منڇر جو اوج ۽ آهون!

(حصو ٽيون)

هاڻي منڇر جي اڇا ميوات ڪوڻي، بربرلي جنهن کي حڪيم نيلوفر سڏيندا آهن تمام گھڻي ٿيندي هئي، ڪوڻي جي پاڙ لوڙهه، ڀاڄيءَ لاءِ، ڪوڻي جي ڏانڊي ڪچي کائبي آهي. ان جو سنگ ڪم سڏبو آهي جيڪو ڪچو کائبو آهي. ان ڪوڻي جو انُ جنهن کي ناپو سڏيندا آهن، جيڪو ان وقت ۾ ان طور گڏ ڪري رکندا هئاسسون، ان کي ڀل به ڇوندا آهن، ان ڀل کي گڏ ڪرڻ وارن کي ڀلائي سڏيو ويو آهي، جيڪا پڻ منهنجي ذات آهي. منڇر ۾ سياري جي موسم ۾ سائبيريا کان پرديسي پکي به ايندا هئا جن جو ذڪر به ضروري آهي، منڇر ۾  اسنا جي ڳوٺن جي اڳيان پويان پاڻي هوندو هو، جتي ننڍو پاڻي ۽ پکين جو کاڌو ناپو ۽ ڪل، نير جو ٻج هوندو هو، جنهن ۾ رات جو پکين جي خوشيءَ مان ٻولڻ ڪري اسان ڳوٺاڻا پنهنجو ڳالهائڻ ٻڌي ڪونه سگھندا هئاسون. اسان جي عمر کان اڳتي وڏا چوندا هئا ته پکين جو آواز سڄي رات منڇر کان ٻاهر ڪافي پنڌ تي ٻڌو ويندو هو. جيڪي پکي منڇر ۾ ايندا هئا انهن ۾ هنج، ڪُونج، ڪاز، ربتو، نيرڳ، ٽورهندو، ٻوئڙ، ڊگوس، آڙي، ڪرڙو ۽ ٻيا اٽڪل 100 کن قسمن جا پکي هوندا هئا جن ۾ ڪجھه ته 12 مهينا منڇر ۾ رهندا هئا،، جيئن ڪنگ، کيڻاٺي، ٽيٽيئر وغيره. ڪرڙو ڪير ڪونه وٺندو هو، آري جيڪا هن مهل 400 کان 500 رپيا ۾ ملي ٿي ان وقت ٽڪي ٻه آڙيون ملنديون هيون.اسان جا گھر پکن سان ڀريل هوندا هئا، اسان پاڻ به ونجھر ۽ لڪ وغيره سان ماريندا هئاسون. منڇر جي وچ پاڻي ۾ سڄو پاڻي پکين سان ڪارو نظر ايندو هو، جي پکي اڏندا هئا ته آسمان تي ڪاراڻ ڇائنجي ويندي هئي. صبح جو فجر جي نماز کان پهرين ملاحن جي پتڻ جي ٿالهين جو آواز ۽ امڙ جي جنڊ جو آواز تمام گھڻو وڻندو هو ۽ رڍن جون ٻيڪن، هارين جو هڪلون، سڄو منڇر جھڙو ڪشمير لڳو پيو هوندو هو.(جاري)

حاجي غلام حسين ڀلائي/ سينٽرل جيل حيدرآباد

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

رات جو ڪچهريءَ ۾ ويٺا هئاسين ته اوچتو برسات شروع ٿي وئي،، دوستن بسترا ۽ سامان وغيره سوڙها ڪيا، بجلي به هلي وئي ۽ ٿورڙي دير ۾ کولين مان جھونگھارڻ جا آواز اچڻ شروع ٿي ويا، اهي گانا قيدي خوش ٿي جھونگھاري رهيا هئا، وارڊ جي هڪ ڪنڊ مان هڪ دوست جو درديلو آواز اٿيو، جنهن کي اسان جي ٽهڪن بند ڪرائي ڇڏيو، هر هڪ هانڊي وال ڪمبل منجھان ڀڻڪي ٿو ته ڇلگري وارو دوست ۽ ڀاءُ ڳائي رهيو آهي پر آئون اُن درديلي آواز جي مالڪ کي ڪو آواز نٿو ڏيان ڇو جو هاڻ اسان جا ساڳيا واسطا ناهن رهيا. دردار سائين به ڪجھه دير کان پوءِ شروع ٿي ويو، اهو سلسلو ڪافي دير تائين جاري رهي. قيدين جا نعرا ڀيڄ مولا ڀيڄ زندان کي لوڏي رهيا هئا، مون سمهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر مٽي جي مهڪار ۽ برسات جي ڇنڪار مون کي سمهڻ نه ڏنو، خبر ئي نه پئي ته ننڍ ڪنهن وقت اچي منهنجي نينڻ کي ورايو. صبح جو ناشتي کان پوءِ سپاهي زبير تنيو سان گڏ اسپتال ويس ڇو جو مٿي ۾ هلڪو هڪلو سور هو. بلڊ پريشر وغيره چيڪ ڪرايم، پسار لاءِ نڪتس ته موسم ڏاڍي دلفريب لڳي. نواز جي هٿن جي چانهه پيتي سين، اڄ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي 14 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ايئن لڳي رهيو آهي ڄڻ ڪجھه ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي. بس رب پاڪ هُن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.

 آئون پنهنجي هي لفظ شهيد بيبيب کي ارپيان ٿو ۽ اڄ جي برسات کي به:

ٿيندي آهي منهنجي دل ۾ حسرت سچي پچي،

دل جي کڻي وڃاڻ اتي دولت سچي پچي،

عشق، حسن جو جتي ميلو متل ڏسان،

دل جي کڻي وڃان اتي دولت سچي پچي.

ويري دنيا ۾ پيار جا جيڪي جتي ڏسان،

لوڌي ڪڍان ان جهان مان نفرت سچي پچي.

پوڄا ڪيان آئون پيار جي قدمن ۾ سر رکي،

من ڪا نصيب رب ڪري زيات سچي پچي.

آصف ستل هجي دلبر جي هجنج ۾،

آڻي ڀلي الله پوءِ قيامت سچي پچي.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (27 ڊسمبر 2021)

زندان جي جھروڪن مان!

اڄ آئون پنهنجي کولي ۾ پنهنجي هانڊي والن سان گڏ وقت پاس ڪرڻ لاءِ هنن سان گڏ ويهي لوڊو راند کيڏي رهيو هئس ته اوچتو راند دوران چڪر جو هڪ جوابدار اچي مون کي اخبار ڏئي هليو ويو، اخبار ڏسندي ئي يڪدم راند تان هٿ کڻي پنهنجي اخبار ۾ قيدين لاءِ شايع ٿيندڙ خبرن وارو ٽيون پرچو کڻي پڙهڻ لڳس، اهو پرو پڙهندي پڙهندي منهنجي نظر هڪ سرخي تي پئي جنهن ۾ لکيل هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ ڄامشورو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڌيءُ کي قتل ڪندڙ اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ سندس ڀاءُ کي آيل ڦاهيءَ واري سزا معطل ڪندي کين ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس ارشد حسين خان ۽ جسٽس ارشاد علي شاهه صاحب تي ٻڌل ڊويزن بئنچ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار پوليس عملدارن غلام عباس ٻٻر ۽ سندس ڀاءُ علي شير ٻٻر کي ڪيس مان بري ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اها خبر پنهنجي اخبار ۾ پڙهي مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي ۽ فورن هنن سان ملڻ لاڙ اجات وٺي انهن جي وارڊ ۾ عباس ٻٻر ۽ شير علي ٻٻر کي مبارڪون ڏيڻ لاءِ ويس. جتي مون کان پهرين قيدين جي وڏو ميڙ لڳل هو ۽ ايس ايڇ او عباس ٻٻر وارن کي مبارڪون ڏئي رهيا هئا، مون به آهستي آهستي وڏي عباس ٻٻر وارن کي مبارڪون ڏنيون، ان دوران سندس اکين ۾ خوشيءَ جي هڪ لهر هئي، جيڪا پنجن سالن کان پوءِ سينٽرل جيل حيدرآباد مان آزاد ٿي پنهنجي گھر وڃي رهيا هئا، هنن جي آزادي جي خوشيءَ مان پوري جيل جي قيدين ۾ هڪ خوشي جي لهر پڻ هئي. عباس ٻٻر ۽ علي شير ٻٻر منهنجا سٺا دوست ۽ پاڙيسري هئا. ڄامشورو شهر ۾ اسين گڏ رهندا آهيون تڏهن هنن جي آزاديءَ جي خوشي مون کي ٻين قيدين کان وڌيڪ هئي ۽ آخر ۾ عباس ٻٻر ۽ علي شير ٻٻر کي پائوڊر پرفيوم هڻي جيل کان ٻاهر روانون ڪيوسين. ان بعد واپس ٿياسين ته ان دوران منهنجي نظر نديم ٻٻر تي پئي جيڪو عباس ٻٻر وارن سان گڏ ڪيس ۾ هو، بلڪل اداس ۽ پريشان لڳي رهيو هو، ڇو ته هو رهجي ويو هو. سندس مٿان الڳ سان ڪيس هو، تڏهن نديم ٻٻر رهجي ويو هو. هن سان ملي کيس آٿت ڏنم ۽ چيومانس ته رب پاڪ اوهان کي به آزادي ڏياريندو. آمين.

سردار محمد ايوب بروهي/ سينٽرل جيل حيدرآباد

غربت جا ماڻ ماپا ۽ مسڪين ترين ماڻهو!‎‎

اسين ڪڏهن ڪڏهن پنڻ واري ڪنهن ماڻهو کي غريب سمجهندا آهيون ته ڪڏهن سئو اٺ ڪاهي لاڙ کان اتر ويندڙ ڪنهن رٻاري کي امير پيا ليکيندا آهيون، ڇو جو اسانجي سماجي سوچ ايئن ٺهيل آهي ته جنهن وٽ گهڻي ملڪيت آهي سو امير آهي، سادي ڳالهه آهي ته اسان وٽ غريب ان کي تصور ڪيو وڃي ٿو جنهن وٽ اثاثا ناهن ۽ جنهن وٽ ججها اثاثا آهن سو امير آهي. ٻڌائيندو هلان ته اهو تصور ۽ معيار سوين سال پراڻو آهي، جديد دنيا وٽ غربت جا معيار الاهي مختلف ليکيا پيا وڃن، غريب ته هن دنيا وٽ اهو آهي جنهن وٽ تعليم ناهي ۽ پوءِ جنهن وٽ جيتري ڄاڻ ۽ علم آهي اهو اوترو امير آهي ۽ جديد دنيا وٽ ته معيارِ زندگي جي وڏي اهميت آهي، يعني هڪ ٿريي وٽ سئو ڍڳيون هڪ ڪروڙ جي ماليت جون ته آهن پر ان جي ٻارن کي تعليم نٿي ملي ۽ بنيادي حقن تائين رسائي ناهي، نه چڱو گهر آهي نه جديد معلومات تائين ۽ سهولتن تائين رسائي آهي ته پوءِ اهو هن دور جو غريب ترين فرد ليکبو پر ترقي يافتا دنيا جو اهو ٿيلهيون ۽ بوتلون چونڊيندڙ ماڻهو به امير آهي جنهن کي بنيادي حق ۽ سمورين سهوليتن سان گڏ سندس ٻارن کي تعليم ملي رهي آهي، سو هتي طئي اهو ڪرڻو آهي ته ڇا اسان ننڍي کنڊ جي وڏيرن ۽ هارين کي انڊسٽرئلسٽس ۽ مزدورن کي واپارين يا ملازم پيشه ماڻهن ۽ انهن سڀني جي ٻارن ۽ عورتن کي ڇا هڪ جهڙا بنيادي حڪ ملن پيا؟ تعليم، صحت، صاف سٿرو ماحول، عالمي معيار موجب مڪمل خوراڪ ۽ تحفظ ملي پيو؟ ڇا گهراڻن کي بجلي، پاڻي، سماجي تحفظ، آئين موجب ڪاروبار کان تعليم، سياست کان مذهبي آزادي تائين سمورا حق ملن پيا؟ ڇا عورتون ۽ مرد برابر اختيار ۽ حق رکن ٿا؟

عبدالله شيخ/نيوڇور

نيوڇور مان گند کڻائي جان ڇڏايو!‎‎

صفائي هر ڪنهن انسان جو حق آهي پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اسان ڪافي حقن کان محروم آهيون، اهو ان ڪري جو اسان ۾ آواز ڪڍڻ اٿارڻ وارو جذبو ناهي، اڄ کان پهريان ڪڏهن نيوڇور واسين پنهنجي حقن جي لاءِ آواز ناهي اٿاريو، يوسي نيوڇور ۾ ڪٿي به صفائي ناهي ٿيل، يوسي جي ايراضيءَ اندر ايندڙ ڳوٺ آهي جيڪو پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي ڳوٺ کي صاف ڪن ٿا پر افسوس ته يوسي جي مرڪز نيوڇور جي انتظاميا صفائي نٿي ڪرائي، سبب آهي نيوڇور واسين جي خاموشي. نيوڇور جي سڀني رستن تان پاچا مٿي ڪري هلڻو ٿو پوي، جتي هلڪي برسات کان پوءِ به نيوڇور جي تمام خراب حالت ڪري ڇڏي ٿي، سبب اهو آهيته گٽر نالن ۾ ڀريل گند نڪري نٿو سگهي، نڪري به وڃي پر ان کي ڪڍڻ جي انتظاميا ڪڏهن به ڪوشش ناهي ڪئي. يونين ڪائونسل جي اڳيان به هن وقت گندي پاڻيءَ جو هڪ تلاءُ ٺهيو پيو آهي، بس اسٽاف ڏانهن ايندڙ ڪو به رستو صاف ناهي، هن وقت پريشانين جي سمنڊ ۾ پيل نيوڇور واسي پنهنجي واهر ڪرڻ لاءِ رستن تي نظر ڄمائي ويٺا آهن پر افسوس هنن جو اهو انتظار فضول آهي.

ڪاشف جوکيو/نيوڇور

خيرپور شهر ۾ وڌندڙ گئس لوڊشيڊنگ!

خيرپور ميرس شهر تاريخي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ هن وقت ڪافي لحاظ کان بهتري اچي چڪي آھي، اسپتالون، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون وغيره سيد قائم علي شاھ جي دور ۾ گهڻي حد تائين شهر کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون هيون، جيڪو هڪ سٺو عمل آھي پر افسوس ان ڳالھ جو به آھي ته سائين قائم علي شاھ سنڌ جو وزيراعليٰ هو، ان سڄي ضلعي ۾ ڪم ڪرڻ بجاءِ صرف خيرپور شهر کي اوليت ڏني جتي، صوبائي ادارا ته پهرين کان ڪافي بهتر  ٿيا پر وفاقي ادارن ۾ جهڙوڪ گئس ۽ بجلي اڄ ڏينهن تائين خيرپور ۾ ٺيڪ ٿي ناهي سگهي. اسان جو موضوع گئس آھي، انڪري ان تي ڳالهائينداسين، ڏينهن جو تمام گهٽ پريشر ۽ رات جو سڄي رات گئس جي بندش عوام لاءِ مسئلا پيدا پئي ڪري، ان مسئلي تي پاڪستان سٽيزن پورٽل تي ڪافي ڀيرا شڪايتن ڪرڻ باوجود به ڪو کڙتيل ناهي نڪري سگهيو. خيرپور شهر ۾ گئس جو تمام گهڻو مسئلو آھي، سمورا اعليٰ آفيسرن کي نوٽيس وٺڻ جي گذارش ٿي ڪجي.

مير عقيل عباس ٽالپر/خيرپورميرس

سچي دوست جي سڃاڻپ!

ڪجھ ماڻھن جي سوچ موجب سچو دوست اُھو ھوندو آھي جيڪو مصيبت جي وقت ۾ ساٿ ڏي، يعني ڏکين گھڙين ۾ مدد ڪري، اھو سچو دوست آھي پر ڏکئي وقت ۾ دوستن کان سواءِ ٻيا به ساٿ ڏيندا آھن، پنھجي مفاد خاطر ڪجھ دشمن به منافقن وارو رويو اختيارڪري ماڻھن جي ذھنن کي تبديل ڪرڻ خاطر مدد ڪندا آھن، منھنجي مشاھدي موجب سچو دوست اھو آھي جيڪو تنھنجي ڪاميابي جي وقت خوش ٿئي ۽ تنھنجي خوشي ۾ توکي محسوس ڪرڻ ئي نه ڏي ته ھو خوش ناھي، جيڪڏهن تنھنجو دوست تنھنجي خوشين ۾ خوش نه ٿئي، يقين سان چوان ٿو ته اھو تنھنجو سچو دوست ڪڏھن به نه ٿي سگهندو، ان جو ننڍڙو مثال ڏئي رهيو آهيان. مون مئٽرڪ ۾ اي ون گريڊ کنيو، مون پنھنجي دوست کي چيو ته ادا مون مئٽرڪ ۾ اي ون گريڊ کنيو آهي ته ان وقت ان جي چھري مان ئي محسوس ڪيم ته ھي منھنجو سچو دوست نه پر دشمن آهي، ڇاڪاڻ ته ان شخص جي چھري تي خوشي نظر نه آئي، بس پوءِ ثابت ٿيو ته سچو دوست تنھنجي خوشين وقت بيحد خوش ھوندو ۽ جيڪڏهن ڪوئي تنھنجي ڪاميابيءَ جو ٻڌي خوش ٿيڻ بدران پنھنجو چھرو خراب ڪري ته سمجهو اھو توھان جو سچو دوست نه پر دوست جي روپ ۾ پڪو دشمن آھي .

ثقلين حيدر/رتوديرو

ننڌڻڪو بڻيل ٺري ميرواھ گرڊ اسٽيشن جو اڪري فيڊر!

بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جون دانهون ته پوري سنڌ ۾ ٿي رهيون آھن پر جيڪا ويڌن ٺري ميرواھ گرڊ اسٽيشن جي اڪري فيڊر سان آھي اهڙي ويڌن منهنجي خيال ۾ سنڌ ته ڇا پر پوري پاڪستان ۾ به ڪنهن فيڊر سان نه هوندي. 24 ڪلاڪن مان صرف 2 ڪلاڪ بجلي هلي ٿي، ڪڏھن ڪڏهن ته وري 48 ڪلاڪن ۾ 2 ڪلاڪ بجلي ڏسون ٿا، وري ڪڏھن هٿرادو خرابي ڄاڻائي ٺري ميرواھ کان 7 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي سيري اسٽاپ کان رکيل جمپرن وٽان ڪنيڪشن ڪٽي سوين ڳوٺن کي ٽي ٽي ڏينهن بجليءَ کان محروم رکيو ٿو وڃي. اسان اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته ٺري ميرواھ گرڊ اسٽيشن جي اڪري فيڊر تان هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ ھٿرادو خرابيون ختم ڪرائي سوين ڳوٺن جي ماڻھن سان انصاف ڪيو وڃي.

محمد اسلم سومرو/کرڙاھ، ميرواھ

جديد دور ۾ عذاب ۾ وڪوڙيل گلشن حديد جا رهواسي!

مُلڪ جي تقريبن سمورن کاتن جا “ٺيڪيدار” پنهنجي کاتن ذريعي پاڙيسري ۽ ٻين ملڪن سان واپاري لاڳاپا بهتر ڪرڻ، خاص پراجيڪٽن تي ڪامياب ڳالهين جون “ڊاڙون” هڻندا آهن پر اها ڳالهه الڳ آهي ته سندن کان پنهنجو هڪ ادارو به ناهي سنڀاليو ويندو، سولي سنڌيءَ ۾ سندن ايتري اوقات ئي ناهي هوندي جو هُو پنهنجي صوبي، ملڪ جي ڪنهن هڪ اداري کي چَڱيءَ ريت هلائي سگهن، هتي پاڻ ذڪر ڪنداسين ڪراچي جي علائقي گلشن حديد جو جتي گذريل 3 ڏينهن ۽ رات کان بجلي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي. گلشن حديد جو فيز 1 وارو علائقو ڪاروباري طور تي مصروف آهي پر بدقسمتيءَ سان هتي بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون رهواسين لاءِ معاشي ۽ ذهني عذاب بڻجي ويو آهي، اڄ ڪلهه جديد دور آهي، گهرو توڙي ڪاروباري وهنوار تقريبن بجلي تي آهي ۽ وري جيڪڏهن 3 ڏينهن ۽ راتين تائين بجلي ئي نه هجي ته جديد دور لفظ کي ڄَڻ ڦاهي اچيو وڃي. فيز 1 واري علائقي کي اسٽيل مل بجلي ڏيندي آهي، جيڪا بجلي بنا ڪنهن اطلاع جي مسلسل 3 ڏينهن ۽ رات کان بند آهي، جيتوڻيڪ بلن جي ادائيگي به ٿيل آهي. اسٽيل مل جو جنازو ڪنهن ڪڍيو، اسٽيل مل جي عزت ڪنهن وڃائي، ان تي ويچار ڪرڻ وڏو آهي پَر فيز 1 واري علائقي کي مليل بجلي کي ڇو بند ڪئي وئي آهي؟ سو به بنا اطلاع جي ۽ اڃا تائين به ڪو آسرو ڪونهي. خدارا! وڏيون وڏيون ڊاڙون هڻڻ ۽ پاڻ کي ايٽمي طاقت سڏائيندڙ، ايترو لڇڻ ڌاريو جو ملڪ، صوبي جو هڪ ادارو سليقي سان هلايو، گلشن حديد فيز 1 جي بجلي بحال ڪيو ته جيئن عوام وڌيڪ معاشي نقصان ۽ ذهني عذاب کان بچي سگهي.

درياءُ خان جهتيال/گلشن حديد، ڪراچي

روڪ ٽوڪ جي موجود آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڄي سنڌ ۾ منشيات جي اڏن جو مڪمل خاتمو ڪري ھن ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث سماج دشمن عنصرن کي وائکو ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن جيئن ھن موت جي سامان کان سنڌ واسي محفوظ رھي سگهن.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

ڳوٺ حسين آباد کي ناليون ۽ گھٽيون ڪڏھن ملنديون؟‎‎

                 اسان جي ڳوٺ حسين آباد جي اڌ حصي ۾ ناليون ٺھيل ۽ گھٽيون پڪيون ٺھيل آھن، باقي ڳوٺ جي اوڀارين حصي جي عوام سان ايئن رويو رکيو ويندو آھي ڄڻ ھي ووٽر ئي نه آھن، جن جي گھرن اڳيان نه ناليون آھن ۽ نه وري پڪيون گھٽيون ٺھيل آھن ۽ ويچارا ايترا مجبور آھن جو برسات جو پاڻي ھجي يا پنھنجي گھر جو گندو پاڻي، پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪڍيندا آھن ۽ حسين آباد جي اولاھين پاسي جا رھواسي جتي ناليون ۽ گھٽيون ٺھيل ھوندي به نه ھجڻ برابر آھن ۽ گندگي جو ڍير بڻجي ويو آھن، نالين جي صفائي نه ٿيڻ سبب اسڪول توڙي اسپتال اچڻ وڃڻ جي رستن تي نالين جو گندو پاڻي بيھي ويو آھي، ڳوٺاڻا سخت عذاب ۾ ورتل آھن، جڏھن ته ڳوٺ جي عوام کي شھر ۽ ڊيوٽي يا وري ڪنھن به ڪم ڪار تي وڃڻ لاءِ مين  روڊ تي گندو پاڻي بيھڻ سبب سخت پريشاني آھي. اسان جو وري به ڪوٽڏيجي جي سياسي نمائندن کي ھڪ نماڻو عرض ڪجي ٿو ته اسان جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن ته جيئن اسان ڳوٺ حسين آباد وارا سک جو ساھ کڻي سگھون.

غلام مصطفيٰ لغاري/حسين آباد،ڪوٽڏيجي

ڪچي شراب سبب زيان ظايع ٿيندڙ زندگيون!

سنڌ ۾ گذريل وڏي عرصي کان منشيات جي عام واھپي سبب سنڌ جو عوام خاص طور نوجوان نسل تباهي جي ڪناري پهچي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته منشيات واپرائڻ سبب انسان پنهنجي حوش ۾ ئي نٿو رهي، کيس اھا به ساڃاھ ناهي رھندي ته ھو انسان آهي يا جانور، منشيات انسان کي ذھني ۽ جسماني طور مفلوج بڻائي ٿي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته منشيات ڪھڙي به ھجي گٽڪي، مين پڙي کان وٺي شراب تائين اھي سڀ انسان لاءِ انتھائي ھاڃيڪار آهن. منشيات نه رڳو اسان جي صحت لاءِ نقصانڪار آهي پر ڪنهن ھڪڙي فرد جي منشيات واپرائڻ سان سندس خاندان کان وٺي ان ماڻهو سان جڙيل ھر ٻئي ماڻهو تي پڻ ناڪاري اثر پون ٿا. منشيات ماڻهو کي اڏوھيءَ جيان اندر ۾ پئي کائيندي آهي. ان ڪري جيڪڏهن ايئن کڻي چئجي ته رڳو انسان منشيات کي نٿو واپرائي پر دراصل منشيات ئي انسان کي واپرائي ڇڏيندي آهي ته غلط نه ٿيندو. تازو ٽنڊو ڄام ۽ ٽنڊوالھيار شھرن سميت آسپاس جي علائقن ۾ ڪچي شراب واپرائڻ سبب آخري اطلائن تائين 19 ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن. ايتريون انساني جانيون ظايع ٿيڻ باوجود اڃا تائين ڪچي شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيندڙن جي انگ ۾ مسلسل واڌ ٿيڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي حڪومت توڙي مقامي انتظاميا معاشري ۾ وڌي وڻ ٿيل منشيات جي ھن موضي مرض کي پاڙان ختم ڪرڻ ۾ ڪيتري سنجيدھ آهي. ٻين المين جيان ھي به ڪو سنڌ ۾ پھريون سانحو ناهي جو حڪومت کي ڪا سڌ ئي نه ھجي. سڄي سنڌ منشيات ۾ وڪوڙيل آهي، سنڌ جي ھر واھڻ ۽ وستي ۾ سنڌ جي ماڻھن کي ٻي ڪا به سھولت مھيا ناهي پر سياسي آشيرواد ھيٺ سپلاءِ ٿيندڙ منشيات جي صورت ۾ اھو زھر سنڌ جي عوام لاءِ ھر ھنڌ بنا

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ