ڪراچي ۾ برطانوي دور جي عمارت مان هٿيار هٿ اچڻ وارو معاملو!

  ڪراچي ۾ پوليس اولڊ سٽي ايريا ٿاڻي جي ويجهو هڪ خيراتي ٽرسٽ سان تعلق رکڻ واري برطانيا دور جي جڳهه مان وڏي انگ ۾ اينٽي ايئر ڪرافٽ گنون، اسٽين گن، ريوالور ۽ ٻيا جديد ترين هٿيار هٿ ڪيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته اهي فوجي هٿيار بظاهر 10 کان 12 سال پهريان زمين ۾ دفن ڪيا ويا هئا. تان جو ان سلسلي ۾ اڃا تائين ڪائي گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي، حالتن ۾ بهتري باوجود ڪراچي ۾ گهڻا علائقا اڃا تائين حساس نوعيت وارا آهن. اهڙين بند جڳهن مان هٿيارن جو ملڻ ڳڻتيءَ جوڳو عمل آهي. گذريل سال آگسٽ ۾ به رينجرز نيو ڪراچي جي هڪ گودام تي ڇاپو هڻي وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو هو. اهڙي طرح آڪٽوبر 2016 ۾ به شهر جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي غير قانوني هٿيارن جي کيپ عزيزآباد جي هڪ بند جاءِ مان هٿ ڪئي وئي هئي. ان سڄي صورتحال مان ڪراچي جي حوالي سان کٽڪن جو اظهار ٿيندو آهي. ڪراچي ۾ غير رهائشي ۽ ويران جاين، گودامن ۽ ٽرسٽن جي استعمال هيٺ پراڻيم عمارتن ۾ وڏو آپريشن ۽ ان جي ڪڙي نگراني ڪئي وڃي. خدا ڪري شهر ۾ امن امان جي حالت ڪجھ بهتر ٿي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته غيرقانوني هٿيارن جي ڳولا جو ڪم نه رڳو جاري رکيو وڃي پر ان جي گهرائي تائين جاچ به ڪئي وڃي. ان ۾ ملوث ماڻهن، گروهن ۽ جماعتن جو پتو لڳائي انهن جو گرفتاريون عمل ۾ آنديون وڃن تان جو شهر کي ماضي جهڙي بربادي کان بچائي سگهجي ۽ امن و امان جي صورتحال برقرار رهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

واهي پانڌي روڊ جي مرمت ڪير ڪرائيندو؟‎‎

  واهي پانڌي جي ڳوٺ پريو جمالي، ڳوٺ فضل جمالي، ڳوٺ شفيع محمد لنڊ، ڳوٺ پوٽو لنڊ، ڳوٺ يار محمد رند، سنڌ جو تفريح ماڳ گورک هل اسٽيشن ٽنڊو رحيم خان، حاجي خان، ڳوٺ صاحب خان سميت 500  ڳوٺن ۽ شهر واهي پانڌي جوهي روڊ تي ايندا آهن ويندا آهن، واهي پانڌي روڊ اچ وڃ ۾ تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي، واهي پانڌي روڊ تي هنڌان هنڌان ڏار پئجي ويا آهن ۽ روڊ جو نالو نشان موجود ناهي، روڊ تي گوڏي جيڏا کڏا پئجي ويا آهن، مسافرن مريضن کي تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي. تڪ جي چونڊيل نمائندن کي بار بار چوڻ باوجود روڊ جو مرمت نه ٿي سگهي آهي، علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته گهر ڪئي آهي ته واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت ڪرائي وڃي، ڪاڇي واسين جي تڪليف ختم ڪئي وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

تيل اگھن ۾ واڌ ۽ ٺلهن آسرن تي ٿيندڙ سياست!

  وفاقي سرڪار پيٽرول وارين شين جي اگھن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي آهي، موجوده وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ ٽي رپين جو اضافو ڪري عوام کي نئين سال جي خوشين کي ويتر ڏک ۾ تبديل ڪر يڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 147 رپيا 83 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي، جڏهن ته پيٽرول پمپ تي 150 رپيا 20 پئسا في ليٽر ملي ٿو، موجوده سرڪار طرفان مهيني ۾ 15 ڏينهن بعد تيل جي قيمتن ۾ هيرڦير ڪئي ويندي آهي جنهن ڪر يتيل جون قيمدون اڪثر ڪري وڌي وينديون آهن ۽ ان سان عوام جي تڪليفن ۾ ويتر اضافو ٿي ويندو آهي، جڏهن ته ٽرانسپورٽرن طرفان هر واري ٻيڻ تي ڀاڙا وڌايا ويندا آهن، نهن سبب غريب عوام ٻيهر عذاب هيٺ اچي ويندو آهي، ملڪ ۾ هر روز مهانگائيءَ ۾ ايڏي واڌ مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته هي موجوده وفاقي حڪومت عوام جي مفادن بدران آءِ ايم ايف جي مفادن ۾ ڪم ڪر يرهي آهي، ڪجھه ڏينهن اڳ مني بجيٽ جي منظوري ۾ به ان جو ثبوت ڏنو ويو، ڏينهو ڏينهن وڌندڙ مهانگائين غريب عوام جا پاسا ڪڍي ڇڏيا آهن، بُک هڪ اهڙي بلا آهي جيڪا امن ۽ سڪون کي تباهه ڪرڻ جو سمورو سامان مهيا ڪري ڏيندي آهي، اهي بکايل ماڻهن کي پنهنجي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ هر اهو عمل ڪرڻ تي اتساهيندي آهي جيڪو قانون جي نظر ۾ ڏوهه سمجھيو ويندو آهي، چوريون، ڌاڙا، ڦرون ۽ قتل جو جيڪڏهن پيرو کڻبو ته اڪثر پيچرا بک تي اچي ڇيهه ڪندا، مطلب ته مسلسل مهانگائي، تيل جي اگھن ۾ واڌ، مني مجيٽ جي منظوري ۽ وزيراعظم پاران اعتراف ته آءِ ايم ايف  جا شرط مڃڻ لاءِ عوام تي باره وجھڻو پيو، انهيءَ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته عملي طور هي ملڪ آءِ ايم ايف جي حوالي ڪيو ويو آهي، سمجھه ۾ نٿو اچي ته ملڪ جو معاشي حالتون ڪڏهن ۽ ڪيئن بهتر ٿينديون؟ اسان اهو ضرور سمجھون ٿا ته اها انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي، تنهن ڪري موجوده حڪمرانن کي ملڪ جي غريب عوام جو احساس به نٿو ٿئي، مسئلو ته صرف عام ماڻهو جو آهي جنهن لاءِ ٻه ويلا ماني کائڻ به عذاب بڻجي ويو آهي.

غلام رحيم جوڻيجو موکار/ مٺي

25 ھزار پگھار وارو معاملو!‎‎

  سنڌ حڪومت يا وفاقي حڪومت جي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ ختم ڪرڻ جي لاءِ صرف اعلان ڪرڻ ۾ پوري آھي، باقي حال پلال آهن، حڪومتون بس عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ اھڙا بيان جاري ڪري ٿي پر انهن تي عمل ڪرائڻ سندن وس جي ڳالھ نه آھي. اڄ به خيرپور جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پنج کان وڌ ۾ وڌ 15 ھزار پگھار ڏني وڃي ٿي، پرائيويٽ آفيسن دڪانن تي ڪم ڪندڙن کي به پنج کان اٺ ھزار پگھار ملي ٿي، جنھن ڪري اھڙي مھانگائي واري دور ۾ گذر ڪرڻ انتھائي ڏکيو آھي. سرڪاري ملازمن کي جيڪڏهن ھڪ انڪريمنٽ نٿي ملي ته ھڙتال جو سڏ ڏنو وڃي ٿو پر ھي مزدور طبقو ڪھڙي در دانھن ڏين؟ ھن معاملي تي حڪومت کي سنجيدگي سان عمل ڪرائڻ جي گذارش رکجي ٿي.

ايڊووڪيٽ محمد علي سومرو/ خيرپورميرس

ڪوٽڏيجي ۾ جاري هٿرادو ڀاڻ جي کوٽ!

  پوري سنڌ جيان ڪوٽڏيجي تعلقي ۾ به زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڀاڻ آبادگارن لاءِ ڀاڻ ناياب بڻايو ويو آھي ۽ ڪوٽڏيجي تعلقي جي آبادگارن لاءِ 50 هزار ٻورين مان 40 هزار ٻوريون غائب ٿيڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو آھي ۽ ڪوٽڏيجي تعلقي ۾ صرف 10 هزار ڀاڻ جون ٻوريون مليون آھن ۽ زرعي ڪمپنين پاران 40 هزار ڀاڻ جون ٻوريون جعلي ڊيلرن ۽ من پسند منافعي خورڊيلرن کي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي ۽ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ هئڻ ڪري منافعي خور واپارين به آبادگارن کي ڦرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ۽ ڀاڻ جي في ٻوري  3000 کان وٺي 9000 هزار رپين تائين وڪرو ڪئي پئي وڃي. ڊيلرن منافعي خور واپارين سيٺين به سرڪاري اگھ کي ٿڏي ڇڏيو آھي ۽ ننڊن آبادگارن لاءِ ڀاڻ ناياب بڻجي ويو آھي ۽ هن مند ۾ وقت سر ڀاڻ نه ملڻ ڪري چيٽ جا فصل سخت متاثر ٿيڻ لڳا آھن، ٻئي پاسي هتان جي آبادگارن هارين زراعت کاتي جي سيڪريٽري سميت صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جو نوٽيس وٺي منافعي خورواپارين پاران ذخيرو ڪري لڪايل ڀاڻ منظرعام ته آڻي آبادگارن ۽ هارين کي سرڪاري اگھ تي ڏياريو وڃي ۽ منافعي خور ڊيلرن جا لائيسنس رد ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي .

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

ڪلوئي واسين کي مٺو پاڻي ڏيو!‎‎

  ڪلوئي شهر جيڪو مٺي پاڻي کان محروم آھي، جتي انساني جانيون جر جو کارو ۽ سنکيو مليل زهريلو پاڻي پي رهيون آھن، ڪافي سالن کان غير فعال ٿيل هتان جي واٽر سپلاءِ کي فعال نٿو ڪيو وڃي. اسان التجا ڪيون ٿا پبلڪ هيلٿ، ضلعي حڪومت، چونڊيل نمائندن کان ته خدارا ڪلوئي جي واٽر سپلاءِ اسڪيم کي ٻيهر بحال ڪري ڪلوئي واسين کي مٺو پاڻي پياريو وڃي جيئن اسين به حياتي جا ڪجھ سٺا ڏينهن گذاري سگهون.

ابراهيم لنڊ/ڪلوئي شهر

ملڪي مفادن خاطر کوکراپار سرحد به کلڻ گهرجي!‎‎

  دنيا جي ترقي پذير ملڪن جو راز واپار آهي، جيڪي ملڪ واپار لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن، اهي ملڪ ترقي ڪندا ٿا وڃن ۽ جيڪي ملڪ واپار کي اوليت نٿا ڏين اهي ملڪ ڏينهون ڏينهن قرضن جي ڌٻڻ ۾ دٻجي رهيا آھن، اهڙي طرح اسان جي ملڪ جا پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا ھئڻ وقت جي ضرورت آهي، جيئن پاڪستان انڊيا سان ٿوري گهڻي اچ وڃ ۽ واپار جو سلسلو واگھا سرحد رستي ڪري پيو، جنهن سلسلي کي يقين وڌائڻ گهرجي، جنهن جو فائدو ٻنهي ملڪن کي ٿيندو ۽ اهڙي طرح نه رڳو واگھا سرحد پر کوکراپار سرحد به کلڻ گهرجي ۽ کوکراپار سرحد کلڻ سان سنڌ سميت پوري ملڪ کي به تمام گهڻو فائدو حاصل ٿيندو، ڇو ته پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچي جيڪو واپار جو مک مرڪز پڻ آهي ان کي واگھا سرحد جي ڀيٽ ۾ کوکراپار سرحد تمام ويجهو پوندو ۽ خرچ پڻ گھٽ لڳندو ۽ واپار ۾ منافعو به وڌيڪ ٿيندو، ايترو ئي نه پر کوکراپار سرحد جيڪو پٺتي پيل علائقو آهي ان ڪري کوکراپار سرحد کلڻ سان مقامي ماڻهن کي پڻ روزگار ملندو، ان ڪري اسان جي حڪمرانن کي واپار کي وڌائڻ لاءِ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا قائم ڪرڻا پوندا، جنهن سان ئي ملڪ ۽ قوم ترقي ڪري سگھندا.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

ٿر ڇا ۾ ترقي ڪئي؟ وزيراعليٰ سنڌ جا بيان!

  ٿر جيپ ريلي جي فائنل مقابلي ۾ آيل وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿر جون معاشي حالتون 10 سالن کان بهتر آهن، ٿر جا روڊ رستا دبئي لڳا پيا آهن، هتي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته وزير اعليٰ سنڌ کي اهڙا لفظ ڪجھه ٿيڻ کپي ها ٿر جا مسڪين ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب آپگھات پيا ڪن ٿر ۾ آپگھاتن جو رحجان وڌي ويو آهي، ٿر جا روڊ رستا ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم پنهنجي وڏ وزارت واري دور ۾ تعمير ڪرايا هئا جيڪي 2011ع جي مهاٻوڏ تباھ ڪري ڇڏيا هئا، جن جي اڃا تائين مرمت نه ٿي سگهي آهي، ٿر جي روڊن تي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن پر چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن. اڃا ٻڌايو ٿر 10 سالن ۾ ڪهڙي ترقي ڪئي آهي؟ پيپلزپارٽي جي حڪومت ايندي ئي ٿر ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جا چونڊيل ايم پي ايز ايم اين ايز ضلعي مٺي ۾ ميلا لڳائي رهيا آهن، ان مان ٿر کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ٿر جيپ ريلي مان ٿر کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، جھڙا تاثر ٿرين جا آهن، تنهن تان سياسي نمائندن جا ڪمندار مڇرجي پيا پر کين ٿر جيپ مان ڪجھ به حاصل نه ٿيو، ماڳين ضلعي ٿرپارڪر ۾ 3 ڏينهن جي لاءِ اتي ميلي لڳائڻ جي وقت وڻ وڊي ناس ڪري ڇڏيا، پر ٿر جيپ ريلي مان غريب ماڻهن کي ڪهڙو فائدو ٿيو؟ پوءِ به اتان جي انتظاميا اگھور ننڊ ستل آهي، جيڪڏھن ايئن اسان جي ضلعي ٿرپارڪر جي انتظاميا ننڊ ستل رهي ته پوءِ هي پيپلزپارٽي جا سياسي نمائندا عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندا ۽ ماحول دوست وڻن کي وڌيڪ بلڊوز ڪري ڇڏيندا، جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ اهو به اعلان ڪيو ته هر سال تي ٿر ۾ جيپ ميلو لڳايو ويندو. اسان جي صلاح اها آهي ته ٿر ۾ جيپ ريلي لڳرائڻ بدران هتي ڪي ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ته ٿرين جو ڀلو ٿيندو.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎

سنڌ پوليس جا ڪارناما!

  سنڌ ۾ پوليس کاتي جي ڪارنامن کان سمورو عوام واقف آھي، پوليس جهڙي اھم ترين اداري جو اولين ڪم عوام جي حفاطت ڪرڻ ھوندو آھي، ان کان سواءِ ملڪ ۾ وڌندڙ ڏوھن کي ڪنٽرول ڪري ڏوھارين کي عدالتن ۾ پيش ڪري اتان سزائون ڏيارڻ ھوندو آھي، پر اسان وٽ پوليس اڄ ڏينهن تائين نه عوام جي حفاطت ڪرڻ سکي آھي نه ئي اھا پنهنجو پاڻ کي ان  قابل ڪري سگهي آھي جو ماڻهو ان تي اعتبار ڪن ۽ بنا ڪنهن خوف جي وڃي ٿاڻي تي ڪنهن زيادتي خلاف داد فرياد ڪري سگهن، بلڪه سماج ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۽ وارداتن کان پوءِ پوليس کان ئي وڌيڪ ماڻهو ڊنل رھندا آھن، اھڙي صورتحال ۾ جڏھن پوليس کاتي وٽ ماڻهن جو داد فرياد ٿي نه سگهندو ھجي ته ڏوھاري ڪاررواين ۾ گهٽتائي اچڻ ۽ ماڻهن کي انصاف ملڻ ڪهڙي ريت ممڪن ٿي سگهي ٿو، پوليس ٿاڻن مان لاش ملڻ به اسان وٽ عام ڳالھه آھي، ان کان سواءِ ھاف فراءِ ۽ فل فراءِ وارو سلسلو به وڏي وقت تائين جاري رھيو، جنهن ۾ اھي ماڻهو به شڪار ٿي ويا جيڪي ڏوھاري به نه ھئا.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

اسڪارپ کاتي جي نااهلي ۽ ڳوٺ رمضان فقير واسي!

  ڪولاب جيئل ويجهو ڪجهه مفاصلي تي واقع ڳوٺ خليفو رمضان فقير ڪانڌڙو جيڪو ٽنڊو مستي باءِ پاس کان اٽڪل 6 ڪلوميٽر پري پير ڳوٺ لنڪ روڊ تي واقع آهي، هتان جي آبادي 130 گهرن تي مشتمل 1500 جي لڳ ڀڳ آبادي ٿي ويندي، ڳوٺ خليفو رمضان فقير جا رهواسي هن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ بجلي، گئس ۽ روڊ رستن کان محروم آهن، هتان جي غريب مسڪين پورهيتن ڀورل ڪانڌڙو، عبدالخالق ۽ محمد پناهه ڪانڌڙو جي گھرن سميت اسڪارپ کاتي جي نااهلي سبب هن سڄي ڳوٺ وارن جون تقريبن زمينون به ٻڏي ويون آهن پر هاڻي هنن پورهيتن غريبن جون جڳهون به سم جي پاڻي، ڪلر ۽ سيڪ جي ڪري ڊهي پيون آهن، هي پورهيت ويچارا کليل آسمان هيٺ ويٺا آهن، خليفي رمضان ڪانڌڙو ۾ الائي ڪڏهن سم جو پاڻي سڪندو، جو هن ڳوٺ جا رهواسي سڪون جو ساھ کڻي سگهندا. خدارا اسان جي اپيل آهي سنڌ حڪومت ۽ ٻين وس وارن اعليٰ عملدارن کي ته خدارا اسڪارپ کاتي وارن کي سجاڳ ڪيو وڃي ۽ هتي بجلي به ڏني وڃي، جيئن جلد کان جلد هتان سم جو پاڻي ختم ڪرائي سگهجي جيئن ٻين رهواسين جون زمينون ۽ گهر بچي سگهن.

آصف علي ابڙو/ ڪولاب جيئل

ھڪڙي چٺي ڊي سي بدين جي نالي!

  جناب اعليٰ توھان مان اسان کي ڪافي اميدون آهن، عرض آهي ته ڳوٺ ۽ يوسي خليفو قاسم ۾ 1985 ۾ تعمير ٿيل واٽر سپلاءِ جي بحالي لاءِ ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن آڏو دانھيو آهي پر مسئلو حل نه ٿي سگھيو آهي، واٽر سپلاءِ پبلڪ ھيلٿ انجنئرنگ کاتي حوالي ھجڻ باوجود به لاڳاپيل ادارو ان اھم مسئلي کان لاتعلق بڻيل آهي، ڪجه وقت اڳ توهان کي به درخواست عرض رکي سين ته ڳوٺاڻن جي شڪايتن تي توهان نوٽيس وٺندي انجنئرنگ کاتي کي واٽر سپلاءِ وزٽ ڪري مسئلو حل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ھو پر وزٽ بعد 5 مھينا گذري چڪا آهن پاڻي جي سپلاءِ اڃا تائين بحال نه ٿي سگهي آهي ۽ 1000 گھرن تي مشتمل ڳوٺ پيئڻ جي صاف پاڻي جي ڦڙي پڙي لاءِ پريشان آهي، جڏهن ته واٽر سپلاءِ جي بجيٽ لاڳاپيل کاتو ھڙپ ڪيو وڃي ۽ سالن کان ڀڳل لائينون بحال نه ڪيون ويون آهن، جنهن سبب يوسي ھيڊ ڪواٽر جي ڳوٺ کي پاڻي جي سپلاءِ 16 سالن کان بند آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻا تلاءَ تان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڀرين ٿا پر پبلڪ ھيلٿ کاتو لاتعلق بڻيل آهي. جناب اعلي عرض ته اسان جي ٻچن کي پئيڻ جي صاف پاڻي جي سھولت مھيا ڪرڻ لاءِ واٽر سپلاءِ اسڪيم خليفو قاسم جي مرمت ڪرائي ڳوٺ ۾ پاڻي جي سپلاءِ بحال ڪرائيندا ته اسين ٿورائتا رھنداسين.

حاجي جمعون کنگھر/ ڳوٺ خليفو قاسم، بدين

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

                 اڄ 2021ع جو آخري سج لهندي مون ۽ دلدار وڏي غور سان ڏٺو، سپاهي فيصل بلوچ جنهن جي نئين نئين ڊيوٽي اسان جي وارڊ ۾ لڳي آهي ان پنهنجي فٽنس جو راز اسپورٽس کي قرار ڏئي ڇڏيو. فيصل ٻڌايو ته هو نانو به آهي ۽ ڏاڏو به پر مون کي هو بلڪل نوجوان جيان چست ۽ سلم نظر آيو. پوري کوليءَ جي وچ ۾ ڪپڙا سُڪي رهيا آهن، وساڻ ننڍ پيل آهي ۽  نواز پنهنجو بسترو لڳائي رهيو آهي، 2021ع ڪجھه ئي دير ۾ هميشه هميشه لاءِ ڪٿي غرق ٿي ويندو، جنهن کي آئون دل سان الوداع چوان ٿو،. بيشڪ هي سال تمام ظالم گذريو جيڪو مون کان منهنجو دلبر بابا سائين ڪيڏانهن پري کڻي ويو پر آئون وري به هن سال کي ۽ ڊسمبر کي دل جي گھرائيءَ سان اولداع چئي رهيو آهيان. ڊسمبر! جي زندگيءَ ساٿ ڏنو ته ٻيهر شايد آزادي ۾ ملاقات ٿيندي، ٻي صورت ۾ تون منهنجي قبر تي سيءَ وسائي منهنجي موجودگيءَ جو مون کي احساس ڏياري جانءِ ۽ هوا جي زور سان ڪجھه گُل ۽ ٻوٽا به ڌڪي اچي منهنجي قبر تي وسائجانءِ، اي ڊسمبر تون يقين ڪرين يا نه پر تون منهنجي يادن جو ڇاپو رهيو آهي، آئون تصور جي دنيا ۾ ڊسمبر سان گڏ ڪينڊل لائيٽ ڊنر ڪري رهيو هئس، ڊسمبر ڪنهن خوبصورت باربي گرل کان گھٽ نه هو، اُها ڇوڪري مون سان مخاطب ٿي ڪجھه چوڻ ٿي چاهي پر زودار ڇتي هوائي فائرنگ ٻڌڻ کان پوءِ هو مون کان موڪلائي ٿي، جنهن کي آئون حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسان ٿو، فائرنگ اڃا تيز ٿيو وڃي ته هو به هوا جي تيز گھوڙي تي بس لانگ ورائي ٿي ۽ مون کي دلدار وساڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته Happy Birth Day ۽ نئين سال جي به مبارڪ هجئي، آئون دل ئي دل ۾ باربي گرل (ڊسمبر) کان موڪلايان ٿو ۽ پوءِ وري دلدار کي مهرباني چيم. 12:00 وڳي کان فائرن ۽ آتشبازي جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو اهو فجر جي آذانن تائين جاري رهي ٿو، آئون جيئن والده کي چوندو هئس ته New Year سان گڏ منهنجي سالگره به پوري دنيا مون سان گڏ ملهائيندي آهي اڄ به ايئن ئي محسوس ٿي رهيو آهي. ڪو 11:00 وڳوي ملاقات جي پرچي آئي. مون کي پهريان ئي خبر هئي ته اسد علي (ننڍو ڀاءُ) ئي هوندو، ترڪي ٽوپي تي هلڪي هلڪي شيو ۾ هو ڏاڍو پيارو لڳي رهيو هو. هن جڏهن مون کي سالگرهه جون واڌايون ڏنيون ته مون کي دلي سڪون مليو(جاري).

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (28 ڊسمبر 2021، رات جا 11:57 وڳا)

زندان جي جھروڪن مان!

  اڄ ساهيءَ جي ڪلاس ۾ پنهنجي دوسدتن سان گڏ پڙهائيءَ ۾ مصروف هئس ته اوچتو منهنجي ملاقات جي پرچي اچي وئي، استاد چيتن ڪمار کان موڪلائي ڀائو حيدر سان گڏ پنهنجي کوليءَ تي آيس جتان واپسي جو سامان کڻي واپس ملاقات تي ويس، ملاقات روم ۾ پهچڻ شرط منهنجي نظر پنهنجي جاچ واري دوست محبت مغيري تي پئي جيڪو مون کان پهرين ملاقات روم ۾ موجود هو، شيشي مان ڏٺم ته محبت جو والد چاچو ديدار معيري ۽ اُن سان گڏ بابا سائين بيٺو هو، مون ڇا ڪيو جو سپاهي سخي کي گھرائي چيو ته مهرباني ڪري منهنجي هانڊي وال حيدر کوسو ڏانهن به پرچي موڪل، ڇو جو کيس بابا سان ملائڻو آهي، سخي فورن حيدر ڏانهن ملاقات جي پرچي موڪلي ۽ کيس گھرائي ورتو، ڀائو حيدر بابا سائين ۽ چاچي ديدار سان کوڙ ڪچهري ڪئي، ان بعد مون بابا سان ملاقات ڪئي ته بابا ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ پاران تنهنجي سزا بحال ڪرڻ وارو فيصلو ٻڌي تنهن ڪا ڪافي دوست مايوس ٿي ويا آهن، انهن تو لاءِ نياپو موڪليو آهي ته ايوب کي چئجان ته قطئي مايوس نه ٿئي، اسين سڀ گڏجي سپريم ڪورٽ تائين انصاف لاءِ وينداسين. بابا مون کي منهنجي ڄامشوري جي دوستن نويد چانڊيو، راحب بروهي، برڪت سيال، بچل چانڊيو، مرتضيٰ ڀلائي، گلشاد جانوري ۽ ٻين جا سلام پڻ ڏنا، مون ڏٺو ته سزا جي بحالي واري فيصلي بابا کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي، بظاهر ته هو مون کي حوصلو ڏيندو رهيو پر مون محسوس ڪيو ته سندس اندر زخمن سان چُور هو، بابا جي اندر جي ماسي ۽ آنڌ مانڌ کي محسوس ڪندي مون بابا کي چيو ته توکي خبر آهي ته آئون بي گناهه آهيان، ان لاءِ مون کي ڪو به خوف ناهي، انشاءُ الله سپريم ڪورٽ مان مون کي ضرور انصاف ملندو، مون بابا کي چيو ته ٻي ملاقات تي اچي ته منهنجي ننڍڙي نياڻي ماروي کي ضرور وٺيو اچجو، بابا مون کي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جا ڪاغذ ڏنا ۽ پوءِ هو وڪيلن ڏانهن روانو ٿي ويو، آئون واپس پنهنجي کوليءَ تي اچي ويس، جتي عزيز گاڏهي منهنجو منتظر هو.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد