بلدياتي چونڊون ۽ سياسي اکاڙو!

سنڌ ۾ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ جتي سياسي پارٽيون پنهنجا ماڻهو ڪائونسلر جي سيٽن تي بيهاري رهيون آهن، اتي آزاد اميدوارن جو به هڪ وڏو انگ هن اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. بلدياتي ادارا جهموري نظام ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. روزمره زندگي جا ننڍا وڏا مسئلا هنن ادارن جي وسيلي حل ٿين ٿا. هنن ادارن جي فعال ٿيڻ سان شهر ۽ ڳوٺ خوبصورت ٿي سگهن ٿا. بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ بلدياتي ادارن کي ڪا خاص اهميت ناهي ملي سگهي. خاص طور تي سنڌ ۾ هي ادارا هر صوبائي حڪومت جي اثر هيٺ رهيا آهن ۽ وزيرن صلاحڪارن جي بي سبب مداخلت سبب انهن جا فنڊز هڙپ ٿيندا رهيا آهن. گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن کان پيپلزپارٽي هنن ادارن جو تمام خراب حشر ڪيو آهي، جنهن ۾ فنڊز جو ناجائز استعمال، گوسڙو ملازمن جي لوڌ ۽ ادارن کي سياسي رشوت عيوض ڪنهن چونڊيل نمائندي جي جاگير سمجهي عنايتون ڪرڻ وارو ڪلچر. اسان جي سنڌ جا سمورا شهر اهڙي تباهي جو زنده مثال آهن. اهڙي انڌير نگري کي نظر ۾ رکندي سڄي سنڌ ۾ گھڻا باشعور نوجوان مرد توڙي عورتون ميدان تي لٿل آهن، جن تي روايتي وڏيرا شاهي جو تمام گهڻو دٻاءُ آهي. ڪجھ ماڻهن هٿ کنيو آهي ته اڃا ڪافي اميدوار اهي سڀ مصيبتون برداشت ڪري ميدان تي ڄميل آهن. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته اهڙن اميدوارن جي هر طرح سان اخلاقي، مالي ۽ خاص طور تي ووٽ جي صورت ۾ ڀرپور حمايت ڪئي وڃي. جيستائين اسان جي قوم مقابلو نه ڪندي تيستائين وڏيرا شاهي جي هن چنگيزي ڄار مان جان ڇڏائڻ ڏکي آهي. تبديلي جي خواهش رکندڙ اهڙن سمورن اميدوارن کي اسان سلام پيش ڪريون ٿا ۽ سندن ڪاميابي لاءِ هر قسم جي سهڪار جو يقين ڏياريون ٿا.

عبدالجبار/ علي ٽائون، بدين

او سنڌي جوان جاڳ!

اسان سنڌ واسين سان ھر بار ويساهه گهاتي ٿئي ٿي، ووٽ وٺي وري ڪڏھن اسان جي در نه اچڻ وارو، ووٽ وٺڻ وقت ابن ڏاڏن سان ناطا جوڙي انھيءَ واسطن کي ياد ڪرائي پنھنجو ھجڻ جو فريب ڏيڻ وارو، مڃان ٿو ته مون کان غلطي ٿي آهي پر ھن ڀيري خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏيو جو ھر ڀيري ووٽ وٺڻ لاءِ ورجاءُ ڪرڻ وارو، نمائندگي ملڻ کان پوءِ مسڪينن لاءِ پنھنجا در سدائين بند رکڻ وارو، اقتدار ۾ ھوندي ڪنھن کي به نه سڃاڻڻ جو ڍونگ ڪرڻ وارو، مسڪين ماروئڙن کي ڪيڙا ماڪوڙا سمجھي چيڀاٽڻ وارو، عوام دشمن فيصلا ڪري عوام جو استحصال ڪرڻ وارو، ڪرسيءَ جي نشي ۾ مست ھاٿي بڻجي اٻوجهه عوام کي چٿڻ وارو، ووٽ وٺي پنج سالن تائين گم ٿي وڃڻ وارو، سالن جون رھيل عذرخواھيون ووٽن جي مُند ۾ ڪرڻ وارو، چمچن جي اثر ۾ اچي مسڪينن جو مارَو بڻجڻ وارو، ابن ڏاڏن کان وٺي غلامي ڪرائڻ وارو، ھر ڀيري ڪرسيءَ تي ويهي ھوش کان ٻاھر نڪرڻ وارو، غريب مسڪين ماروئڙن جي بجيٽ تي عيش عشرت ڪرڻ وارو، ٻين جي ٻچڙن جي وات مان گرھ ڪڍي پاڻ ۽ پنھنجي ٻچن کي کارائڻ وارو اڄ در تي آيو اٿئي. تو وٽ ووٽ جي وڏي طاقت آھي. انھيءَ کي سوچي سمجھي استعمال ڪجانءِ. ڪٿي پنھنجي ٿورڙي غلطيءَ جي ڪري پنھنجن ٻچڙن کي مستقبل ۾ غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ نه ڌڪي ويھين!

اعجاز علي سوڍر/ پي ايڇ ڊي اسڪالر، ميھڙ

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

اليڪشن جا ڏينھڙا ۽ ڀوتارن جا رويا!

موجوده صورتحال ڏسي دل چوي ٿي ته 12 ئي مھينا اليڪشن ھجي ڇو جو اليڪشن ايندي ئي ڀوتارن وٽ سندن ووٽر جي تمام گھڻي عزت آبرو ۽ احترام ھوندو آهي اھو به ايستائين جو سندن مطلب ۽ مفادات پورا ٿين، پوءِ جوڳي نه  ڪنهن جا مٽ. سو اھا ويڌن اسان سان اڄ ڪلھ جي نه پر اھو آزار اسان سان اسان جي ابن ڏاڏن کان وٺي پيري مريدي ۽ ڀوتارڪي نظام جي آڙ ۾ ھلندو پيو اچي ۽ اسان جا ابا ڏاڏا ته  اٻوجھ مسڪين ھوندا ھئا جيڪي مرشد يا ڀوتار جي ھلي اچڻ تي پنھنجا سڀ ڏک سک ۽ مفاد وساري سندن آئي جو آڌرڀاءُ ڪندا ھئا ۽ سندن کي ووٽ ڏئي کٽرائيندا ھئا ۽ ھاڻ به ساڳي مدي خارج روايت برقرار آهي، جتي چمچي جي ته عزت آهي پر پير مير ڀوتار وٽ سندس ووٽر جي عزت ناھي. سو اچو ته ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکي مدي خارج نظام ۽ مدي خارج پير مير ڀوتارن کي پنهنجي ڏيھ مان نيڪالي ڏئي تڙي ڪڍون ۽ مقامي اليڪشن ۾ ڪنهن پنهنجي لوڪل اميدوار جي چونڊ ڪري کيس ووٽ ڏئي کٽرايون جيئن اڳتي ھلي ھو اسان مسڪينن ۽ غريبن جو حال ڀائي ثابت ٿئي سو اچو ته ھن ڀيري پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ ڀوتارن کي ڇڏي آزاد حيثيت ۾ ٻيٺل اميدوان جي سپورٽ ڪريون ۽ کين ووٽ ڏئي کٽرايون ۽ ٻي ڳالھ ياد رکي ڇڏيو جيڪڏهن ھن ڀيري اسان ايئن نه ڪيوسين ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ گذريل 15 سالن جيان غلامي اسان جي مقدر بڻجي خون ۾ شامل ٿي نسل در نسل پئي ھلندي رھندي، سو اچو ته ھن ڀيري وقتي مفادن کي سائيڊ تي رکي پنهنجي ضمير کي جھجھوڙي پنهنجي حق ۽ ووٽ جو صحيح استعمال ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ايندڙ نسل جو مستقبل سڌاريون ۽ لاشعور نه پر باشعور ٿي باشعور ھجڻ جو ثبوت ڏيون جنهن ۾ ئي فقط بھتري ۽ ڀلائي آهي.

عبدالعزيز شر/ خيرپورميرس

ڪاڇي جوهي جي مڪاني چونڊن جو حال احوال!‎‎

پ پ تعلقي صدر عبدالمجيد جمالي، جنرل سيڪريٽري نقاد ٿهيم ۽ ٻين ٽڪيٽن جي ورهاست ڪندي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي. ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ هڪ ۾ پارٽي جي تعلقي اطلاعات سيڪريٽري جان محمد پهوڙ، 2 وارڊ ۾ صوبائي صلاحڪار ۽ لغاري برادري جي سردار ڊاڪٽر بنده علي لغاري جي ننڍي ڀاءُ علڻ خان لغاري، 3 وارڊ تي رٽائرڊ استاد ۽ اڳوڻي ڪائونسلر ظفر الله ڏاهري، 4 وارڊ ۾ پ پ جو اڳوڻو تعلقي صدر مرحوم بشير ٿهيم جو پٽ مير مرتضيٰ ٿهيم، 5 وارڊ تي اڳوڻي ٽائون چيئرمين ۽ پ پ تعلقي صدر عبدالمجيد جمالي، 6 وارڊ تي ڪاغذ پٽ ڪليئر نه هجڻ سبب ايم اين اي رفيق جمالي جي ڀائٽيي ۽ جمالي برادري جي سردار ڏاتل خان جمالي جي پٽ پريل خان جمالي ۽ علي محمد جمالي مان ڪنهن هڪ کي فائنل ڪيو ويندو، جڏهن ته 7 وارڊ ۾ ساڳو اميدوار زاهد لاشاري کي برقرار رکيو ويو ۽ 8 وارڊ تي پ پ سٽي جي صدر غلام نبي ٻٻر پ پ جا اميدوار هوندا. يوسي ٿرڙي جادو شهيد تي چيئرمين تي اڳوڻو چيئرمين ذوالفقار ٻٻر، وائيس چيئرمين تي ممتاز قمبراڻي، جڏهن ته ضلعي ڪائونسل تي محمد خان نائچ، يوسي ڦلجي وليج تي جمالي برادري جي سردار ڏاتل خان جمالي جي پٽ ساجد علي جمالي کي چيئرمين، وائيس چيئرمين محمد قاسم جمالي ۽ ضلعي ڪائونسل محمد خان جمالي، يوسي بهاولپور تي چيئرمين تي ايم اين اي ۽ پ پ جي ضلعي صدر رفيق جمالي جي ڀاءُ زبير جمالي کي چيئرمين، جڏهن ته ٻئي ڀاءُ سعيد جمالي کي ضلعي ڪائونسل تي هن ڀيري به اميدوار برقرار رکيو ويو آهي، وائيس چيئرمين تي سعيد اقبال، پير مشائخ يوسي تي چيئرمين شفيع محمد لغاري، وائيس چيئرمين محمد شريف پنهور، جڏهن ته ضلعي ڪائونسل تي عيد خان گاڏهي ۽ حاجي علي شير لنڊ مان ڪنهن هڪ کي ٽڪيٽ ملندي، يوسي پٽ گل محمد تي اڳوڻو چيئرمين لطف الله لغاري کي هن ڀيري به چيئرمين جي اميدوار طور برقرار رکيو ويو، وائيس چيئرمين عبدالحميد لغاري ۽ ضلعي ڪائونسل تي عطاءُ الله مستوئي، يوسي ٽوڙ تي به اڳوڻو چيئرمين جبار خان اميدوار  هوندو، وائيس چيئرمين محمد امين لغاري ۽ ضلعي ڪائونسل تي نذير خان لغاري اميدوار هوندو، يوسي ڊگهه بالا تي رئيس احمد خان لغاري چيئرمين، وائيس چيئرمين مقامي صحافي طالب سرهيو ۽ ضلعي ڪائونسل تي سماجي اڳواڻ طارق ڏاهري، واهي پانڌي يوسي جو چيئرمين علي غلام لغاري، ضلعي ڪائونسل تي ميرتاج رستماڻي، جڏهن ته وائيس چيئرمين جي اميدوار جي نالي تي اتفاق نه ٿي سگهڻ سبب ان کي انتظار ۾ ويهاريو ويو آهي.

علي رضا جمالي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

سنڌ ۾ ٻارن کي پڙھائڻ وارو عزم ۽ حڪومت سنڌ !

پٿر جي دور ۾ جڏهن طاقت جو سرچشمو جسماني مضبوط جوڙجڪ ۽ ڏاڍ ڏهڪاءُ توڙي لشڪري افرادي قوت هوندي هئي تنهن دور ۾ به جيڪو سڀني کان سياڻو حرفتي ۽ اٽڪلي مڪار هوندو هو، جيڪو شڪار کي سولائيءَ سان ڦاسائي سگهي يا دشمن کي ڀاڙيو ڪري ڀڄائي سگهي، تنهن جي سندس قبيلي ۽ راڄ ڀاڳ ۾ عزت وڏي هوندي هئي. وقت گذرندو رهيو ماڻهن جون گهرجون بدلجنديون رهيون، شين کي ماپڻ تورڻ جا پيمانا مٽجندا رهيا، علم ۽ ڄاڻ وڌندي رهي، جنهن جي حاصلات سان ماڻهو ترقيءَ جون راهون طئي ڪندو رهيو، علم و هنر جي مدد سان دنيا ۾ وڏا وڏا معاشي، اقتصادي، ثقافتي ۽ مذهبي انقلاب آندا ويا، جن عالمِ انسانيت جي زندگي جهنم مان جنت بڻائي ڇڏي. علم و هنر جي اهڙي اهميت ڏسي دنيا جون قومون پنهنجي اندر علمي ماحول پيدا ڪري علم و هنر کي رائج ڪري پنهنجي اندر ڪيترائي وڏا داناءَ، مفڪر ۽ ڏاها، سائنسدان پيدا ڪيا جيڪي نه رڳو پنهنجي پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪارائتيون ايجادون ڏئي ويا پر پوري انسانيت سندن ايجادن مان لاڀ پرائي رهي آهي. دنيا ۾ ترقيءَ جو معيار به ان ڳالهه تي ٻڌل آهي ته ڪهڙي قوم ۽ ڪهڙي ملڪ جا وڌ ۾ وڌ سائنسدان پيدا ٿيا آهن، تنهن ڪري هر ملڪ پنهنجي اندر وڌ ۾ وڌ پئسو خرچ ڪري اعليٰ قسم جا تعليمي ادارا ۽ تحقيقي مرڪز قائم ڪري رهيو آهي، شهر شهر توڙي وستي واهڻ ڳوٺ ڳوٺ ۾ اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کولي جديد علمَ پڙهايا وڃن ٿا. ترقي يافتا ملڪن جي ڪاميابيءَ جو واحد راز سندن معاشري ۾ علم کي عام ڪرڻ آهي ۽ استادي واري شعبي کي ٻين مڙني شعبن کان مٿي ڀانيو ويو آهي.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

شهيدن جي وارثن سان عجيب مذاق!

11.06.2021 تي دادو واسين زائرين سان ڀريل گاڏيءَ سان خضدار لڳ ڀلونڪ ۾ المناڪ حادثو پيش آيو هو، نتيجي ۾ 20 نوجوان  ٿڏي تي شهيد ٿي ويا هئا ۽ 60 ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا، سي به دوا دارون بعد به معذور ٿي ويا، ڪنهن جي ڄنگھ ڪٽجي وئي تي ڪنهن کي يوريو بيگ لڳايا ويا، بس رب طرفان انهن کي زندگي ملي وئي، حادثي جي متاثرن جي سنڌ حڪومت ڪا به مدد نه ڪئي نه ئي ڪا امداد ڏني نه ئي ڪو حڪومتي نمائندو شهيدن جي وارثن سان تعزيت لاءِ پهتو، افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته وزير اعليٰ سنڌ جو ڳوٺ به دادو کان 10 يا 12 ڪلوميٽرن تي آهي، ان به ڪڏهن شهيدن جي وارثن لاءِ آٿت جا ٻه لفظ به نه ڳالهايا. سنڌ حڪومت هڪ بيان ۾ چيو ته خضدار حادثي ۾ دادو واسي شهيد ٿيلن جي وارثن کي 28 لک ڏنا ويا آهن. هي سنڌ حڪومت جو غلط بيان آهي دادو واسي شهيدن جي وارثن کي پئسا نه مليا آهن، غلط بيانن جو مقصد ڇا آهي؟ هن حادثي ۾ آئون پاڻ موجود هيس منهنجو ڀاءُ به هن حادثي ۾ شهيد ٿي ويو هو ۽ جيڪي ٻيا نوجوان شهيد ٿيا انهن جي وارثن سان منهنجا واسطا آهن. حڪومتي بيان موجب اهي پئسا شهيدن جي وارثن کي ڏنا ويا پر خضدار واقعي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن کي هڪ رپيو به ناهي مليو، ان جي جاچ ڪرائي وڃي ته اهي  پئسا 28 لک جيڪي ڪاغذي لکت موجب ڏنا ويا آهن اهي ڪنهن جي اڪائونٽ ۾ هليا ويا؟ ڪراچي ۾ چيني استادن جي وين تي بم ڌماڪي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن کي 2،2 ڪروڙ  معاوضو، صنعتن واري کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري آغا فخر کي هڪ ڪروڙ 12 لک جي گرانٽ ڏني وئي، اداڪار عمر شريف جي وارثن کي 4 ڪروڙ ڏنا ويا، اڳوڻي وزيراعظم لياقت علي خان جي پٽ اڪبر علي خان کي ٻه ڀيرا گرانٽ ملي جنهن جي مالي مدد ۾ 27 لک مجموعي طور تي ڏنا ويا. فئنانشنل گرانٽ جي مد ۾ مختلف انسٽيٽيوٽ کي 39 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا. صدر بم ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين کي 24 لک ڏنا ويا. لاڙڪاڻي ۾ ڄاڃين سان بس حادثو پيش آيو هو جنهن ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 36 زخمي ٿيا انهن کي هڪ ڪروڙ 17 لک رپيا معاوضو ڏنو ويو، ڪراچي جي رهائشي محمد عامر خان کي ڪروڙ 40 لک، اڳوڻي سينيٽر عثمان ڪاڪڙ 4 لک 77 هزار جو معاوضو ڏيڻ جي سنڌ حڪومت واري دعويٰ آهي، اها دعويٰ ڪيتري حقيقت تي ٻڌل آهي، ان جي جاچ جي ضرورت آهي.

اصغر علي جمالي/ دادو

ڦليلي واھه حيدرآباد باءِ پاس کان پريٽ آباد، ريلوي ٽريڪ بحال نه ٿيو!

ڦليلي واھ حيدرآباد جي باءِ پاس کان پريٽ آباد تائين ساڄي ڪناري بهترين روڊ ٺهي چڪو آهي، جنهن تي سفر ڪري سگهجي ٿو پر پريٽ آباد يا گجراتي محلي کان ڪجھ حصو رولڙي جو شڪار بڻيل آهي، پريٽ آباد کان ريلوي ٽريڪ کان اڳتي ٺهيل روڊ تائين رسائي ممڪن ناهي. جنهن لاءِ اسلام آباد ڦاٽڪ کان گذرڻو پوي ٿو. ضلعي انتظاميا آهيو روڊ اڳتي گهانگهرا موري تائين بحال ڪري ته شهر جي وڏي ڏکيائيءَ آسان ٿي پوندي ۽ ڦليلي واھ جو ساڄو ڪنارو مڪمل بحال ٿي ويندو، ساڳي واھ جو کاٻو ڪنارو اڃا تائين قبضي هيٺ آيل آهي جنهن جي بحالي گھربل آهي جيڪو باءِ پاس حيدرآباد کان ويندي فتح چوڪ يا گهانگهرا موري تائين مڪ ل قبضي هيٺ آيل آهي، باقي پنياري واھ جا ٻئي ڪنارا بلڪل خالي صاف ۽ قبضي کان آزاد ٿي چڪا آهن.

شبير کوکر/حيدرآباد

ڇا 2 هزار سان مهانگائي ختم ٿي سگهجي ٿي؟‎‎

اسان جي ملڪ ۾ جيتريون به سياسي پارٽيون اقتدار ۾ آيون انهن غربت گھٽ ڪرڻ لاءِ ڪي خاص اپاءَ وٺڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي پر رڳو کوکلا اعلان ڪري غريبن کي وڌيڪ غريب ڪندا ويا ۽ اهڙيون پاليسيون ٺاهيون جن ۾ نالو غربت ختم ڪرڻ جو ۽ فائدو سدائين بزنس مينن کي ئي ٿيو آهي ۽ امير وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي ۽ غريب جي نصيب ۾ رڳو بک، بدحالي ۽ آپگھات ئي بچيا! اهڙي طرح غريبن لاءِ ڪو انڊسٽريل پروگرام ڏيڻ بجاءِ ماڻهن کي پنڻ سيکاريو ويو آهي، ڪڏهن بينظير ڪارڊ ته ڪڏهن وطن ڪارڊ ته ڪڏهن احساس ڪارڊ ۽ انهن پئسن مان غريب ماڻهو ڪا به شيءِ ٺاهي نه سگهيو، جيڪڏهن انهن ڪارڊن مان ڪنهن کي فائدو ٿيو ته اهو صرف ۽ صرف ايجنٽ ۽ ڪامورن کي ٿيو آهي ۽ اهي راتو رات مالامال ٿي ويا ۽ غريب عوام اڄ به ڌڪا کائي رهيو آهي، جيڪو يقينن شرم جوڳو عمل آهي. مٿان وري نئين امپورٽ حڪومت ڏکيا فيصلا ڪري پنهنجي ڪرسي ته بچائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي پر عوام کان زهر کائڻ جو به حق کسي ورتو آهي، مٿان حڪومت اعلان ڪيو آهي ته هر ماڻهو کي 2 هزار رپيا ڏنا ويندا، جن سان اهي بس جو ڪرايو ڀري سگهي ٿو، گهر جو راشن وٺي سگهي ٿو، موٽر سائيڪل ۾ پيٽرول ڀرائي سگهي ٿو، ٻارن جي اسڪول جي فيس ڀري سگهي ٿو، بيماري ۾ اسپتال جي فيس ڀري سگهي ٿو، اسٽور تان دوائون وٺي سگهي ٿو، ليبارٽري مان ٽيسٽون ڪرائي سگهي ٿو، سندس مرده جسمن لاءِ ڪفن خريد ڪري سگهي ٿو، يعني غريب سڀ ڪم 2 هزار ۾ ڪري غربت مان جند ڇڏائي سگهندو!؟ شرم نٿو اچي اسان جي حڪمرانن کي باقي سڀ اچي ٿو، 2 هزار ۾ ملي ڇا ٿو؟ ڪڏهن ڪنهن غريب سان هڪ ڏينهن گذاري ته ڏسو!

گستاخ رسول ﷺکي سخت سزا ڏيو!‎‎

ھندستان جي حڪمران جماعت بي جي پي جي مرڪزي اڳواڻن طرفان محسن انسانيت ۽ خاتم النبييين حضرت محمد مصطفي ﷺ جي شان ۾ ڪيل گستاخي کان پوءِ ھندستان سوڌو سڄي دنيا ۾ ان خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آھي ۽ مسلمان اھو مطالبو ڪري رھيا آھن ته گستاخ رسول کي سخت سزا ڏني وڃي پر اڃا تائين رڳو انھن جي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آھي، کين ڪا به سزا ناھي ڏني وئي، جنھن تي سڄي دنيا جا مسلمان سراپا احتجاج بڻيل آھن، سزا ڏيڻ ته پري جي ڳالھ پر فاشسٽ مودي سرڪار ھندستان ۾ احتجاج ڪندڙ انھن معصوم مسلمانن تي بدترين تشدد ڪري رھي آھي ۽ انھن جون ملڪيتون ڊاٿيون پيون وڃن، ھڪ شاگردياڻي عائشه رينا تي ٿيندڙ تشدد ميڊيا تي سڀني ڏٺو، اھو آھي ظالم ۽ جابر مودي سرڪار جو بدترين چھرو پر افسوس جو ان معاملي تي سڄي دنيا خاموشيءَ سان ويھي تماشو پئي ڏسي ڪو به اھڙو ناھي جيڪو مودي سرڪار جا ھٿ روڪي، جي ڪٿي ڪا دھشتگردي ٿئي ٿي ته بنا ڪنھن جاچ جي ان جو الزام مسلمانن تي مڙهي انھن تي پابنديون لڳايون وڃن ٿيون پر ھتي ڪو والاريل ڪشمير يا هندستان ۾ بي جي پي جي ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿارڻ وارو ڪونھي، ڇا مودي اھڙو ڏاڍو آھي جو ڪو به ان خلاف نٿو ڳالھائي؟ ياد رکو جي ھاڻ به ڪنھن ان جبر ۽ ظلم خلاف آواز نه اٿاريو يا جاکوڙ نه ڪئي ته قيامت جي ڏينهن اسان سڀ رب جي بارگاھ ۾ ڏوھي ٿي حاضر ٿينداسين.

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

قيديءَ جي ڊائري!

ماءُ جي دعا، جنت جي هوا!

(حصو پهريون)

اڄ دل ٿي چوي ته آئون اوهان جي جھوليءَ ۾ سمهي ننڍ ڪريان، اوهان سان ويهي کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيان ۽ اوهان جي هٿن سان پڪل ماڻي کاوان پر افسوس جيجان جيل جون هي وڏيون وڏيون ديوارون مون کي اوهان ڏانهن اچڻ کان روڪين ٿيون. يا شايد مان بدنصيب آهيان جو اوهان جي پيار جي قابل ناهيان رهيو، اوهان جي هوندي به آئون اوهان جي پيار لاءِ سڪان پيو، شايد منهنجي نصيب ۾ اوهان جو پيار ايترو ئي لکيل هو. جيڪو اوهان مون کي ننڍپڻ ۾ ڏنو هو. اڄ به آئون ڪڏهن دُعا لاءِ هٿ مٿي کڻندو آهيان ته سڀني کان پهريان اوهان جي حياتيءَ لاءِ دعا گھرندو آهيان، مُون کي اڃا به اوهان کان کوڙ سارو پيار کپي، جيڪو مون کي ناهي مليو، جنهن لاءِ آئون اڃان سڪندو آهيان، منهنجي پياري جيجان تون ڪيڏي نه سٻاجھڙي آهين، تنهنجي دل ايڏي نه حساس آهي جو شايد ٻئي ڪنهن جي به نه هجي، مون کي ڪورٽ ۾ هٿڪڙين ۾ ڏسي تو روئي ڏنو هو، آئون ڪيڏو نه بدنصيب، لاچار، غلامن جيان هئس جو تنهنجا اهي وهندڙ لڙڪ به اکين مان اگھي نه سگھيس جيڪي لڙڪ تنهنجي اکين مان وهي هيٺ ڪري رهيا هئا، مون سوچيو هو ته اوهان مون کي ظالم سپاهين جي وچ ۾ ڏسي بابا سائين جيان اچي مون کي آٿت ڏيندا، پنهنجي سيني سان لڳائي منهنجي ڳلن تي ٻه ٽي مٺيون ڏيندا پر مان اهو وساري ويٺو هئس ته اوهان هڪ ماءُ آهيو، اوهان جا جذبات اولاد جي سامهون اچي دم پرواز ڪري ويندا آهن، اوهان پاڻ کي سنڀالي مون کي چوندئو ته پٽ! دلير ٿيءُ، پاڻ کي هن ڏکي گھڙيءَ ۾ سنڀال ۽ پاڻ مٿان هن هر ان ظلم کي منهن ڏي جيڪو ظلم تنهنجي مٿان ٿيو آهي، متان اسان کي دشمنن سامهون لڄي ڪرين پر چڱو ٿيو ته اوهان پاڻ کي منهنجي فريادين آڏو دلير عورت طور پيش ڪيو ۽ منهنجي ڀرم کي اڃا مٿي ڪيو. (جاري)

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد