ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آھي!

 

ڪوشش ھڪ اھڙي شئي آھي جيڪا ناڪام ماڻھو کي به ڪامياب ڪري سگھي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪوشش ڪرڻ جا نتيجا هميشه سٺا نڪرندا آھن پر شرط اهو آھي ته پوري ڪوشش ۽ جدوجهد هجي، انسان ڪامياب تڏھن ٿي سگھي ٿو جڏھن ھو پوري ڪوشش ڪري، اها هڪ حقيقت آھي ته جڏهن به انسان زندگي جي ڪنهن به معاملي ۾ ناڪام ٿيندا آھن ته انهن مان اڪثر ان ناڪاميءَ جو سبب يا ته رب جي طرف منسوب ڪندا آھن يا وري قسمت جو لکيل چئي پنهنجي وجود کي تقدير جو قيدي بڻائي ڇڏيندا آھن، جڏهن ته ناڪاميءَ جو سبب ڪوشش نه ڪرڻ هوندو آھي. هڪ ھاري پنهنجو پورو گذر سفر فصل تي رکندو آھي، مطلب ته ان جي ڪاميابي ڀلي فصل تي آھي، هاڻي جيڪڏهن اهو هاري پنهنجي پوري توانائي ۽ طاقت ۽ پوري ڪوشش سان ڏينھن رات محنت ڪندو ته ان جو فصل بهترين ٿيندو ۽ هو پنهنجي ڪاميابيءَ کي دل سان محسوس ڪندو ۽ سڪون حاصل ڪندو ۽ ان جي چهري تي خوشيءَ جا آثار نمايان هوندا آھن، يقينن ان جو سبب ان هاري جي ڪوشش ۽ جدوجهد آھي، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ڪو به انسان چاهي ٿو ته هو زندگيءَ ۾ ڪامياب ٿئي ته هن کي تمام گهڻي محنت ۽ ڪوشش ڪرڻي پوندي تڏهن ئي هو زندگي ۾ عظيم ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

مهانگائيءَ کي ڪيئن ختم ڪجي؟

 

مهانگائي پاڪستان ۾ هر روز وڏي ره ياهي، جيڪا خبر ناهي اڳتي هلي ڇا ڪندي، ان جي باري ۾ ڪو به سوچي نٿو، ڪافي وزير عقل وارا ڪافي جج صاحبان آهن پر اها سوچ ڪير به نٿو ڪري ته مهانگائيءَ کي ڪيئن ختم ڪجي؟ مهانگائيءَ کي ختم ڪرڻ ۾ آئون اوهانکي ٻڌايان ٿو ته ڇا ڪرڻ گھرجي، سڀ کان پهرينا زميندارن ۽ هارين کي ٻج ڀاڻ بنا وياج جي قرض ڏنا وڃن انهن کي چيو وڃي ته هو گھڻا فصل پوکين، جن ۾ ڪڻڪ، ساريون، ڪمند، داليون، سايون ڀاڄيون، تيلي ٻج تمام گھڻا پوکين، انهن جي پيداوار شهرن ۾ کڻي اچن ته اگھه گھٽبو، ان سان جنسن جي اگھن ۾ سستائي ٿيندي، اٽو، گيهه، کنڊ، ڀاڄيون سستيون ٿينديون. ٻيو ته هر شيءِ تي ٽئڪس لڳو پيو آهي ان کي يا ته ختم ڪيو وڃي يا تمام گھٽ ڪيو وڃي، جيڪڏهن ٻاهران گھرايل شين ۽ ملڪي پيداوار تان ٽئڪس ختم ڪيو ويندو ته تمام گھڻي سستي ٿيندي. ٽيون اهو ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ ننڍيون ننڍيون گاڏيون بند ڪري بيهاريو، گھر ۾ گر ۾ پنج پنج اسڪوٽر آهن جيڪي روڊن ۽ شهرن ۾ ماڻهن کي هلڻ نٿا ڏين، ٽي حصا ننڍيون گاڏيو بند ڪري ڇڏيو باقي چوٿون حصو وڏيون گاڏيون هلايو جيڪي منزل ڪرڻ لاءِ هجن. شهرين جي چرپر يعني سواريءَ جي لاءِ جانورن واريون گاڏيون يعني ٽانگا وغيره هلايا وڃن، شهر ۽ ان جي آس پاس لاءِ بهترين سواري آهي، جيڪڏهن موٽر سائيڪلن جي جاءِ تي پيڊل سائيڪلون، ڊيزل وارين گاڏين جي جاءِ تي گھوڙا گاڏيون، ڏاند گاڏيون ۽ اٺ گاڏيون هلايون وڃن ۽ پيٽرول جي کپت گھٽ ٿيندي ته اهو سستو ٿي ويندو.

 

امير بخش مهر/ماتلي، بدين

 

پنوعاقل ۾ منشيات جو ڪاروبار عروج تي!

 

پوليس انتظاميا جي پٺڀرائي جي ڪري پنوعاقل شهر ۾ منشيات جو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو آهي. خاص ڪري ڪجھ مخصوص گهرن ۽ پاڙن ۾ منشيات جو ڪاروبار نامي گرامي بدنام زمانا ڊيلر ۽ منشيات فروش ڪري رهيا آهن، انهن جون عيدون ٿي ويون آهن. پوليس انتظاميا منٿليون ملڻ کان پوءِ خاموش تماشائي بڻجي ويهي ٿي رهي ۽ منشيات جي واپارين سان ڳٺ جوڙ هجڻ کان پوءِ انهن جو ڪم زور پڪڙي وٺي ٿو، جنهن جي خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي ڪو نه ڪئي ٿي وڃي. ياد رهي ته اهو ناسور نه رڳو هتي پر سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ آهي جنهن جي ڪري نوجوان نسل نشو واپرائڻ ڪري پنهنجون زندگيون تباهه ۽ برباد ڪري رهيو آهي. هن ڪم ۾ خاص ڪري عورتون ۽ مرد ملوث هجن ٿا. شهر جي سياسي، سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين طرفان ڊي پي او سکر کي هن خط ذريعي گذارش ڪئي آهي ته خدارا اهي وس وارا هن ناسوري ڪم ڪندڙن خلاف عملي قدم کڻن، تان جو ان ڪم ڪندڙن جو زور ٽٽي ۽ نوجوان نسل جو نشو واپرائڻ کان بچاءُ ٿي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

اسان اڌارا آڻي آونگ چاڙھيا!‎‎

 

گل! الئي ته ڪنهن جون سٽون آھن پر ڪمال جون آھن ته“مرندا صرف ماڻھو ناهن پر تمنائون به شھيد ٿينديون آھن” فرق صرف اهو آھي ته جنازي کي ڪلهي تي کنيو ويندو آھي پر تمنائن کي صرف چند سڏڪن ۽ ڳوڙھن جو ڪلهو نصيب ٿيندو آھي. گل، ڪالھ وري امان هڪ فقير کي ڏاڍو جهڻڪيو ته هو صبح سوير گهٽين ۾ گوڙ ڇو ٿو ڪري. گل امان جي ان رويي تي ڏاڍو ڏک ٿيو پر سچ پڇين ته گهر اهو سٺو ناهي جيڪو تمام گهڻو عاليشان ٺھيل هجي پر گهر اهو سٺو آھي جنهن جي در تان ڪو خالي نه موٽيو هجي. گل، هڪ سهيليءَ ٻڌايو ته هوءَ پيپر ڏئي واپس اچي رهي هئي ته ڪجهه اوباش ڇوڪرا سندس دڳ جهلي بيهي رهيا. هوءَ ڏاڍي ڊنل آھي، ايندڙ پيپر تي وڃڻ لاءِ نابري واري ويٺي آھي. گهڻو سمجهايو اٿمانس ته جيڪڏهن سسئي جبل جهاڳي سگهي  ٿي، سهڻي سانوڻي جو دريا پار ڪري سگهي ٿي ۽ مائي جندو انصاف لاءِ نٽھڻ اس ۾ پير پٿون ڪري سگهي ٿي ته پوءِ ڇا تون ٽڪي جي اوباش ڇوڪرن سان مهاڏو اٽڪائي نٿي سگهين؟ گل سچ اهو آھي ته اهڙن بگهڙن ۽ سماجي تحفظ نه هئڻ ڪري ڪيتريون ئي نياڻيون تعليم جي زيور کان محروم آھن. نياڻين جي تعليم واري جاڳرتا مهم ۾ تنهنجا چيل اهي لفظ مون کي اڄ به ياد آھن ته “پنهنجي نياڻين کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ روڪڻ کان بهتر آھي ته پنهنجن لاڏلن پٽن کي سمجهايو ته اهي ٻاهر نڪرندڙ هر ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڀيڻ سمجهي سندن عزت ڪن.” گل! واقعي هر شخص ڪهاڻي آ. ساحلي پٽي جي ڪنهن ڳوٺ وٽان گذرندي ڪنهن ڪکائين گهر وٽ دم پٽيوسين. 1999 واري طوفان جو ذڪر ڇيڙيوسين ته وڻجارن جون سارون ساريندي سندن گهر جي عورتن جي اکڙين ۾ ڳوڙھا تري آيا، آئون به روئڻھارڪي ٿي پيس. لطيف سرڪار پي ڳايو ته:

اسان اڌارا آڻي، آونگ چاڙھيا،

منهن ڏيئي مون آئيا، سمهان سيارا،

اڀرن سيڪارا، پسيو ور ٻين جا.

 

غلام علي گل/ٻيلو، سجاول

 

ڪاش ھر ماڻھوءَ جي اھا ئي سوچ ھجي!

 

معمول موجب ڪالھ لاھوتيءَ واري ھوٽل تي منجھند جو چانھ چُڪي پيئڻ لاءِ ويس، بيري کي چانھ جو چئي موبائيل ۾ محو ٿي ويس، شھر اندران توڙي ٻاھر اليڪشن ورڪ لاءِ نڪرندڙ مختلف پارٽين جي اميدوارن جون گاڏيون ۽ پنھنجي حمايت ۾ ٺھرايل وڏي آواز سان ھلندڙ جڳاڙي ڪلامن مون سميت سڀني ماڻھن کي بيزار ڪري ڇڏيو ھو، ايتري ۾ ھوٽل ۾ ھڪ نابين فقير ننڍڙي ٻار سان گڏ جھيڙيندي ھوٽل ۾ داخل ٿيو، مار خدا جي پوين شال پنج سال الاءِ ڪيڏانھن گم ھئا، ھينئر اليڪشن جي مند ۾ اچي ظاهر ٿيا آھن، جھيڙيندو ماڻھن کان خير گھرندو پئي ويو، آئون کيس غور سان ڏسي ۽ سندس ڳالھيون غور سان ٻڌي رھيو ھئس، ايتري ۾ فقير مون تائين پھتو خير گھري پاڻمرادو چوڻ لڳو رات اسان وٽ ماضيءَ جا چور گاڏيون ڀري ووٽن لاءِ آيا ھئا، پنج سالن کان گم ھئا، علائقي واسين جي ڏک سک ۾ شامل ناھن ھينئر آيا آھن ووٽ وٺڻ. مون کانئس پڇيو چاچا ووٽن لاءِ ڪير آيا ھئا اوھان وٽ؟ نالو وٺڻ کان سواءِ چيائين پاڻ وارا اھي ڀوتار، مون کانئس چيو چاچا پوءِ اوھان جو ڇا خيال آھي، کين ووٽ ڏيندئو؟ چيائين ابا اڃا ووٽن جا حقدار آھن؟ مون سميت ڪيترن مسڪينن کي پنڻ تي مجبور ڪيو اٿن، آئون کين ووٽ ڪونه ڏيندس پر علائقي جي سڀني ماڻھن کي گھرجي ته ماضيءَ جي انھن آزمايل اميدوارن کي ووٽ نه ڏين پر ماڻھو ايئن ڪندا ڪو نه، ڇو ته ماڻھو منافق آھن، پرپٺ انھن جون گلائون ڪندا ۽ ٻئي طرف پنھنجا نمبر وڌائڻ لاءِ کين ضرور ووٽ ڏيندا، مون کيس چيو ته چاچا بقول اوھان جي ماڻھو کين ووٽ ضرور ڏيندا پوءِ اوھان جي ووٽ ڏيڻ نه ڏيڻ سان کين ڪھڙو فرق پوندو؟ فقير مون کي ھڪ جملي سان لاجواب ڪندي چيو ته پٽ ھر ماڻھو پنھنجي نفعي نقصان گناهه ثواب جو ذميوار پاڻ آھي، سو ووٽ ھڪ امانت آھي آئون ڪنھن ديانتدار کي ڏيندس، ھٽ ۾ گھٽ، خدا آڏو جوابده ٿيڻ ۽ ضمير جي ملامت ڪرڻ کان بچي پوندس، چاچي فقير جي انقلابي ڳالھين ۽ سنده سوچ تي ڏاڍي سرھائي ٿي، سوچيم ته ڪاش ھر ماڻھو جي اھا سوچ ھجي جيڪا هن غريب فقير جي آھي.

 

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي

 

انگريزي هاري ۽ اسان جا هاري

 

آمريڪا ۾ ڪل 26 لک هاري آهن، زراعت منجهان 1056 ارب ڊالر ساليانو ڪمائي ٿو جڏهن ته پاڪستان وٽ 9 ڪروڙ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ريت زراعت سان لاڳاپيل آهن پر پوءِ به پاڪستان جي زراعت ۾ ساليانو آمدني 50 ارب ڊالر آهي، انهيءَ جو سئنون سڌو مطلب ته اسان هيستائين زراعت جي شعبي ۾ رڳو ٽٽ مشڪريون آهن، محنت ناهي ڪئي، نيڌرلينڊ ايراضيءَ ۾ سنڌ جيترو ملڪ آهي پر سڄي دنيا کي کاڌ خوراڪ پھچائيندڙ ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي! نيڌرلينڊ زراعت ۾ ڪيترو ناڻو ڪمائي ٿو ان جو اندازو صرف ان ڳالھ مان لڳايو ته صرف گل ڦل ۽ ننئڙا ٻوٽا سڄي دنيا ۾ ايڪسپورٽ ڪري اربين ڊالر ناڻو ڪمائي ٿو. ڳالھ رڳو هتي ڪونه ٿي کٽي، سعودي عرب ۽ اسرائيل ريگستاني ويران علائقن کي سائو بڻائي آبادي ڪن پيا، ڇو ته دنيا  ڄاڻي چڪي آهي ايندڙ وقت کاڌ خوراڪ جو هوندو، جنهن ملڪ زراعت ۾ پير پختا ڪيا ان ملڪ جي معيشت سڳهاري هوندي، اهوئي سبب آهي ته دنيا زراعت ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، هاڻ ته ٻنين ۽ فصلن ۾ ڊرون سيٽلائيٽ ڊوڙن ٿا، جيڪي هر روز فصلن کي مانيٽر ڪن ٿا، جديد مشينون پاڻي لاءِ آٽوميٽڪ پائيپ لائينون جيڪي فصل جو پاڻي پورو ٿيڻ شرط پاڻهي بند ٿي وينديون ڪٿي به ليبر جي ضرورت ناهي، سڀ ڪم مشينون ڪن ٿيون، يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٻنين ۽ فصلن لاءِ هاڻي ماڻهو نه پر مشينون ضروري آهن. فصل کي پاڻي جديد ايريگيشن نظام تحت ملي ٿو، جيت مار دوائن جو اسپري ڊرون ڪن ٿا، ڀاڻ ۽ مصنوعي کاڌ خوراڪ آٽوميٽڪ روبوٽ ڏين ٿا، تيار فصل مشينون پاڻ وڍين پاڻ کڻن، هر هفتي يا 15هين ڏينهن زرعي يونيورسٽي يا زراعت سان لاڳاپيل ماهر فصلن جو جائزو وٺن ڀاڻ دوائون ۽ اسپري بلڪل معياري ۽ اصلي ڏين ٿا جنهن ڪري انهن وٽ هر فصل بمپر ٿئي ٿو. آمريڪا ۾ هاري رڳو ڪڻڪ ڪپھ يا ميجر فصل پويان نٿا هلن پر هر فصل پوکين ٿا ۽ مختلف فصل پوکين ٿا جيئن پاڻ وٽ  ڪجھ هاري يا زميندار ڪپھ جو فصل پورو سال ئي هلائيندا آهن، اسان وٽ زراعت ۾ گهٽ اپت جا بنيادي ڪارڻ هي آهن، هڪ اڻ پڙهيل هاري، اڄ به سنڌ جو هاري ٻني ٻاري ۾ رواجي ۽ پراڻا طور طريقا استعمال ڪري ٿو، جڏهن ته زراعت ۾ جدت آڻي وڏي پئماني تي خوشحالي آڻي سگهجي ٿي ٻيو زراعت ۾ جديد مشينري جي کوٽ، ٽيون پاڻيءَ جي گهٽتائي، چوٿون نقلي ٻج ڀاڻ، اسپري ۽ دوائون. پنج واپاري طبقي جي اگهن تي مرضيءَ ۽ ڪنٽرول جيڪڏھن انهن ڳالهين تي حڪومت ڌيان ڏئي ته سنڌ ۾ زراعت ۾ معاشي انقلاب اچي سگهي ٿو.

 

منيش ڪمار جسواڻي/ پٿورو

 

ٽچ موبائيل، ڪاپي ڪرڻ جو اھم ذريعو بڻيل!

 

جيئن جيئن دنيا تيزيءَ سان ترقي طرف گامزن آهي، تيئن تيئن نت نوان طور طريقا اپنايا وڃن ٿا، ايئن ئي شاگردن کي امتحان دوران ٽچ موبائيل تمام گھڻي مددگار بڻجي چڪي آهي، اڳ شاگرد امتحان لاءِ گائيڊون خريد ڪري تياري ڪندا ھئا، اڳئي ڪلاس روم ۾ امتحان دوران موبائيل کڻي اچڻ منع ھوندي ھئي پر ھاڻي موبائيل کان سواءِ ڪو به شاگرد امتحاني سينٽر ۾ پاڻ کي اڻپورو ٿو سمجھي ۽ امتحاني عملي پاران شاگردن کي ٽچ موبائيل جي بلڪل اجازت ڏني ويندي آھي، جنھن دوران والدين ۽ شاگردن جا مددگار گھر ويٺي واٽس ايپ گروپس وسيلي سولائيءَ سان پيپر حل ڪرائي رھيا آھن ۽ مڪمل پيپر حل ڪرائڻ لاءِ ھڪ گروپ ٺاھي سڀئي شاگرد ان گروپ ۾ ايڊ ٿي بنا ڪنھن ڊپ جي سولائيءَ سان پيپر حل ڪرائي رھيا آھن. تازو 11 جون کان شھيد بينظير آباد بورڊ جي نگرانيءَ ۾ ھلندڙ 11ھين ۽ 12ھين ڪلاس جا امتحان ضلعي نوشهروفيروز جي ڪاليجن ۽ ھائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ ڪاپي جي ڌام ڌوم سان جاري رهيا، جنھن ۾ ٽچ موبائيل جو اھم ڪاپي ڪرائڻ ۾ ڪردار رھيو آھي، پنھنجا نوازي، سفارش ۽ رشوت خوري ڪاپي ڪرڻ جي پاڙ بڻيل آهي، تعليم کاتي ۽ بورڊ انتظاميا جا ڪاپي روڪرائڻ وارا اعلان اڌورا ۽ عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻجي چڪا آهن، اڳتي امتحاني سينٽرن تي قلم 144 سختيءَ سان لاڳو ڪيو ويندو هو پر ھاڻ امتحان دوران غير واسطيدار من پسند سفارشي ماڻهو امتحاني سينٽرن ۾ امتحان دوران ھجوم جي صورت ۾ نظر ايندا آھن، اڳي بورڊ جون ٽيمون اوچتو دورا ڪري ڪاپي روڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪنديون هيون پر ھاڻ اھي ڪاپيءَ جي روڪٿام واريون ٽيمون رسمي طور وزٽ ڪنديون آهن، جنھن ڪري ھر شاگرد سرعام امتحاني سينٽرن ۾ ٽچ موبائيل ذريعي سولائيءَ سان ڪاپي ڪري پيپر حل ڪندا آھن پر تعليم کاتو ۽ بورڊ انتظاميا آخر ڪاپي روڪرائڻ ۾ ڇو سنجيده نظر نٿا اچن؟

 

غلام نبي مڱريو/ڪنڊيارو

 

هڪڙي چٽي ايم اين اي دادو، جوهي رفيق احمد جمالي ڏانهن!‎‎

 

سڀ کان پهرين اسلام عليڪم، اميد ته سائين جن خوش هوندا، خيريت سان هوندا، سائين جن کي سڀ کان پهرين عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ جون لک لک مبارڪون، سائين جن کي آئون هڪ عرض ڪندس ته ڪاڇي ۾ ترقياتي ڪم زيرو ٿيا آهن، هتان جو عوام پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهي، ڪاڇي ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ ڪاليج ناهن، روڊ رستا ناهن، واهي پانڌي جوهي روڊ ماڇي واھ وٽان پل تعمير ڪرائي وڃي، ڪاڇو هر بنيادي سهولت کان محروم آهي، سائين جن کان ڪجهه سوال ڪندس ته سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن جي روڊ جو ڪم ڪڏهن مڪمل ٿيندو؟ ڪاڇي ۾ برسات کان پوءِ تباهه ٿيل روڊن جي ڪڏهن مرمت ٿيندي؟ ڪاڇي جي ڳوٺن کي ڪڏهن گئس جي سهولت مهيا ڪئي ويندي؟ واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت ڪڏهن ٿيندي؟ تيل گئس ڪمپني طرفان ملندڙ فنڊن مان اوهان ڪٿي ۽ ڪهڙي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، اهي ڪٿي خرچ ڪندا آهيون؟ هڪڙو سائين کي عرض ڪندس ته پنهنجي ووٽرن جو خيال رکو، ڇو ته وري به اوهان کي عوام وٽ اچڻو آهي. منهنجي سوالن جا جواب ڏيو سائين!

 

علي رضا جمالي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

ڳوٺ يامين خاصخيليءَ کي بُنيادي سهولتون ڏيو!

 

اسان جو ڳوٺ يامين خاصخيلي تعلقي ميرپورساڪري ضلعي ٺٽي شهر ليٽ ۾ واقع آهي، هي ڳوٺ شهر ليٽ جي ڀر ۾ آهي، ڳوٺ جي تاريخ تمام قديم آهي، تاريخي جنگ محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي جنگ جا اُهڃاڻ هتي ملن ٿا، روڊ کاٻي اوڀر پاسي جڏهن پرائمري اسڪول جي کوٽائي ٿي رهي هئي، ان مان لڳ ڀڳ 15 لاش مليا هئا، وڏي ڄمار وارن ماڻهن جو اهو چوڻ هو ته اهي لاش محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي جنگي سپاهين جا آهن، انهيءَ ڪري چئي سگھجي ٿو ته ڳوٺ “يامين” خاصخيلي تمام پراڻو ڳوٺ آهي. ڳوٺ ۾ نه بجلي نه گئس ۽ نه ئي روڊ جي سهولت آهي، ڳوٺاڻا پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻيءَ کان به محروم آهن. هڪ واٽر سپلاءِ جو بندوبست هيو سو به خراب حالت ۾ ناڪاره بڻيل آهي. برساتي پاڻي ڳوٺ جي حالت اڃا خراب ڪري ڇڏيندو آهي، برساتن بعد مڇرن جو آزار وڌي ويندو آهي، پر انتظاميا پاران اسپري نه ڪيو ويندو آهي. ڳوٺ هيٺانئين سطح تي هئڻ ڪري چوطرف گندو پاڻي ڀرجي ويندو آهي. خدا نه ڪري جي ڪو ماڻهو فوت ٿي ويندو آهي ته ان جو لاش قبرستان تائين کڻي وڃڻ وڏو مسئلو هوندو آهي. ڳوٺ يامين خاصخيلي 800 گھرن تي مشتمل وڏو قديمي ڳوٺ آهي پر لڳ ڀڳ سمورين بنيادي سهولتن کان وانجھيل آهي. چونڊيل نمائندا صرف اليڪشن واري دور ۾ نظر ايندا آهن پوءِ ووٽ وٺي غائب ٿي ويندا آهن، هن ڳوٺ جي ماڻهن کان هميشه سردارن بليڪ ميل ڪري ووٽ ورتا آهن ۽ ڪوڙا واعدا ڪري چونڊ کٽيندا آهن. چونڊون کٽي هو وڃي پنجن سالن لاءِ اي سي رومز ۾ ويهندا آهن جڏهن ته اسين ان انتظار ۾ هوندا آهيون ته ڪڏهن ٿا اچن ۽ اسان جا بنيادي مسئلا حل ڪن، پر هر ڀيري اسان کي مايوسي نصيب ٿيندي آهي. اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا جو دور آهي، مهرباني ڪري هاڻ ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪيو، وڏيرا شاهي دور ختم ٿي چڪو آهي، هاڻ هر ماڻهو آزاد ٿي چڪو آهي ۽ پنهنجو حق وڙهي وٺي سگھي ٿو.

 

ذوالفقار علي عرف “بيوس” /يامين خاصخيلي، ليٽ

موجن ۾ مھانگائي ۽ اگھور ننڊ ۾ پيل عوام!

 

ھن ملڪ جي تاريخ ۾ اڳ به عوام سان زيادتيون ته ضرور ٿيون ھونديون پر ھر دور ۾ حڪمرانن جي انهن زيادتين تي عوام پنهنجو ردعمل ضرور ڏيکاريو رهيو آهي ۽ تاريخ شاھد آهي ته حڪمرانن ڀرپور عوامي ردعمل آڏو ھميشه ڳوڏا کوڙيا آهن پر ھن وقت جنهن انداز سان بنا ڪنهن ساھيءَ جي حڪمران عوام جي ڪنڌ تي ڪاتي پيا وھائين جنهن جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي پر ان جي باوجود حڪمرانن جي ھنن عوام دشمن فيصلن تي ھي عوامي مجرماڻي خاموشي وڌيڪ حيران ڪندڙ آهي. يا ته عوام ھاڻ انهن اعلانن، ھر روز پاڻ مٿان ٿيندڙ ھنن حڪمراني حادثن ۽ المين جا پاڻ ھاڻ عادي ٿي چڪا آھيون، جو ڀلي ھڪ مھيني کان به گھٽ عرصي اندر لڳاتار ٽي ڀيرا پئٽرول ان کان پوءِ ڊيزل جي تازو ھڪ ئي ڌڪ ۾ 59 رپيا ڪجهه پئسا واڌ ٿيڻ تي به پنهنجي ڪن تي جونءِ به نٿي سري. سڀ ڪجهه معمول مطابق، ڄڻ ملڪ ۾ ڪجهه ٿيو ئي ناهي. حڪمرانن پاران ٿيندڙ اھڙن افسوسناڪ ھاڃن تي به اسان جون سياسي سماجي ڌريون، سڀ ڪير ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي، افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اسان جي سجاڳي ھاڻ اھا آهي ته جيئن پئٽرول اگھن ۾ واڌ جي ڪا سڌ پوي ٿي ته اسان سڀ بوتلون کڻي پئٽرل پمپن جو رخ ڪندا آھيون، جيڪا ڳالهه بطور قوم اسان جي پنهنجي پاڻ سان سچائي جي پت چڱي ريت وائکي ٿي ڪري ته اسان کي اھو فڪر ناهي ته پئٽرول، گئس اگھن ۾ ايتري واڌ سان مجموعي طور اسان جي روزمرھ جي ڪاروھنوار ۾ اسان سان ڪھڙا ڪلور ٿيندا؟ دراصل اسان جي سماج ۾ اڪثريت عوام کا وٺي حڪمرانن تائين مستقل مزاجي ۽ وڏن مفادن جي حاصلات بدران عارضي ۽ ننڍڙن مفادن جي پورائي جي پوئلڳ آهي. پاڻ پنھنجي پاڻ سان سچا ھجون ته چند ليٽر اضافي پئٽرول گڏ ڪرڻ بدران روڊن تي اچي حڪمرانن کي مجبور ڪريون ته ھو اھي اگھ واپس وٺن، جنهن سان عارضي نه پر مستقل بنيادن تي پاڻ کي فائدو ٿئي. باقي رھي ڳالهه اسان جي سياسي قيادتن جي ته انهن جي لاءِ في الحال انهن عوامي مسئلن کان وڌيڪ شايد اقتدار آهي جنهن سبب ھمراھ  سڀ اليڪشن ۾ مصروف آهن ۽ ھيڏانھن عوام آهي جيڪو بي يارو مددگار مھانگائي جي لھرن  ۾ ھر روز پيو لڙھي.

 

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ