سنڌ ۾ عوام لاءِ ناسور بڻيل منشيات ۽ قانوني ڪمزوريون !

 

سنڌ ۾ منشيات جو استعمال ايتري حد تائين وڌي ويو آهي جو هاڻي منشيات تي مڪمل ضابطو يا ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به صوبي، ضلعي يا يوسي سطح تائين نه پر هن وقت پورو ملڪ ان مرض ۾ وڪوڙجي چُڪو آهي. سنڌ ۾ خاص ڪري نوجوان طبقي لاءِ نشي ۽ ٻين سماجي براين جهڙا بدڪردار عمل ايترو ته وڌي ويا آهن جو ان کي روڪڻ هاڻ ناممڪن لڳي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ پوليس کي دهشتگرديءَ جهڙا قلم لاڳو ڪرڻ جا اختيار پڻ ڏنا ويا آهن، سماجي برايون جنهن ۾ نشو ايئن کڻي چئجي ته پاڙ سمجهبو آهي ۽ ھاڻ عام نه پر جام ٿي ويو آهي، جيڪو هاڻي وڏن کان ننڍن ۽ نابالغن تائين ڦھلجي ويو آهي، جن کي روڪڻ لاءِ اسان جي قانون جون سموريون ڪوششون به ڪارگر نظر نٿيون اچن. منشيات جو استعمال نه رڳو امير پر غريب مڊل ڪلاس وارا ۽ زندگي کان مايوس ٿيل ماڻهو به ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ اڪثر ڪري غريب طبقو پريشانين ۽ امير ماڻهو شوق وچان ۽ رستن تان ڀٽڪي وڃڻ جي صورت ۾ اهڙين سماجي براين جي ورچڙھيل آهن. خاص طرح سان نوجوان نسل کي اهڙن ڪمن ۾ گهڻو وقت مصروف عمل ڏٺو پيو وڃي، جيڪي پنهنجي خوبصورت زندگي کي بربادين طرف ڌڪيندا پيا اچن، پڙهيل لکيل ماڻھو نشي جا عادي بڻجي ويا آهن، جنهن سان گڏ ٻيون سماجي برايون کين پڻ جنم وٺي رهيون آهن. نشيدار شين جو استعمال ايتري قدر وڌي ويو آهي جو هن ڪاروبار مان ڪروڙين رپيا ڪمايا پيا وڃن. نشيدرا شين واري دنيا ۾ منشيات وارو لفظ وسيع تر معنيٰ ۾ استعمال ٿي رهيو آهي، جنهن کي واپرائيندڙ ماڻهن جو دماغ ۽ دل وقتي طور دنيا جهان کان مفلوج ٿيو وڃي، هاڻ ان موتمار نشي کي بجاءِ عيب جي رعب ۽ دٻدٻي سان معاشري ۾ عزت سمجهي استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ٻين ملڪن جي پوليس جيان هتي به اهڙو نظام لاڳو ڪيو وڃي ته هر وڏي کان وڏو ۽ ننڍي ڏوهه ۽ ڏوهاري ختم ٿي سگهن ٿا پر معاشري ۾ ڏوهن جي واڌ جا اصل ڪارڻ قانون جون ڪمزوريون آھن، جن کي سڌارڻ ۽ سئو سيڪڙو معاشري جي گندگي صاف ڪرڻ لاءِ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

 

محرم الحرام کان اڳ برپا ٿيل ڪربلا!‎‎

 

سنڌ ۽ بلوچستان جا سڀ وسيلا ملڪي معيشت کي سھارو ڏيندا آهن، ڀل اھي سون ۽ ڪوئلي جون کاڻيون ھجن، گوادر پورٽ ھجي، سئي گئس ھجي يا ٻيا، جڏھن ته انھن جا سڀ مسئلا ۽ آيل مصيبتون اتان جي حڪومتن جي ۽ سندن رعيت جي حوالي آھن، 18ھين ترميم جيتوڻيڪ صوبن کي ڪجھه حد تائين خودمختار ڪيو پر آھي، سندن وسيلن جا اڃا به مالڪ نه ٿي سگھيا آهن.NDMA ۽ PDMA جا وڏا ادارا اگھور ننڍ آهن. موجودہ برساتن ۾ تباهه ٿيل بلوچستان ۽ سنڌ جا غريب برسات متاثر ھن وقت تائين مسيحا جا منتظر آھن پر افسوس جو صرف دانشور، اديب، سياستدان، حڪمران ۽ اعليٰ  آفيسر سڄو ڏينھن رڳو سوشل ميڊيا تي افسوس ڪري رھيا آھن. دل ته چوي ٿي حڪمرانن جي خاموشي تي ماتم ڪجي، ننڍي عمر جي شادي جي ھڪ ڪيس تي ملڪي ميڊيا توڙي،عدالتون ۽ ٻن صوبن جون حڪومتون ھڪ ڪيس حل ڪرڻ ۾ پنجاهه لک تائين خرچ ڪري ڏينھن رات ھڪ ڪري سگھن ٿيون پر افسوس ته کين ٻوڏ سٽيل نظر نٿا اچن. بلوچستان ۾ برساتن سبب ڪربلا برپا ٿيل آهي، معصوم ٻچا رات جو ان آسري تي سمھن ٿا ته سڀاڻ ھيليڪاپٽر اسان کي کڻڻ لاءِ ايندا پر کين خبر نه ھئي ته سيلابي ريلو ايندو ۽ کين جنت ۾ لوڙھي ويندو. جتي نه بک ھوندي نه اڃ ھوندي ۽ نه موت. ڪو پيءُ پنھنجن ٻچن کي بچائيندي لڙھي ويندو، ڪا ماءُ پنھنجن معصومن کي ڳوليندي لڙھي ويندي. ڪا ڀيڻ ڀاءُ کي وھندڙ سيلابي ريلي جي مٿان بيھي سڏيندي رھندي. مڃون ٿا ته ھي امتحان ڪريم ڪارساز طرفان ھو پر ان جو وڏو ڪارڻ وقت جا اھي يزيد حڪمران به آھن جيڪي پنھنجي حڪومت بچائڻ ۽ ٺاھڻ ۾ رڌل رھيا ۽ ھيڏانھن معصوم ٻار ايئن لڙھي ويا ڄڻ ھو لاوارث ھئا. نه ڪو سندن وطن ھو، نه ڌرتي ھئي، نه ڪنھن جا مٽ ھئا ۽ نه ئي ڪنھن جي رعيت ھئا. ايئن لاوارث ٿي لڙھي ويا. اڄ به ھزارين خاندان ڪنھن مسيحا جا منتظر آھن پر افسوس جو سندن تعلق اھڙن علائقن سان آھي جتي ھر وقت جنگ جي صورتحال رھي ٿي. اھي علائقا جيڪي باغي بلوچن جا والاريل علائقا آھن، غدارن جا علائقا آھن، سندن واھر لاءِ ڪير ويندو پر شھر اقتدار کي بچائڻ لاءِ ھر وقت حاضر آھن. برسات بعد پڄي ٿا وڃن، ڇٽيون کڻي ھڪ ھڪ روڊ تان پاڻي ھٽائڻ لاءِ پنھنجي سر پاڻ پر سندن واسطو صوبي جي باقي علائقن سان ناھي، ڇو جو مقتدر ان شھر ۾ رھائش پذير آھن، جتي ملڪي توڙي پرڏيھي ميڊيا ڪوريج ڪرڻ لاءِ اچي ٿي. محرمالحرام اھو مقدس مھينو جيڪو تمام انسانن کي ڪربلا جي معصوم شھيدن جي ياد ڏياري ٿو. ان مھيني اچڻ کان پھريان ئي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪربلا برپا ٿي وئي وئي.

لڙھندي ڪيئي لاشا ڏسي،

يزيدن جا ھت تماشا ڏسي،

بئراجن تي ڦاٿل جانيون ڏسي،

ڊھي ويل جھوپا ۽ پکڙا ڏسي،

اھڙا منظر ڏسي مون عزا ياد آئي،

محرم کان پھريان ڪربلا ياد آئي.

 

احسان مھر/گھوٽڪي

 

برساتن بعد تباهيءَ جي سروي ڪرائي وڃي!

 

ملڪ ۾ سانوڻي جي لاڳيتن برساتين تباھي مچائي ڇڏي آھي،سنڌ جي ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، ڪيترن ئي ڳوٺن توڙي شھرن ۾ گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن، برسات دوران گھرن ڪرڻ سبب سوين ماڻھو زندگيون وڃائي ويٺا آھن، ھزارين ماڻھو بي گھر ٿيا آھن، زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي، آبادگار توڙي کجين جا واپاري معاشي بحران جو شڪار بڻجي ويا آھن، آفت سٽيل ماڻھن جي سرڪار طرفان ڪا به واھر ناھي ٿي سگھي، اقتدار ڌڻي ايئن خاموش آھن ڄڻ ڪجھه ٿيو ئي ناھي، مصيبت سٽيل ماڻهو بي يارومددگار آھن، ڳوٺن توڙي شھرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھي ويو آهي، ڳوٺ ۽ شھر ٻوڏ جو ڏيک پيش ڪري رھيا آھن، لاڳاپيل ادارا سليماني چادر ويڙھي گم ٿيل آھن، ماڻهو عذاب واري زندگي گذاري رھيا آھن، ڪوٽڏيجي جي يوسي نصير فقير جلالاڻي لڳ ڪرڪي ڊيم جو بند ٽٽڻ سبب پنجاهه کان به وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، علائقي واسين جا فصل توڙي مال متاع به پاڻي ۾ لڙھي ويو آھي، ڪچا پڪا گھر ڪري پاڻي ۾ لڙھي ويا آھن ڳوٺن جو شھرن کان زميني رابطو ڪٽي ويو آھي، تعلقن جي حدبندي تڪرار سبب ريسڪيو آپريشن ھن وقت تائين ناھي ٿي سگھيو. ڊي سي خيرپور به وزٽ لاءِ پھتو پر فوٽو سيڪشن ڪري واپس ھليو ويو. ڪرڪي جوھي بند تعلقي ڪوٽڏيجي جي يوسي نصير فقير جلاڻي جي 50 کان وڌيڪ ڳوٺن کي 2010ع جي برساتن جي بچاءَ لاءِ ڏنو ويو ھو، بند ٽٽڻ سبب پاڻي ڳوٺن ۽ آبادي ۾ ڪاهي پيو، جنهن سبب مرد توڙي عورتون ۽ معصوم ٻارڙا ڏاڍين ڏکيائين ۾ اچي ويا. ڪيترائي ماڻهو ڳوٺن ۾ رهجي ويا پر انهن جي ڪنهن به انتظاميا يا چونڊيل نمائندن سار ڪان لڌي ۽ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻ کي پنهنجي ٻارڙن کي ٻاهر ڪڍيندا رهيا ۽ ڪيترائي ئي جانور پاڻي ۾ لڙهي ويا، جنهن ۾ ٻڪريون، ڳئون ۽ جانور جا ڦر به پاڻي ۾ گم ٿي ويا. ڪيترن ماڻهن جا سيلاب جي پاڻي ۾ گهر ڪري پيا آهن، علائقي واسي پاڻي ۾ ڦاٿل آھن، سيلابي پاڻي علائقي ۾ تباھي مچائي ڇڏي آھي. اسان جي وس وارن کي اپيل آھي ته جلد علائقي واسين جي واھر ڪئي وڃي، ماڻھن کي محفوظ ھنڌ ڏانھن موڪليو وڃي.

 

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

 

آمريڪي صدر ابراھام لنڪن جو تاريخي خط!‎‎

 

مشھور آمريڪي صدر ابراھام لنڪن پنھنجي پٽ جي استاد ڏانھن ھڪ تاريخي خط لکيو ھو، جنھن جو خلاصو ڪجھه ھن طرح آھي: “آئون ڄاڻان ٿو ته ھن کي سکڻو پوندو ته سڀ ماڻھو حق تي ڪو نه آھن، نه ئي سڀ ماڻھو سچار آھن، ھن کي سيکار ته ھو دشمن لاءِ به ھڪ دوست ٿئي، مان ڄاڻان ٿو ته ھن کي وقت لڳندو پر کيس سيکار، جيڪڏھن توکان ٿي سگھي ته کيس بغض کان پري وٺي وڃ. جيڪڏھن تون ڪري سگھين ته کيس خاموش کل جا راز سيکار، جيڪڏھن تون سيکاري سگھينس ته کيس ڪتابن جا عجائبات سيکار پر کيس آسمان ۾ پرواز ڪندڙ پکين جي ازلي ۽ ابدي رازن تي سوچڻ لاءِ مناسب وقت ڏجان ۽ سج جي ڪرڻن ۾ اڏرندڙ جيتڙن ۽ سرسبز ماٿريءَ تي ٽڙندڙ گلن لاءِ پڻ کيس مڪتب ۾ سيکار ته دوکي ڏيڻ کان وڌيڪ معتبر ۽ بھتر عزت سان ناڪام ٿيڻ آھي. ھن کي پنھنجي عقيدن ۽ خيالن تي ايمان رکڻ سيکار، کيس شريفن سان شرافت ۽ ڏنگن سان ڏنگائيءَ سان پيش اچڻ سيکار، کيس سيکار ته ھر ھڪ ماڻھوءَ کي ٻُڌي پر سمورين ٻڌڻين کي سچ جي پردي ۾ ڇاڻي ۽ صرف ان کي برحق سمجھي جيڪو ان ڇاڻيءَ مان ڇڻي صاف ٿي سامھون اچي. اي استاد! جيڪڏھن توکان ٿي سگھي ته ھن کي سيکار ته ڏکارو ھجي ته ڪيئن کلي؟ ھن کي سيکار ته ڳوڙھا ڳاڙڻ ۾ ڪو به شرم نه ڪبو آھي، ھن کي سيکار ته چاپلوسي ۽ خوشامد ڪندڙن کان پاسيرو رھي. ھن کي سيکار ته نقل ڪرڻ کان فيل ٿيڻ بھتر آھي، ھن کي اھو به ٻڌاءِ ته ھو ڀلجي به ڪڏھن پنھنجي ضمير جي قيمت نه لڳائي ۽ ھن کي سيکار ته ھو ھنڀوڇيون ھڻندڙ، ڇڙوڇڙ انبوهه ڏانھن ڌيان نه ڌري، ۽ جيڪڏھن سمجھي ٿو ته ھو حق تي آھن ته کيس مڙس ماڻھو ٿي بيھڻ ۽ منھن ڏيڻ جو ھنر ڏي. اي استاد! ھن سان شفقت سان ھل پر کيس لاڏلو نه ڪجان، ڇاڪاڻ  جو صرف باهه جي تپش ئي ڪچي سون کي تيار ڪندي آھي، ھن کي ڇڏ ته مقصد جي جستجو ۽ منزل جي حصول لاءِ پاڻ ۾ بي صبرو ٿيڻ جي ھمت پيدا ڪري ۽ ڇڏينس ته بھادر ٿيڻ لاءِ پاڻ ۾ صبر پيدا ڪري. ھن کي ھميشه اھو سيکار ته ھو پنھنجي پاڻ تي جاهه وجلال وارو اعتماد رکي ته جيئن انسانيت مٿان ايمان ھميشه لاءِ پختو رھيس، اھا ھڪ پيءُ جي لاءِ وڏي اميد آھي، ھڪ استاد مان پر تون ايترو ضرور ڪجانءِ ته جيترو توکان پڄي سگھي، ڏسون ٿا اي استاد ته تون ھن لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھين؟”

 

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

 

عوام لاءِ ڪوس گھر بڻيل اسپتالون!‎‎

 

سنڌ جون اڪثر پرائيويٽ اسپتالون عوام لاءِ ڪوس گھر بڻيل آهن، سمورا ڊاڪٽر ميڊيڪل ريپ جي فرمائش تي دوائن جو ٽارگيٽ جو پورائو ڪرڻ لاءِ مھانگيون ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين بجاءِ لاھوري دوائون لکڻ لڳا آهن، ٻي اھم ڳالھه ته لڳ ڀڳ سينٽرن ۾ ويٺل ميڊيڪل اسٽور وارن جو ڪرايو لڳ ڀڳ 2 لکن کان مٿي آهي، جيڪي اسٽور وارا جعلي دوائون ھلائڻ ڪري خوشي خوشي ڪروڙين روپيا ايڊوانس طور ڏئي؟ من پسند گهڻي او پي ڊي رکندڙ ميڊيڪل سينٽر وارن کان وٺن ٿا. ظلم ڏسو، ناحق ڏسو، اسٽور جي ڪرائي مان اندازو لڳايو ته ڪيترو ظلم ٿي رھيو آهي. ٻيو ته لاھوري ٻه نمبري ڪمپني وارا ڊاڪٽرن طرفان جعلي مارڪيٽ وارين ڪمپنيـن جي ٽارگيٽ جو پورو ٿيڻ بعد يا ايڊوانس طور ئي ڊاڪٽرن جون تمام وڏيون فرمائشون پوريون ڪندا آھن. ٻاھرين ملڪن جا ٽوئر لڳائڻ کان وٺي گھر جو سامان، اي سي، فرج سميت سمورين خواھشن جو ڪمپني پورائو ڪندي آھي.  ٽارگيٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب کان اھو به وسري ويندو آهي ته ڊاڪٽر کي مسيحا ھجڻ گھرجي، اڪثر شھرين کي ھاءِ اينٽي بائيوٽڪ لکي ڏيندا آھن، جنھن جا سائيڊ افيڪٽس ۾ يا ته ماڻھن جا گڙدا فيل ٿي وڃن ٿا يا هو ڪنھن ذهني بيمارين ۾ وچڙيون وڃن، بعد ۾ وڏين اسپتالن ڏانھن وڃڻ بعد گھر جو الھه تلھه وڪڻڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. سنڌ جي مڙني قلم ڌڻين، سياسي سماجي ڌرين کي گذارش ٿي ڪجي ته مسيحا جي کل ۾ لڪيل بيرحم دولت جي پڄارين کي بينقاب ڪن ۽ مسڪين مريضن جو رت چوسيندڙن خلاف آواز اٿاريو وڃي. نوٽ هي چٺي ڪنهن تي ذاتي حملو ڪرڻ نه پر معاشرتي اهم مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ لکي وئي آهي.

 

ابراهيم لنڊ/ ڪلوئي شهر

امن جي نگري، امن ٿي چاھي!‎‎

 

جيئن ته ڪجھه ڏينھن اڳ شھيد بلال ڪاڪا جي قتل کان پوءِ افغاني قاتلن خلاف سنڌي قوم ۾ سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو، نتيجي ۾ سنڌ جو ھڪڙو ئي مطالبو رھيو ته سنڌ ۾ رھندڙ غير قوميت وارن کي نيڪالي ڏئي سنڌ کي مختلف نقصانن کان بچايو وڃي، ڇو جو سنڌ ھڪ امن پرست، صوفين، ولين ۽ درويشن جي ڌرتي آھي. ھن امن ۽ لطيف سرڪار جي ڌرتيءَ تي ڪنھن به قسم جو ڏاڍ، ظلم ۽ جبر ڪرڻ بلڪل ڪفر ٿا سمجھون. ڌرتي ڌڻين جي سدائين پنھنجي ئي صوبائي حڪومت کان اھو مطالبو جاري رھندو پيو اچي ته اسان جي ڌرتيءِ تي رھندڙ ڌارين کي نيڪالي ڏئي ھن ڌرتيءَ کي پليتن جي پليتيءَ کان نئين سر پاڪ ڪيو وڃي! پر حيرت ۽ شرم سنڌ حڪومت کي اچڻ گھرجي، جن وقت جي يزيد حڪمرانن ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ بجاءِ ڪراچيءَ جي غازي ڳوٺ جي رھواسين سنڌ واسين جا گھر ڊھرائي سنڌ جي پنھنجي ئي وارثن کي جلاوطن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ھڪ منافقي ۽ ڪڌو عمل آھي، جڏھن ته غازي ڳوٺ جون نياڻيون ۽ اسان جون مائرون بيوسيءَ جي حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ۽ پنھنجا گھر بچائڻ لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي ظالمن اڳيان دانھي رھيون آھن ته اسان جا گھر ڊاھي اسان کي اسان جي ڌرتيءَ تان بي دخل نه ڪيو وڃي پر افسوس سان چوڻون ٿو پوي ته وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جيڪو ھڪ سيد ذات جو ٿي ڪري به کيس سنڌ جي عورتن ۽ ٻارڙن تي ڪو رحم نٿو اچي، قسم کڻي ٿو چوان ته سي ايم مراد شاهه تون سيد ته ڇا پھريان ھڪ سٺو انسان ته ٿي ڏيکار، تنھن کان پوءِ پاڻ کي سيد جو لقب ڏجان. سيد ته سائين جي ايم سيد يا شاهه لطيف جھڙا آھن، جنھن شاهه صاحب پنھنجي ئي شاعريءَ ۾ عورتن کي وڏو مان ۽ مرتبو ڏنو آھي. پليجو صاحب جنھن سنڌ جي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪندي ڄاڻندو ھو، اھا سنڌ جنھن کي اسان سنڌي جنت جو ٻيو نانءُ ڪري سڏيندا آھيون پر اوھان يزيدن ھن جنت جھڙي ٽڪڙي سنڌ کي فلسطين، ڪشمير ۽ ڪربلا جو جو نئون رخ ڏئي جھنم بڻائي ڇڏيو آھي. سنڌ جي اڄ ڪلھه واري صورتحال ڏسي مون کي سنڌ جي سدا بھار شاعر سائين جمن دربدر جو ھي شعر ياد ٿو اچي ته: “ڪي ماڻهو پاڻ جيئڻ لاءِ قوم کي ماري جيئندا ھن، ڪي ماڻهو مرندي مرندي قوم جيئاري ويندا ھن.”

 

مظھر علي ٻجورو/ٻيلو، سجاول

 

وقفي اچڻ جي لاءِ مان معافي ٿو چاهيان!

 

ڪافي وقت ٿي ويو آهي، اوهان هر روز پنهنجي اخبار کي غور سان ڏسندا هوندا ۽ سوچيندا هوندا ته ڪاشف ڪنڀر جي چٺي ڪاٿي آهي پر مان معذرت ٿو ڪيان، ڪجھه ذاتي مصروفيتن جي ڪري لکي نه سگھي، مون سان توهان جي اهو پيار، محبت، پريت ڪجھه وقت پهرين خبر پئي، جڏهن منهنجي توهان کي وقتن به وقتن ملاقات ٿي ۽ توهان پنهنجي پيار جو اظهار ڪندي چيو ته اسين تنهنجون چٺيون دل سان پڙهندا آهيون ۽ تنهنجي جرئت کي تنهنجي اخبار ۾ آيل فوٽو کي سلام ڪندا آهيون، اڄ به اهو چاچو مون کي ياد آهي جيڪو پنهنجي ڳوٺ کان سترنهن ڪلوميٽر پرتي وڃي اخبار کڻي ايندو آهي ۽ منهنجي چٺي نه هجڻ ڪري مون کي فون ڪري اهو چوندو آهي ته، اڙي ڀيڙان، ڪنڀار تو مون کي اداس ڪري ڇڏيو، اهو ته چاچو پنهنجي محبت جو اقرار ڪري پيو، ان کان وڌيڪ الائي ڪيترا منهنجي چٺيءَ جي انتظار ۾ آهن ته مان انهن قابل احترام چاهيندڙن کي اها گذارش ڪندس ته بس ڪجھه ڏينهن ڏکيا آهن، پوءِ اهو ڪنڀار ۽ نيوڇور جي انيڪ مسئلن بابت ٻيهر پنهنجي اخبار ۾ منهنجون چٺيون لڳل هونديون.

 

ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور

سنڌ حڪومت برسات بعد تعليمي ادارن جي موڪلن ۾15 ڏينھن جي واڌ ڪري!‎‎

 

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسات جا راڱا جاري آهن ۽ لڳ ڀڳ 100 جي ويجھو جاني نقصان ٿي چڪو آھي، فصل به تباهه ۽ برباد ٿيا آھن ۽ مالي نقصان جو ته ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگھجي. سنڌ ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جون ڇتيون زبون حال آھن ۽ برساتن جو به سلسلو بيهي نه سگھيو آھي. اھڙن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ٻارڙا تعليم ڪيئن حاصل ڪري سگھندا. برسات جيئن بيھندي اڃا، وڌيڪ ڇتين ۾ ڏار پوندا ۽ ڇاپڙ ڪرندا، ڳوٺ جھنگو وساڻ جو گرلس اسڪول به زبون حالت آھي، اڌ ته ڪري پيو آھي، اسڪولن ۽ ڪاليج جنھن کي ڪافي عرصو ٺھي ٿيو آھي، اھي اسڪول ويھڻ جھڙا نه آھن، اھڙين عمارتن جي ڪرڻ جو انديشو وڌي ويندو آھي. سنڌ حڪومت کي گذارش ٿي ڪجي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن جي موڪلن ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ جلد سروي ڪرائي اسڪولن ۽ ڪاليجن جو مرمتي ڪم ڪرايو وڃي.

 

ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ