سڌ جي قديم شهر ٺٽي تي هڪ نظر!

ٺٽو شھر ھينئر تاريخ جي بدترين دور مان گذري رھيو آھي، شھر کي جنھن طريقي سان ننڌڻڪو ڪيو ويو آھي ان جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، ٺٽو جيڪو پنھنجن ماڳن مڪانن، رومانوي داستانن، علمي ادبي ورثن، بادشاھن جي تخت نشينين شھر خموشان مڪلي جي مقبرن جي ڪري ھند سنڌ ۾ ھڪ الڳ مقام رکي ٿو، ھن وقت ھي شھر پنھنجي نڌڻڪائيءَ ۽ بيوسيءَ تي روئي رهيو آهي. ڪو والي وارث ڪونھي، اڄ ھي گلن جيان مھڪندڙ ٺٽو گندگيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿيل آھي، ھتان جون گھٽيون گوڏي جيڏي پاڻيءَ سبب گٽر جو ڏيک ڏئي رھيون آھن، ٺٽي جي ڀرسان وھندڙ ڪينجھر ڪراچي کي ته پاڻي ڏئي ٿي پر ٺٽي وارن جو ان پاڻيءَ تي ڪو به حق ناھي، ھي شھر سنڌ جو سڀ کان مھانگو شھر سڏيو وڃي ٿو، جتي ڪا به پڇاڻي واري حڪومت ناھي نه رڳو اھو پر ھاڻي ته ٺٽي جي سڃائپ نشائين، موالين جو شھر طور ٿئي ٿي. ھتي جو ٻچو ٻچو ڪنھن نه ڪنھن نشي جو شڪار آھي، جيڪو سڀ ڪجھ ڪنھن جي سرپرستي ۾ ٿي رھيو آھي، سڀني کي خبر آھي پر ڪير به چوڻ وارو ناھي، ھر گھٽي ھر گھر مان چوري جون وارداتون ٿي رھيون آھن، شريف ماڻھو پوليس وٽ وڃي ته انصاف پري رھيو ماڳھين عذاب پرايو اچي، ڇو ته پوليس پنھنجي بيوسي ظاھر ٿي ڪري ته اسان ڪجھ نٿا ڪري سگھون، توھان چورن جا نالا ڏيو ته ڪارروائي ڪريون، ان کان وڏو ڪو لطيفو ھوندو ته پوليس کي چور پڪڙي ڏجن پوءِ ڪارروائي ڪري؟ اھا به ڪھڙي ڪنھن جي چوڻ تي يا مال وٺي ڇڏي ڏيڻ، آخر شھر ٺٽي ڪھڙو ڏوھ ڪيو آهي؟ جنھن کي اليڪشن ۾ به ڪو ھڏ ڏوکي ماڻھو نٿو ملي، جيڪو شھر جي ڀلائي سوچي ۽ شھر جي وارثي ڪري، ٻيو ته ٺھيو ھن وقت جيڪو ٺٽي شھر ۾ آءِ بي اي ڪئمپس ٺھيو آھي جيڪو اڃا شروع ئي ناهي ٿيو پر ٻڌجي پيو ته ان ۾ چوڪيدار ۽ پٽيوالا به غير مقامي ماڻھو رکيا ويا آھن، ٺٽي جا بيروزگار  نوجوان اتي پٽيوالا به نٿا رکجن، افسوس جو مقام آھي ته ٺٽي جي چونڊيل نمائندن تي حيرت آھي، جيڪي ڪڇن ئي نٿا، ظاھر آ ته انھن کي سڀ خبر ھوندي پوءِ به ڪڇان ته ڪافر وانگر ٿيو ويٺا آھن، سواءِ ڪجھ باشعور ماڻھن جي ڪير ڪڇڻ لاءِ به تيار ناھي، وڏي افسوس جي ڳالھ آھي ته عوام ناانصافيون سھي ڏاڍو ٿي ويو آھي، ھاڻي رڙين ڪرڻ لاءِ به نٿا نڪرن پنھنجي حقن لاءِ ڳالھائڻ  به ڇڏي ڏنو اٿن.

عزيزه حنا/عباسي

جتي لوڀي هجڻ اتي ٺوڳي نه بک مرن!

  پبلڪ هيلٿ کاتي پاران جنوري 2020ع ۾ ان وقت جي ايم پي اي جيڪو پ پ پ جو هو تعلقي ماتلي ۾ 20 ماڻهو هڪ کان 4 گريڊ جي پبلڪ هيلٿ ۾ ڀرتي ڪريا، منهنجو به آرڊر چوڪيداري ۾ ٿيو هو، واٽر سپلاءِ اسڪيم ڳوٺ ڳهڙون لغاري ۾ 26 مهينا ڊيوٽي ڪندي ٿي ويا آهن پر صرف هڪ پگھار ملي آهي باقي پگھارون ناهن مليون. هن وقت ايس ڊي او ماتلي تعلقي پبلڪ هيلٿ آڦيس ۾ 51 ڪچن ملازمن جي لسٽ لڳائي آهي انهن ملازمن کي ڊيوٽي تي به ڄاڻايو ويو آهي، مزي واري ڳالهه ته اُهي ملازم گھر ويٺي پگھار کڻي رهيا آهن، 51 ملازمن جا آرڊر به ايس ڊي او صاحب رشوت وٺي ڪرايا آهن. ايم پي اي جا ڪرايل آرڊرن جي ملازمن جون پگھارون به بند ڪيون ويون آهن. مون اها سڄي حقايقت ايم پي اي سان ڪبه ڪئي آهي ايم پي اي صاحب چيو ته ايس ڊي او ماتلي منهنجو چوڻ نٿو وٺي، بلاول هائوس مان آرڊر ڪرائي آيو آهي، ڊي سي صاحب جي ميٽنگ به اٽينڊ نٿو ڪري آئون ڇا ڪريان؟ منهنجي پنهنجي اخبار جي پنهنجن جون چٺيون وسيلي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پرزور اپيل آهي ته بي بي شهيد جي نالي ووٽ وٺي ايوان ۾ پهچي جيڪو ايم پي اي آرڊر ڪرائي ويو اهو رضا الاهي سان وفات ڪري ويو آهي، ان جي وفات بعد سندس ڀاڻج ايم پي اي چونڊيو آهي، پر تعلقي آفيسر ايترو ته بااثر آهي جو ڪنهن جو به چوڻ نٿو ڪري مهرباني ڪري توهان اسان مسڪنن جي واهر ڪريو اسان جون پگھارون جاري ڪريون ته جيئن اسان جا ٻچڙا سک جو ٽڪر کائي سگھن ۽ توهان کي دعائون ڪن.

عبدالغفار لغاري/ڳهڻو لغاري، تلهار

استادن جون ڀرتيون ۽ اميدوارن جو رد عمل!

  سنڌ سرڪار سيپٽمبر  2021ع ۾ استادن جي ڀرتين لاءِ امتحان ورتو جنهن ۾ پاسنگ مارڪون 55 رکيون ويون پر پوءِ تعليم کاتي اقليتن ۽ عورت اميدوارن کي 5 مارڪن جي رعايت ڏئي گويا مسلمان مرد اميدوارن سان ناحق پئي ڪيو، هڪ طرف هارڊ ايرياز ۾ من پسند علائقا به شامل ڪيا ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته هارڊ ايرياز ۾ 33 مارڪن تي پاس ڪيو ويندو، معذور شخصن کي به 33 مارڪن تي پاس ڪيو ويو آهي، هاڻي ڀرتي پاليسي ٽي رخي بڻجي وئي آهي، پ پ پ سرڪار پنهنجا ماڻهو هارڊ ايرياز ۾ مقرر ڪرڻ چاهي ٿي جنهن ڪري هارڊ ايرياز جا ڪاغذ ضروري آهن، اميدوارن اهڙي پاليسيءَ کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي، پ پ پ سرڪار پنهنجي مفادن جي لاءِ ڪم ڪندي آئي آهي ۽ اڄ به ڪري رهي آهي، ڇو ته پ پ پ سرڪار هاڻي عوام جماعت نه پر هڪ ڪاروباري پارٽي بڻجي وئي آهي.

سيد سجاد حسين/لاڙڪاڻو

يوسي جمال شاهھ ۽ ان جي ڏتڙيل عوام جي دانهن ورنايو!

  نواب شاھ ضلعي کي پيپلزپارٽي جو ڳڙهه چيو وڃي ٿو، آصف علي زرداري جا وڏڙا اصل ۾ هن ضلعي جا هئا، شھيد بينظير آباد ۾ انهن ماڻهن جا ڪم ڪيا ويندا آهن، جيڪي پ پ پ جي اڳواڻن کي ويجھا ھجن يا جيالن جي لسٽ ۾ هجن، باقي غريب عوام گهر جا واڌو ڀاتي جيا هجي ٿو، اليڪشن جي ورڪ دوران انهن غريبن کي پ پ پ اميدوار ڀاڪر پائيندا آهن، ڄڻ کين عوام سان پيار ۽ سالن جي سڪ آهي، اليڪشن بعد غريب عوام کي ٽشو پيپر جيان اڇلائي ڇڏيندا آهن، هتي هڪ شھر جمال شاھ به آھي، هي شھر روهڙي ڪئنال جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي هن جي آبادي 5000 کان به وڌيڪ آهي، هتي صدر ٿاڻو آهي، پر افسوس ته هن شھر سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ھي شھر سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهي، جن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي جو مسئلو آهي، صاف پاڻي جي نه هئڻ جي ڪري هتان جو عوام ڪيترن ئي بيمارين ۾ ورتل آهي جن ۾ گڙدن، معدي ۽ ساھ جون بيماريون شامل آهن. ٻيو مسئلو ڊرينيج جو آهي، ڇاڪاڻ ته گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي يا برساتي پاڻي جي نيڪال جو انتظام نه هئڻ ڪري ڳوٺن جي گهٽين ۾ جمع ٿي وڃي ٿو جنهن سان ايندڙ ويندڙن ۽ مسجد ۾ نماز ادا ڪندڙ ماڻهن کي سخت ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. ٽيون وڏو مسئلو اهو آهي ته هتي جي شاگردن توڙي شاگردياڻين لاءِ هاءِ اسڪول نه هئڻ ڪري هتان جا سوين شاگرد توڙي شاگردياڻيون 20 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪري قاضي احمد شھر ۾ تعليم لاءِ ويندا آهن، جن ۾ ڪافي شاگرد ۽ شاگردياڻيون غربت سبب تعليم جي زيور کان محروم ٿي وڃن ٿا، چوٿون وڏو مسئلو اسپتال جو نه هجڻ آهي جنهن ڪري هتان جا عطائي ۽ سيکڙاٽ ڊاڪٽر غريب عوام جي جانين سان کيڏن ٿا، هتان جي ميڊيڪل اسٽور وارن کي لائسنس به نه آهن، جيڪي ٻه نمبر دوائن وڪرو ڪندا آهن، جنهن ڪري مريضن کي ڪو فرق پوڻ بدران ابتو نقصان پيو پهچي. بنيادي سهولتن کان وانجهيل عوام جي محرومي ڏسي جيڪڏهن حڪمرانن جون اڃا به اکيون نه کليون ۽ عوام جي بنيادي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو ته عوام به انهن کان ايئن لاتعلق بڻجي ويندو ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته جمال شاھ واسين کي بنيادي سهولتون ڏئي انھن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.

نظير ڏاھري/ جمال شاھ

آسمان تي ڇرڪائيندڙ روشني جا منظر!

  ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ ايسٽرائڊ جي ٽڪري جو ڪرڻ ۾ سال 1054 عيسوي ۾ ٿيندڙ سپرنووا ڌماڪو اھو جيڪو ايسٽرائڊ جو ٽڪرو يا ميٽريورائٽ يا شهاب ثاقب يا ٽوٽتا هوا تارا زمين جي هوائي تهه ۾ داخل ٿي سڙي رک ٿي ويو ۽ سنڌ سميت اهو نظارو ڪجهه نصيبن پسيو به. ڪجهه دوستن وري هن واقعي کي سپرنووا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه پيا چون، پاڻ صرف ان جو سائنسي حساب سان جائزو وٺنداسين باقي جيڪي علم ۽ شعور جي تيز روشني هوندي به اکيون ٻوٽي لت ڏئي ستا پيا آهن، انهن لاءِ هي پوسٽ ناهي، اسان جي پنهنجي گئليڪسي جيڪا ساڍا نئون ارب سال پراڻي آهي ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ارب تارا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي زندگي گذاري فنا ٿي ويندا آهن. تارن جي موت کي مختصرن هين لکي سگهجي ٿو ته: سج يا سج کان وڏا تارا پنهنجي آخري ڏينهن ۾ ريڊ ڊارف تاري ۾ تبديل ٿي ڦوڪجي پنهنجي جسامت کان ڪيترائي سئو ڀيرا وڏا ٿي ويندا آهن ۽ پنهنجي سيارن کي به ڳِهي ويندا آهن، ايتري ڦهلاءَ جي نتيجي ۾ اهي ريڊ ڊارف تارا پنهنجي مادو سنڀالي نه سگهندا آهن، اهو مادو ڪنهن گئس نيبيولا جو حصو بڻجي ڪنهن ٻي تاري جي جنم جو سبب بڻبا آهن. ريڊ ڊارف تارا سڪڙجي وائيٽ ڊارف ۾ تبديل ٿي ويندا آهن جيڪي وڌيڪ ڪيترائي ارب سال ان ئي صورت ۾ رهندا آهن جيڪي تارا سج کان ڪافي وڏا هوندا آهن اهي پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ سپرنووا ڌماڪي جي نتيجي ۾ نيوٽران اسٽار يا بليڪ هول ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. سپرنووا جو ڌماڪو ايترو ته سخت ۽ روشن هوندو آهي جو اهو ڪيترن ئي هفتن تائين آسمان جي وسعتن ۾ ڏينهن توڙي رات جو به واضع نظر ايندو آهي. اسان جي پنهنجي گئليڪسي ۾ سراسري طور هر سئو سالن ۾ هڪ سپرنووا ڌماڪو ٿيندو آهي. گئليڪسي جي جنهن حصي ۾ سج آهي اتان اهڙن ڪجهه سپرنووا ڌماڪن کي ماضي ۾ انسان به ڏٺو ۽ رڪارڊ ڪيو آهي. هيٺ ڏنل تصوير ۾ سال 1054 عيسوي سن ۾ ٿيندڙ هڪ ڌماڪي کي چين جي ڪنهن علائقي ۾ هڪ ڊرائنگ cave painting ۾ محفوظ ڪيو ويو. ان تصوير ۾ اوهان ڏسي سگهو ٿا ته هڪ روشن تارو چنڊ سان گڏ ٺاهيو ويو آهي جنهن جو چٽو مقصد اهو آهي ته هُنن ڏينهن ۾ رات جو چنڊ سان گڏ هڪ نئون اوچتو ظاهر ٿيندڙ جسم ظاهر ٿيندو رهيو آهي، ان رات واري واقعي ۽ ويجهڙ ۾ ٿيندڙ امڪاني سپرنووا ڌماڪي جو ڪو به تعلق ناهي.

منيش ڪمار جسواڻي/ پٿورو

سنڌ ۾ جگر جي بيماري جو ٿيندڙ مفت علاج!‎‎

  سنڌ  جي سرڪاري اسپتالن ۾  سھولتن جي اڻ ھوند، دوائن  ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ جون دانھون روز  ميڊيا ۾  اچن ٿيون ۽ پاڻ به ڪيترائي ڀيرا ان بابت لکيو آھي پر سنڌ حڪومت طرفان صحت جي شعبي ۾ ڪي انقلابي ڪم به ڪيا ويا آھن، خيرپور  ضلعي جي ننڍڙي شھر گمبٽ ۾ قائم ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ آف ليور ٽرانسپلانٽ ۾ جگر  جي بيماريءَ جو سڄو علاج بلڪل مفت ڪيو وڃي ٿو، لک رپين واري آپريشن کان وٺي جگر جي پيوندڪاري ليور ٽرانسپلانٽ جنھن تي لڳ ڀڳ 50 کان 70 لک خرچ اچي ٿو ۽ اھا به ٻاھرين ملڪن ۾، اھا گمبٽ ۾ حڪومت سنڌ جي مڪمل سهڪار سان بلڪل مفت ڪئي وڃي ٿي جتي سڄي ملڪ مان غريب مريض سنڌ جو رخ ڪن ٿا، 2016ع ۾ قائم ٿيندڙ ان اداري ۾ ايستائين 550 لور ٽرانسپلانٽ بلڪل مفت ٿي چڪا آھن، جنھن جو سڄو خرچ صرف سنڌ حڪومت ادا ڪري ٿي ۽ اھڙي  ادارو سواءِ سنڌ ۾ سڄي ملڪ ۾ ٻيو ڪٿي به ناھي جنھن ۾ ايتري سطح تي مفت علاج ٿيندو ھجي ۽ دنيا جي تمام گھٽ ملڪن ۾ اھو علاج مفت ۾ ٿيندو ھوندو، ھاڻي تازو ئي ان اداري ۾ سنڌ حڪومت جي سھڪار سان ٿيليسيميا ۽ رت جي ڪينسر جو علاج ھڏين جي مک جي پيوند ڪاري ذريعي جديد مشينري سان ڪرڻ جي شروعات ٿي آھي، جنھن جو افتتاح ڪجھ ڏينھن اڳ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪيو، ھاڻي سنڌ صوبي ۾ به صحت جي شعبي ۾ ڪافي سٺو ڪم ٿي رھيو آھي، اسان کي ۽ ميڊيا کي عوام تائين ان جي صحيح  آگاھي فراھم ڪرڻ جي ضرورت آھي، جيئن ماڻھو اھڙن ادارن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگھن. ان سان گڏ بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ جيڪي مسئلا  موجود آھن انھن کي اوليتي بنيادن تي حل ڪيو وڃي جيئن  غريب مريضن جو ڏکيائيون گھٽ ٿي سگھن.

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

فراڊي اڳواڻ يا منزل!

  پر مان قاتل نه فراڊي آھيان، پاڪستان ۾ ھڪ سوچ جو نالو آھي، جيڪا سيٺن، سياستدانن، ججن، جاسوسن سڀني ۾ ڏٺي وئي آھي. پاڪستان ۾ پراپرٽي وارا سيٺ چوندا آھن ته ڇا اسان توھان کي قبضا گروپ يا لينڊ مافيا لڳندا آھيون، اسان ته رياست مدينا ۾ نيون عمارتون ۽ ڪالونيون ٺاھي رھيا آھيون، پاڪستان جا عسڪري تجزيه ڪار چوندا آھن ته اسان توھان جي نظرياتي سرحدن جا محافظ آھيون، ڇا اسان توھان کي ايئن لڳندا آھيون جو اسامه بن لادن کي پنھنجي پٺيان لڪايون، ٿوري نالائقي ھوندي، اسان جي نيت تي شڪ نه ڪيو وڃي. پرويز مشرف پڻ تقريبن اھو ئي چيو آھي ته مون آئين جو آرٽيڪل ڇھ ته ڪو نه ٽوڙيو آھي مان ته پاڻ بيمار رھندو آھيان، ڊاڪٽر کان پڇي وٺو. نواز شريف به اھو چوندو ته مون کان ڇا ٿا پڇو منھنجي ڊاڪٽرن کان پڇو. رائو انوار به اھو چوندي ڏٺو ويندو ته مان ته ھڪ فرض شناس ۽ بھادر پوليس آفيسر آھيان، ھي چار سو خبر ناھي ڪنھن جي منھن ماري ۾ ماريا ويا. عمران خان ته صبح شام فرمائيندا آھن ته مان وزيراعظم ناھيان بس رڙيون ڪڍرائڻ جو شوق آھي. ھاڻي ته لنڊن ۾ الطاف حسين به ھڪ عدالت ۾ پيش ٿيو آھي. ان تي نفرت ڀريون تقريرون ڪرڻ جو الزام آھي، شايد ڪراچي کان ٻاھر رھڻ وارا نه ڄاڻندا ھجن پر الطاف حسين جي لاءِ ڪراچي ۾ سڀ کان مشهور نعرو ھو ته اسان کي منزل نه اڳواڻ کپي. الطاف حسين به پنھنجي بچاءَ ۾ جج صاحب کي پنھنجو پھريون ڪتاب پيش ڪري سگھي ٿو، جنھن جو نالو ئي فلسفه محبت آھي. محبت جي فلسفي تي ڪتاب لکڻ وارن تي نفرت ڦھلائڻ جو الزام ڪيئن لڳائي سگھجي ٿو. جي جج نه مڃي ته الطاف حسين پنھنجي بچاءَ ۾ چئي سگھي ٿو جج صاحب مان ته اڳواڻ آھيان ئي ڪونه، مان ته منزل آھيان، پيار جي منزل. اسان وٽ اهڙا ئي ڪردار آهن جيڪي هونئن ته اسان جي جان، مال، عزت جا رکوالا آهن پر اهي ڪم سدائين پنهنجي مفادن ۾ ڪندا آهن ۽ عوام جي اکين ۾ سرمو پائي، پنهنجو ڪم ڪڍي نڪري ويندا آهن.

ياسر خاصخيلي/ حسين آباد، ڪوٽڏيجي

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

                 ملاقات جي پرچي اڄ دير سان ٿي اچي، ملاقات روم ۾ کڻي وڃان ته اڄ اُتي جو رنگ ئي ٻيو لڳو پيو هجي، گھوٽ ۽ ڪنوار ڳوٺاڻ پوري فيملي سان گڏ مون سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا هئا، منهنجو ننڍو ڀاءُ فياض پنهنجي سهڻي ڪنوار سان گڏ ڏاڍو هينڊسم لڳي رهيو هو، هو نڪاح ڪرڻ کان پوءِ سڌو مون ڏي آيا هئا، فياض کان سواءِ ننڍو سني (اد علي ڇلگري، ادو سجاد علي ڇلگري، شينهن وارو ريار شان علي ڇلگري ۽ ٻيا کوڙ سارا گھر ڀاتي 2 کان 3 گاڏيون ڀري مون سان ملڻ آيا هئا ۽ مون کي ۽ منهنجي سنگت کي شاديءَ جي ماني، مٺائي وغيره کارائڻ آيا هئا. ادي سجاد ٻڌاصيو ته هُن منهنجي لاءِ برياني پنهنجي هٿن سان تيار ڪئي آهي. ادي سجاد سان ڪچهري ڪري ڏاڍو سڪون مليو. پيارو اسد ضرورت جي سامان کان سواءِ مون کي شيشي جي هُن پار کان تُرڪي ٽوپي ڏيکاريندي چيو ته علي ڀائي هي تولاءِ ورتي اٿم. هُن جي چهري تي مُرڪ هئي جيڪا منهنجي لاءِ منهنجي سموري ڪائنات هئي، ڀينرن جي ٻارن تي به ڏاڍو پيار ٿي آيو ۽ ڀاءُ جي ٻارن تي به، سڀن سان اڄ ڪچهريون ٿيون پر منهنجي ڪچهريءَ جا مرڪز فياض ۽ اُن جي ڪنوار هئا. مون کي ياد آهي ته فياض 2000ع جي ڊسمبر ۾ پيدا ٿيو هو، هُن جو ننڍپڻ مون سان گڏ ئي راند ڪندي گذريو آهي. هو ننڍپڻ ۾ وڊيو گيمز جو ڏاڍو شوقن هو ۽ گيمن جي ڪري ئي ڪڏهن ڪڏهن هو اسڪو جو هوم ورڪ به نه ڪندو هو جنهن تان هُن مون کان ڪافي ڀيرا مار به کاڌي. آئون جڏهن فياض تي سختي ڪندو هئس ته هو مون سان ڪجھه ڪلاڪن لاءِ ناراض پڻ ٿي ويندو هو پر جنهن وقت آئون رات جو پنهنجي ڪمري ۾ سمهڻ لاءِ ويندو هئس ته فياض جي محبت هُن کي مون ڏي ڇڪي ايندي هئي. اهي محبتون ڪيڏيون نه عظيم آهن، جن تان ماڻهو جيون رولي ڇڏي، گھوري ڇڏي پر تڏهن به اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي.(جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

  گذريل ڏينهن جيل جي اسپتال وڃڻ ٿيو جتي منهنجي ملاقات تازو جيل ۾ آيل هڪ قيدي سان ٿي، جيڪو ماروي ٽائون حيدرآباد جو رهاڪو هو، جنهن قيدي سان ملي منهنجي ذهن تي ماضي جون ڪيتريون ئي يادگيريون تري آيون، جڏهن هُن مون کي پنهنجو تعلق حيدرآباد جي ڀٽائي ٽائون سان ٻڌايو ته سنڌ جي ٻيو نمبر سهڻي شهر جون روشنين سان ٽمٽار راتيون ۽ منظر منهنجي سامهون ڦرڻ لڳا، حيدرآباد شهر جنهن ۾ ڪيئي تاريخي ماڳ آهن، ڪچو قلعو، ڪچو قلعو، حضرت علي رضهه سان منسوب قدم گاهه، ميرن جا مقبرا، شهيد هوشو شيدي جي مزار جھڙا ماڳ آهن، راڻي باغ، نياز اسٽيڊيم، سنڌ ميوزيم سميت ڪيترائي ٻيا ماڳ پڻ هن شهر جي سونهن ۾ اضافو ڪن ٿا، جن کي ڏسڻ لاءِ نه رڳو پوري ملڪ پر دنيا جهان جا ماڻهو ايندا آهن. حيدرآباد جي مشهور بمبئي بيڪري جا ڪيڪ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور آهن، انک ان سواءِ هتا جي بشير برياني، ڪوزي حليم، حاجي رٻڙي کائڻ جي شوقينن لاءِ وڏي ڪشش رکن ٿا، حيدرآباد وارن وٽ ڪو به مهمان ايندو آهي ته اهي مٿيان ماڳ ۽ کاڌا ضرور گھمندو ۽ کائيندو آهي. ڄامشوري کان حيدرآباد هر روز منهنجو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، خاص ڪري ڀٽائي ٽائون جتي ڀائرن جھڙا دوست ذوالفقار ۽ سندس ڀاءُ علي رضا بروهي رهندا هئا، انهن وٽ اچڻ ڪري منهنجا ٻيا به ڪافي دوست ٿي ويا، جن ۾ نوين کوسو، يارو عباسي، اياز ابڙو صغير ڪشميري، آڪاش اڄڻ ذيشان کيمٽيو ۽ ٻيا دوست ٿيا، جنهن سان گڏ مٿيان ماڳ گھمڻ سان گڏ کائڻ پيئڻ جا مشغلا پڻ رهيا. خاص لري لهڙي هوٽل تي ويهي کائڻ کان پوءِ سڀئي دوست راڻي باغ گھمڻ لاءِ ويندا هئاسين ۽ ڪڏهن ڪڏهن آچر جي موڪل تي نيو حيدرآباد سٽي جو رخ ڪندا هئاسين، ان کان سواءِ لطيف آباد جي پيالا هوٽل جي چانهه پيئندا هئاسين. اهي ڳالهيو ياد ڪري دل ڏکاري ٿي پوندي آهي، انهن پرين پيارن دوستن کان پري ٿيندي مون کي زندان ۾ 8 سال ٿيا آهن، جن دوستن کي وري ويجھي کان ناهي ڏٺو. منهنجي ۽ دوستن جي وچ ۾ جدائي جو سبب زندان جو ڪوٽ آهي جنهن ڪوٽ جي هڪ پاسي آئي ته ٻئي پاسي اهي دوست آهن جن کي روز ياد ڪندو آهيان.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

قيدي جي ڊائري!

  اڄ آئون اڇي چڪر دڪان تي ويس ته اتي منهنجي غلام مصطيٰ لنڊ سان ڪچهري ٿي، هو گھڻو پريشان نظر پي آيو، مون ان کان احوال ورتا ته حون ٻڌايو ته آئون 14 سالن کان بيگناهه جيل ڪاٽي رهيو آهيان، منهنجي گھر جو آئون واحد سهارو آهيان ۽ منهنجو والد صاحب بابو خان لنڊ هن وقت پيرسن آهي، مون هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل به ڪئي آهي پر 14 سال گذرڻ باوجود منهنجي ڪا به تاريخ ناهي نڪتي مون واري وڪيل ناصر شيخ پئسا به وٺي چڪو آهي پر ڪيس جي مالي بلڪل نٿو ڪري، آئون چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس آف سنڌ کان گھر ٿو ڪريان ته منهنجي وڪيل کي پابند ڪري ڪورٽ گھرايو وڃي ۽ منهنجو ڪيس هلائي مون سان انصاف ڪيو وڃي جيئن آئون پنهنجي پيرسن والد جي مالڪي ڪري سگھان ۽ هڪ عام شهري جيان پرسڪون زندگي گذاريان. پوڙهي والد کي ڪو پاڻي پيارڻ وارو به گھر ۾ موجود ناهي، هن جي اکين ۾ مون کي اداسي نظر آئي. هُن جھڙا ڪافي قيدي آهن جيڪي سالن کان انصافلاءِ ڀٽڪندا ٿا وتن ۽ هر روز نئون سج اڀرڻ جو انتظار ڪن ٿا. رب پاڪ ڪنهن به غريب کي بيگناهه قيد ۾ نه آڻي ڇو جو هي هڪڙي ماڻهو جو سوال ناهي، هر شخص سان گڏ ڪيتريون ئي زندگيون جڙيل هونديون آهن.

دلدار علي بخش وساڻ/ سينٽرل جيل حيدرآباد 28 جنوري 2022ع