عيد اچي وئي، غريبن جا درد ويتر وڌي ويا!
غربت ۾ زندگي پئي گذاريسين، ھٿ نه اڳيان ڪنهن جي ٽنگيوسين، سال سمورو خوش ته نه ھئاسون پر عيد اچي وئي درد ويتر وڌي ويو، اڄ غريب جي غربت تي لکڻ لاءِ سوچيم ته ھڪ دم ھٿ ڏڪڻ لڳا، قلم ساٿ نه پي ڏنو، پڇڻ لڳو ته بک بدحالي بيروزگاري لکندين، غريب جي ڪاري ٿيل نياڻي تي لکندين، يا اسڪولن مان بيدخل يتيمن تي لکندين؟ مون وراڻيو ته بس پنهنجي حال آھر ڪجهه لکندس، ملڪي صورتحالي ڏينهون ڏينهن خراب پئي ٿئي، سمارٽ لاڪ ڊائون بعد مڪمل لاڪ ڊائون جا امڪان آهن، ھڪ پاسي رمضان ٻيو عيد ۽ ٻئي پاسي بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ غربت آهي. ڏينهن ڪمائي ڏينهن کائيندڙن پورھيتن جا ٻارڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جا نعرا ھڻندڙ سمورا سياستدان ٻرن ۾ لڪي ويا آهن، غريبن جي ووٽن مان بادشاھي وٺندڙ عوامي نوڪر به غريبن سان بيوفائي ڪري ويا، عوام جي سادگي جو ناجائز فائدو وٺندي اميرن، ڀوتارن، وڏيرن جا پيٽ ڀرڻ لڳا ۽ مستحق ماڻهو مڪمل نظرانداز  ٿيڻ لڳا، ھن عيد موقعي تي غريب طبقو سخت پريشان آهي، ڏھاڙيدارن جون ڏھاڙيون به نٿيون لڳن، اڄ ڪلھ سنڌ ۾ ٿيندڙ آپگھاتن پٺيان به ڪارڻ فقط بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آهي. اي خدا غربت ڇو پيدا ڪيئي؟ جي غربت پيدا ڪيئي ته غريب ڇو پيدا ڪيئي؟ پر پوءِ به حڪومت کي غريب جي غربت ۽ يتيمن تي ڪو قياس نٿو اچي. انسان ته سڀ پاڻ ۾ برابر آهن جن جي آخري منزل صرف ٻه گز زمين آھي ته پوءِ اميرن کي پنهنجي اميري تي ناز ڇو آهي؟ اسين مڙني وسوارن کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته خدارا پـنھنجي پاڙن ۾ موجود غريب ۽ بي سھارا ماڻهن جي مدد ڪريو، جيئن پنهنجي آخرت به سنواري سگهو.
زوھيب نظام تمراڻي/ڪنب 
سرهاڙي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي آزار جو نوٽيس وٺو!
ضلعي سانگھڙ جو سرهاڙي شھر پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آھي، شھر جي لڳ ڀڳ سمورن علائقن ۾ جر جو پاڻي کارو ۽ زھريلو بڻيل آھي، ان لاءِ ھن شھر جا ماڻھو گڏھ گاڏن، موٽرسائيڪلن ۽ مزدائن تي پري پري کان پاڻي ڀري اچن ٿا، ڪجھ ماڻھون پري کان پاڻي ڀري اچي شھر ۾ وڪرو ڪري ڪاروبار ڪري رھيا آھن، ھتي ٽائون ڪاميٽي ۾ لکين رپيا وقفن به وقفن ايندا رھيا آھن، نلڪن جي بجيٽ جي صورت ۾ جيڪي گڏ به ٿيندا رھيا پر ڪٿي ڪو نلڪو به نه لڳو، نه ئي ڪٿي اھا بجيٽ استعمال ٿي سگھي، سبب اھو لکيو ويو ته سرهاڙي شھر جي جر جو پاڻي کارو آھي، ھتي شھري آبادي جي لحاظ سان اسان ھڪ سروي تحت ٽائون ڪاميٽي ۽ حڪومت کي سولي صلاح ٿا ڏيون ته سانگھڙ جي بجيٽ سميت ٽائون ڪاميٽي سرھاڙي جي بجيٽ ۾ رکيل اھي لکين رپيا کڻي شھر جي مخصوص علائقن جھڙوڪ طالبان مارڪيٽ، مگسي پٽرول پمپ، شھدادپور روڊ ريلوي ڦاٽل يا سعيد نور شاھ لنڪ روڊ ڪيريا ڦاٽڪ وٽ مٺي پاڻي جا بور لڳل آھن، اتي ننڍا ننڍا آرو پلانٽ لڳرايا وڃن ته شھر جو عوام پيئڻ جي پاڻيءَ واري بحران مان نڪري سگھي ٿو، جي ضلعي حڪومت سچي ٿئي ته سرھاڙي جي شھرين کي مٺو پاڻي سولائيءَ سان  ملي سگھي ٿو. ھاڻ ڏسون ته چونڊيل نمائندا ۽ ساڃاھ وند سرهاڙي سان ڪيترا سچا ۽ مخلص آھن ۽ پاڻي وارو معاملو ڪڏھن ٿا حل ڪرائي ڏين.
گل حسن خاصخيلي/بکر جمالي موري
ڦل جي سرڪاري اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ختم ڪيو!
جيئن ته مان صحافتي شعبي سان واڳيل آھيان، روزانون ڪيترائي ماڻھو کوڙ مسئلا کڻي احتجاج ڪرڻ لاءِ ايندا آھن، گذريل ڪجھ ڏينهن کان بيسڪ هيلٿ يونٽ اسپتال ڦل ۾ دوائن جي کوٽ، مليريا، مدي جي بخار جي ٽيسٽ واريون سهولتون ختم ٿيڻ سميت اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر سميت ٻئي عملي جو اسپتال ايندڙ مريضن سان خراب ورتاءَ جون تمام گهڻيون شڪايتون آيون آھن، ان سلسلي ۾ هڪ ڀيرو اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر کان موقف وٺڻ لاءِ فون ڪئي ته ڊاڪٽر جي رويي مان ايندڙ شڪايتي جي دانهن جي تصديق به ٿي ۽ اخبارن ۾ خبرون ڇپجڻ بعد پي پي ايڇ آءِ جي ضلعي مينيجر اسپتال اچي شڪايت ڪندڙن جي انڪوائري به ڪئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر ۽ سندس عملو ڏوهي نڪتو، جن شڪايت ڪندڙن کان معافي به ورتي پر وري به شڪايتون ختم نه ٿيون. گذريل ڏينهن به هڪ همراهه پنهنجي جهور اکين جي نور کان نابين ماءُ سميت آيو ۽ اسپتال جي انچارج جي رويي ۽ دوائون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون، ان جي لاءِ منهنجي پي پي ايڇ آءِ جي اعليٰ عملدارن ۽ سنڌ سرڪار کي گذارش آھي ته ڦل اسپتال مان دوائن جي کوٽ ختم ڪري مختلف بيمارين جي ٽيسٽن جون سهولتون مهيا ڪرڻ سميت اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر سميت ٻئي عملي جي اڍنگي رويي خلاف سخت تحرڪ وٺي عوام کي وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي.
محمد خالد ميمڻ/ڦل شھر
عورتن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار!
جديد دور ۾ ميڊيا کي سماج جو سڀ کان اهم اوزار سمجهيو وڃي ٿو ڇو جو عام ايجاد ۽ خبرن جي تشريح ۽ گهڻن ماڻهن تائين پکيڙ ۽ انهن تي اثر وجھڻ ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جڏهن ته پاڪستان ۾ عورتن جي نازڪ مسئلن کي سمجهڻ مايوس ڪندڙ لڳي ٿو، شايد انهن پريشان ڪندڙ صورتحال جو سبب ميڊيا جو محدود ڪردار آهي، عام طور تي پاڪستان ۾ ميڊيا، سياست ۽ ڏوهن مٿان قابض ٿيندي نظر اچي رهي آهي، پر ٻين سماجي مسئلن جهڙوڪ غربت، ناخواندگي جو مسئلو ۽ غربت عورتن جي حقن جي ڀڃڪڙين، تشدد ۽ انهن جي مسئلن تي جي نظر وجهو ته اهي مسئلا ميڊيا جي دلچسپي جو موضوع ناهن رهيا، عورتن جي مسئلن جي ڪوريج وقتي ۽ غير معمولي نظر اچي ٿي، هر ٻئي ڏينهن عورتن سان ڪيترا ئي مسئلا پيش اچن ٿا جيئن ته عورتن کي انهن جي ملڪيت، تعليم، صحت، پسند جي شادي جهڙا بنيادي حق به نٿا ڏنا وڃن ۽ انهن کي مختلف طريقن سان حراسان ڪيو وڃي ٿو پر پاڪستان ۾ ميڊيا يا صحافت جي ميدان ۾ تحقيق تمام گهٽ ٿئي ٿي، ان ڪري ميڊيا ناڪاري طور سماج ۾ عورتن جي حقن جي عڪاسي ڪري رهي آهي ۽ خاص ڪري عورتن جي حقن جي آگاهي نه هجڻ سنڌ جو هڪ اهم مسئلو آهي، ان ڪري ميڊيا جو پاڪستان جي عورتن جي حقن ۽ انهن جي مسئلن جي تجزيي جي ڪردار جي تشخيق ڪرڻ تمام گهڻي ضروري آهي. ملڪي ميڊيا کي گهرجي ته اهڙن مسئلن کي سنجيدگيءَ سان اجاگر ڪري عورتن خلاف تشدد کان بچاءَ ۽ ٻين حقن بابت آگاهي فراهم ڪري ڇو جو عورتن جي معيشت کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ميڊيا هڪ وڏي ۽ اهم طاقت آهي.
شھمير خان/سجاول
جديد دور جي تقاضا، پڙهيل لکيل نياڻيون!
چوندا آهن هڪ عورت کي پڙهائڻ سان نسل سڌرندا آهن، اسان پنهنجي نياڻين جي تعليم ۾ پاڻ رنڊڪ بڻيل آهيون. جديد دور ۾ جيترو حق ڇوڪرن کي پڙهڻ جو آهي اوترو ئي حق نياڻين کي به ملڻ گهرجي، اهڙي هڪ ميرواھ گورچاڻي ڀرسان هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ نياڻي آهي جنهن جو پيءُ علي گل خاصخيلي ڪراچيءَ ۾ ڊرائيونگ ڪندو آهي، جنهن جي نياڻي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سھڪار سان ھلندڙ “دي ھوپ ھاءِ اسڪول” ميرواهه گورچاڻي اسڪول ۾ محنت، پيشي سان چاهه رکندڙ مخلص استادن جي بهتر مفت تعليم عيوض اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي، دعا خاصخيلي جو تعلق پٺتي پيل ڳوٺ سان آھي، جتي نياڻين جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو ڪو تصور ناهي، والدہ گھريلو عورت ھجڻ باوجود پنهنجي ٻارن جي تعليم لاءِ تمام سنجيده آھي، انھن کي پنھنجي دعا مان اميدون آهن، امڙ جي اکڙين ۾ آس آهي ته ڌيءُ پڙهي لکي ڪجھ بڻجي. شهر جو نالو روشن ڪري، اھو ئي سبب جو دعا جا والدين تمام مطمئن، خوش ۽ پراميد ۽ مددگار آهن، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ سرگرم رھندڙ دعا نه رڳو پاڻ پر پنھنجي ڪلاس فيلوز لاءِ به ھڪ مثال آهي، دعا خاصخيلي پنھنجي قابليت تي ميرٽ تي بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز شهيد بينظير آباد ۾ ميرٽ تي اسڪالر شپ عيوض داخلا وٺڻ ۾ ڪامياب وئي آھي. ڳوٺ سان تعلق ھجڻ باوجود 5 ڪلوميٽر جو مفاصلو روزانو طئي ڪري متحرڪ ھجڻ يقينن ڪجھ ڪري ڏيکارڻ، ڪجھ حاصل ڪرڻ جي ئي جاکوڙ آھي، حڪومت کي گهرجي ته اھڙي غريب نياڻين جي مالي سهائتا ڪري جيئن اهي خواب ساڀيان ڪري سگھن.
ظهير احمد شر/ ميرواهه گورچاڻي 
3 مئي تي صحافين جو عالمي ڏهاڙو، صحافين ۽ پنهنجي اخبار کي سلام!
جيئن ته ڪالهه 3 مئي تي پوري سنڌ ۾ صحافين جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، شوشل ميڊيا تي پوسٽون هليون، عظيم پيشي سان وابستا صحافين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ صحافت کي همٿائڻ لاءِ آئون هڪ ڳالھ لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته سنڌ ۾ صحافين تي ٿيندڙ تشدد، ڌمڪيون ۽ کين شهيد ڪيو وڃي ٿو ته ان لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪو قانون پاس ڪيو وڃي ۽ جيئن سنڌ جي صحافين تي ڪير به تشدد جو وار نه ڪري سگهي، ان لاءِ ڪو سنڌ اسيمبليءَ ۾ خدارا قانون پاس ڪريو، صحافي اسان جي سماج جو هڪ وڏو آواز آهن، اسان “پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز” جي سربراهه محترم علي قاضي صاحب ۽ “پنهنجي اخبار“ جي پبلشر نئون ڪوٽ شهر سان تعلق رکندڙ محترم دودو چانڊيو صاحب ۽ اسان جو هر وقت سٿ جو ساٿي منهنجي هر وقت مدد ڪندڙ مٺي ضلعي شهر جو هڪ وڏو نالو پنهنجي اخبار ٽائيم نيوز جو رپورٽر ممتاز نهڙيو کي “پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز” جي سموري ٽيم کي سرخ سلام پيش ڪريان ٿو ۽ اهيو واضح ڪري چوان ٿو ته “پنهنجي اخبار” جي پوري ٽيم جا ٿرپارڪر جا رکيل رپورٽرس آهن، انهن کي گهرائي سنڌ اسيمبليءَ ۾ قانون پاس ڪرائڻ جي لاءِ اداري ۾ هڪ ميٽنگ رکرائي وڃي ۽ ان ميٽنگ ۾ صحافين کي گهرائي انهن کي اهو چيو وڃي قانون پاس ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ اجلاس گھرايو وڃي، ان اجلاس ۾ ويٺل اڳواڻن کان هڪ سوال ڪيو وڃي ته سنڌ ۾ حق سچ لکندڙ صحافين تي تشدد ۽ کين شهيد ڪيو وڃي ٿو، ان لاءِ اسان کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ قانون پاس ڪري ڏيو. آئون پنهنجي پريس ڪلب ڪلوئي جي پوري ٽيم سميت “پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز” جي سرواڻ محترم علي قاضي صاحب ۽ سندس پوري ٽيم کي سرخ سلام پيش ڪريان ٿو، اميد ته اوهان جا رکيل رپورٽرس غريبن مسڪين ماڻهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندا رهندا.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر‎
ذاتين جا نالا ماڻھن تي رکڻ سان تاريخي مونجھارا پيدا ٿين ٿا!‎
ھي دنيا سڄي منجهيل سٽ ڌاڳي وانگر آھي، ان کي ھڪ پاسي ڏاھا پنهنجي ڏاھپ سان سلجھائي رھيا آھن ته ٻئي پاسي وري نادان ويتر منجھائي سندن حوصلا شڪني ايئن ڪري رھيا آھي جيئن ڪو بم اسڪواڊ جو ماھر بارود کي ناڪارا ڪرڻ جي عمل ۾ مصروف ھجي ۽ سندس نادان ساٿي مزاح خاطر بارود ناڪارا ٿيڻ جي فورن بعد ڦوڪڻو ڦاڻڻ جو منصوبو رٿيو ويٺا ھجن، اھڙي مزاحيه عمل ۾ معمولي غلطي سان ڪيترو نقصان ٿي سگھي ٿو ان جو اندازو جو هڪ مثال اسان تاريخ ۾ مونجھارا پيدا ڪرڻ جو ھڪ بيوقوفاڻي عمل مان ڏئي سگھون ٿا ڪن ماڻهن تي فطري نالن بدران ڪنهن ذات جو نالو رکندا آھن، جيڪو اڳتي ھلي شجرن ۾ وڏو مونجھارو پيدا ڪندو آهي، ان لاءِ ٻولي جي ماھرن، تاريخدانن کي گذارش آهي ته اھڙي عمل جي خلاف ڪو قانون پاس ڪرائين ته واسطيدار ادارن ۾ اھڙي قسم جي نالن سان رجسٽريشن جي پابندي ھڻڻ سان گڏ سافٽ ويئر جي نالي واري خاني ۾ تمام ذاتين لاءِ بلاڪ جو آپشن لڳائي ڇڏڻ سان گڏ جيئن متسقبل ۾ ڪي مونجھارا پيدا نه ٿين .
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
غربت سان وڙهڻ وارو طبقو ۽ سندن زندگي!
“الڪاسب حبيب الله” پورهيت خدا جو دوست آهي، هر سال جيان پهرين مئي تي عالمي يوم مزدور ڏينهن ملهايو ويو ۽ عام موڪل به ڪئي وئي، مزدورن جي حقن لاءِ آواز به بلند ڪيو ويو، رب جا اهي دوست اڄ به تنگ حالتن جو شڪار آهن، اڄ ڪلهه ويجهو نظر ڦيرايون ته مزدور طبقو اڄ به پريشانين جي ور چڙهيل نظر ايندو. سبب اهو آهي ته هيڏي ساري مهانگائي جي دور ۾ ملندڙ گهٽ اجورو ۽ سڄي مهيني ۾ پوري نه پوندڙ پگهار، جنهن ڪري اهو مزدور طبقو جيڪو پنهنجي بنيادي سهولتن کان محروم هميشه غربت جي چڪي ۾ پيسجندو رهي ٿو. پنجاب حڪومت مزدورن ۽ محنت ڪشن کي رليف ڏيڻ لاءِ هڪ وڏو قدم کنيو آهي، جيڪو ساراهه جوگو آهي ته ورڪرن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزار رپيا ماهوار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ حڪومت 3 سالن ۾ مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجوري ۾ 5 هزار رپين جي واڌ ڪئي آهي. ٽن سالن اندر مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، اصولي طور تي سرڪار کي مهانگائي کي نظر ۾ رکي مزدور جي اجرت ۾ واڌ ڪرڻ گھرجي ته جيئن مزدور جي گهر جو چلهو ٻرندو رهي، ڇاڪاڻ جو گهٽ اجورو هجڻ ڪري هو پنهنجي گهر جو سڄي مهيني جو راشن، گئس، بجليءَ جا بل، کير، چانهه، پاڻي ۽ دوائن جا خرچ ڪيئن پور ڪري سگهندا. سنڌ حڪومت کي به کپي ته صوبي ۾ مزدور جو اجورو 20 هزار رپين کان وڌيڪ ڪيو وڃي ۽ مزدور طبقي کي رليف ڏنو وڃي، انهن کي پنهنجي بنيادي سهولتن کان محروم نه رکيو وڃي، ڇاڪاڻ جو پورهيت خدا جو دوست چئبو آهي پر اهي اڄ به تنگ حالتن جو شڪار آهن، وزارت محنت جي ذميواري بڻجي ٿي ته اهي مزدورن کي پوري اجرت ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪن ته جيئن غربت سان وڙهندڙ طبقي جي زندگي ۾ ڪي سولايون پيدا ٿي سگهن.
اسلم ماڪو /پنوعاقل
غربت ۽ ڪورونا واري ريس ۾ ڪير کٽيندو؟
ھن وقت ڪورونا جي لھر به تيز ٿي وئي آھي ۽ عوام به پريشان حال آھي، غربت ۾ به واڌ ٿي آھي، مزدور، پورھيت ۽ ھاري طبقو ۽ ان سان گڏ ملازم به پريشان آھن. مزدور طبقو روز ڏھاڙي وارو پيٽ ڪيئن پالي؟ جڏھن ته ان کي مزدوري نه پئي ملي، ھارين کي زراعت مان ڪجھ به نه پيو بچي، ٻج، ڀاڻ ۽ پوکائي جو خرچ به گھڻو آھي، جيترو فصل تي خرچ ٿئي فصل لحن تي ان جو خرچ به نه ٿو لھي. ملازم طبقي جون گذريل سال نه جي برابر پگھارون وڌيون پر مھانگائي ۾ سئو سيڪڙو واڌ ٿي وئي آهي، ڪو به ماڻھو تبديلي سرڪار مان خوش ناھي، مٿان وري لاڪ ڊائون کي به سخت ڪيو ويو آھي، ڇو ته ڪورونا به ڪيتريون ئي حياتيون ڳڙڪائي وئي آھي، جي ھاڻ اڃان به احتياط نه ڪبو ته ڪورونا ۾ وڌيڪ حياتيون وڃي سگھن ٿيون، غريب طبقو پنھنجي پيٽ گذر لاءِ نڪري ٿو، ڇو ته کين پنھنجي ٻارڙن جو پيٽ پالڻو آھي، ھڪ پاسي ڪورونا موت ۽ ٻئي پاسي پاپي پيٽ آهي، غربت ۾ سئو سيڪڙو واڌ ٿي آھي، شيون مھانگيون ٿيون آھن ۽ عوام سان روزگار جو مسئلو آھي، تبديلي سرڪار عوام کي ڪي به سھولتون نه ڏنيون آھن، نه وري رمضان پڪيج ڏنو آھي، ھر ماڻھو پريشان آھي سياستدان، جاگيردار، وڏيرا، مل مالڪ ۽ ڪامورا رشوتخور آھن، جن غريبن جو مال ھڙپ ڪري شاھوڪار بڻيا آھن، ڪورونا کان احتياط به ضروري آھي، تنھنڪري تبديلي سرڪار غريب عوام کي مفت راشن، پئسا ۽ عيد پيڪيج ڏئي، عام واھپي جون شيون سستيون ڪري ته جيئن غريب عوام پنھنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي سگھي .
شفيق حسين وساڻ /ڳوٺ جھنگو وساڻ 
ڀوڏيسر جي قديم تاريخ!
ڀدريشر نگري جنهن کي ھينئر “ڀوڏيسر” چئبو آھي، سا ننگرپارڪر کان اتر اولهندي ڪارونجهر جبل جي ھنج ۾ شوڀا ڏئي رھي آھي، ھن وقت اھو اڳيون اوج ڪٿي؟ چند کنڊرن کان سواءِ ٻيو ڪجھ ناهي. نو ڪوٽي مارواڙ جي ڏوھيڙي موجب، ھانسي پنهنجي گاديءَ جو ھنڌ پاري ننگر ڪيو ۽ ان جو ٻيو ڀاءُ ڀوڏو ھو جنهن اچي ڀوڏيسر وسايو، تنهن وقت تي ھزار کن جينين (جين ڌرم واران) جا گهر ٻيا راجپوتن جا گهر ڀوڏيسر ۾ آباد ھئا. جينين جا ٺاھيل خوبصورت ڏھرا اڃا تائين قائم آهن جيڪي ڏسڻ وٽان آھن. جين ڌرم جي ڏهرن جي بناوت ۽ اڏاوت کي ڏسي سندن ڪاريگريءَ کي داد ڏيڻو پوي ٿو. ان وقت جيني شاھوڪار ھئا ھن وقت ڀوڏيسر ۾ ميگهواڙ، ڪولھي، مهراج ۽ لوھارن جا لڳ ڀڳ 200 گهر آباد آهن.ڀوڏيسر تلاءُ، ڀوڏيسر ڳوٺ ۾ هڪ قديمي تلاءُ موجو آهي، ھي تلاءُ راڻي ڀوڏي 6هين صديءَ ۾ جوڙايو، جنهن جو سڄو ترو ٽامي جو ٺھيل ھو، ھڪ ڏندڪٿا موجب تلاءَ ۾ ھڪڙي خامي ھئي، جو برسات جي موسم ۾ پاڻي سمورو ٻاھر ھليو ويندو ھو، جوتشين صلاح ڏني ته ڀوڏو راڻو جيڪڏهن پنهنجي ڪا پياري شي قربان ڪندو ته تلاءَ مان هڪ ڦڙي به ٻاھر نه ويندي، راڻي ڀوڏي عوام جي فائدي خاطر پنهنجي وزير سان صلاح ڪري تلاءَ جي ڪناري تي پنهنجي نور نظر (نارڻ سنگھ) کي ٻلي چاڙھيو. ھينئر ان تلاءُ ۾ ٻارھوئي پاڻي رهندو آهي، جتي چوپايو مال ۽ جهنگلي جيوت پاڻي پيئندو آھي پر گذريل سال تلاءَ جي پاڻيءَ تي بااثر ڳوٺاڻن کيڙي ڪري فصل پوکڻ سبب پاڻي وقت کان اڳ ئي کٽي ويو، جنهن ڪري ڳوٺاڻن کي هن وقت پاڻيءَ جي وڏي تڪليف آهي.
منيش ڪمار جسواڻي/پٿورو

بس گھڻو ٿيو، هاڻ متحد ٿيو!
اسان سنڌ جي اها روايت مشھور آهي ته دودي سومري جي شھادت کان پوءِ سنڌ جي ھڪڙي قبيلي جنهن کي “ريٻاري” سڏيو وڃي ٿو، قسم کنيو ھو ته جيستائين اسان دودي جي ڌرتيءَ تان دودي جي دشمنن کي ناس نه ڪنداسين تستائين ڪارو ويس پائينداسين ۽ ان قبيلي جا مرد توڙي عورتون اڄ تائين ڪارو ويس استعمال ڪري رھيا آهن ۽ اھڙو ئي قسم مھاراجا پرتاب سنگھ جي ھٿيار ٺاھيندڙ قبيلي جنهن کي ڪاريا سڏيو وڃي ٿو قسم کنيو ھو ته جيستائين اسان مھاراجا پرتاب سنگھ جي دشمنن مغلن کي ناس نه ڪنداسين تيستائين ٿانون ۾ ماني نه کائينداسين، کٽ تي نه سمھنداسين ۽ سٺو گھر ٺاھي نه رھنداسين ۽ ھو ان وقت تائين ان تي عمل ڪندا رھيا، جستائين 1947ع ۾ ھندستان آزاد ٿيو ۽ جواھر لعل نھروءَ “چتوڙ” اچي ان قبيلي جي ماڻهن کي گھرائي اعلان ڪيو ته ھاڻي ھندستان تي حڪومت مھاراجا پرتاب سنگھ جي آهي، ڌاريا سڀ ختم ٿي ويا آهن، ان ڪري سوڳ ختم ڪريو، سنڌين کي به دودي جي ريٻارين ۽ پرتاب سنگھ جي ڪارين وانگر اھو وچن ڪرڻ گھرجي ته اسان به تيستائين سک سان نه سمھنداسين، جستائين سنڌ جي ڪنهن به غلاميءَ ۽ بالادستيءَ جو نشان باقي رھندو.
علي محمد کوسو/ شهدادڪوٽ 
سنڌ جي زمين تي قبضا ڪرڻ بند ڪريو!
سنڌ هميشه کان خوشحال ۽ امن واري ڌرتي رهي آهي، سنڌ جي ڌرتي اصل هتي جي سنڌين جي ملڪيت آهي، هيءَ پوري قوم جي نه رڳو ملڪيت پر جيجل ماءُ پڻ آهي، جنهن هميشه سالارن، بهادرن، عالمن ۽ دودن کي جنم ڏنو آهي پر افسوس سنڌ حڪومت جي نااهليءَ جي ڪري سنڌ جي ڌرتيءَ تي قبضا ٿي رهيا آهن، ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين سنڌ جي پاڪ سرزمين کي غيرن هٿان وڪرو ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي کيتن، ٻيٽن، جبلن ۽ قدرتي وسيلن تي قبضا ٿي رهيا آهن. سنڌ جي وارثن سان فلسطينين جهڙو سلوڪ اختيار ڪيو پيو وڃي، سنڌين جي وسندين کي اجاڙيو پيو وڃي. ڳوٺن توڙي شهرن کي خالي ڪرايو پيو وڃي. سنڌين تي ظلم ڪيو پيو وڃي ۽ سندن گهرن کي ڊاهي کين بي گهر بڻايو پيو وڃي. اسان کي پنهنجي ئي وطن مان بيدخل ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت هن سموري صورتحال تي خاموش تماشائيءَ وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن جو مطلب ته سياسي پارٽين جا نمائندا ئي هن خطي کي هٿ سان تباھ ڪري رهيا آهن. سنڌ جي سرزمين تي قبضا ڪندڙن خلاف هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي ته جيئن ڌرتي ڌڻي ائين بي گهر نه ٿين.
سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول