هر طرف چوٽ چڙهيل مھانگائي ۽ پريشان عوام!

 

سنڌ ۾ مھانگائي جنهن تي حڪومت ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام نظر اچي رھي آھي، ڊالر ھڪ جاءِ تي بيھڻ جو نالو نٿو وٺي، سون آهي جيڪو وڃي ٿو چڙهندو، جڏهن ته عام واهپي جي ڪنهن به شيءِ جو اگھه پنهنجي پراڻي قيمت تي موٽي نه سگھيو آهي پر انھيءَ سڄي معاملي ۾ جيڪا پريشان ڪندڙ ڳالھه آھي اھا هيءَ ته ان مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومتي سطح تي نه ڪو مڪينزم نظر اچي رهيو آهي نه ئي ڪا ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ ايئن ٿو لڳي ته سڀ ڪجھه مارڪيٽ جي آسري ڇڏي عوام کي ان جي منھن ۾ ڏنو ويو آهي، جنهن مان ڪاروباري طبقا ۽ واپاري پنھنجي مرضيءَ جا اگهه وصول ڪري رهيا آهن، حڪومت دعوائون ڀلي ڪيتريون به ڪري ۽ ڪھڙيون به ڪري پر زميني حقيقتون ان جي بلڪل ابتڙ آھن ۽ عوام ويچارو ٻن ويلن جي مانيءَ جي پورت ڪرڻ ۾ پريشان آهي. اسان سمجهون ٿا ته اھو ھڪڙو رڳو کنڊ جو اسم آهي جنهن جي قيمتن ۾ ڪجهه ڏينهن اندر ٻيھر واڌ ٿي وئي آھي.، جڏھن ته کائڻ پيئڻ سميت عام واهپي جي ڪنهن به اسم جا اگهه مستحڪم نه ٿي سگھيا آهن، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته يا ته ملڪي معيشت ۾ گڙٻڙ آهي يا حڪومت انتظامي سطح تي انھن کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رھي آھي، ٻنهي صورتن ۾ ڀوڳي عوام ئي ٿو. حڪومت جو ڀلي پنهنجي سياسي مخالفن کي منهن ڏيڻ ڏانهن پورو ڌيان ھجي پر جيڪڏهن مھانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿئي ته پوءِ عوام کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو، تنهن ڪري حڪومت کي پنهنجي پوري طاقت مھانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، رڳو دعوائن سان عوام مطمئن نه ٿيندو ان معاملي سان گڏوگڏ گئس جو مسئلو به حل ڪرائي عوام کي ڪجهه سڪون جو ساهه کڻڻ ڏنو وڃي. سڄي ملڪ ۾ کنڊ وڏي مقدار ۾ موجود ۽ سستي ھجڻ گھرجي، ٻاھران به گھرايل کنڊ جي ڪري اھا اڳ ئي وافر مقدار ۾ موجود آهي ته پوءِ ان جي اگھن ۾ واڌ جو ڪو سبب سمجھه کان ٻاهر آهي. سواءِ ان جي ته اھا شگر مل مافيا حڪومت جي دعوائن باوجود ان جي ڪنٽرول ۾ اچي رھي آھي، هي شروعاتي ڏينهن آھن، جڏھن ڪريشنگ شروع ٿي آهي ته ان وقت به اگهه ايئن وڌي رھيا آھن ته ڪجهه مھينن کان پوءِ کنڊ جي قيمت ڪٿي پھچندي؟ ان جو اندازو لڳائي عام ماڻهو ھينئر ئي ڏڪي وڃي ٿو.

 

انجنيئر وسيم چنا/ سيوهڻ

هڪ چٺي جناب IGP صاحب سنڌ ڏانهن!

 

جناب اعليٰ، تازو پوليس کاتي لاءِ ”Point me“ نالي هڪ حڪم جاري فرمايو آهي، جنهن جو مطلب اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته آئون هيئنر ڪٿي آهيان؟ ڪهڙي ڊيوٽي ۾ ۽ ڪهڙي پوائنٽ تي موجود آهيان وغيره. جناب اعليٰ جو حڪم اکين تي پر ان حڪم اچڻ کان پوءِ قلم 7 پوليس ايڪٽ 1861 تحت ڀرتي ٿيل پوليس جي جوانن کي حاضر يا غير حاضر رهڻ جو ڊپ ضرور رهندو! ڇو ته ڪجھه سادا يا غربت ۾ گذاريندڙ اهڙا به پوليس وارا آهن جن وٽ سادو موبائيل به ناهي، جيڪڏهن جهڙو تھڙو موبائيل اٿن به ته هو ايزي لوڊ ۾ ٻڌا پيا آهن. “Point me”  لاءِ ته سمارٽ فون (ٽچ موبائيل) جو هجڻ ضروري هوندو، ان حڪم ملڻ کانپوءِ ٽچ موبائيل ۽ ان ۾ هر مهيني جو نيٽ پيڪيج هر سپاهي وٽ هر حال ۾ هجڻ ضروري ٿي پوندو! هن مهانگائي جي دور ۾ ٻئي عوام سان گڏ پوليس وارا به پيسجن پيا، انهن لاءِ ٽچ موبائيل خريدڻ هلائڻ ڏاڍو ڏکيو مرحلو ٿي پوندو! جن پوليس وارن کي سادي موبائيل تي ميسيج ڪرڻ به نٿو اچي اهي ضرور پريشان ٿيندا. ٿر، ڪوهستان، اتر، لاڙ، توڙي وچولي سنڌ ۾ ڪجھه علائقا اهڙا به آهن جتي بجلي ۽ ڪميونيڪيشن جا ٽاور ناهن لڳل انهن علائقن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ جوانن کي پريشاني ضرور ٿيندي، ڪٿي ڪو اوچتو حادثو، هنگامو، جهيڙو ٿئي يا ڌاڙيلن پويان وڃڻو پوي اتي پوليس کي فورن پهچڻو هوندو آهي، پوليس واري جو موبائيل تڪڙ۾ گهر وسري ويو، جي موبائيل اٿس ته ان ۾ نيٽ پيڪيج ختم ٿيل هجي، سو ڊيوٽي انجام ڏيڻ باوجود ڪيئن پنهنجي حاضري ”Point me“ يقيني بڻائي سگهندو؟ اوهان جي حڪم جي ضرور بجاآوري ٿيندي ”Point me“ ڪنهن حد تائين پوليس وارن لاءِ ڏکي ضرور ٿيندي. جناب اعليٰ ان جي حل لاءِ يا ته اوهين سرڪار کان ڪا حاض بجيٽ هن ”Point me“  لاءِ مختص ڪرايو جنهن مان هر هڪ پوليس جي فرد لاءِ پگهار سان گڏ ”Point me“ لاءِ ڪو خاص الائوس ڏنو وڃي. موبائيل خريدڻ لاءِ اوهان ڪا خاص اسڪيم متعارف ڪرايو، جنهن ۾ هر هڪ پوليس واري کي ”Point me “ لاءِ موبائيل ڏنو وڃي، هر مهيني جي پيڪيج لاءِ به پگهار سان گڏ ڪجھه رقم يا ته هر پوليس اسٽيشن، وائيرليس آفيسن، ٽريننگ سينٽرن، هيڊڪواٽرز، چوڪين،پوليس موبائيلن، ٽريفڪ آفيسن ۾ فري Wifi جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هن مهانگائي جي دور ۾ ”Point me“ کي به اسين پاڻ مٿان بار ۽ پنهنجي ٻچن جي روزي ۾ ڏکيائي نه سمجهون.

 

SIP جمشير لغاري/سانگھڙ

 

خدارا گھٽ ۾گھٽ مڇرمار دوا جو اسپري ته ڪرايو!‎‎

 

جولاءِ مھيني ۾ چوماسي جي برساتن سبب روز مره جو ڪاروهنوار سخت متاثر ٿيو آهي، سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ حد کان وڌيڪ برساتن جي ڪري گھرن، گھٽين ۽ ٻنين ۾ پاڻي بيھڻ سبب مڇر پيدا ٿيا آهن، جيڪي تمام تيزيءَ سان وڌي رھيا آھن، ڏينھن توڙي رات ماڻھن جو جيئڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ زندگي جو ڪاروهنوار سخت متاثر ٿيو آهي، جنھن سبب انسان توڙي چوپائي مال جو مڇرن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. اسان وس وارن کي درخواست ٿا ڪريون ته ڳوٺ حسين آباد تعلقو ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور ۾ جلد کان جلد مڇرمار دوا جو اسپري ٻه ٽي ڏينھن لاگيتو ڪيو وڃي ته جيئن انسان توڙي جانور بيمارين کان محفوظ رھي سگھن.

 

محمد رضا خاصخيلي /ڳوٺ حسين آباد، خيرپور

 

ڌرتي جي سونھن ڪارونجھر جبل!‎‎

 

ڌرتيءَ جي مالڪي ڪرڻ ۽ سٺن سياستدانن جي پرک ڪرڻي ھجي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاران محفوظ ٿيل ۽ قلندر جي نگريءَ ۾ لڳل سون جي دروازي جو تصور ڪجي، جيڪو کيس ايران جي صدر پاران ڏنل تحفو ھو، چاھي ھا ته پاڻ گھر ۾ به لڳرائي پي سگھيو پر ھھڙن انسانن جي سوچ ۽ فڪر ڏسو ڪيڏو وسيع ۽ خوبصورت آھي، جنھن کي تحفي ۾ مليل شيءِ کي پاڻ وٽ رکڻ بجاءِ ھن ڌرتي جي الله لوڪ انسان قلندر بادشاهه جي آرمگاهه تي لڳرائي ھن سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي درويشن سان محبت جو اظھار ڪيو پر وري جي ھاڻوڪا سياستدان ۽ سندن سوچ فڪر ڏسون ٿا ته ڪاوڙ به ڏاڍي ٿي اچي. سنڌ جيڪا قدرتي طور تي پنھنجي ثقافتي حسن، تھذيب ۽ فطرت سان سرشار ۽ مالامال ڌرتي آھي، دنيا ۾ اھي ئي قومون زنده ۽ آباد رھي سگھنديون آھن جيڪي پنھنجي ڌرتي، ثقافتي، تھذيبي ۽ تاريخي ماڳن، مڪانن سان محبت ڪنديون آھن پر انھن مان ھٿ بلڪل به ناھن ڪڍنديون! ڇاڪاڻ ته قومن جو سمورو وجود ثقافتن سان جڙيل ھوندو آھي اھڙي طرح پوءِ اھو موئن جو دڙو ھجي يا کڻي ڪارونجھر جبل جيڪو نه رڳو سنڌ جي قديم ھئڻ جو ثبوت آھن پر ھي سنڌ ڌرتيءَ جي قديم ھئڻ جو چٽو ثبوت پڻ آھي. ڪارونجھرو سان نه رڳو پاڪستان جي تمام وڏي ريگستاني علائقي ٿر جي سونھن پر ھن ۾ سنڌ جي سموري جھلڪ سمايل آھي پر ڪارونجھر تي جتي وڃڻ سان يا رڳو نالو وٺڻ سان به سنڌ جو مزاحمتي ڪردار روپلو ڪولھي ضرور ياد ايندو آھي. ڪارونجھر جي فطري سونھن ۽ حسن ھن ھزارين سال قديم سنڌ لاءِ ڪنھن اعزاز کان گھٽ ناھي پر افسوس سان چوڻون ٿو پوي ته اسان پنھنجن خوبصورت قديم ۽ فطري پھاڙن، ماڳن، مڪانن ۽ تاريخي ورثن جي مالڪي ڪرڻ بجاءِ ويتر انھن کي اجاڙڻ ۾ رڌل ھوندا آھيون، تازو سنڌ جي مقدس ايوان ۾ پيش ٿيل تجويز ته ڪارونجھر“گرينائيٽ ذريعي پئسه ڪمائي سگھجن ٿا” سچ ۾ ڌرتي جي قديم ورثن جي مالڪي ڪرڻ بجاءِ ان مان ناڻو ڪمائڻ ۽ لالچ جي چنبي ۾ اچي انھن قديم اھڃاڻن کي اجاڙڻ ۾ دير ئي ناھيون ڪندا! پر سوچجي ته اڳ ۾ به ڪارونجھر جي ڪٽائي وارو عمل اپنايو ويو، جنھن تي ٻيھر به اکيون رکيون پيون وڃن، جنھن ڪري ھي سنڌ جي سموري ثقافت ۽ سنڌ جي قديم تاريخ تي وار آھي، جنھن کي سنڌ جو شعور رد ڪري ٿو! خدارا پنھنجن ھزارين سال قديم سنڌ ڌرتيءَ ۽ سندس قديم اھڃاڻن جي مالڪي ڪري انھن جي مرمت نٿا ڪرائي سگھو ته گھٽ ۾ گھٽ انھن کي اجاڙڻ واري سوچ ھاڻي بند ٿيڻ گھرجي.

 

رياض امر ٻجورو/سجاول

بلوچستان ۾ برساتن سبب ٿيل تباهي!‎‎

 

ھن سال مون سون جي رڪارڊ برساتن جتي سڄي پاڪستان ۾ تباھي مچائي ڇڏي آھي ان جي ڪري بلوچستان جيڪو پھرين ئي پوئتي پيل ۽ مسئلن جي ور چڙھيل ھو، سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آھي، سڄو بلوچستان مڪمل تباھيءَ جو منظر پيش ڪري رھيو آھي ۽ ڪو به اھڙو شھر ناھي بچيو جتي حالتون بھتر ھجن، برساتي پاڻيءَ جي وھڪرن ڪري ٽٽل بندن اتان جي غريب ماڻھن جا نه اجھا ڇڏيا ۽ نه اھي ڪو پنھنجو سازوسامان بچائي سگھيا آهن، ايستائين جو ھزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال مري چڪو آھي، 160 کان وڌيڪ ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا، 15000 ھزار گھر مڪمل تباهه ۽ لکين ايڪڙ زمين پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي، لکين بي گھر ماڻھو کلئي آسمان ھيٺ يا ڪئمپن ۾ بي يارو مددگار سرڪاري امداد جي آسري تي ويٺل آھن. ٻه ڏينھن اڳ وزيراعظم شھباز شريف برسات سٽيل بلوچستان جي انھن علائقن جو دورو ڪيو ۽ انتظاميه کي متاثرن جي فوري مدد جي ھدايت ڪئي، ان کان سواءِ بلوچستان حڪومت فوتين ۽ زخمي ٿيندڙ ماڻھن لاءِ امداد جو اعلان پڻ ڪيو آھي. پاڪ فوج به متاثرن کي کاڌ خوراڪ ۽ رھائش لاءِ ٽينٽ وغيره پھچائي رھي آھي، پر ڪيترائي متاثر اھي دانھون ڪندي نظر اچي رھيا آھن ته انھن تائين امدادي سامان يا اعلانيل امدادي رقم اڃا تائين ناھي پھتو، صوبائي توڙي وفاقي حڪومت ڏک جي ھن گھڙيءَ ۾ ورتل غريبن لاءِ ٿيندڙ امدادي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪري ته جيئن انھن جا اھنج ڪجھه گھٽ ٿي سگھن، ان سان گڏ سرندي وارن کي گھرجي ته ھو دل کولي بلوچستان جي برسات متاثرن جي مدد ڪن ۽ ھن خير جي ڪم ۾ پنھنجو حصو ڳنڍين.

 

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

 

ملڪ ۽ عوام لاءِ اعليٰ عدالتون ڪڏهن جاڳنديون!

 

ملڪ ۾ موجود معدني، زرعي ۽ ٻين قيمتي لاتعداد وسيلن ۽ نعمتن جي هوندي ملڪ بد کان بدتر ٿيندو وڃي، اسان سان گڏ آزاد ٿيل ڀارت جنهن جو سڪو ٽن رپين کان ٽپي چڪو آهي، پوءِ آزاد ٿيل بنگالي هي غريب به اسان کان بهتر پوزيشن ۾ آهن. ٻڌون پيا ته ملڪ سريلنڪا جهڙين هنگامي حالتن طرف وڌي رهيو آهي، اسان آزاديءَ جو 75 سالا جشن ملهائي رهيا آهيون، ان ڊگھي عرصي ۾ ملڪ کي هلائڻ لاءِ سياسي فوجي ۽ عدالتي قوتون سرفهرست رهيون آهن، جن جو پوتاميل اهو آهي ته بُک ۽ بدحالي جي ور چاڙهيا ويا آهيون. ملڪ ۾ موجود هر نعمت جي باوجود پنڻ تي مجبور ڪيا ويا آهيون، ملڪ هر دور ۾ خساري ۾ رهيو آهي، قرضن جي ڌٻڻ ۾ اچي ڦاٿا آهيون، ڪڏهن گِري لسٽ، ڪڏهن دهشتگردي واري لسٽ ڳچي ۾، ڪڏهن ملڪ نازڪ دور ۾، دنيا ۾ اسان جي عزت احترام جو ڇا حال آهي؟ هاڻ ته ڪو به اسان تي دلي طور اعتبار يا ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. دنيا جي وڏن فورمن تي اسان جي ڪو به ٻڌڻ وارو ڪونهي، اهڙين خراب رسوا بي آبرو ذليل حالتن ۾ ڪنهن ته اسان کي آندو آهي، عوام چاهي ٿو ته ملڪي بگڙيل حالتن جو سڌارو ڪيئن ممڪن آهي؟ ان لاءِ ڇا اها اميد ڪجي ته ملڪ لاءِ عوام لاءِ به اعليٰ عدالتون انصاف جي فراهمي لاءِ ايئن کلي وينديون جيئن اقتداري ڌرين لاءِ آڌي رات جو کلي وينديون آهن.

 

محمد قاسم چانديو/ڳوٺ علي مراد چانڊيو، بدين

 

منهنجي ڊائريءَ جا ورق!

 

(حصو آخري)

هوءَ ڪھڙي حال ۾ هئي؟ ڪوبه پتو نه هئم، بس ڪڏهن ڪڏهن سندس يادن ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيندو هئس. ٻريا ڏهه سال گذري ويا هئا پر ذهن جي ميموري باڪس مان سندس تصوير ۽ تصور ڊليٽ ٿي نه سگهيا هئا. ”ڪٿي گم ٿي وئين؟“ عائشه جي اوچتي سوال تي سوچن جو اڻ کٽ سلسلو ڪچي تندُ جيان ٽٽي پيو. ٿڌو ساهه کڻي کيس ڏسي وراڻيم، ”ڪيڏانھن ويندس، عائشه؟ تنھنجي اڳيان ته ويٺو آهيان.” ”مورتي بڻجي ويو آهين، چانهه به ٺري پاڻي ٿي وئي.” چانهه جي سُرڪ ڀري کيس ڀرپور نگاهه سان ڏسندي وراڻيم، ”وقت ڪيئن پيو گذري عائشه؟ خوش ته آهين نه؟“،”ها، گل! وقت کي ته گذارڻو ئي آهي، سو گذري پيو. ارشد به خوش آهي، مون کي به خوش رکيو اٿس. زندگيءَ جو اصطلاح، زماني جي جوڙيل وصف آڌار تي ڏاڍو آسودو آهي پر پيار جي اها مھڪ نه آهي جيڪا تو وٽان ملندي هئي..” عائشه جي اعترافي جملن منھنجي روح جي تڙپ کي وڌائي ڇڏيو هو. وجود جو سمورو درد ۽ پيڙا نپوڙجي اکين مان لارون ڪري وهڻ لڳي. ”اڙي! هي ڇا گل؟ تون ته روئين پيو.” هن پنھنجا لڙڪ زوريءَ پيئندي چيو پر ان ۾ کيس ڪاميابي نه ٿي. ڀرجي آيل ڳلي سندس ضبط کي ٽڪڻ نه ڏنو. هن جي اکين جا بند به ڀڄي پيا. هن کي آٿت ڏيڻ لاءِ مون پنھنجي جذبن کي زوريءَ گهٽو ڏيندي چيو، ”عائشه! ياد اٿئي هڪ ڀيري مان رنو هئس ۽ تو پنھنجي پوتيءَ سان منھنجا لڙڪ اگهندي چيو هو، ته “هي لڙڪ منھنجي امانت اٿئي، انهن کي ايئن ضايع نه ڪجانءِ ها، عائشه! اها سانڍيل امانت توکي موٽائي پيو ڏيان.” هوءَ سڏڪي پئي، سڏڪن ۾ چيائين،“گل! سچ پڇين ته مان توکي وساري نه سگهي آهيان، جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو زندگيءَ جو وڏو سچ هو، جنھن کان منھن موڙڻ منھنجي وس ۽ اختيار ۾ نه هو.”، ”گذريءَ کي ياد نه ڪر عائشه! جيڪو ٿيو، سو ٿيو. هونئن به پيار هڪ امر ۽ پوتر رشتو آهي. حاصلات پيار جي منزل به ته ناهي هوندي، تون خوش آهين، بس مون لاءِ ايترو ئي کوڙ آهي.” مون وراڻيو. ٻئي ماٺ ٿي وياسين، هوءَ لاڳيتو مون کي ڏسي رهي هئي. ماٺ کي ٽوڙيندي چيائين،”ڀلا اهو ته ٻڌاءِ، شادي ڪئي اٿئي؟“، ”ها عائشه، شادي به ڪئي اٿم.” مختصر وراڻيم. ”گل! سچي به” هن خوشيءَ مان چيو. ”ها، عائشه! منھنجي اکين ۾ چتائي ڏس، توکي ان جو عڪس نظر ايندو.” هن جو پيار منھنجي اکين ۾ سمنڊ جيان نظر ايندئي، ڇو ته پيار ۽ سمنڊ ڪڏهن به ڪراڙا نه ٿيندا آهن.” ”ڪير آهي اُها خوش نصيب؟ نالو ڇا اٿس؟“ ”اڪيلائي! جيڪا منھنجي يادن جي پناهه گاهه ۽ جيون ساٿي آهي.” هوءَ ٽڪ ٻڌي مون ڏانھن ڏسندي رهي، پوءِ پرس مان ٽشو ڪڍي اکين ۾ ڀرجي آيل لڙڪ اُگهي، اُٿي بيھي رهي، بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي فيملي روم مان ٻاهر نڪري وئي، مان کيس خالي نگاهن سان ويندي ڏسندو رهيس.

 

سنڌي علي گل شيخ/ مريدشاخ

منهنجي ڪاليج جو سفر، (سفرنامون)!

 

(حصو ٻيون)

اسين شروعاتي ڏينهن ۾ ماني ڪاليج ۾ کائي پوءِ سينٽر تي ويندا هياسين ۽ اتي ئي ڪپڙا مٽائيندا هياسين، هڪ ڏينهن مٿي ڪاليج ۾ ماني پئي کاڌيسين ته سائين علي گوهر مٿي مسجد ۾ نماز پڙھڻ آيو ۽ اسان ان کي ماني جي صلاح ڪئي ته سر آيو ۽ اسان سان ماني کاڌائين ۽ پو روز سر نماز پڙھڻ ايندو هو ته اسان سر کي زوريءَ ماني به کارائيندا هئاسين، پوءِ سر چوندو هو ته مان توهان سان ماني کان ٿو ته وري پوءِ بک نٿي لڳي ۽ سائين امداد ڪاوڙجي ٿو وڃي، اسان ڪاليج ۾ ماني کائينندا هئاسين ته سينٽر لاءِ دير ٿي ويندي هئي پوءِ وري اسان ڪپڙا ڪاليج مٽائي سينٽر تي وڃي ماني کائيندا هئاسين، اتي وري ڪجھه ٻيا دوست به هئا جن جو گهر پري هوندو هو، سي به ماني کڻي ايندا هئا. اسان پنهنجي ڀينرن کي ماني الڳ ڏيندا هئاسين. سر امداد وارا به ماني ٻڌي ايندا هئا، اهي به اسان سان گڏ ماني کائيندا هئا. ايڏو مزو هوندو هو انهن ڏينهن ۾ جو واهه واهه. اسان سان گڏ اسان جو ماسات جيڪو اسان جو ڊرائيور هو، اهو ۽ سائين امداد جي سينٽر جي پٽيوالو شڪيل سولنگي به اسان سان گڏ ماني کائيندا هئا، ان دوران کل ڀوڳ به ٿيندا هئا ايئن. ڪجھه مهينن کان پوءِ ڪاليج ۾ مڊٽرم امتحان وٺڻ جو اعلان ٿيو، اسان سڀني انهن جي تياري ڪئي، سائين وارن ڇهن ئي سبجيڪٽن جا پيپر ورتا ۽ جنهن ڏينهن تي رزلٽ جو اعلان پي ٿيو اهو ڏينهن “لطيف ڊي” هو. اهو سيليبريٽ پي ٿيو ۽ ان ۾ هڪڙي ڪوئيز ڪامپٽيشن رکين XI جي ڇوڪرن جو  XII جي ڇوڪرين سان مقابلو ۽ XII جي ڇوڪرن جو XI جي ڇوڪرين سان مقابلو. سر وارا ڪلاس ۾ آيا ۽ پڇين ته مقابلي ۾ ڪير ڪير حصو وٺندو، سو مون ۽ منهنجي ڪلاس جي ڪجھه ٻين دوستن هٿ مٿي کنيو، سر وارا ڪجھه سوال ڏئي ويا ته اهي ياد ڪيو، اسان کي ٽوٽل چار ڇوڪرا کپن جن به چئن ڇوڪرن جا سوال ياد هوندا انهن کي حصو ملندو، انهن ۾ ڪجھه سوال ۽ ڪجھه وري شاهه جا بيت هئا سو گهر ۾ سڄو ڏينهن ياد ڪيم ۽ صبح جو جڏهن آڊيشن ڏيڻ وياسين ته مان، محسن نارائي، منهنجو سئوٽ شيراز ۽ چوٿون غلام علي وسطڙو سليڪٽ ٿياسين، وري اسان کي اصل پنا مليا جيڪي سر وارن کي پروگرام ۾ مقابلي ۾ پڇڻا هئا، سو اسان اهي ياد پي ڪيا. فائدو نه ٿيو.(جاري)

 

عبدالسميع سولنگي/حيدرآباد