ڪو ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو!
ٿر جي هن مان واري مان ڪيترن ئي اديبن، شاعرن، ڏاهن ۽ سگهڙن جنم ورتو آهي، اهڙن ئي ماڻهن مان تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ ٻانڀڻڪو جو رهواسي نوجوان شاعر علي نواز نوتيار 1990_8_14ع ۾ ڳوٺ ٻانڀڻڪو ۾ جنم ورتو جيئن ته سندس پيءُ هاري هو، بچپن جا ڏينھڙا هن ساڳي ڳوٺ ۾ گهاريا، ان بعد 20 سالن کان پوءِ هن وقت ڪڍڻ شهر جي ڀرسان ڳوٺ سليمان نوتيار ۾ ويٺل آهي، هن شاعريءَ جي شروعات 18 سالن جي عمر ۾ ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي شعر، نظم، بيت، ڪافيون ۽ ٻيو مواد پڻ لکيل آهي، ڪيترن ئي فنڪارن سندس شاعري ڳائي به آهي، جيڪا مشهور ٿي آهي، سندس روحاني استاد محمد اسماعيل ريگستاني راهمون آهي، جنهن جو تعلق به ڏيپلي تعلقي سان آهي، علي نواز نوتيار دوستن جو دوست ۽ بااخلاق نوجوان آهي، سندس واسطو به سٺن اديبن، شاعرن، سگهڙن ۽ ڏاهن ماڻهن سان آهي، جيئن ته پاڻ غريب ماڻهو آهي ان سان گڏوگڏ اوطاقي ماڻهو آهي، سندس زندگي جي آخري اها اميد آهي ته سندس لکيل مواد ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرايو وڃي، جنھن جي لاءِ هو رات ڏينهن ڪوشش ڪري رهيو آهي شال رب تعاليٰ کيس همت ڏي ۽ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ڪري.
صوفي محمد حسن /نهڙيو ٿرپارڪر‎
چورين جو آزار ۽ پوليس جو رويو!
ڳڙھي حسن ۽ ڀرپاسي ۾ چورين جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌي ويو آھي، گذريل رات ڳوٺ نور خان کوسو ۾ محمد رفيق کوسو جي گهر ۾ چورن کاٽ هڻي لکين رپين جو سامان، زيور، ڏاج ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا، جڏھن ته متاثرن ڪئين ڀيرا پوليس کي ڪال ڪيون پر پوليس ڪال اٽينڊ نه ڪئي، جڏھن منشي سان ڳالھيو ويو ته منشي چيو مان بدلي ٿي ويو آھيان، ايس ايڇ او سان ڳالھايو جڏھن ته ايس ايڇ او چيو ته منشي سان ڳالھايو، متاثرن ايس ايس پي جيڪب آباد، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي .
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن
عشر زڪوات کاتو ڇو ٺاهيو ويو آهي؟
سڄي ملڪ ۾ لاڪڊائون هجڻ ڪري هلندڙ مهيني ۾ زڪوات عشر کاتو سنڌ ۽ پنجاب سميت مستحقين ۾ زڪوات تقسيم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، خدشو اهو آهي ته 50 هزار کان وڌيڪ مستحقين زڪوات وصول نه ڪري عيدالفطر جي خريداري کان محروم رهجي ويندا، ڇاڪاڻ جو زڪوات عشر کاتي جو ڪم غريب ۽ مستحق ماڻهن جي مالي مدد ڪرڻ هوندو آهي ته جيئن غريب ماڻهو به پنهنجي ٻارن لاءِ عيد جي خريداري ڪري عيد ڪري سگهن پر افسوس جي ڳالهه آهي ته عشر زڪوات کاتو مستحقين ۾ زڪوات نه ورهائي سگهيو آهي، جنهن ڪري 50 هزار کان وڌيڪ مستحقين ماڻهن جون خوشيون اڌروريون رهجي وينديون. کاتي جي سمورن ملازمن ۽ سربراهن پگهارون وصول ڪيون آهن پر جنهن ڪم جي انهن پگهار وصول ڪئي اهي اهو سري کان ڪيو ئي نه اٿن. رمضان ۾ مستحقين زڪوات آفيسن جا چڪر لڳائي تنگ اچي ويا آهن هر چڪر مهل انهن کي تسليون ڏئي گهر واپس ڪيو ويو، بهتر ايئن آهي ته هڪ مجبور ماڻهو کي ڪوڙا دلاسا ڏيڻ بجاءِ انهن جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي گهر جون ضرورتون پوريون ڪن. وزيراعلى پنجاب زڪوات عشر کاتي جي ذميوارن جو نوٽيس وٺي ته جيئن زڪوات مستحقين جون ضرورتون پوريون ٿين.
محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل
ڪورونا ۽ بي احتياطي!
ڪورونا وائرس جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي، هر ملڪ عوام جي حفاظت جي لاءِ هدايتون جاري ڪيون آھن ته هي وائرس هڪ فرد مان ٻئي فرد ۾ منتقل ٿئي ٿو ۽ تمام تيزيءَ سان پکڙجي ٿو، خدا نه ڪري ڪنهن هڪ فرد کي هي وائرس ٿئي ٿو ته ان مان ٻيا فرد به ان جو شڪار ٿين ٿا پر بدقسمتيءَ سان چوڻو ٿو پوي جنهن وائرس پوري دنيا کي بند ڪرائي ڇڏيو آھي ان کي اسان جا ماڻهو مذاق پيا سمجهن ۽ ڏينهون ڏينهن جيئن ان وائرس مان ماڻھو متاثر پيا ٿين اتي ڏينهون ڏينهن عوام جي بي احتياطي وڌندي پئي وڃي، ماڻھو خريداري ڪن ٿا اتي وڏي پيماني رش ۽ بي احتياطي هوندي آهي، نه ماسڪ پاتل هوندو اٿن نه وري کين ڪو چوڻ وارو هوندو آهي، منهنجي چوڻ جو مقصد ته اڃا تائين ماڻھن جو خيال تبديل نه ٿيو ته واقعي هي هڪ حقيقت آهي، مانورا سائين هي بلڪل هڪ حقيقت آھي جتي پوري ملڪ جا تعليمي ادا بند آهن اتي عوامي پارڪ، سياحت مرڪز، بندرگاهون بند  آهن، هر اها جڳهه جتي رش يا ماڻھو گڏ ٿيڻ جو خدشو هوندو اها جاءِ في الحال عارضي طور بند آھن، جيستائين، ملڪ جون حالتون صحيح ٿين، جيستائين ملڪ جون حالتون بهتر نه ٿيون ٿين، تيستائين پنهنجي پاڻ کي محدود ڪريو، ڇو ته جيسيتائين  پاڻ ان شيءَ تي عمل نه ڪنداسين ته ٻين کي ھدايت نٿا ڪري سگھو، تنهن لاءِ ضروري هوندو ته پنهنجي حفاظت ڪريون ۽ ٻين کي صلاح ڏيو ته هيءَ وبا جنهن پوري دنيا کي هڪ ويران بيابان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي ان کان احتياط ڪريون.
اياز عمراڻي/سانگھڙ
سول اسپتال نوشھروفيروز جي سار لهو!
نوشھروفيروز ضلعو جنهن کي ساهتي پرڳڻو پڻ چيو ويندو آھي، ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي حساب سان نوشھروفيروز ۾ سول اسپتال ضلعي هيڊڪوارٽر جو درجو رکي ٿي، سول اسپتال ضلعي جي اسپتال آھي ۽ ڪووڊ-19 جي تازي صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي پر بدقسمتي سان انتظاميا جي انتهائي نااهلي سبب اسپتال ۾ “آئي سي يو” جي سهولت موجود ناهي، وڏي ڳالھ ته هڪ سال کان اسپتال ۾ موجود 10 وينٽيليٽر ايئن ئي پيا آھن ۽ انهن کي لڳايو ناهي ويو، ڪجھ وقت ته انهن وينٽيليٽرن کي هتان کڻائي نوابشاهه اسپتال موڪليو ويو هو اهو ته جس آھي اسپتال نوشھروفيروز بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي بهادر اڳواڻن کي جن احتجاج ڪيا ۽ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي جو اهي وينٽيليٽر ڪورٽ جي حڪم تي واپس آيا پر اهي اڃا تائين لڳي ناهن سگهيا، ان مان ضلعي نوشھروفيروز جي صحت کاتي جي نالائڪي صاف نظر اچي ٿي، ان لاءِ منهنجي سنڌ حڪومت، هتان جي چونڊيل نمائند، صحت جي وزير، صحت کاتي جي ڪامورن کي گذارش آھي ته خدارا اکيون پٽيو، ڪورونا وائرس جي تازي خطرناڪ قسم جي صورتحال ۾ جي ڪي اهڙا ڪيس ٿيا جن ۾ وينٽيليٽرن جي ضرورت پئجي وڃي ته پوءِ وينٽيليٽرن جي هوندي به جڏهن اهي لڳل نه هوندا ته اسان ڇا ڪري سگهنداسين، ان لاءِ جلد کان جلد اهي وينٽيليٽر لڳائي اسپتال ۾ آءِ سي يو سميت ٻيون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن ساهتي پرڳڻي جي ماڻھن کي صحت جون سهولتون ملي سگهن نه ته تاريخ اوهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.
محمد خالد ميمڻ /ڦل شھر
سجاول ۾ ٿيليسيميا سينٽر قائم ڪيو وڃي!
ٽيو ڏينهن ٿيليسيميا جو عالمي ڏينھن ھو، سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جا 600 ٻارڙا رت پياڪ موذي مرض سبب ھر ھفتي رت چاڙھائي اذيت واري زندگي گذاري رھيا آھن، ٿيليسيميا اھا بيماري آھي جيڪا ٿيليسميا ڪيريئر جوڙن جي شادي ڪرڻ ڪري انھن جي اولاد ڏانھن منتقل ٿئي ٿي، ٿيليسيميا سبب رت جا ڳاڙها جزا ٽٽي وڃن ٿا ۽ رت ٺھڻ بند ٿي وڃي ٿو پوءِ ٻارڙن کي ھر ھفتي يا 15 ڏينھن رت چاڙھي انهن مان رت جي کوٽ پوري ڪئي ويندي آهي، ٿيليسيميا جا ڪيس لڳ ڀڳ ھر ملڪ ۾ رڪارڊ ٿين ٿا، پاڪستان ۾ به انھن ڪيسن جو تعداد گھڻو آھي پر پاڪستان ۾ ڪجھ وڏن شھرن ۽ ڪجھ ضلعن کي ڇڏي پوئتي پيل شھرن ۾ اڃا تائين ٿيليسيميا سينٽر قائم نه ٿي سگهيا آهن، انھن پوئتي پيل ضلعن ۾ سجاول ۽ ٺٽو ضلعو به شامل آھن، سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ تقريبن  6 سو کان مٿي ڪيس آھن ۽ ٿيليسيميا ۾ ورلت ٻارڙن جا والدين غريب طبقي سان تعلق رکن ٿا، پاڪستان ۾ ٿيليسميا جي آپريشن ۾ لڳ ڀڳ ھڪ ڪروڙ رپين جو خرچ ٿئي ٿو، امير طبقي سان تعلق رکندڙ والدين پنھنجي ٻچن جي جياپي لاءِ بون ٽرانس پلانٽ ڪرائي ٿا پر چانس گھٽ کان گھٽ ھجڻ ڪري اھي آپريشن ڪرائڻ کان لنوائين ٿا، پر غريب طبقو پنهنجي ٻچن جي رت جي پورائي لاءِ ئي پريشان ھوندو آھي، جنھن ڪري ھميشه رت جي گھرج کي پورو ڪرڻ انھن لاءِ ڏکيو مرحلو هوندو آهي ۽ غريب ٻارڙا آخرڪار موت جي جي ور چڙهي ويندا آهن، سجاول ٿيليسميا ٻارڙن جي والدين پاران حڪومت سنڌ کان ٿيليسيميا سينٽر قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، جيڪو يقينن ھڪ جائز مطالبو آھي.
عبدالباسط ميمڻ/سجاول
ڪورونا ۽ پرائيوٽ ادارن ۾ ڪندڙ ملازم!
تاريخ شاهد آهي ته دنيا ۾ جڏهن به ڪن جنگين يا بيمارين منهن ڪڍيو آهي ته ان سان رڳو جاني ۽ مالي نقصان ئي نه ٿيا آهن پر تعليمي، معاشي، سياسي، مذهبي ۽ سماجي اثر پڻ وڌيا آهن، ساڳئي طرح ڪورونا جي ڦهلجندڙ وبا سڀ کان پهرين دنيا جي ترقي يافتا ملڪ چائنا ۾ منهن ڪڍيو ۽ پوءِ آهستي آهستي پوري دنيا ۾ تيزي سان پکڙجي وئي. هن وبا جي ڦهلجڻ سان ترقي يافتا ملڪ به متاثر ضرور ٿيا هوندا پر ترقي پذير ملڪن جي عوام گهڻو ڀوڳيو آهي ۽ اڃا ڀوڳيندا. ترقي پذير ملڪن ۾ پاڪستان پڻ هڪ آهي، جيڪو هن وقت دنيا ۾ آباديءَ جي لحاظ کان 5 نمبر وڏو ملڪ آهي، هن ملڪ کي معاشي، تعليمي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي بحران ته ڄڻ ورثي ۾ مليا هجن پر رهي ڪسر ڪورونا پوري ڪري ڇڏي آهي. وبا سبب ملڪ جا سرڪاري توڙي پرائيويٽ تعليمي ادارا وقفي وقفي سان کلن ۽ بند ٿين ٿا، جنهن ڪري تعليم جو نقصان گهڻو پيو ٿئي پر خانگي ادارن سان جڙيل اسٽاف فاقاڪشيءَ واري حالت ۾ آهي. سندن گذر سفر جو مک ذريعو ادارن طرفان ملندڙ پگهار ئي آهي پر گذريل سال لاڳيتو اڌ سال کان مٿي تعليمي ادارن جي بند هئڻ سبب پرائيوٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي مالڪن طرفان پگهارون ڏيڻ کان کتو جواب ڏنو ويو ۽ ڪجهه ادارن پنهنجي اسٽاف جي نه هئڻ جي برابر مالي مدد ڪئي. حڪومت کي گهرجي ته پرائيوٽ سيڪٽر مالڪن کي پابند ڪن ته هو اسٽاف کي هر مهيني پگهار ادا ڪن.
عبدالستار کوکر/ ڪنب
شبِ قدر هزار مهينن کان بهتر ۽ ڀلي رات!
رمضان المبارڪ جي راتين مان هڪ رات شبِ قدر جي رات آهي، جيڪا بابرڪت ۽ خير واري رات آھي، قرآن پاڪ ۾ ان رات کي هزار مهينن کان افضل ٻڌايو ويو آھي، خوشنصيب آھي اهو شخص جنهن کي ان رات جي عبادت نصيب ٿئي ڇو ته جنهن شخص ان هڪ رات کي عبادت ۾ گذاريو ان 83 سال 4 مهينن کان وڌيڪ زمانو عبادت ۾ گذاريو، حضور ﷺ جن جو ارشاد مبارڪ آھي ته شب قدر ۾ حضرت جبرائيل عه ملائڪن جي هڪ جماعت سان گڏ لهندو آھي، جنهن شخص کي عبادت ۾ ڏسندا آھن ان شخص لاءِ رحمت جي دعا گهرندا آهن، پاڻ ڪريم ﷺ جن جو وڌيڪ فرمان آهي ته جنهن شخص شب قدر ۾ ايمان سان گڏ ثواب جي نيت سان رب پاڪ جي عبادت ڪئي ان جا اڳيان سڀ صغيرا گناھ معاف ڪيا ويندا، هيءَ رات رب پاڪ اسان جي پياري نبي ﷺ جي امت کي عطا ڪئي جيڪا اڳين نبين جي امتن کي نه ملي، ان جو سبب ڪهڙو هو ڪن حديثن ۾ آھي ته نبي ﷺ جن ٻين امتين جي عمرين کي ڏٺو ته تمام وڏيون هيون پنهنجي امت جو عمريون تمام ننڍيون هيون، ان لاءِ جيڪڏهن اهي نيڪ عملن ۾ اڳين امتن جي برابري ڪرڻ گهرن ها ته ناممڪن هو، ان ڪري رب پاڪ پنهنجي پياري نبي ﷺ جي امت کي اها رات عنايت فرمائي.
محمد اسلم سومرو/ کرڙاهه، ميرواهه
سنڌين سان ٻه اکيائي بند ڪيو!‎
نيب پاران سنڌ سرڪار کان سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي ڊوميسائيل تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪم ڪرڻ وارن ملازمن جو نرالو جواب طلب يقينن سنڌ دشمني آهي، ڇا سنڌ جا رھواسي پنهنجي ئي ديس جي شھرن ۾ ڪم نٿا ڪري سگهن؟ سنڌ سنڌين جي آهي، ڌرتيءَ جي وارثن کي پورو پورو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي ڌرتيءَ جي مالڪي ڪن، نيب جي اھڙي سوال تي ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي، اسان جو مرڻ جيئڻ ھن ڌرتيءَ سان آهي، سنڌي ھن ڌرتيءَ جا حقيقي وارث آھن، وارثن جا ئي ڊوميسائيل چيڪ ڪرڻ انتھائي فسوسناڪ عمل آهي، جي نيب کي ايتري سنڌ جي وڏن شهرن جو فڪر آھي ته ڊوميسائيل ڌارين جا چيڪ ڪري اڪثر سنڌ جي ڪوٽا تي پنجاب جا ماڻھو آھن، افغاني، بنگالي، پنجاپي پٺاڻ جن جو ھن ڌرتي سان ڪو واسطو ناھي، اھي سرعام ڊوميسائيل ڪارڊ وغيره ٺھرائي سنڌ جي نوجوانن جي حقن مٿان مڙهيا پيا وڃن، نيب کي گھرجي ته بنا دير انھن ڌارين جا ڪاغذ رڪارڊ ڏسي سندن کي نوڪري تان هٽائي انھن ڌارين کي سزا ڏني وڃي باقي ڌرتي ڌڻين جا ڪاغذ چيڪ ڪرڻ ڪٿان جو قانون آهي، سنڌ جا وارث سنڌي ئي آهن.
خواجا صدام سنڌي /احمدپور ڪنگري
ضلعي گهوٽڪي ۾ نقلي ڀاڻ جو وڌندڙ ڪاروبار!
سموري سنڌ ۾ جتي نقلي ڀاڻ دوا ۽ ٻج جو عروج آهي، اتي ضلعي گهوٽڪي ۾ اهو ڪاروبار وڏي زور سان آهي، هتان جا ڪاروباري ايترا ته بااثر آهن جو ڪئين ڀيرا انهن خلاف ميڊيا تي خبرون هليون آهن ته ڊي اي پي ڀاڻ پاڻي ۾ وجهڻ سان سنها پٿر الڳ ٿي وڃن ٿا ۽ انهن پٿرن مٿان لڳل رنگ الڳ ٿي وڃي ٿو ۽ خاص ڪري ڏهرڪي هن ڪاروبار جو گڙهه سمجهو وڃي ٿو، جتي نقلي دوائون ٻج ۽ ڀاڻ سري عام وڪرو ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب ڪيترائي هاري تباهه ٿي چڪا آهن، هاري ويچارو وياج تي دوا، ڀاڻ، ٻج کڻي پنهنجي ٻني پوکيندا آهن ۽ ضلعي گهوٽڪي ۾ 95 سيڪڙو ڪاروبارو ديوانن جو آهي، اهي نقلي ڀاڻ، دوائون، ٻج هنن هارين کي ڏيندا آهن، جنهن ڪري مٿان قرض بيهڻ ڪري اهي ويچارا اها ٻني کپائي انهن کي قرض ۾ پئسا کڻي ڏيندا آهن، جنهن ڪري غربت ۾ اضافو ٿيو آهي، ميرپورماٿيلو ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري ويجهو ٺهندڙ نقلي ڀاڻ جي جڏهن صحافين کي خبر پئي ته هو اتي ڪوريج لاءِ پهتا ته اتان جو عملو انهن صحافين تي مڇرجي پيو ۽ انهن صحافين ٿاڻي تي فون ڪئي ته پوليس موبائل نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي اتي نه پهتي، ضلعي انتظاميا توڙي اعليٰ عملدار هن مافيا اڳيان ايترا ته بيوس آهن جو ايئن ٿو لڳي ته هن ضلعي ۾ ضلعي انتظاميا نالي ڪا شيءِ ناهي جو هر روز اهڙن ماڻهن جي ميڊيا نشاندهي ڪري ٿي پر انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي، اسان ضلعي گهوٽڪي جي انتظاميا کي اپيل ٿا ڪيون ته خدارا سجاڳ ٿي مسڪين هارين سان ٿيندڙ ظلم بند ڪرايو.
علي حسن “احسن” چڍڙ/ ميرپورماٿيلو 
ماروئڙن جي دردن جو درمان ڪيو؟
سڄي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ سھولتن جي اڻھوند، دوائن ۽ انفراسٽرڪچر جي کوٽ جون جو خبرون ھر روز رپورٽ ٿينديون آهن، ھڪ پاسي سنڌ واسين کي سرڪاري اسپتالن مان مٿي جي سور جي گوري به نٿي ملي ته ٻئي پاسي سرڪاري نااھلي ۽ سنڌ کي پيرس بڻائڻ واري خواب جي ساڀيان جو اندازو ان ڳالهه ما لڳائي سگهجي ٿو ته ميڊيا موجب سرڪار سنڌ جي صحت کاتي جي ساڍا 23 ارب رپين جي بجيٽ مان صرف 5 ارب رپيا خرچ ڪري سگهي آهي، جڏهن ته عوام جو پئسو عوام جي دردن جو درمان بڻجڻ جو سبب نه پيو بڻجي ته پوءِ اھي پئسا ڪڏهن ۽ ڪنهن جي زخمن جي مرھم ٿيندا، ڇاڪاڻ ته ھن ملڪ ۾ شايد ڪا ھڪ به اھڙي بين الاقوامي سطح جي اسپتال موجود ناهي جتي اسان جا حڪمران پنهنجو رڳو چيڪ اپ ڪرائي سگهن، انهن کي ته علاج لاءِ ھر صورت ۾ ٻاهر وڃڻو آهي پر جڏهن مسڪين ماروئڙن کي علاج جو سھولتون مھيا ناھن ته پوءِ ماروئڙا پنهنجن پيارن کي تڙپندي ۽ مرندي ڏسن ٿا پر انهن کي پنهنجن پيارن جا لاش کڻائڻ لاءِ ايمبولينس به ميسر ناهي، سڄي سنڌ جيان چمبڙ شھر ۾ به قائم صحت مرڪز، چمبڙ واسين لاءِ بي لاڀ بڻيل آھي، چمبڙ سول اسپتال ۾ دوائون ۽ ڪتي ڏاڙھڻ جي ويڪسين اڻلڀ آهي، چمبڙ سميت سڄي سنڌ جي  اسپتالن جي بجيٽ دنيا جي ڪھڙي گرھ تي پئي خرچ ٿئي اھا خبر اڃا تائين ناسا وارن کي به ناهي پئجي سگهي! خدارا، سنڌ واسين ھاڻي سنڌ کي پئرس ۾ بدلجڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن پر کين وجود جي بقا لاءِ بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن ۽ سول اسپتال تعلقي چمبڙ سميت سڄي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن  جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.
آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ  
مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پسجندڙ غريب عوام!
اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ حڪمرانن جنهن کي وڌ بهتر بڻائڻ جون دعوائون ڪندا هئا اهي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ حڪمرانن جي صرف جيڪا شيءِ بڻي پئي آهي اها معيشت آهي، حڪمرانن ملڪ جي معيشت سان جيڪو حشر ڪيو آهي اهو گذريل حڪومتن به نه ڪيو هو، ماضيءَ ۾ ان وقت جي حڪومت تي تنقيد ڪندڙ هاڻوڪن حڪمران آءِ ايم ايف جيئن چئي رهي آهي تيئين ئي ڪري رهيا آهن، ان جو نتيجو تازي رپورٽ آهي ته ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي شهر 17 سيڪڙو وڌي وئي آهي. گذريل هفتي مهانگائيءَ جي شهر ۾ ٻيهر ٻڙي ڏهائي 50 سيڪڙو اضافيو ٿيو آهي پر سالياني بنيادن تي مهانگائيءَ جي شرح ۾ 17 ڏهائي 5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ڳڻپ واري اداري طرفان جاري رپورٽ موجب ملڪ ۾ اٽو، ٽماٽا، کنڊ، داليون، کير، گوشت، گيهه ۽ تيل سميت ٻين کاڌ خوراڪ جي شين جي اگھن ۾واڌ ٿي وئي آهي، ياد رهي ته رمضان جي مهيني ۾ مهانگائيءَ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، موجوده حڪومت جيڪي معاشي پاليسيون جوڙي رهي آهي انهن سان غريب ماڻحن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، هر شيءِ مهانگي ڪئي وئي آهي، جنهن سان غريب عوام مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي، ان عذاب ۾ جيئندڙ غريب ماڻهو اذيتن، ڏکيائين ۾ قابو آهن، حڪومت غريب دشمن پاليسيون جوڙي ۽ انهن تي عمل ڪري رهي آهي، جن کي فوري طور ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جو حڪومت کان مطالبو آهي ته هو پنهنجي معاشي پاليسين تي فوري طور نظرثاني ڪري.
غلام رحيم جوڻيجو موکار/مٺي
باهه متاثرن جي مالي سهائتا ڪيو!
هفتو اڳ نندي ڀرسان ڳوٺ موليڏنو خاصخيليءَ ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 35 گهر سڙي ويا هئا، گهرن ۾ پيل هنڌ، بسترا، ڪپڙا، نياڻين جو ڏاج، اناج، سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان به سڙي ويو هو، سول سوسائٽي نندو جي نوجوانن طرفان مالي سهائتا لاءِ امدادي رقم گڏ ڪرڻ لاءِ مهم شروع ڪئي وئي، نندي سميت ڀرپاسي جي مختلف علائقن جي رهواسين ان مهم کي ڀرپور موٽ ڏيندي پنهنجا عطيا باهه متاثرن جي مالي سهائتا لاءِ جمع ڪيا، چئن ڏينهن دوران سول سوسائٽي نندو شهر جي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري 6 لک 35 هزار رپيا گڏ ڪري باهه متاثرن جي 24 گهڻو متاثر ٿيل خاندانن ۾ ورهايا، جيڪو هڪ سٺو عمل آهي پر بيحسيءَ جي حد اها آهي ته جو تڪ جو ڪو چونڊيل ايم اين اي يا ايم پي اي باهه متاثرن وٽ لڙي ناهي آيو، جيڪي چونڊيل نمائندا اليڪشن کان ڪجهه وقت اڳ 5 سال پراڻيون رهيل فاتحائون ڪرڻ لاءِ نه ڏينهن ڏسندا آهن ۽ نه رات، اهي هيڏي وڏي واقعي بعد متاثرن کي آٿت ڏيڻ لاءِ به ناهن پهتا. سنڌ جي سول سوسائٽيءَ جي نوجوانن کي گهرجي ته پنهنجي شهرن يا ڳوٺن جي مسئلن جي حل ۽ مستحق ماڻهن جي مدد لاءِ اڳتي وڌن، باقي سنڌ سرڪار توڙي چونڊيل نمائندن پٽڪا ٻڌرايا اهي پاڻ سڀني ڏٺا آهن.
احسان ملاح/نندو
سيوھڻ ۾ نياڻيءَ سان زيادتي تي عوامي ردعمل!
ٻه ڏينهن اڳ سيوھڻ ۾ ٿيل نياڻيءَ سان لڄالٽ واري بعد ڪنڌ شرم کان ڪيڏانهن چري نٿو سگھي ته عوام جي پورهئي جي پگھر تي ھلندڙ سرڪار عوام کي تحفظ ڪيئن ڏئي رھي آھي جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي رٽائرڊ علمدار جي گھرن تائين شھر جا شاھينگ آرام سان پھچي نياڻين کي اغوا ڪري يا ورغلائي بليڪ ميل ڪري پنهنجي حوس پوري ڪرڻ بعد گھرن ٻاھران عزت جو جنازو اڇلائي ٿا وڃن، اتي سندس پٽي ڀائي روايتي ڪارروائي ڪري اصل جوابدارن کي ڇڏي خانا پوري جي چڪر ۾ ڌرين کي فسادن جي رستي ڏانھن وٺي وڃڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھي رھيا آھن، شھر ۾ ايتريون فحاشيءَ جون فرنچائيز کليل آھن جو پنهنجي جيون ساٿي توڙي ڀيڻ کي دوا داورن واسطي ڪنھن گھٽي مان گذرڻ وقت عوام پنهنجون معنائون ٿو ڪڍي، جڏھن ته  گذريل واقعي جي سوشل ميڊيا تي مھم ۾ متاثر برادري اڪيلي نظر اچي رھي آھي، جن کي پڻ ڀيانڪ نتيجا نڪرڻ جا امڪان آھن، اچو ته اسان سڀ راڄ، ڪٺ، قومون، ڪاميٽيون ۽ تنظيمون سوشل ميڊيا تي ڀرپور احتجاج ڪري متاثر ڌر جو آواز بڻجي جوابدارن کي انجام تائين پھچايون.
منظور ھاليپوٽو/ٽلٽي