قيديءَ جي ڊائري!

ماءُ جي دعا، جنت جي هوا!

 

(حصو ٽيون ۽ آخري)

پر شايد توهان جا ڏک سڀني کان مختلف آهن، جنهن عر ۾ اوهان کي آرام ڪرڻو هو، ان عمر ۾ اوهان منهنجي ڪري اڃا به وڌيڪ ڏُک ڏسڻا پيا، ڇا پوءِ حق ۽ ناحق کي سوچڻ اجايو نٿو لڳي، جي بلڪل لڳي ٿو پر اسان جي ملڪ جو قانون ئي اهڙو آهي جتي ڏوهي جيلن کان ٻاهر ۽ بيڏوهي جيلن ۾ هوندا آهن، توهان ان ڏينهن ڄامشورو ڪورٽ ۾ ڏٺو هو ته اُن ڏينهن ڪوڙن شاهديتن عيوض هڪ بي گناهه کي جج طرفان سزائي موت لڳي، هُن قيدي کي به رب تعاليٰ تي پورو پورو يقين آهي ته هڪ ڏينهن اڇو ڪارو ضرور ظاهر ٿي سڀني جي اڳيان ايندو، انهيءَ آس ۾ آئو به آهيان ته بخت جمال سومري جا قاتل حقي ظاهر ٿيندا ۽ هن ڏينهن آئون اوهان سان گڏ هوندس، آزادي آئو به ضرور ماڻيندس. ڇو ته اڃا مون پنهنجي زندگيءَ تان هٿ ناهي کنيو، اڄ به خوداعتمادي سان جيل ۾ گھمان ڦران ٿو، ان لاءِ جيل ۾ مون کي ڀائرن جھڙا ڪجھه سٺا دوست مليا آهن، جن دوستن ۾ امام الدين قمبراڻي ۽ عبدالعزيز گاڏهي شامل آهن، جيڪي هر ڏک ۾ مون کي حوصلو ڏياريندا آهن، شايد انهن دوستن جي ڪري آئون اڄ آهيان، اهو به سچ آهي ته زندان ۾ هر گذرندڙ ڏينهن منهنجي حياتي کٽائي رهيو آهي، پر ان سان گڏ نه رڳو اسان جي زندگيءَ جا ڏينهن گھٽجي رهيا آهن پر انهن ظالمن جي، هنن شِطانن جي انهن سپاهين جي ۽ انهن ڪوڙن شاهدين جي زندگيءَ جا ڏينهن گھٽجي رهيا آهن جيڪي ڪورٽن ۾ وڏا وڏا قسم کڻي ڪوڙين شاهدين عيوض بيگناهن کي پئسن جي لالچ ۾ اچيو سزائون ڏياريندا آهن. امان مون کي خبر آهي ته تنهنجي دل ۾ به هر ماءُ جيان اها ئي آس هئي ته آئون اوهان جي اکين سامهون هجان، مون کي اها ته خبر ناهي ته آئون ڇا آهيان؟ پر مون کي اها پڪ آهي ته آئون اوهان کي ٻين سڀني ڀينرن ڀائرن کان پيارو آهيان، شايد تڏهن اوهان پنهنجي وات مان مانيءَ جو گرهه ڪڍي مون کي کارائيندا هئا، اهي اوهان جا احسان آئون ڪيئن لاهيندس؟ انهيءَ لاءِ مون کي جيئڻو پوندو، هينئر وارو دشمن جو آ، پوءِ اسان جو وارو آهي.

 

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

محبت جي نالي تي بدنام ٿيندڙ عورت!

 

(حصو ٻيون ۽ آخري)

جنھن ۾ عورتن جي به غلطيون ضرور ھجن ٿيون جن کي ايتري به سمجھ نٿي ھجي جو پنھنجا نازڪ جذبا ۽ احساس جارحاڻي صلاحيت رکندڙ جسم فروشن جي ور چاڙين ٿيون ايتري قدر جو جڏھن ڪا عورت ڪنھن مرد سان محبت ڪري ٿي، اھو ئي مرد اڻ وڻندڙ بيھوده شين ڏانھن کيس مائل ڪري ٿو! تڏھن يقينن ان عورت کي اھو احساس ضرور ٿيندو ھوندو ۽ اھو سڀ ڪجھ غلط سمجھندي نه چاھيندي به عورت پاران ان تي عمل بعد به اھو مرد جيڪڏھن دوکي باز نڪري ته پوءِ ان کان وڌيڪ بي عقلي بيوقوفي ٻي ٿي نٿي سگھي؟ ظاھري ڳالھ آ خراب کان خراب نتيجا نڪرندا پر اڄ ڪالھ ماڻھو محبت جو نالو وٺي به حقيقي محبت کان غافل رھن ٿا، اھا محبت ئي آھي جيڪا ڪو به  رنگ، نسل، مذھب، اميري يا فقيري به نٿي ڏسي، جنھن ۾ دولت يا خوبصورتي ضروري نٿي ھجي، ڏٺو وڃي ته پنج آڱريون برابر ته ناھن پر اڪثر مرداڻي تصور، خيال ۾ عورت ڄڻ روڳو جسماني حوس لاءِ ئي پيدا ٿي ھجي. ھلندڙ وقت ۾ جتي دغاباز، فريبي ماڻھن پاران عورتن کي بليڪ ميلنگ ڪرڻ جو سلسلو به عروج تي آھي جنھن تي به خاص طور تي انھن عورتن تي به ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آھي جيڪي انھن بليڪ ميلرن جي ڪري پنھنجون ذاتي زندگيون زھر بڻائيندي سمورن عزيزن، قريبن کان ويندي مائٽن لاءِ چئلينج پيدا ڪنديون آھن، جن کي سمجھڻ گھرجي ته حقيقي محبت جا پيروڪار ماڻھو ٻيو ته ٺھيو پر اظھار به ناھن ڪري سگھندا. جيڪي عورت ان جي عزت ۽ محبت جا رکوالا يا ادب، ذوق انسان ھجن ٿا، ھن سموري معاملي تي خاص طور تي انھن عورتن کي اھو ضرور پيغام ڏينديس ته توھان کي ڪو ڪيڏو به پاڻ ڏانھن ڌيان، مائل ڪري به اھو ممڪن ئي نٿو ٿي سگھي ته ماءُ، پيءُ ڀينرن، ڀائرن کان وڌيڪ ڪو اوھان سان محبت ڪري! يقين ڪريو جيڪڏھن اوھان کي دنيا جي فريبي، ٺڳي ڪندڙن ماڻھن کان بچڻون آھي ته پنھنجي والدين جي ڏسيل واٽ تي ھلو يقينن خطائون ڪو نه کائينديون، اھم ڳالھ ته ڪٿي ڪٿي ايئن به ٿيندو آھي جو جتي ڪا نياڻي پڙھيل لکيل ھوندي آھي ته سندس رشتو وري ڪنھن اڻپڙھيل جاھل شخص سان ڪرايو ويندو آھي جيڪو به فيصلو انھن والدين پاران نياڻين سان زيادتي چئبي ان ڳالھ تي بس ناراضگي ڏيکارڻ به نياڻين کي بلڪل حق پھچي ٿو، ھڪ ليکڪ ھئڻ ناطي جڏھن پنھنجين لکڻين ۾ عورتن جي ترجماني ڪريان ٿي ته ان ۾ به آسپاس جي مردن پاران ڪھڙي نگاھ سان ڏٺو ويند آھي جنھن کي به ڪا به ليکڪا ضرور سمجھي سگھي ٿي پر سچ اھو آھي ته پنھنجن تحريرن ۾ عورتن جي ترجماني يا نمائندگي ڪرڻ پاڻ تي فرض سمجھندي بس لکندي رھان ٿي.

 

شمائلا رند/ٽنڊو محمد خان

 

سنڌ ۾ تبديليءَ جي ڪنجي صرف عوام وٽ آھي!

 

سنڌ اندر اها پراڻي روايت آهي ته ملڪ ۾ سمورين خرابين فسادن مصيبتن ۽ تباهين جو سمورو بار حڪمرانن تي وجھي عوام پاڻ کي بلڪل بي قصور ثابت ڪندو رهيو آهي پر سچ اهو آهي ته ايئن آهي ڪونه اسان کي پاڻ به اهڙا سياسي ليڊر گھرجن جن وٽ پئسو هجي، لٺ هجي طاقت هجي، جيڪي اسان کي پنهنجي گفتار جي جادوءَ ۾ ڦاسائي اسان کان پنهنجي مرضيءَ موجب فيصلا وٺي سگھن، اسان جي جذبن سان کيڏي اسان کي پنهنجي مرضيءَ موجب استعمال ڪري سگھن، اسان کي قصا ڪهاڻيون ٻڌائي حقيقتون لڪائڻ جي صلاحيت رکندا هجن اسان کي اهڙا حڪمران کپن جيڪي اسان کي طوطا مينا ڪهاڻيون ٻڌائي پنهنجن مخالفن تي الزام هڻي سازشن جا افسانا گھڙي اسان جون وڌيڪ همدرديون حاصل ڪري سگھن، جيڪي اسان کي وڏي ڏاهپ سان لٽڻ ڦرڻ ۽ تباهه برباد ڪرڻ جو فن ڄاڻندا هجن جيڪي پاڻ ٽيڪس نه ڏين پر پوري ملڪ کي ملڪي توڙي غير ملڪي ادارن جو قرضي بڻائي اهو قرض واپس ڪرڻ لاءِ اسان تي وڌيڪ نت نوان محصول مڙهين اهي جن کي اهو ڏانءُ هجي ته موٽر سائيڪل کي پجارو ۾ ڪيئن بدلائبو آهي؟ ٽڪي مان ٽرلين ڪيئن ٺهندا آهن؟ عوامي ڀلائيءَ جي شعبي لاءِ خاص ڪيل رقم ڪيئن پنهنجن ذاتي ڪمن تي خرچ ڪبي آهي؟ ۽ زڪوات جا پئسا ڪيئن حضم ڪبا آهن؟ ڪميشنون حاصل ڪرڻ لاءِ انساني زندگين سان ڪيئن کيڏبو آهي؟ حقدار کي سندس جائز حق کان محروم ڪري ميرٽ جو جنازو ڪهڙي ڌام ڌوم سان ڪيئن ڪڍبو آهي؟ جيستائين عوام نٿو جاڳي، کيس پنهنجي ووٽ جي طاقت جو صحيح اندازو نٿو ٿئي ۽ تبديليءَ لاءِ پهريون قدم نٿو کڻي، رڳو عدالتن ۽ ادارن ذريعي نه ته ڪرپشن کي روڪي سگھجي ٿو ۽ نه ئي سماج کي تبديل ڪري سگھجي ٿو تبديليءَ جي ڪنجي صرف عوام جي هٿ ۾ آهي، جيڪا ڪنجي هنن ڪڏهن به صحيح استعمال ناهي ڪئي.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

 

سوشل ميڊيا مظلومن جو آواز ۽ اسرنڌڙ هاڪاري، ناڪاري اثر!‎‎

 

سوشل ميڊيا جو مطلب آهي مختلف طريقن سان ماڻهن جي وچ ۾ رابطو پيدا ڪرڻ، اڄ جي سماجي مزاج، خيالن، ثقافت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ تي ڏاڍا اثرانداز ٿين ٿا، ان جو وهڪرو درياهه جيان تمام وسيع ۽ سمنڊ جيان لامحدود آهي، سوشل ميڊيا ذريعي سماج جي هر فرد کي اظهار راءِ جي آزادي جا وڌ ۾ وڌ موقعا ملي رهيا آهن، آزاد سوشل ميڊيا جمهوريت جو بنياد آهي، جيتوڻيڪ جنهن ملڪ ۾ سوشل ميڊيا آزاد استمعال نه هجي، اتي هڪ صحتمند جمهوريت جي تعمير ممڪن ناهي، سوشل ميڊيا جو دائرو ايترو وسيع آهي جو ان کان سواءِ ڪنهن سهولت سماج جو تصور به ناممڪن آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي جيڪڏهن ضرورتن موجب هاڪاري انداز ۾ استعمال ڪيو وڃي ته اها ڪنهن به سماج ۾ حقيقت ۾ ڪنهن به نعمت کان گهٽ ناهي، موجوده دور ۾ حقيقتن موجب سوشل ميڊيا مظلومن جو هڪ اهڙو اوزار بڻجي اڀريو آهي جنهن سماج تي انمول تاثر ڇڏيا آهن، سوشل ميڊيا هن وقت سڄي دنيا، خاص ڪري نوجوانن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رهي آهي، 12 سالن جي عمر کان 35 سالن جي عمر وارن ماڻهن ۾ سوشل ميڊيا جو استعمال ڊرامائي طور تي وڌي ويو آهي، نوجوان جيڪي سوشل ميڊيا جي هاڪاري رخن کي استعمال ڪرڻ سکي ويا آهن، اهي وڏا مالي ۽ سماجي فائدا حاصل ڪري رهيا آهن. سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ ۽ ڊجيٽل مارڪيٽنگ ذريعي نوجوان مردن ۽ عورتون لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن ۽ روزگار جو هڪ ذريعو به ڳولي ورتو آهي، هر گذرندڙ ڏينهن سان، فري لانسرز ۽ سوشل ميڊيا تي متاثر ڪندڙ ان جي اقتصادي فائدن کي ڳولي رهيا آهن، ان ۾ وري خوفناڪ صورتحال کان هر ڪو واقف آهي پر عملي طور ان جي روڪٿام لاءِ ڪا منظم سوچ يا مربوط حڪمت عملي  ناهي، ان سلسلي ۾ شايد سڀ کان مناسب تجويز اها آهي ته سوشل ميڊيا جي مثبت ۽ قابل قبول استعمال جي حوالي سان سماج ۾ آگاهي جي ضرورت آهي.

 

امان الله ملڪ/ڪشمور

 

سردارن خلاف خلاف اليڪشن وڙهندڙ عظيمان شاهاڻي جي مالڪي ڪريو!

 

سنڌ جي شعور کي سردارن خلاف خلاف اليڪشن وڙهندڙ عظيمان شاهاڻي جي مالڪي ڪرڻ گهرجي. ڪاڇي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سردارن خلاف اليڪشن وڙهندڙ هن نياڻي عظيمان شاهاڻي جو سردارن پاران مبينا طور وائيس چيئرمين اغوا ڪرائي فارم رد ڪرايو ويو آهي، بولا خان شاهاڻي سان گڏ ويهي رکيل آر او سندس مخالفن جا فارم رد ڪيا، بولا خان شاهاڻي ان دوران وڪيلن سان پڻ بدڪلامي ڪئي. پيپلن جا ونگاري جوهي جا نام نهاد دانشور ۽ روشن خيال جيڪي چوندا آهن ته پ پ پ جو متبادل ناهي، اهي ڪاڇي جي بهادر نياڻي سان سندس سردار جي  ايڏي وڏي داداگيري تي ڇو خاموش آهن.؟ سنڌ جي شعور ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي گهرجي ته هو بهادر نياڻي عظيمان شاهاڻي جي مالڪي ڪن. ان معاملي جو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي نوٽيس وٺن گهرجي، سنڌ جي نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

ٿر جو ٻيجل‎‎

 

ٿر جي واري ۽ لُڪ وارين ھوائن واري وسيب تي جنم وٺندڙ سڪل ڪاٺي جھڙو ھٺيلو ۽ بھادر محمد خان لنڊ اڄ به رڃ مان رڙ وارو ڪردار آھي، محمد خان لنڊ ھيٺين پيڙھيل طبقي سان تعلق رکندڙ ارڏو سياسي ڪارڪن جنھن جنرل ضياءَ جي آمريت کان اربابن جي آپيشاھي کي منھن ڏنو، سندس پوري سياسي جدوجھد ۾ 68 ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا۔جيڪو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ھڪ رڪارڊ آھي، ھن ننڍڙي، سيپڪڙي عام سياسي ڪارڪن سان وقت جي حاڪمن جي آخر دشمني ڪھڙي ھئي جو ھو مٿس ڪوڙا ڪيس ڪري کيس جيل ۾ وجھي شانتي محسوس ڪن پيا؟ محمد خان لنڊ نه چور نه پاٿاريدار، نه منشيات فروش پوءِ آخر ڏوھ ڪھڙو؟ محمد خان لنڊ غريب ۽ پنھنجي طبقي جي پيڙھيل ماڻھن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو پئي، اربابن جي ظلمن ۽ سندن ڪاري رات خلاف آواز اٿاريو پئي، ان ڪري وقت جي راڄ ڌڻين جي اک ۾ ڪنڊو ٿي چڀيو، محمد خان لنڊ لاءِ مشرف دور اھڙي ڪاري رات هئي جو جيل ۽ ڪورٽون سندس مقدر بڻجي ويون، سندس پورو خاندان عتاب ۾ اچي ويو. عاصمه جھانگير، ڄام ساقي ۽ ٻيا انساني حقن وارا محمد خان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ننھن چوٽي جا زور لڳائڻ لڳا، محمد خان سمورين تڪليفن کي مڙسي سان منھن ڏنو. اڄ به محمد خان لنڊ جي ڳَن ڪھاڙي ساڳي آھي ٿر جھڙي پٺتي پيل علائقي جي ڪولھين، ڀيلن، مينگھواڙ ۽ مسڪين ماڻھن جو آواز بڻجي گرجي ۽ گجي پيو.

 

ابرهيم لنڊ/ڪلوئي، ٿر

قيد خاني جي ڪٿا!

عورت ڪهاڻي زندان مان!

 

اڄ هڪ عورتن جي ڪهاڻيءَ وارو ڪتاب پڙهي پورو ڪيم ته ذهن ۾ کوڙ سارا سوال جھرمر ٻرڻ لڳا. سنڌ ڀٽائيءَ جي نگري آهي پر هتي هوا جي ڄاين کي ڪهاڻي ڏيکاري هيسائڻ جو تمام پراڻو رواج آهي، منهنجي ذهن ۾ قيدي عورتن جو خيال ڪنهن ناسمجھه ٻار جيان جھاتيون پائڻ لڳو، جيلن ۾ جيڪي عورتون موجود آهن پوءِ اهي ڏوهي هجن يا بيڏوهي ڪيڏيون نه بيوس ۽ لاچار آهن، اهي يقينن معاشري جي بيحسيءَ ۽ مردن جي ڏاڍ ۽ ظلم جي ڪري ئي جيلن تائين پهچن ٿيون. اسان جي ملڪ ۾ انهن لاءِ قانوني پاليسيون ته جام آهن پر انهن پاليسين تي عمل تمام گھٽ ۽ نه ٿيڻ جي برابر آهي. انهن قيدي عورتن ۾ ڪيتريون ئي ويچاريون پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ هونديون آهن، يا ٻار زندان ۾ ڄڻيديون آهن. توهان مون کي اهو ٻڌايو ته جيڪا مارئي زندان ۾ گل ڄڻيندي ته ان ٻار جو مستقبل ڇا ٿيندو جيڪو اک ئي قيدخاني ۾ ٿو کولي. ڇو نٿو انهن عورتن جي باري ۾ سوچيو وڃي؟ڇا اُهي اسان جي هن معاشري جو حصو ناهن؟ ڇا انهن کي سُک جو ساهه کڻڻ جو حق حاصل ناهي؟ ڇا توهان کي خبر ناهي ته سکر جي دارالامان مان هوا ڄاين جون دانهون اچي رهيون آهن؟ ڇا عورت مارچ جا خالي دهل وڄائڻ وارا بس خالي ڪريڊٽ وٺڻ تائين محدود آهن، ڪٿي آهن اُهي اين جي اوز جيڪي Save Women! جا پوسٽر کڻي گھمندا آهن، ڪاش ڪنهن کي وفا ناٿن شاهي جا هي لفظ پڙهڻ لاءِ ملي پون ته:

هٿ ڪير کڻي حُسن وارن تان،

هٿ ڪير کڻي حُسن وارن تان!

عورت ڌرتيءَ تي سڀ کان وڏيو ۽ نرالو حُسن آهي، هن جو سمورو وجود زنده هجڻ جو کليو ثبوت آهي، هي خود هڪ ڌرتي آهي، جيڪا پاڻ هڪ تخليقڪار به آهي، عورت بابت گھڻو ڪجھه مختلف انداز سان لکيو ويو آهي، توهان کي ياد هوندو ته ڀائيو آصف ڇلگريءَ ته “عورت چئجي جنهن کي” جي عنوان سان هڪ پورو ڪتاب کڻي لکيو هو جيڪو سال کن پهريان توهان پنهنجي اخبار جي سُپر پليٽ فارم تان به پڙهيو هوندو پر آئون ايترو ڪجھه نه لکندس، بس ايترو چوندس ته مهرباني ڪري عورتن جي عزت ڪريو، انهن جي حفاظت ڪيو ۽ تاريخ ۾ امر ٿي وڃو. جيتري ماني توهان پنهنجي پيٽ ڏيندا آهيو اوتري ئي ماني پنهنجي نياڻيءَ کي ڏيو ۽ ڌيءُ ۽ پٽ ۾ ڪنهن به فرق نه ڪريو. سنڌ سلامت، ساٿ سلامت.

 

دلدار علي بخش وساڻ/سينٽرل جيل حيدرآباد

Criminal Appeal 51 of 2018

تاريخ مون کي بيڏوهي قرار ڏيندي!

 

(حصو پهريون)

صبح جو اٻاڻڪو جسم بي آراميءَ ۾ لڇيل اکڙين سان ملي ٿو، ماسٽر دانش صاحب منهنجو پيپر بڪ فرحاد علي ابڙو صاحب کان کڻي آيو، اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، ياد هجي ته هيءُ پيپر بڪ منهنجي زندگيءَ تي انگريزيءَ ۾ لکيل منهنجو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو سرڪار مون کي اهم سمجھي مون تي 200 پنن کان به مٿي لکيو آهي ۽ اهو اوهان کي http://shc.gov.pk تان آرام سان ملي ويندو. جي توهان منهنجي اِها آتم ڪهاڻي هاءِ ڪورٽ سڳوريءَ جي آفيس مان خريد ڪندا ته ان جي قيمت رڳو 7000 رپيا آهي جيڪا ڪنهن غريب جي خريد ڪرڻ کان زور آهي، اسان جو غريب عوام ته شايد 700 رپين وارو به ڪتاب خريد نه ڪري ته پوءِ اهو 7000 رپيا ڏئي منهنجو Auto Biography ڪٿان پڙهندو؟ ان لاءِ به آئون پڙهندڙن کي گذارش ڪندو هلان ته جنهن وٽ به جيڪي ڪتاب آهن ته هو پنهنجا اهي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اڳتي منتقل ڪري ڇڏي جيئن اسان زندان واسي ڪتاب ۽ اخبارون هڪ ٻئي ڏي منتقل ڪندا رهندا آهيون ۽ وس وارن کي کپي ته هو ڪتاب وٺي غريبن ڏانهن متنقل ڪن يا ڪا پاڙي ۾ لائبريري ٺهرائي ڇڏين، ان جو اجر اوهان کي سٺن لفظن ۾ ملندو ۽ رب به اجر ڏيندو. مون کي ياد آهي ته مون فرحاد ابڙو صاحب کي 2014ع جي شروع ۾ پنهنجو وڪيل مقرر ڪيو هو ۽ ان ڏينهن جي منهنجي ڪيس ڊائريءَ ۾ جج صاحب لکيو هو ته: Mr. Farhad Ali Abro advocate filed power on behalf of accused Asif. ۽ مون کي 2019ع جي اُها تاريخ به ياد آهي جڏهن مون پنهنجي هڪ دسوت جي چئي ۾ اچي هاءِ ڪورٽ جي جسٽس کي عرض ڪيو هو ته مون کي فرحاد ابڙو تي ڀروسو ناهي ۽ جسٽس صاحب آرڊر شيٽ ۾ لکيو هو ته: Appalled has prodnced in Custody by jail authorities, who submits that he has not trust over Mr. Farhad Ali Abro advocate and request for time to engage counsel. Time is granted to come up on 01.03.2019 ياد رهي ته هاءِ ڪورٽ جي محترم جسٽس ان تاريخ تي مون کي سرڪاري خرچ تي وڪيل به ٿي ڏنو پر مون انڪار ڪري ڇڏيو هو ڇو جو مون کي منهنجي ان يار چيو هو ته سرڪاري وڪيل نه ڪجانءِ.(جاري)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

دل جي دنيا

پنهنجي پياري ڀاءُ ڏانهن خط!

 

پيارا طارق! جيئي سنڌ، سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “پنهنجي ڪهاڻي، پنهنجي زبانيءَ” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته قدرت جا عمده نظارا، مٺا ۽ سريلا آواز، سهڻيون شڪليون ۽ شيون دل تي گھرو اثر ڪري ماڻهوءَ تي موج ۽ مستي واري ڪيفيت طاري ڪري ڇڏينديون آهن، جڏهن ته دردناڪ آواز، واقعا، قصا، نظارا ۽ ماحول “دل” کي مخمور ڪري وجھندا آهن، تو کي ضرور ان شيءِ جو اندازو هوندو، آئون سمجھان ٿو ته جيل به هڪ اهڙي ئي قسم جي جاءِ آهي، چون ٿا ته يوسف عه جنهن جيل ۾ قيد جا 11 سال گذاريا هئا اُن جي دروازي تي لکيل هو ته هي مصيبت جو گھر ۽ زنده ماڻهن جي قبر آهي، واقعي جيل ايئن ئي هوندو آهي پر آئون ايئن به سمجھان ٿو ته دنيا ۾ سچن ماڻهن جي امتحان جي جڳهه آهي ته اُها “جيل” آهي جتي سڀ اڇا ڪارا ڇڻي ويندا آهن، ڪالهه ليگل ايڊ جي ڪلاس ۾ ان موضوع تي منهنجي آصف غلام رسول ڇلگريءَ سان تمام گھڻي ڪچهري ٿي، تون آصف کي سندس لکڻين جي حوالي ضرور سڃاڻندو هوندي، آصف انرجي سان ڀرپور سنڌ جو اُهو باغي نوجوان ليکڪ آهي، جيڪو وڌي ويجھي انگورجڻ لاءِ سازگار موسمن جو منتظر آهي، هوُ هتي 302 جي ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ڪٽي رهيو آهي، اُن هوندي به 2017ع کان لاڳيتو لکي رهيو آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته هُن پنهنجي اعليٰ تعليم جو تمام وڏو حصو جيل ۾ ئي مڪمل ڪيو آهي، مون کي سندس هڪ خوبي تمام سٺي لڳندي آهي ته ڪجھه به ٿي پوي پر کيس ڌونس، دڙڪي، داٻي ۽ تشدد وسيلي جھُڪائي نٿو سگھجي. ڪچهريءَ دوران آصف مون کي ٻڌايو ته اڄ ڪلهه هو تاريخ جو مطالعو پيو ڪري، اُن تي مون کيس چيو ته تاريخ پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو ۾ مصيبتن ۽ حقيقتن کي برداشت ڪرڻ جي سگھه پيدا ٿيو وڃي، اُن لاءِ آئون توکي به تاريخ پڙهڻ جو مشورو ڏيندس. خير انديش، تنهنجو “حيدر”.

 

حيدر بخش کوسو/سينٽرل جيل حيدرآباد