ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن غريبن جون آهون آسمان تي پهچنديون!‎‎

 

واهي پانڌي جوهي تعلقو تيل ۽ گئس جي ذخيرن سان مالا مال آهي، جوهي، ڪاڇي جا غريب ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، سالن کان هي چونڊيل مٽي جا بت هن شهر جي وسيلن تي ايئن قابض آھن ڄڻ ھنن کي ابن ڏاڏن جي ملڪيت ورثي ۾ مليل هجي ميونسپل کان وٺي ملٽي نيشنل ڪمپنين تائين اربين کربين رپيا لٽي غريبن جو رت چوسيندا آهن پر هنن جي بک اڃان به ختم نٿي ٿئي.20 سالن کان اقتدار جا مزا وٺندڙ ڀوتار پير اڄ تائين ڪاڇي جي ڪنهن هڪڙي شهر يا ڳوٺ کي ڪو هڪڙو سٺو روڊ ڪا پُل، يا ڪا سٺي اسپتال به نه ڏئي سگهيا آهن، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هنن اقتدار جي بکايل ڪرپٽ نمائدن پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۽ پنهنجا نوازي کان سواءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي، ڪاڇي واسي ڪيترن ئي ڏينهن کان مصيبت بڻيل مينهن ۾ روڊ رستا نه ھجڻ ڪري جوهي شهر سان ڪٽيل آهن، واهي پانڌي گورک هل اسٽيشن ڳوٺ پريو جمالي، ڪاڇي واسي هن مصيبت واري گهڙي ۾ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، مسلسل برسات ۽ نئين گاج جو پاڻي اچڻ جي ڪري ڪاڇي واسي گهرن تائين محدود آهن. کاڌ خوراڪ جون شيون صاف پاڻي نه هجڻ ڪري گيسٽرو، بخار ۽ چمڙيءَ جهڙيون بيماريون پکڙجي ويون آهن پر اڄ ڏينهن تائين صحت کاتي ڪابه سار نه لڌي آهي، چونڊيل نمائندا ڪوڙيون دعوائون ڪندا آهن ته اسان سڄي ڪاڇي کي روڊ رستا ڏئي ڳنڍي ڇڏيو آهي، اهي صرف ۽ صرف من گهڙت ۽ ڪوڙ تي ٻڌل حوال ئي آهن، خدا جو خوف ڪيو ۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن مسڪين ۽ غريب ڪاڇي واسين جون آهون ۽ دانهون آسمان تي پهچنديون

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

دنيا جي مشهور ايجنسي ۾ ڳڻي ويندڙ آءِ ايس آءِ!

 

موجوده انفارميشن ٽيڪنالوجي دور ۾ ڪا ڄاڻ ڳجھي رکڻ هڪ ڏکيو ڪم بڻجندو ٿو وڃي. جديد ميڊيا ماڻهن تائين ڄاڻ کي پهچائڻ آسان بڻايو آهي. تنهن سان گڏوگڏ ڳجھيون ايجنسيون ڪنهن به ملڪ جي بقا، تحفظ، سلامتي ۾ هڪ بنيادي ڪردار ادا ڪنديون آهن. تاريخ شاهد آهي ته جنهن ملڪ جي ڳجھيون ايجنسي جيتري قدر سرگرم ۽ متحرڪ آهن دنيا تي اوترو ان جو تسلط قائم هوندو آهي. ڳجھيون ايجنسيون ملڪ جي دفاعي سيٽ اپ ۾ بنيادي طور اعصابي نظام وانگر ڪم ڪندي آهي، جيڪا قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن ۽ فوج جي قومي سلامتي کي خطرن جي باري ۾ اهم ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي ذميدار ٿيندي آهي. جنهن جو ڪم ڳجھي ڄاڻ ڪرڻ ٿئي ٿو. ايجنسيون مختلف ذريعن کان ڄاڻ گڏ ڪنديون آهن، جاسوسي سگنل گڏ ڪرڻ يا روڪڻ ڳجھي جانچ ڪرڻ ان جو ڪم هوندو آهي. هر ملڪ وٽ هڪ کان وڌيڪ جاسوسي ايجنسيون موجود آهن، جن ۾ ٽاپ (CIA) آمريڪا، (SIS) برطانيه، (MOSSAD) اسرائيل، (MSS) چين، (KGB, SVR, RF) روس، (BND) جرمني، (GIB) سعودي عرب، (RAW) انڊيا ۽ پاڪستاني ايجنسي (ISI) دنيا جي ٽاپ ايجنسين ۾ ڳڻي ويندي آهي. ISI پاڪستان جي سڀ کان وڏي ايجنسي آهي جيڪا قومي سلامتي جي ڄاڻ کي گڏ ڪرڻ ۽ تجزيو ڪرڻ جي ذميوار آهي. پاڪستان انٽيليجنس ايجنسي پنهنجي ڪميونٽي جي اهم ميمبرن مان هڪ جي طور تي (ISI) ڊائريڪٽر جنرل کي رپورٽ ڪندي آهي، بنيادي طور تي حڪومت پاڪستان لاءِ انٽيليجنس فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيندي آهي. جنهن جو ڪم ڳجھي ڄاڻ ۽ ان موجب حڪمت عملي واضح ڪرڻ هوندو آهي. وڏي حد تائين (ISI) جا اهلڪار پاڪستان جي فوج جي ٽنهي شاخن کان ڀرتي ڪيا ويندا آهن. ان کي پنهنجي پيشه ور خصوصيتن ڪري دنيا ۾ وڏو مقام حاصل آهي. سموريون ايجنسيون ان جي صلاحيتن کي داد ڏينديون ۽ مڃنديون آهن، جنهن ڪري ان جو شمار دنيا جي ٽاپ ايجنسين ۾ ٿئي ٿو. ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جو اهو ادارو حب الوطني واري جذبي سان سرشار محنت، شجاعت، ديانت، ذهانت سرفروشي، فرض شناسي سان ملڪي سالميت ۽ بقا لاءِ هن وقت پنهنجو ڀرپور ڪم ڪري رهيو آهي.

 

محمد اسلم ماڪو /پنوعاقل

 

بلوچستان ۾ ٿيندڙ تباهي ۽ چونڊيل نمائندا!

 

تازو اخبارن موجب بلوچستان ۾ پوندڙ زوردار برساتن سبب پاڻي جو وڏو وهڪرو جھل مگسي واري علائقي کان ٿيندو قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي جي حدن ۾ داخل ٿي ساروهه ڍنڍ ۾ داخل ٿيڻ بعد حمل ڍنڍ ۾ پهتو آهي، جتان ان پاڻي کي زيرو پوائنٽ وٽان ڇنڊڻ يا ايم اين وي ڊرين، جنهن کي هينئر رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين R.B.O.D سڏيو وڃي ٿو ۾ ڇوڙ ڪرايو پيو وڃي. اهو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ داخل ٿيڻ بعد اڙل واهه ذريعي سنڌو درياهه ۾ وهايو ويندو. اهڙي طرح اهو پاڻي زيان ٿيندو، ماضي ۾ اهو پاڻي حمل ڍنڍ ۾ پوڻ بعد فرسٽ پروٽيڪشن يا ايف پي (F.P) بچابند جي اولھه واري يا ڪاڇي واري پاسي کان وهندو فريد آباد ڀرسان ٿيندو جوهي تعلقي جي حدن کان منڇر ڍنڍ تائين پهچندو هو. اهڙي طرح اهو وهڪرو سياري جي مند تائين جاري رهندو هو، ايف پي بچا بند جي اولھه ۾ ان پاڻي کي ڪاڇي واسي لفٽ مشينون لڳائي يا واهه کوٽي ان پاڻي تي زرعي فصل جھڙوڪه جوار، ٻاجھر، ڀاڄيون، تر ۽ سياري ۾ ڪڻڪ جي پوکي ڪندا هئا ۽ چوپائي مال جو گاهه پڻ  حاصل ٿيندو هو. هن وقت حمل ڍنڍ جي آسپاس مڇي جا فارم قائم آهن ۽ ڊرپ ايريگيشن سسٽم وسيلي پڻ پوکي ڪئي وڃي ٿي. انهن کي بچائڻ لاءِ اهو پاڻي R.B.O.D ۾ داخل ڪري منڇر ڍنڍ پهچايو ويندو. جيئن ته آر بي او ڊي سم نالو گذريل ويهن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ بعد به مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. جنهن ڪري اهو پاڻي ٺٽي ضلعي جي گھارو ڪريڪ رستي سمنڊ ۾ داخل نه ٿي سگهندو. جنهن ڪري منڇر ڍنڍ جي کاري پاڻي سان ملي ڪري اهو آلوده پاڻي ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالن ذريعي ماڻهن، جانورن ۽ زراعت لاءِ ملندو. جنهن ڪري سترنهن سال اڳ جيان انساني جانيون زيان ٿيڻ وارو سانحو جنم وٺندو. وضاحت ڪجي ته ايم اين وي ڊرين يا ڇنڍڻ حمل ڍنڍ وٽ قائم زيرو پوائنٽ وٽان شروع ٿيندي هئي. آر بي او ڊي پروجيڪٽ ۾ تبديل ڪرڻ بعد ان کي اونهي کاٽي ڏني وئي آهي. جنهن سبب جر Aquifer جو کارو پاڻي ۽ بلوچستان جي هيرالدين ڊرين ۽ سنڌ جي اترين ضلعن بشمول جيڪب آباد، قمبر شهداد ڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ دادو جو نيڪال وارو گدلو پاڻي ان ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. آر بي او ڊي جي پاڻي وهائڻ جي گنجائش 4000 ڪيوسڪ آهي پر خدشو آهي ته پاڻي وڌڻ جي صورت ۾ مٿين ضلعن جي حدن ۾ اهو پاڻي اٿلي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪندو، جنهن سبب نقصان جو خدشو آهي، تنهن ڪري ان پاڻي کي ايف پي بچاءُ بند جي مٿئين پاسي کان وهائي منڇر ڍنڍ پهچايو وڃي ته جيئن ڪاڇي ۾ زرعي آبادي ٿي سگهي ۽ اهو پاڻي استعمال ٿيڻ بعد گھٽ مقدار ۾ منڇر ڍنڍ پهچندو.

 

انجنيئر غلام حسن چانڊيو/بدين

 

بلوچستان ۾  تباهيءَ جو ذميوار ڪير آهي!

 

بلوچستان ۾ چوسائي جي برساتن تباھي مچائي ڇڏي آهي، جيڪا ٻوڏ جي صورت اختيار چڪي آھي، ٻوڏ سبب بلوچستان جا ڪيترائي علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن. ڳوٺ پاڻي مڪمل ٻوڙي ڇڏيا آھن، خاندان جا خاندان سيلاب ۾ لڙھي ويا آھن، ڪيترن ئي ھنڌن تي ماڻھو وڻن تي مٿي چڙھي ويا آھن، اتي ئي بک وگھي مري ويا آھن، ھڪ خانگي چينل جي رپورٽ موجب بلوچستان ۾ تازين برساتن طوفانن ۽ ٻوڏ ۾ 47 ٻارن سميت 140 کان به ويڪ ماڻھو مري چڪا آھن، 13 ھزار 5  سو 35 گھرن کي نقصان پھتو آھي، ھزارين گھر ٻوڏ ۾ لڙھي ويا آھن، بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي، اڃا انگ اکر پورا ناھن ملي سگھيا، ڪيترائي لاش پاڻي ۾ لڙھي ويا آهن جيڪي درياهه مان مختلف شھرن ۾ ڪڍيا پيا وڃن، بلوچستان ۾ تازي صورت حال پيدا ٿي ان جو ذميوار بلوچستان جي صوبائي حڪومت آھي، جڏھن ته موسمات کاتي پاران اھڙي اڳ ڪٿي اڳ ۾ ئي ڪئي وئي ھئي جنھن بابت صوبائي حڪومت ڪي اپاءَ نه ورتا. جنھن جو نتيجو خطرناڪ ثابت ٿيو، جنھن اداري کي امڪاني طور تي تيار رھڻ گھربو ھو، اھو ادارو ماڻھن جي مدد ڪرڻ بدران انگ اکر گڏ ڪرڻ ۾ مصروف آھي بلوچستان وسيلن سان مالا مال پوءِ به اتان جا ماڻھو مصيبت جي گھڙين ۾ بي يارو مددگار آھن، بلوچستان جي صوبائي سرڪار توڙي وفاقي سرڪار پاران ڪي به جوڳا اپاءَ ناھن ورتا، امير صوبي بلوچستان پوءِ به سڀني کان پوئتي آهي، برسات ۽ ٻوڏ سبب تباهي جا ڀيانڪ منظر سوشل ميڊيا تي ويڊيوز ۽ تصويرن نظر اچن ٿيون، جنھن ۾ ماڻھن جا لاش پاڻي ۾ لڙھندي نظر اچن پيا، ڪٿي وري لاشن مٿان واري لڙھيل نظر اچي ٿي، ته ڪٿي معصوم ٻارن لاش پاڻي لڙھي رھيا آھن ڪٿي بيوس پيءُ دانھون پيو ڪري، ته منھنجو ٻچو پاڻيءَ ۾ لڙھي ويو، ھنن آفت سٽيل متاثرن جي بيحسي جا پڙڏا حڪمران جي ڪنن تائين ناھنن پھتا، يا گونگا ٻوڙا بڻيل آھن، جو آفت سٽيل جي واھر لاءَ نه پيا نڪرن. اھڙن حمڪران تي افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو يا حڪومت وٽ ايترا وسيلا ناھن جو ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻھن کي ريسڪيو ڪري سگھن. امير صوبي جي ماڻھن جا لاش پاڻي ۾ لڙھي رھيا آھن، ماڻھن جا  اجھا به سيلاپ  لڙھي ويا آهن، متاثر بکون کاٽي رھيا آھن، لکين ماڻھو بي گھر بڻجي ويا آھن، حڪومت طرفان ڪابه واھر ناھي ڪئي وئي، بلوچستان اندر ڪيترن علائقن جو روڊ رستا به لڙھي ويا آهن، ماڻھو ٻوڏ ۾ ڦاٿل آھن، ريسڪيو آپريشن سست نظر پيو اچي، حڪومت کي اپيل آھي ته جلد کان جلد ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻھن جي واھر ڪئي وڃي.

 

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

 

منهنجي ڊائريءَ جا ورق!

 

(حصو ٽيون)

جڏهن پنھنجا خيال ملن ٿا، سوچون ۽ ذهن به ملن ٿا، ته پوءِ ڇو نه شاديءَ لاءِ سوچيون.؟ مون مقصد واري ڳالهه ڪئي، هوءَ ماٺ ٿي وئي، ڪنڌ جهڪائي چانهه جا ڍُڪ ڀرڻ لڳي، عائشه.! تو ڪا ورندي نه ڏني… گل.! تون منھنجي پھرين ۽ آخري محبت آهين، مون توکي دل جي اٿاهه گھرائين سان پيار ڪيو آهي، پر..، پر ڇا؟ پر، شاديءَ جو اختيار مون وٽ ڪونهي، ان جو اختيار منھنجي بابا وٽ آهي. تنھنجو بابا انڪار ڪري ڇڏي، ته! پوءِ به توسان محبت ڪندي رهنديس. جسم ڀلي ڪنھن ٻئي جو ٿي وڃي پر روح ۾ تون سمايل هوندين. ان مسئلي جا ٻيا به ته حل ٿي سگهن ٿا، هوءَ ڇرڪي پئي ۽ ڊنل اکين سان ڏسندي وراڻيائين بابا جي رضامنديءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ڪونهي، اهڙو خيال به دل نه آڻجانءِ. مان پريم ڪھاڻيءَ جي خبر بڻجي، پنھنجي عظيم بابا جي نراڙ تي ڪارنھن جو ٽڪو لائڻ نٿي چاهيان. هن امڙ جي وڇوڙي کان پوءِ نه رڳو پيءُ پر ماءُ جي ممتا جھڙي ٻاجهاري ڇانءَ به ڏني آهي.عائشه.! مون کي غلط نه سمجهه، منھنجي چوڻ جو مطلب هو، ته تون پنھنجي بابا کي راضي به ته ڪري سگهين ٿي. اهو ته مائٽ تي اولاد جو حق به هجي ٿو، مون پنھنجي موقف جي وضاحت ڪئي. ها، عابد.! مان اهو ضرور ڪنديس پر وري به آخري فيصلو بابا جو ئي هوندو. عائشه جي زور ڀرڻ تي هڪ ڏينھن مان پنھنجي ماءُ پيءُ کي ساڻ ڪري عائشه جي سڱ جي گُهر ڪرڻ سندس پيءُ وٽ وياسين. هو پڙهيل ڳڙهيل سيبتو ماڻهو هو، جيءَ ۾ جايون ڏنائين. ماني ٽڪيءَ کان پوءِ منھنجي پيءُ ۽ امڙ کيس پنھنجي اچڻ جي مقصد کان آگاهه ڪيو ته ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڪا مھل سوچ ۾ ٻڏل رهڻ کان پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏانھن ڏٺائين ۽ پوءِ بابا ڏانھن منھن ڪري، ٿڌو ساهه کڻي چيائين،مون کي خبر آهي، ته توهان جو پٽ گل، ذهين، سلڇڻو ۽ باڪردار نوجوان آهي. اهڙا سلڇڻا پُٽ ته ڀلي مائرون ڄڻين، پر! امان ۽ بابا تجسس مان کيس ڏٺو پئي، نيٺ بابا ڳالهايو. ڪاليج جي تعليم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اسان ٻنهي جا رستا به ڌار ٿي ويا هئا. امتحان هلندي ٻه چار ملاقاتون به ٿيون پر اُهي ملاقاتون به گونگيون هيون. لفظن بدران لڙڪن لارن سان گفتگو ٿيندي هئي. امتحانن کان پوءِ ملاقاتون بند ٿي ويون هيون. عائشه جي شادي ٿي وئي هئي ۽ مون به دل تي پٿر رکي، جيئڻ جو نئون حوصلو ماڻي، روزگار جي ڳولا ۾ پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيو.

 

سنڌي علي گل شيخ/ مريدشاخ

 

سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم ضروري آھي !

 

سنڌ ۾ اڄ به ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ نٿا چاهين، ڇو ته انهن جو خيال آهي ته عورتن کي تعليم جي ضرورت ئي ناهي، انهن جو خيال آهي ته عورتن کي ٻارن جو خيال رکڻو آهي، گهر ۾ رهڻو آھي، گهر جو ڪم ڪار ڪرڻو آھي، انھن جو خيال آھي ته عورت کي شادي ڪرڻي آھي، اولاد پيدا ڪرڻو ۽ پالڻي آهي، اهڙي سوچ وارا ماڻهو نه سمجهندا آهن ته تعليم عورتن لاءِ نه رڳو انهن لاءِ پر هڪ پوري خاندان لاءِ تمام اهم آهي، تعليم هر هڪ لاءِ تمام گهڻي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ان واحد ذريعي اسان انسان ۽ جانورن ۾ فرق ڪري سگهون ٿا تعليم اسان کي ٻڌائي ٿي ته اسان سماج ۾ ڪيئن ٿا گذاري سگهون ۽ ٻين جي ڪيترو ڪم اچون ٿا، ان ڪري تعليم هر هڪ لاءِ ضروري آهي. مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ تعليم تمام ضروري آھي، ماضيءَ ۾ عورتن کي تعليم نه ڏني ويندي هئي يا حاصل نه ڪئي ويندي هئي. عورتن کي انهن جي گهرن جي چار ديوارن مان ٻاهر اچڻ جي اجازت نه هئي گهريلو ڪم ئي سندن ذميواري هئي ۽ وڌ ۾ وڌ قرآن پڙهايو ويندو هو پر هاڻي اسان  مرد ۽ عورت ۾ ڪوبه فرق ناهي، هن صديءَ ۾ عورتن جي ايتري ئي عزت آهي جيتري مردن جي آهي. هر ميدان ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا تنهن ڪري ٻنهي مردن ۽ عورتن کي تعليم ڏني وڃي. ڇو ته عورت مستقبل جي نسل جي ماءُ آهي ۽ جنهن گهر ۾ جيڪڏهن عورتون غير تعليم يافتا آهن ته ايندڙ نسل به ان گهر ۾ اڻ پڙهيل ٿيندا. چيو ويندو آهي ته جڏهن ڪڏهن مرد تعليم حاصل ڪري ٿو ته اهو صرف هن لاءِ فائديمند آهي پر جڏهن ڪا عورت تعليم حاصل ڪري ٿي ته اهو سندس سموري  خاندان لاءِ مفيد آهي هڪ پڙهيل لکيل عورت هڪ پڙهيل خاندان فراهم ڪري ٿي ۽ هڪ پڙهيل لکيل خاندان معاشري کي بهتر بڻائي سگهي ٿو اسان عورتن جي تعليم کان سواءِ هڪ ديوتا سماج تصور نٿا ڪري سگھون جيڪڏهن عورت تعليم نه وٺي سگهندي ته هو سموري خاندان جو انتظام ڪيئن ڪندي؟ عورتن جي تعليم ڪيترن ئي سماجي براين کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي، جهڙوڪ ڏاج جو مسئلو، بيروزگاري جو مسئلو. سماجي امن آساني سان قائم ٿيندو، عورت کي پنهنجي زندگي جي دوران ٽن مختلف حصن ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آهي، جن مان هر هڪ خاص فرض آهي عورت جو پهريون فرض آهي ته سٺي ڌيءُ هجڻ، ٻي سٺي زال هئڻ ۽ ٽين هڪ سٺي ماءُ ٿيڻ آهي. تعليم اھو سيکاريندي ته هوءَ هڪ سٺي ڌيءُ هڪ سٺي زال ۽ هڪ سٺي ماءُ ڪيئن ٿي سگھي ٿي.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ