNV) ڊرين ڇنڊڻ جي ڀر ۾ لڳ ڀڳ 40 کان 50 گھرن تي ٻڌل ڳوٺ رحيم ميربحر واقع آهي. ھن ڳوٺ ۾ اندازن 300 کان 400 جي لڳ ڀڳ ميربحر گھراڻا رھن ٿا، جيڪي پنھنجو پيٽ جو گذران مزدوري، ٻني ٻارو ڪرڻ ۽ مڇي مارڻ سان ڪن ٿا. وڏي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ھن ڳوٺ کي ھيل تائين ڪا به بنيادي سھولت ملي ناهي سگھي. نه پيئڻ جو پاڻي آهي نه پڪو روڊ آھي، ڳوٺاڻا کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. ھڪ ڪمري تي ٻڌل ھڪ پرائمري اسڪول آهي سو به چوديواري کان بنا. اسڪول ۾ شاگردن لاءِ ڪنهن به قسم جي سھولت موجود ناهي، خيرن سان پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ھيل تائين 75 سال گذري چڪا آهن پر لڳي ايئن ٿو ته ڄڻ ھتان جي چونڊيل نمائندن کي اڃا تائين پتو پئجي نه سگهيو آهي ته ڪو پٺتي پيل رحيم ميربحر نالي ڳوٺ به تعلقي جوھي جي سرحدن ۾ واقع آهي، جيڪو مدد لاءِ واجهائي رهيو آهي. ڳوٺ جون گھٽيون ۽ پنج ڦٽا ڪچا ھئڻ ڪري، مينھوڳيءَ جي مند ۾ اسان ميربحرن لاءِ آزار ٻيڻو ٿي ويندو آهي. گوڏي جيڏي گپ ڪچ ۾ موٽرسائيڪل تي جوھي شھر ڏانھن وڃڻ انتهائي ڏکيو ٿي پوندو آھي. ان پينھرائڻ لاءِ مجبور ٿي پاچڪو مٿي تي کڻي، ڪلوميٽر کن پنڌ ڪري کير موري تائين وڃڻو پوندو آھي ۽ پوءِ اتان کان موٽرسائيڪل تي جوھي وڃڻ ممڪن ٿيندو آهي. اليڪشن ويجھو ايندي ئي ھتان جا چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ لاءِ ايندا آهن ۽ ڳوٺاڻن جي واويلا تي ڪوڙا آسرا ڏيندي چوندا آهن ته بابا اوهان کي ھر سھولت فراهم ڪئي ويندي پيئڻ جو پاڻي به ڏنو ويندو ته پڪا روڊ رستا به ڏنا ويندا. اوهان بس پنهنجو ووٽ اسان کي ڏجو ۽ پوءِ ووٽ وٺڻ کان پوءِ هو ايندڙ پنجن سالن لاءِ موسمي ڏيڏرن جيان لڪي ويندا آهن. اسان ضلعي دادو ۽ تعلقي جوھي جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري اسان جي حال تي رحم ڪيو، اسان کي بنيادي سهولتون فراهم ڪريو، خاص ڪري پيئڻ جو پاڻي ۽ پڪو رستو فراهم ڪريو ته جيئن اسين سک جو ساھ کڻي سگھون.

مظهر علي ميربحر/ تعلقو جوھي

خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪانالاجي!

هي ڪاليج خيرپور کان سپر روڊ تي ايراني اسپتال جي ڀرسان واقع آهي، هي ڪاليج سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ ٽنڊو ڄام جي ڪئمپس آهي، هن ڪالج ۾ 2 پوائنٽون 4 بولان ڪيري وينون مين ڪئمپس جي طرفان مليل آهن، هن ڪاليج ۾ سٺي عمارت، نئين مشينري ۽ بهترين استاد پڻ آهن ۽ هڪ پارڪ به آهي، ڪاليج ۾ اسان جو سفر 18 جولاءِ کان شروع ٿيو جنهن ۾ پهريون سيميسٽر شروع ٿيو هو پر برساتن جي ڪري 20 جولاءِ تي شروع ٿيو، وري 2 يا 3 آگسٽ سومر تي جئين ئي ڪاليج پهتاسين ته سر سعيد احمد ڏاهري صاحب 2 سيپٽمبر جو ڪلاس وٺڻ آيا، ان ڏينهن پيپر به هئا، ايتري قدر جو ڪاليج جا ڊاڪٽر ۽ پروفيسر پابند ۽ تمام محنتي آهن پر ڪاليج جي شاگردن لاءِ ڪا به ميس موجود ناهي، ڪاليج جا شاگرد به ڳڻائڻ جيترا ناهن، ڪاليج جون پوائنٽون موڪل کان پوءِ سوا 03 وڳي نڪرنديون آهن ڇو جو ٻار تمام گھٽ آهن، ان ۾ اسٽاف گھڻو هوندو آهي، منهنجي نظر ۾ هن ڪاليج ۾ جيڪڏهن ٻارن جي گھڻي انرولمينٽ ناهي ته ان جو بنيادي سبب سهولتون نه هجڻ آهي، شاگردن جي وڏي ضرورت ته هن ڪاليج جي ڪا به هاسٽل وغيره ناهي، ان جي ڪري مان سنڌ حڪومت، وزير تعليم ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته سنڌ جي ڏورانهن علائقن مان آيل شاگردن جي لاءِ هاسٽلن ۽ ميس جو انتظام ڪيو وڃي جيئن شاگرد محنت ڪري پنهنجي پڙهائيءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏين.

محمد صالح عرف شيراز احمد سولنگي/خيرپور

اڌ ڪلاڪ وسڪارو، سڄو مهينو گپ ۽ گارو!

اسان وٽ سنڌ ۾ اڌ ڪلاڪ وسڪارو، سڄو مهينو گپ ۽ گارو، پوءِ به اسان جو هڪڙو ئي نعرو، جيئي ڀٽو، جيئي ڀٽو،

کل بھی بھٹو زندہ تھا، آج بھی بھٹو زندہ ہے۔

جيڪڏهن ڀٽو زندهه آهي ته هي ورسيون وري ورسين تي تعليمي ادارن جون بي جا موڪلون ڇاجيون ڪرايون وينديون آهن؟ اسان کي انهيءَ ڳالھ کي هاڻ تسليم ڪرڻ گهرجي ته مرحوم ڀٽو مري چڪو ۽ ان جو پونئر جيڪو اڌ زرداري ۽ اڌ وري چوڌري رهيا آهن، جيڪي اسان کي بھٹو زندہ ہے جو نعرو هڻي بيوقوف ٿا بڻائين. تعليمي ادارن کان وٺي ڏوهارين جي قيد خانن (جيلن) تائين سڄي نظام ۾ ايڏي ڪرپشن آهي جو اتان ڪنهن به غريب کي فائدو نٿو پهچي، اهي ادارا انهن لاءِ ئي آهن جيڪي يا ته زرداريءَ جا واٺا يا وري شاهن جا مريد هجن، ڇو ته پ پ پ ۾ اڌ کان گهڻا وري شاھ آهن، ڀٽا ته مري ويا پر پويان چوڌري، شاهه ۽ زرداري ڇڏي اسان سنڌين لاءِ ڏچو ڪري ويا۔ پ پ پ هن وقت مڪمل طور تي سنڌ دشمن ۽ سنڌي دشمن پارٽي بڻجي چڪي آ، هن جو سنڌ سان ڪو به واسطو ناهي، جيڪو به ڪير پ پ پ جو نعرو هڻندو اهو ئي پ پ پ مان فائدو وٺي سگهي ٿو، ڀلي پوءِ اهو ارغون هجي يا افغاني پٺاڻ. شال اسان جا سنڌي ڀائر انهن سنڌ دشمن جي بيڪار سياست کي سمجهن ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ انهن کي ووٽ جي طاقت سان شڪست ڏئي سنڌ سان وفاداري نڀائين.

عبدالسميع سولنگي/حيدرآباد