جيل جي ڊائريءَ جا ورق !

چميا چنڊ گلاب!

2012ع ۾ جڏهن مون کي ڪراچي مان نارا جيل شفٽ ڪيو ويو ته امان کانپوءِ جيڪو منهنجو پهريون ملاقاتي هو سو فيضان هو. 2007ع کانپوءِ 2012ع ۾ مون کي وڏو لمبو وڏورو هو هو مونکي ڏسي ۽ آئون هن کي جوان ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا هئاسين. پر اسان اهو هڪ ٻئي کي محسوس ئي ڪونه ٿيڻ ڏنو ڪو ايترا سال هڪٻئي کان پري رهيا آهيون. هن منهنجي گهرڀاتين کان وڌيڪ منهنجي مالڪي ڪئي. هزارين رپيا مون تي لٽايا، هن وڪيلن جا خرچ، جيلن جا خرچ، ڪورٽن جا خرچ، روز ميرپورخاص مان اچي ۽ ننڍي ننڍي منهنجي شي جو خيال رکيو. نارا کانپوءِ مون کي سينٽرل جيل شفٽ ڪيو ويو، اتي سورس لڳائي مون کي اي ڪلاس ۾ رکرايائين. اسد ان وقت صفا ٻار هو ان لاءِ منهنجي سڀني ڀائرن جا فرض رڳو فيضان ئي پورا ڪندو هو جيڪو قرض منهنجي ذات سموري زندگي به نٿي لاهي سگهي. هو يارن جو يار آهي. دليري هن جي ڊي اين اي ۾ شامل آهي. جنهن جو مظاهرو هو اڪثر ڪندو رهندو آهي. هو اڪثر منهنجا ۽ پنهنجا سوٽ هڪ جهڙا ٺهرائيندو هو ۽ اسان جا چهرا، قد، جسم ۽ شيو جو اسٽائل به تقريبن هڪ جهڙو ئي هو. ان لاءِ به سڀ هن کي منهنجو سڳو ڀاءُ ئي سمجهندا آهن پر هو ڀائرن کان به وڌيڪ آهي. آئون جنهن وقت ڪورٽ تاريخ تي ويندو هئس ته هو ماني به مون کي پنهنجي هٿن سان کارائيندو هو ۽ پاڻي به مون کي پاڻ پياريندو هو ۽ ٽهڪ ڏئي چوندو هاڻ ٺيڪ آهين نه ٻچا؟ آئون جنهن وقت هن کان موڪلاڻي ڪندو هئس ته هميشه هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئا، جنهن جي جواب ۾ آئون هن کي پوز هڻي ڏيکاريندو هئس ته هو اکين جي آلاڻ صاف ڪندي مرڪي ڏيندو هو. جيل ۾ جنهن وقت وي فون استعمال ٿيندا هئا ته هو جيل جي ان سپاهي کي پوري پوري مهيني جو منهنجو بل ايڊوانس ۾ ڏئي ڇڏيندو هو جيڪو کولين تي اچي قيدين کي ڪال ڪرائيندو هو. مون کي ياد آهي ته اهو سپاهي ذات جو ٿيٻو هو جنهن جو نالو هاڻ مون کي ياد ناهي ڇو جو اهو 2014ع کان 2016ع تائين جو دور هو. فيضان ٻڌايو ته جڏهن هو پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪندو آهي ته زيتون جو جوس پاڻ تيار ڪري پيئندو آهي. هن نيٽ تان منهنون ۽ دلدار وساڻ جون تصويرون کڻي سمورن دوستن کي ڏيکاريندي فخر سان ٻڌايو ته هي منهنجو ڀاءُ آ2صف ڇلگري آهي جنهن جيل ۾ به پنهنجي تعليم جو سلسلو رڪجڻ ناهي ڏنو ۽ ٻين قيدين کي به هو تعليم ۽ تربيت ڏئي رهيو آهي. فيضان اڪثر مون لاءِ ميرپوراص جي شملا بيڪري جا ڪيڪ وٺي ايندو آهي پر اهو بليڪ اينڊ برائون تان ڪيڪ وٺي آيو، جنهن مان هن جي قرب جي پياري خوشبو اچي رهي هئي ۽ مون کي چاچا ديدار بلوچ جا هي اکر ياد اچي رهيا هئا جيڪي انهن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ لکيل هئا…

بهارن بهارن ۾ تون ياد آئين

خمارن خمارن ۾ تون ياد آئين

صدين جي ستايل، صدين جي سڪايل

اکين جي اشارن ۾ تون ياد آئين

نظر جا ڪئي اڄ مون آڪاش ڏي

وري چنڊ تارن ۾ تون ياد آئين

ڪري ياد ماضي کي روئي ڏنم

وري اڄ خارن ۾ تون ياد آئين

هو منهنجي لاءِ پنهنجي پيارن هٿن سان وارن وارو تيل به ٺاهي آيو. بس هو جتي به هجي الله هن کي آباد رکي. شل اهڙا دوست الله هر ماڻهو کي عطا فرمائي. چاچي ديدار حسين بلوچ جا اهي اکر جيڪي انهن ڪورٽ ۾ مون کي چمي ڏيندي چيا هئا ته فيضان تنهنجي پتيءَ جو آهي بلڪل ۽ هميشه کان سچي ئي ثابت ٿي رهيا آهن. چاچي ديدار حسين بلوچ کي فيضان کان علاوه ٻيو اولاد ادو شادان ڇلگري آهي جيڪو به پوليس کاتي ۾ هڪ آفيسر آهي ۽ تمام نرم دل انسان آهي. ديدار چاچا کي صوفيه لارين ۽ لتا منگيشڪر جي پوڙهي ٿيڻ جي ارمان کان علاوه ماٺيڻي اوٺي، ماسٽر چندر، استاد منظور علي خان جهڙن فنڪارن ۽ نرگس ۽ مڌوبالا جهڙين سهڻتين جي موت جو به شديد ڏک هو. هو سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي کي ڪاڪ کان علاوه عبادتگاهه سمجهندو هو. ڇو ته اتي کي کيس پنهنجي محبت نظر آئي هئي. سائين جن جي شاعري پڙيه توهان کي خبر پوندي ته انهن وٽ ڪلال، سامي، ساڌو، ڪوري، مڱڻگهار، ناچڻي ڪولهياڻي ان کان علاوه تمام گهڻا موضوع آهن جيڪي چاچا ديدار حسين بلوچ کي هميشه پنهنجن لکين چاهيندڙن جي دلين زنده رکندا. خير فيضان منهنجي عيد دلفريب ڪري ويو. جڏهن توهان منهنجا هي اکر پڙهندا ته عيد گذري چڪي هوندي ان جي وجه اها آهي ته هتان جيل مان ڪابه شي موڪليندي موڪليندي ڪڏهن ڪڏهن هفتا به گذريو وڃن يا وري مهينا. ننڍي ننڍي شي ڇاڻي مان ڇڻي پوءِ ٻاهر واري دنيا تائين رسندي آهي. ان لاءِ دير سان پر پوءِ به تمام سنڌ واسين کي منهنجي پيارن کي دل وارن کي دل جي گهرائين سان عيد مبارڪ! خاص خاص پنهنجي اخبار جي سٿ ۽ فيضان علي ڇلگري کي. ۽ پڄاڻي ڪريون ٿا ديدار بلوچ جي هنن لفظن سان ته:

نه پل جو پيار ڏنئي وقت وهي

ڳالهه پنهنجي ڳجهه جي، روح ۾ رهي

ويو سج لهي، جوڀن جو جاڙون ڪري.

(پورو ٿيو)

آصف غلام روسل ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

ڪشمور جا آبادگار ۽ پاڻي جو اميدون!

ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي جي اناج منڊي پوري سنڌ نه بلڪه ايشيا جي سطح تائين مشھور آھي ۽ جڏهن ساريالو فصل تيار ٿيڻ بعد فصلن ۾ ٿريشر لڳڻ شروع ٿيندي آھي ته هارين کي ائين محسوس ٿيندو آھي شايد ڪو عيد جو ڏينهن آھي. ان ڳالهه ۾  ڪو به شڪ نه آھي. زمينن جو ڀاڻ يوريا ۽ ڊي اي پي ڪيترو به مهانگو ڇو نه ٿي وڃي ڪشمور ضلعي جا  آبادگار وٺڻ کان ڪونه ڪيٻائيندا آھن، پر قدرت يا وفاق طرفان هن مهل تائين ڪشمور ضلعي کي نه پر پوري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڪونه ملي سگهيو آھي. جڏهن ته سنڌ جي مخلف علائقن جا رهواسي ۽ آبادگار پاڻي لاءِ نٽھڻ اس ۾ روڊن تي پرامن احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪري آيا آھن. ايتري گرمي باوجود کوڙ سارا آبادگار بيمار ۽ پريشان به آھن. جڏهن انهن کي پنهنجي حصي جو پاڻي  وقت تي نه مليو ته آبادگارن کي کوڙ سارو نقصان ٿي سگهي ٿو. هوڏانهون وري عالمي سطح تي هڪ روپورٽ به پڌري ٿي آھي. پاڪستان دنيا جي انهن اهم ملڪن مان هڪ ملڪ  آهي جتي 48 مختلف قسمن جون زرعي شيون پيدا ٿينديون آهن ۽ پاڪستان جي هر ڪنڊ ڪڙڇ جي زمين زرخيز ٻڌائي ويندي آھي. زمين ۾ ٿيندڙ فصل جن ۾ چانور، ڪپهه، ڪمند، ڪڻڪ ۽ ٻيا شامل آهن. اهڙن فصلن جي حوالي سان سنڌ صوبي جو حصو اهم سمجهيو وڃي ٿو. پر پاڻي نه ملندو ته سنڌ جي زراعت تباهه ٿيندي ان ڪري پاڻي ڏئي تباهي کان بچايو وڃي.

امان الله ملڪ/ڪشمور

سنڌ ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊون ۽ عوام جي مستقبل جو سوال ؟؟

سنڌ ۾ اعلانيل مڪاني چونڊن جي فارمن جي جانچ پڙتال وارو مرحلو پڄاڻي تي پھچڻ شرط ئي اميدوارن طرفان چونڊ سرگرمين جي شروعات ڪئي وئي آھي. ڪٿي نوان چھرا ته وري ڪٿي ساڳيا ئي اميدوار پالش ڪري سياسي ڀوتارن طرفان عوام مٿان مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ته وري ڪٿي ھڪ ٻئي جون سياسي وفاداريون خريد و فروخت ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. انھن حالتن کي مد نظر رکندي عوام کي پرزور اپيل ڪريون ٿا ته ووٽ فقط انھن اميدوارن کي ڏنو وڃي جيڪي سندن ڏک سک جا ڀرجھلا هجن ۽ کين بنيادي سهولتون جھڙوڪ شھرين جي اولاد لاءِ تعليم پاڻي،گئس، بجلي ۽ واٽر سيوريج، تفريح جا ماڳ يا واھن مٿان اڏجندڙ پُلن جو ڪم بغير سياسي مفادن کان ڪرايو ھجي. ائين نه ٿئي جو ڀوتارن جي خوشامد ۾ پنھنجي ووٽ جي طاقت کي وڃائي وري ايندڙ چئن سالن تائين دانھون ۽ ڪوڪون ڪرڻيون پون.

محمد الھيار شر/ خانپور مهر

مونکان وڇڙي ويل گهر جو چنڊ

آئون پنهنجون ڀريل اکيون به

پاڻ مٿان وسائي ويٺو آهيان

دل جي دڙائي جا ڏينهن به هاڻ

غم جو وڏو گاه مورائي ويا آهن

بابا سائين تنهنجي حياتي ۾ هڪ ڪالم مون لکيو هو جڏجن دنيا ۾ والد جو عالمي ڏينهن ملهايو پئي ويو. ان ڏينهن تي ماڻهن پنهنجي والد جي ڏينهن جا سوشل ميڊيا تي اسٽيٽس ۽ پوسٽون لڳائي رهيا هئا. تڏهن توهان مون سان گڏ هئا، تڏهن توهان منهنجي اکين جي اڳيان رات جو آرام ۾ هئا ته دوستن جا اهي اسٽيٽس ۽ پوسٽون ڏسي رهيو هئس ته منهنجي اڳيان هڪ نئين تصوير آئي. ان ئي رات مون والد جي عالمي ڏينهن تي هڪ آرٽيڪل لکيو هو جنهن ۾ مون والد جي حقيقت بيان ڪئي هئي ته والد هوندو ڇا آهي. توهان جو مون مڪمل ذڪر ڄاڻايو ته توهان ڇا آهيو؟ اولاد جيڪو ڪجه ڪندو آهي  پنهنجي والدين کي ڏيکاريندو آهي ته مون توهان جي لاءِ هي ڪيو آهي پر سڀ ڪجه صرف ڏيکارڻ جو هوندو آهي پر هڪ مائٽ جيڪو پنهنجي اولاد لاءِ ڪندو آهي اهو ڪڏهن پنهنجي اولاد کي ڪونه ٻڌائيندو آهي ته مون توهان جي لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي. والد جي گذريل عالمي ڏينهن تي لکيم ته اڄ اسان جا نوجوان سجاڳ ٿيندا. والد سان گڏ سيلفي ٺاھي شوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪندا ته والد جو عالمي ڏينھن مبارڪ. اھا تمام سٺي ڳاله آھي ته والد جي عالمي ڏينھن تي اسان پنھنجي والد کي پيار سان ڏسون ٿا، تصوير سوشل ميڊيا تي اپلوڊ  ڪريون ٿا. پر افسوس جي ڳالهه اھا آھي ته اسان کي والدين ان ڏينھن ياد ايندا آھن جڏھن عالمي ڏينھن ھوندو آھي. پر اسان ٿورو ان تي سوچيو آهي ته ڇا اسان والدين جا احسان صرف ھڪ ڏينھن ۾ لاھي سگھون ٿا. جيئن اسان جنم وٺون ٿا ته والدين اسان جي پرورش ڪيئن ڪن ٿا. پھرين اسان جي لاءِ سٺا ڪپڙا وٺڻ جو ٽينشن پوءِ اسڪول، مدرسو، ڪاليج، يونيورسٽي کان ٿيندي نوڪري کانپوء شادي تائين اسان جو خيال ڪن ٿا. اسان کي بخار ٿئي ٿو ته مائٽ سڀ کان وڌيڪ پريشان ھوندو آھي. کين سڀ ڳالھيون وسريو وڃن بس اسان جو خيال سندن دماغ ۾ ھوندو آھي. پر جڏھن اسان ڪنھن مقام تي پھچندا آھيون يا وڏا ٿي ويندا آھيون سندن اھي ھمدرديون وساري ڇڏيندا آھيون. اسان کي صرف پئسو، دوست ۽ زال ياد ھوندي آھي باقي سڀ وساري ڇڏيندا آھيون. اسان کي نوڪري ملي ويندي آھي پوءِ سمجھندا آھيون ته ڄڻ سڀ ڪجهه ملي ويو آھي. پوءِ جڏھن والدين نصيحت ڪندا آھن اسان کي اھا خراب لڳندي آھي. والدين جي جڏھن وڏي عمر ٿيندي آھي ته کين ڪو سھارو کپندو آھي جيڪو سندن خيال ڪري. بيمار آھن ته کين دوائون وٺي ڏي ۽ وقت تي کين کارائي ۽ ساڻن ڪچھري ڪري، پر اسان کي انھن جون ڳالھيون عجيب لڳنديون آھن (جاري)

عتيق الرحمان کتري/ سجاول

وفاقي حڪومت جا نرالا منطق

موجوده وفاقي حڪومت کي وجود ۾ آئي چلو مڪمل ٿي چڪو آهي پر ان وچ ۾ ملڪي صورتحال جيڪا اڳئي ابتر ھئي سا اڃا وڌيڪ پيچيدا ٿي چڪي آهي. ڏٺو وڃي ته پوئين حڪومت به ڪي کير جون نديون ڪونه وھايون ھيون پر ان باوجود ملڪ ۾ حڪومت نظر ته آئي پئي. ورڪنگ پليٽ فارم ته موجود ھو ملڪ گيسيون پائڻ باوجود رڙھيو ته پئي. ھڪ چيف ايگزيڪيوٽو ته نظر آيو پئي. افسوس سان چئجي ٿو ته موجوده سنگت جي دور ۾ ڪا شي به سبتي ڪونهي. ٻيلي جو شينهن ڪير آهي ڪا خبر ڪانهي. گاڏو ڪير پيو ڇڪي ڪا خبر ڪانهي. ملڪ جو رڙھڻ ته پري ھن وقت ملڪ ماڳهين ريورس گيئر ۾ پيو ھلي. سياستدانن جي وڙھ  وڙھان عروج تي آهي. ڪپڙا وڪڻڻ کان وٺي پٽڪا لاھڻ جون ڊرامي بازيون سياسي منظر نامي تي اڀيون آهن. ھن وقت ڏٺو وڃي ته موجوده حڪومت وٽ حڪومت ۾ رھڻ جو ڪوبه اخلاقي جواز آھي ئي ڪونه. جيڪي حالتون آهن ان مطابق موجوده حڪومت گهڻي منهن جي پڪائي ڪري به ته ھفتن کان مٿي ڪونه ھلي سگھندي. ڇو جو جن کين آندو آهي اھي مھيني ۾ ئي کانئن ھٿ ڪڍي ويا آهن. پارليامنٽ  ھن وقت بلڪل غيرموثر آهي. ڪجهه به ھجي پي ٽي آءِ موجوده پارليامنٽ  جي ھن وقت به سڀن کان وڌيڪ ميمبر رکندڙ پارٽي آهي. ٻيو نمبر پارٽي به کائنس گهڻو پري آهي ٻنهي وچ ۾ تقريبن پنجاهه ميمبرن جو فرق آهي. ان وڏي پارٽي جي استعيفيٰ پارليامنٽ جي اھميت تي سواليا نشان لڳائي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه فيصلن جو فقدان بااختيار حڪومت پنجاب جي صورتحال ۽ پراڻا ملڪي مسئلا لوڊ شيڊنگ، مھانگائي ۽ پاڻي صورتحال ۽ ڊالر جو مسئلو اھڙا فيڪٽر آهن جن تي نظر وجھون ٿا ته موجودا حڪومت لاءِ مدو پورو ڪرڻ ناممڪن لڳي ٿو. رڳو ائين ڪونهي ته عمران خان جيڪو روڊن تي آهي ان کي ڪنٽرول ڪرڻ سان حڪومت مدو پورو ڪري ويندي ڇو ته گھڻا مسئلا ته حڪومت جي اندر آهن جيڪي في الحال عمران خان جي ڪري پردي جي پويان پيا آهن. ڪابينا جي ميمبر خاص طور تي پ پ سان لاڳاپيل وزيرن جو ميڊيا يا حڪومت اندر ڪردار صفا ٿڌو آهي يا ھو پاڻ اڳيان ڪونه پيا اچن صرف وزير خارجا جو ھڪ دورو ڪري بلڪل خاموش ٿي وڃڻ ھن ڳالهه جو اھڃاڻ آهي ته حڪومت جو ھلڻ مشڪل آهي. ھاڻي ڏسجي ته حڪومت ڪيڏي مھل ٿي اسيمبليون ٽوڙي ڇو جو جيتري دير ٿيندي رھندي حڪومت خاص طور تي نون ليگ کي نقصان ٿيندو رھندو.

سليم اختر لغاري/ڌڱاڻو بوزدار

مُور ، منافعو ۽ بچت

ھڪ واپاري، مڻ بصرن جي ٻوري 400 روپين ۾ ورتي ۽ 20 روپيا في ڪلو جي حساب سان اڌ ٻوري کپائي ويو ته واپاري کي 400 روپيا مور وصول ٿيو. پوءِ اڌ بصر 15 روپيا في ڪلو جي حساب سان کپائي منافعو 150 روپيا ڪمائي ويو ۽ وري اڌ بصر 10 روپيا في ڪلو جي حساب سان کپائي 50 روپيا بچت ڪيائين. پوءِ آخر ۾ اعلان ڪيائين ته ھاڻي بصر 20 ، 15 ۽ 10 نه پر صرف پنج روپيا في ڪلو سڀني جي لاءِ هوندو. اھڙي طرح  سان سنڌ حڪومت ۽ تعليمي پاليسي جو قصو به بصرن جي واپاري وانگر  آهي ۽ اهو مور، منافعي ۽ بچت تي مشتمل آھي.

نويد خان سومرو

اسان جي ماني به ان چنڊ وانگر آهي….!

گل..! هر صبح ساجهر ڌڻي در اها دعا گهرندي آھيان ته تنهنجو بخت ۽ ڌرتي جو  تخت سدا مهڪندو رهي. گل هڪ ڀيري تو ٻڌايو هو ته بک جو ڪوبه مذھب ناهي هوندو، پر سوچيان ٿي جيڪي حلال ۽ حرام ۾ فرق  محسوس ناهن ڪندا، ڀلا انهن جو مذھب ڪهڙو هوندو آھي؟ سچ پڇين ته مهانگائي نه صرف مرڪون کسي ورتيون آھن پر پيٽ پالڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آھي. پاڻ مارو ماڻھو عيش عشرت ته پري جي ڳالهه پر اڻڀي ٽڪر لاءِ به هر ويلي پريشان هوندا آھيون. پوءِ به پاڻ کي مشورا ملندا آھن ته اگر مهانگائي آھي ته ماني جا ڪجهه گرهه گهٽ کائو. ٻڌاءِ گل! پاڻ مارو ماڻھن ڀلا ڪڏهن پيٽ ڀري کاڌو آھي جو هاڻي ڪجهه گرهه گهٽ کائون؟ پنهنجو نصيب به علي بابا جي ان افساني جهڙو آھي جنهن ۾ غريب لاءِ چنڊ وانگر ڪڏهن اڌ، ڪڏهن سڄي ته ڪڏهن ماني هوندي ئي ناهي..گل…! جڏهن چيائون ته اٽو مهانگو آھي ڪيڪ کائو تڏهن ان چريائپ تي بابا نه صرف کليو هو پر ان تي عمل به ڪيو هئائين. پر ٿيو ائين جو بابا ٻن ڏينهن کانپوءِ ڏاڍو ڪمزور ٿي پيو هو. ڊاڪٽرن تازن ميون کائڻ جو مشورو ڏنو هو. پر سوچيائين ٿي جنهن ديس ۾ ماڻھو ۾ زنده رهڻ لاءِ اٽي خريد ڪرڻ جي سگهه نه هجي تنهن ديس ۾ ڀلا غريب ماڻھو تازا ميوا خريد ڪري سگهي ٿو؟ گيھه مهانگو آھي اڻڀيون مانيون پچائي رکيون اٿم۔ ڪچين انبڙين جي چٽڻي ٺاهي گهر جا سڀ ڀاتي کائي سمهي رهنداسين.  وڌيڪ احوال وري  ڪنهن ٻي ڀيري ڪبا. شال ڌرتي جا ويڙھا  وسندا رهن. فقط تنهنجي سنڌو

غلام علي گل/ٻيلو، سجاول

ڪالم ڪهاڻي

حالتن هن کي ڀلي ڌيءُ بڻجڻ نه ڏنو

هوءَ جڏھن ڄائي هئي ته سندس پيءُ دم جي بيماري ۾ مبتلاءُ ٿي چڪو هو. سيارو هن جي پيءُ لاءِ هڪ جلاد وانگر موت جو رسو سندس ڳچيءَ ۾ وجهڻ لاءِ تيار بيٺو هوندو هو. هن جا ويڄ هميشه هن کي سياري جي جلاد جي هٿن مان موت جو رسو ڇني وٺندا هئا ۽ هو بچي ويندو هو. زندگيءَ ۽ موت جي ان جنگ ۾ هو پندرهن سال سوڀارو ٿيندو رهيو. زندگي جي نغمي کي گنگنائيندو رهيو. نيٺ آخر هو ڪري پيو ۽ موت هن کي شڪست ڏئي ڇڏي. پندرهن سالن ۾ هوءَ پنهنجي سڀني وصفين انتهائي خوبصورت ٿي پئي هئي. سندس ننڍو ڀاءُ صغير هو، تنهن ڪري هو ڪو به ڪم ڪرڻ جي قابل نه هو. هن جي ماءُ پنهنجي اکين جو نور ڳوٺ جي عورتن جي رلين ۾ نچوئي ڇڏيندي هئي ته ڪڏهن جيئڻ جا خواب چادرن ۾ ٽوپي ڇڏيندي هئي. هن جي ماءُ جي اکين جو نور ڪنهن موبائيل جي بيٽري جيان گهٽ ٿيندو پئي ويو. آخر ۾ هن نيٺ وڃي کٽ ورتي، هوءَ چاهي پئي ته هو جلدي وڏي ٿئي ته جيئن ماءُ جي ڪم اچي سگهي ۽ ان جي مدد ڪري سگهي پر سندس زندگي حالتن جي گهڙي ۾ اسٽاپ واچ جيان بيهي رهي، نه اڳي نه اوري.

پنهنجي جذبن جي اڀرڻ جو احساس به هن کي شدت سان ٿيڻ لڳو ته پاڙي ۾ رهندڙ پنهون هن کي هر هر ياد اچڻ لڳو، جيڪو هن سان کيڏندي وڏو ٿيو، جنهن سان گڏ هن ڪيئي رانديون رچايون هيون. واعدا وچن به ورتا هئا، ننڍپڻ ۾ ته هن جون ٻاتڙن ٻولن ۾ ڪيل ڳالهيون ياد اچڻ لڳس، پر زندگيءَ هن جي مقدر جي ڪاڳر تي اهڙو نصيب لکي ڇڏيو، جنھن کي هوءَ پنهنجي هٿن سان پاڻ ڊاهڻ کان اڳي ئي ڊهي ويو. حالتن جي سياھي سان لکيل هن جو نصيب، برسات جهڙين واقعن هٿان چوپا چوپا ٿيندو رهيو پر هن ڪڏهن به دانهن نه ڪئي. عشق هن جي زندگيءَ ۾ لکيل ڪو نه هو، پر ماءُ جي بيماري هن کي ڌنڌي جو عادي بڻائي ڇڏيو. سندس وجود هر رات ڪنهن رهزن هٿان پٽبو ۽ نوچبو رهيو. هن جو خالي جهول پيسن سان ڀربو رهيو. هر شخص هن جي تن تائين ته رسائي ڪري پيو وڃي پر هن جو من سدائين ڪنوارو رهيو، ڪير به هن جي من جي سيمائن کي ڇهي پار ڪري نه سگهيو.هن کي اهو به ياد آهي ته هوءَ ڪيئن پهريون دفعو جڏهن ڪوٺي جي رکوال مائي  هٿان نئين مرد جي آمد وقت نڪ جو ڪوڪو لهرائي پئي ته هن کان بي پناه چيخون نڪتيون هيون، جنهن تي هن جو ننڍو ڀاءُ ڏاڍيون رڙيون ڪندي ڀيڻ کي بچائڻ لاءِ آيو پئي ته سندس ڪياڙي ۾  ڪنداق هڻي بيهوش ڪري ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو هو.سندس خواهش اها رهي آهي ته ڪڏهن به ڪير هن وانگر زندگي جو اڻانگو سفر لنگهي هن جاءِ تي نه پهچي جتي اڄ هوءَ آهي.

زبير ٻگهيو/ڏوڪري

پنهنجن پڙهندڙن کي دعوت !

توهان جي ذهن ۾ ڪا سوچ آهي يا  ڪا لوچ آهي، جنهن کي عوام تائين پهچائڻ چاهيو ٿا؟ توهان جي علائقي جا مسئلا آهن جيڪي حل نه ٿا ٿين ۽ توهان اهي مسئلا پنهنجن چونڊيل نمائندن ۽ اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ چاهيو ٿا ته قلم کڻو،  پنهنجا تاثر ۽ چٺيون اسان ڏانهن اماڻيو اسان توهان جا خيال اقتداري ايوانن تائين پهچائينداسين. پنهنجون لکڻيون مختصر نموني [email protected] تي اي ميل ڪريو يا روزاني پنهنجي اخبار جي هيڊآفيس پلاٽ نمبر D/61 جامي ڪمرشل، اسٽريٽ نمبر 7، فيز 7 ڊي ايچ اي ڪراچي تي پوسٽ وسيلي اماڻيو.

چٺي اماڻڻ لاءِ هدايتون

چٺي مختصر پر جامع نموني لکيل هجڻ گهرجي

اخلاقي ۽ قانوني حدون  اورنگهڻ نه گهرجن

چٺي جي هيٺان پنهنجو نالو ۽ شهر جو نالولکو.

شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ۽ هڪ عدد فوٽو به اماڻيو.

چٺي جي موضوع سان لاڳاپيل  فوٽو به اماڻي سگهجن ٿا پر اهي اداري جي پاليسي موجب ۽ جاءِ هجڻ جي صورت ۾ لڳايا ويندا.

چٺي رڳو پنهنجي اخبار ڏانهن ئي اماڻي وڃي. ساڳيو مواد ٻين اخبارن ڏانهن اماڻڻ جي صورت ۾ شايع نه ڪيو ويندو.

ادارو چٺي ۾ ايڊيٽنگ جو حق محفوظ رکي ٿو.       ادارو