قيد خاني جي ڪٿا!

جيل جي اداس شام ۽ رات!

 

ٻڏندڙ سج کي ناريل جي وڻن جي پويان ڪافي دير تائين سيمينٽ جي بئنچ تي ويهي ڏسندو رهيس پر اهو نظارو پورو نه ڏسي سگھيس ڇو جو ٽوٽل بند ٿي ويو ۽ سسپاهي فواد مون کي ۽ ڀائو آصف کي بند ٿيڻ جو اشارو ڪري ڇڏيو. تالي جو هڪ  زودار ڪڙڪاٽ ڪري سپاهي چاٻيون وڄائيندو روانو ٿي ويو ۽ آئون ڪافي دير تائين کوليءَ جي در تي بيٺو ٻاهر نازبو جي گلن کي پاڻ ۾ تاڙيون وڄائيندو محسوس ڪندو رهيس. تيز هوا جا جھوٽا انهن گلن جي مهڪ کي کوليءَ ۾ ڌڪي اچي رهيا هئا. قيدي سمورو ڏينهن ته انتظارن، ملاقاتين ۽ ڪچهرين ۾ ڪٽجي ويندا آهن پر شام جو تالو لڳڻ کان پوءِ جيل قيديءَ کان پڇندو آهي، پوءِ رڳو ٿلهيون ڀتيون ۽ ڪاريون شيخون ئي اسان جون ساٿي هونديون آهن، جيڪي اونڌيون سڌيون شڪليون ٺاهي اسان جو شاهه پيون سُڪائينديون آهن، جيڪا صورتحال ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ڪو اوپرو ٽهڪ نڪري ويندو آهي، يا وري لبن سان مرڪ جي ملاقات ٿي ويندي آهي. تمام ٿورا قيدي اهڙا هوندا آهن جيڪي جيل جي شام کان پوءِ رات جي سفر ۾ ڪتابن کي پنهنجو همسفر بڻائيندا آهن جنهن مان هڪ آئون به آهيان پر پوءِ  به جيل جيل آهي. ان ۾ گھاريل پل پل پڇي ٿو. قيدي رات جو ڄاري مان توهان کي تارا ڳڻيندي به نظر ايندا ته چنڊ سان مخاطب ٿي پنهنجي پرين کي خطڙا به لکندي نظر ايندا، اڪثر رلي وجھي روئيندي به توهان کي ملندا، جن جي معصوميت تي وري ڪي جنوني ڏوهاري توهان کي کلندي نظر ايندا. ڪاش انهن قيدين جي حال تي اعليٰ اختيار وارن کي ڪو رحم اچي. اهڙي سوچ اڪثر ايندي رهندي آهي ۽ نازبوءِ جي خوشبو کان سواءِ پنهنجا اهي تاثر پنهنجي نوٽ بڪ ۾ لکندو رهندو آهيان جيڪي توهان صرف ئي صرف روزاني پنهنجي اخبار ۾ ئي ڏسي سگھو ٿا. ڇو جو اسان قيدين جو پنهنجي پيارن سان رابطي جو اهو واحد ۽ آخري ذريعو آهي.

 

دلدار علي بخش وساڻ/ سينٽرل جيل حيدرآباد

 

Criminal Appeal 51 of 2018

تاريخ مون کي بيڏوهي قرار ڏيندي!

 

(حصو چوٿون)

مون کي سزا ڏني وئي، ان جو سبب ۽ منهنجو گناهه صرف اهو هو ته مون جج صاحب جي اکين ۾ اکيون ملائي سائين جن کي ٻڌايو ته آئون به زبان رکان ٿو ۽ قانون جو شاگرد آهيان ۽ هتي ڳالهائڻ منهنجو قانوني حق آهي، جيڪو توهان مون کان کسي نٿا سگھو. جج صاحب ڪاوڙ ۾ مون تي 50 لک رپيا دعيت به لڳائي جيتوڻيڪ مرڻ واري جا ٻار ناهن، زال ٻي شادي ڪري ڇڏيس ۽ ماءُ کي پيءُ قتل ڪري ڇڏيس جيڪو حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڦاهي تي چرهي ويو، باقي بچا ڀاءُ شير خان ڇلگري ۽ هڪ ڀيڻ جن به 2002ع ۾ ساڻس لاتعلقيءَ جو اظهار ڇپرايو هو، جنهن اخبار جي ڪٽنگ اڄ تائين محفوظ آهي.اهو ڀاءُ ان جو فريادي بڻيو آهي. ڪورٽ مان مون کي انصاف ملي يا نه ملي پر مون کي اميد آهي ته تاريخ مون کي بيڏوهي قرار ڏيندي. ڇو جو تاريخ رشوت ناهي وٺندي ۽ نه ئي ڪنهن جي سفارش مڃيندي آهي. هو ڪنهن ڀوتار جي هٿ ۾ ناهي، تاريخ سنڌو درياهه جيان صاف ۽ شفاف آهي، پنهنجين سمورين بنيادي انساني آزادين کان محروم ٿي وڃڻ جو مشاهدو مون کان وڌيڪ ڪير ماڻي ڏسندو؟ آئون ڄاڻان ٿو ته هتي سچ لکڻ ڪو سولو ڪم ناهي پر ٻرندڙ ماحول ۾ خاموش ٿي وڃڻ مطلب آپگھات ڪرڻ ساڳي ڳالهه آهي. آئون اڃا پنهنجي ڪيس جي مطابق اهو لکندس ته مقتول رزاق ڇلگري سان گڏ هُن جي گھر واري سائرا جي بقول FIR جي ان ٽي پارٽي به شامل هئي ۽ ٻيا به کوڙ سارا گھر جا فرد موجود هئا، لازمي آهي هڪ گھر جو ڀاتي ڪراچي مان پنهنجي زال سان گڏ آيو آهي ته پوءِ سائرا جا بيان ۽ ٻين ماڻهن جا بيان ڪيڏانهن ويا؟ مائي سائرا بيان ڏيڻ چاهيو پئي پر ايف آءِ آر وارو بيان نه پر اهو بيان جيڪو سچ هو، ان لاءِ سرڪاري وڪيل ان مائيءَ جا بيان ۽ نالو ڪورٽ کي درخواست ڏئي ختم ڪرائي ڇڏيو. (جاري)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/ سينٽرل جيل حيدرآباد

 

زندان جي جھروڪن مان!

 

(حصو ٽيون)

بيماريءَ جي صورت ۾ انهن قيدين کي ڪوشش ڪري کوليءَ ۾ علاج فراهم ڪبو آهي، جي طبيعت گھڻي بگڙجي وئي ته پوءِ انهن کي اسپتال ڏانهن موڪليو ويندو آهي. انهن کولين ۾ آزاديءَ تائين يا جيستائين انهن جي ڊيٿ وارنٽ جاري ٿئي اُتي رهندا آهن، ڦاهيءَ ڏيڻ کان ڪجھه وقت اڳ ان کي ٻين قيدين کان الڳ ڪري سپاهين جي پهري هيٺ رکيو ويندو آهي. ان قيديءَ جي سلوار مان اڳٺ به ڪڍي ڇڏيندا آهن، متان هو ڦاهيءَ کان اڳ آپگھات نه ڪري ڇڏي. هن کي جيل جو ڊاڪٽر هر وقت چڪاسيندو رهندو آهي، هن کي صرف قرآن شريف ۽ نماز پڙهڻ لاءِ مصلو ڏيندا آهن، ماني کائڻ وقت سپاهي هن جي مٿان بيٺل هوندا آهن، جيئن ئي ماني کائي بس ڪندو آهي ته اهي ٿانو کڻي وٺندا آهن. متان هو انهن ٿانون سان پاڻ کي نقصان نه پهچائي، هن کي پنهنجي مائٽن سان آخري ملاقات ڪرائي ويندي آهي ۽ کيس ڦاهيءَ جو قت ٻڌايو ويندو آهي. ان رات کيس گناهه بخشرائڻ جو پورو پورو موقعو ڏنو ويندو آهي، ۽ هو سڄي رات پنهنجي مالڪ جي اڳيان روئي معافي گھري سگھي. ڦاهيءَ واري ڏينهن ان ئي جج کي گھرائبو آهي جنن هُن کي مو جي سزا ٻڌائي هوندي آهي. انهيءَ کان سواءِ ڊاڪٽر جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ سندس فريادين کي به گھرايو ويندو آهي. جيئن سندس فريادين جي سامهون ان کي ڦاهي ڏني وڃي. ڦاهي ڏيڻ وقت فريادين کي به جوابدار کي معاف ڪرڻ جو پورو موقعو ڏيندا آهن ۽ کين جوابدار کي معاف ڪرڻ جي اپيل به ڪندا آهن، لڳ ڀڳ 3 ڀيرا فريادين کان پڇا ڪئي ويندي آهي ته توهان ڦاهي واري قيديءَ کي معاف ڪيو ٿا؟ جيڪڏهن فريادي جوابدار کي معاف ٿي ڪري ته ان کي موت جي سزا واري قيدي کي ڦاهيءَ  تان لاٿو ويندو آهي نه ته ان کي ڦاهي ڏني ويندي آهي.(جاري)

 

سردار محمد ايوب بروهي/ سينٽرل جيل حيدرآباد

عمرڪوٽ جي عوام جا مسئلا حل ڪريو!‎‎

 

جڏھن به ڪو اميدوار اميد کڻي اسان وٽ پھچندو آھي ته اسان جي ڳوٺ واري ھر مسئلي جو اسان تن سان ذڪر ضرور ڪندا آھيون، جوابي موٽ ۾ اسان کي ڪوڙن واعدن تي آسري ۾ رکي اسان جا پنج سال ئي جيئڻ لاءِ حرام ڪري ڇڏيندا آھن، ھاڻي ته علائقي جا مسئلا حل ڪرڻ ته پري جي ڳالھ پر اسان جي دانھن ٻڌڻ لاءِ تيار به ناھن، ڇو؟ انھن جا واعدا قسم صرف ڳالھيون ٻڌڻ تائين محدود رھيون آھن پر عملي ڪم بلڪل زيرو، جڏھن ته اسان ووٽ ساڳين اميدوارن کي ٿا ڏيون پر افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته ھن بدحال دور ۾ اسان جي ڳوٺ حاجي جمال چانهيون ۾ نه پاڻي، نه روڊ، نه اسڪول، نه صحت ۽ نه ئي ڪا سھولت موجود آھي. بيروزگاري مھانگائي عروج تي پھتل آهي جنھن سبب چوپايو مال ۽ معصوم ٻارن جون جانيون ضايع ٿي رھيون آھن. صرف پاڻي نه ھئڻ سبب ڪيترائي نقصان ٿي رھيا آھن، ضلعي انتظاميا کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا ڳوٺ حاجي جمال چانهيون يوسي ڪپلور تعلقي عمرڪوٽ ٿر جي عوام تي رحم ڪري کين ھر سھولت فراھم ڪئي وڃي ته جيئن ماڻھو سڪون واري زندگي گذاري سگھن.

 

محمد يوسف چانهيون/ يوسي ڪپلور، عمرڪوٽ