سنڌ تي حڪمرانن جو ٿيل ظلم!

اسان جي ملڪ ۾ جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو رواج هلي رهيو آهي، زرداري صاحب جي دور ۾ ڪو قانون نظر نه آيو، هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي، زرداري صاحب ۽ جھانگير ترين  پاڪستان ۾ شگر ملن جا بادشاهه، جڏهن زرداري صاحب جو وفاقي دور حڪومت ھو ته سنڌ ۾ کنڊ جو في ڪلو 130 رپين کان به مٿي ھو، سنڌ ۾ زرداري ليگ وڏو ظلم ڪيو، سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ته پري پر سنڌ ۾ ٻين صوبن کان مهانگائي تمام گهڻي آهي، ملڪ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ايندي ئي شوگر مل مافيا تي ڇاپا هنيا ويا ويا، کنڊ جو اگھه ھٿرادو مهانگو ڪري 105 رپيا في ڪلو ٿي ويو پر افسوس ته زرداري صاحب جي وفاقي دور سنڌ ۾ مسڪين ھارين جي ڪمند جو اگھه 300/250 رپيا في مڻ ھو ۽ کنڊ جي ڪلي جو اگھه 135/130 رپيا ھو، ياد رھي ته ھارين جي ڪمند جو اگھه گھٽ ھجڻ جي ڪري سنڌ جي ھارين ڪراچي ۾ پنهنجي ڪٽنبن سان احتجاج ڪيا، پر افسوس زرداري حڪومت سنڌ جي مظلوم ھارين تي لٺيون وسرايون، سنڌ جي ھارين سان انصاف ته نه ڪيو  پر انهن کي جيلن ڀيڙو ڪيو ويو. اصل مقصد تي اچون ٿا ته عمران خان ۽ جھانگير ترين جا سياسي اختلاف وڌڻ جو اصل سبب به کنڊ جو اگھه وڌائڻ هو. هميشه شگر مل مافيا ڪروڙين رپين جو فائدو وٺندي آهي پر عمران خان جھانگير ترين کي ايئن ڪرڻ نه ڏنو ۽ عوام جو سوچيو، جھانگير ترين جي ناراض ٿيڻ سان عمران خان کي سياست گھڻيون ڏکيائيون پيش آيون پر عمران خان جھانگيرترين کي ھٿرادو مهانگائي ڪرڻ نه ڏني، مقصد ته ھڪ عوامي ليڊر ايندڙ ايلڪشن لاءِ نه پر ايندڙ نسلن لاءِ سوچيندو آهي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ ملڪي سياست!

  پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاق ۾ جنهن ڏينهن کان حڪومت ٺهي آهي ان ڏينهن کان اڄ تائين انهن جي مخالف ڌر سان سياسي جنگ جاري آهي، جنهن کي لڳ ڀڳ 3 سال ٿي ويا آهن، ان جنگ ۾ ملڪ جو غريب عوام تڪليفن جي ور چڙهي ويو آهي، عوام روڊن تي آهي، ايتري حد تائين مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي جو سرڪاري ملازمن جو گذر سفر به سولو نه پيو ٿئي. هڪ پاسي بک، بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ جا ستايل ماڻهو روڊن تي ٻچڙا وڪڻڻ جا هوڪا ڏئي رهيا آهن ته هڪ ٻار وٺو ته جيئن ٻين جو پيٽ پاليون. ٻئي پاسي ملڪ ۾ جاري مهانگائيءَ خلاف ڪو وڏو احتجاج ناهي ٿيو، وزيرن پاران ابتو مهانگائي وڌڻ جا بيان ڏنا پيا وڃن. هيءَ حڪومت آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ هٿان يرغمال بڻجي مهيني ۾ ٻه ڀيرا کان ٽي پيٽروليم شين جا اگھه وڌائي رهي آهي. وزيراعظم پريس ڪانفرنس ڪندي عوام کي ٻڌايو ته رڪشا، موٽر سائيڪل توڙي مڊل ڪلاس عوام لاءِ پيٽرول سستو ڪبو پر ان تي اڄ تائين عمل ناهي ٿي سگھيو. ڏٺو وڃي ته ملڪي معيشت جي اهڙي ڪمزور حالت آهي جو کاڌي پيتي جي بنيادي شين جا اگهه هجن يا وري دوائن جا اگھه اهي تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، ان سان گڏ بيروزگاريءَ جو مسئلو به تمام اهم آهي، اڄ ڪلهه جو نوجوان بيروزگاريءَ سبب گھرن تائين محددو آهي، جن ۾ ڪي ذهني مريض ته ڪي منشيات فروشي ۽ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث ٿي چڪا آهن ته ڪي پنڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. جيڪڏهن معيشت ڪمزور ٿي ته ملڪي نوجوان نسل به ڪمزور ٿيندو ويندو. اهڙيءَ ريت سياستدانن جو سياسي جھيڙو لاڳيتو هلندڙ آهي، ملڪي مسئلا ڏينهون ڏينهن گھٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن، ڪو به مسئلو حل نه پيو ٿئي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي سجاڳ ٿي ملڪ جي مسئلن کي گڏجي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي جيئن پيدا ٿيل مسئلا ختم ٿين ۽ ملڪ ترقيءَ طرف وڌي.

غلام رحيم جوڻيجو موکار/مٺي

سنڌ جا ميگھواڙ!‎‎

  ميگھواڙ سنڌ جي ھندن جي ھڪ قديم ذات آھي، ھن ذات جا اڪثر مرد موچڪو، جتيون ٺاھڻ جو ڪم ڪندا ھئا ۽ جتين جي واپار سان لاڳاپيل ھئا پر ھاڻي ھن قبيلي جا ماڻھو نه رڳو جتين جي واپار سان لاڳاپيل آھن پر نوجوان پڙھي نوڪرين تي به پھچي ويا آھن، ڪي واپار به ڪن ٿا. ميگهواڙ نه رڳو هڪ برادي پر هڪ سھڻو لفظ پڻ آهي، جيڪو سانوڻ جي “ميگھ” لفظ تان ورتل آهي. هندو ميٿالاجي ۾ مينهن جو ديوتا يعني ميگھ ديوتا جا پوڄاري پاڻ کي ان نالي پٺيان سڏائيندا هئا. هن ديوتا جا پوڄاري سنڌ، ڪڇ، گجرات ۽ راجستان ۾ گهڻي انگ ۾ هئا ۽ آهن. هي علائقو پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري پاڻيءَ سان محبت ڪندڙ انسانن جو ماڳ آهي، پراڻي زماني ۾ بچاءَ لاءِ شهرن ۾ قلعا يا ڪوٽ اڏيا ويندا هئا، سنڌ ۾ ته اهي اڃا به ڪوٽ سڏجن، جيئن عمرڪوٽ، نئون ڪوٽ، رني ڪوٽ وغيره، ايئن ڪڇ ۽ گجرات ۾ اهي واڙ سڏبا آهن، جيئن ڪاٺياواڙ، مارواڙ. تيئن ميگهواڙ ڪڇ ۽ گجرات ۾ ميگھ ديوتا جا پوڄاري به هڪ ئي واڙ ۾ رهڻ سبب ميگهواڙ سڏجڻ لڳا. اڳ ۾ اهو سڄو پرڳڻو سنڌ جو ئي ڀاڱو هو، وقت سان ميگھواڙ برادري به وڌنڌي ۽ ويجھندي رهي ۽ پوءِ جيئن وقت سان گڏ تبديليون آيون ۽ علائقن جا ورهاڱا ٿيا ته ڪاٺياواڙي ۽ مارواڙ واري پاسي جا ميگھواڙ هن پاسي رهجي ويا، سنڌ جا ميگھواڙ اڄ به سنڌي قوم جي اهم برادري آهن.

راجا دليپ ڪمار/ سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي، ڪراچي

چوري ٿيل موٽر

سائيڪلون موٽرائي ڏيو!‎‎

  اڄ ڪلهه چوري جون خبرون فيس بڪ توڙي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي اڪثر اينديون آهن، اتي هڪ خبر عمرڪوٽ جي وارڊ نمبر 311 ڪنڀر پاڙي جي به ٻڌي، جتان هڪڙي ميهني ۾ ڪنڀر برادري جون ٻه موٽر سائيڪلون ڏينهن ڏٺي چوري ٿي ويون جن جو ڪو به کڙ تيل ناهي نڪتو، هڪ ڊاڪٽر رمضان ڪنڀر جي هئي ته ٻي مرتضيٰ ڪنڀر جي هئي افسوس ان ڳالھ جو آهي ته هڪ ئي پاڙي ۾ هڪ ئي ميهني ۾ ڏينهن جو سرعام ٻه موٽر سائيڪلون چوري ٿي ويون پر افسوس ان ڳالهه جو آهي جو عمرڪوٽ پوليس اڃا تائين چورن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، آخر چوريون ڪندڙ ڪنهن سازش تحت رڳو ڪنڀارن جون ئي چوريون ڪري رهيا آهن، يا ڪنهن ان ڌر کان ڪو انتقام پيا وٺن، جتي هڪ ڀيرو چور چوري ڪندا آهن ته ٻيهر اتي چوري ڪرڻ لاءِ ناهن ويندا پر اهو پهرين ڀيرو ٻڌو آهي ته هڪڙي پاڙي ۾ هڪڙي ئي ميهني ۾ ٻه چوريون ٿيون هجن، آخر سبب ڪهڙو آهي جو وارڊ نمبر 311 ڪنڀر پاڙي ۾ ايئين دينا داستي ڏينهن جو چوريون ڪيون پيون وڃن، آخر ڪيستائين وارڊ نمبر 311 ڪنڀر پاڙي جا رهواسي اهڙن معاملن کي منهن ڏيندا؟ آخر ڪڏهن ان ويڌن جو تدارڪ ڪيو ويندو؟ اهو ڪنڀر پاڙي وارن لاءِ پريشان ڪندڙ ڳالھ آهي، اسان ايس ايس پي عمرڪوٽ کي گذارش ٿا ڪريون ته قانوني ڪارروائي ڪري چورن کي پڪڙي پورهيتن جون موٽر سائيڪلو موٽايون وڃن.

ڪاشف ڪنڀر/نيوڇور

جيڪي مئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري!‎

  چمبڙ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ نوجوان شاعر جاويد جبار “درد” دائودپوٽي سماج ۾ بک جي گهاڻي ۾ پيڙھجندڙ فردن جي درد کي محسوس ڪندي پنهنجي هڪ غزل ۾ لکيو ته “اڙي درد گيتن جي بدلي گهران ٿو، ٻچا بک تي آھن، کڻي آ ڪو لولو.” درد جو ساڳيو نوحو 22 هين آڪٽوبر واري پنهنجي اخبار ۾ ڏسڻ ۾ آيو ته “بک، بيماري ۽ بيروزگاري جي ستايل ڍولڪ نواز منظور ڀٽي پاران ايوارڊ کپائڻ جو اعلان.” بک ڇا ڇا نٿي ڪرائي! ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھ آھي جو دنيا جي 35 ملڪن مان ايوارڊ ماڻيندڙ شخص به اٽي، لٽي ۽ اجهي جون حامون هڻندڙن جي ديس ۾  ايوارڊ، ساز ۽ پنهنجون قيمتي شيون وڪڻڻ ٿو چاهي. رپورٽن موجب سر ۽ ساز تي روح جون تارون ڇيڙندڙ ڍولڪ نواز شگر جي بيماريءَ ۾ وڪوڙيل آھي ۽ مال پڙين ۾ شيون کپائي ٻچن جو پيٽ ٿو پالي. اها ڪا نئين ڳالھ ناهي، هن ديس ۾ ڪيترائي ڏات ڌڻي توڙي هن ديس جا غريب ماڻھو وسيلا هوندي به بيمارين توڙي بکن ۾ وقت گھاري پنهنجين زندگين تان هٿ ڌوئي ويهن ٿا. هيءَ ڪهاڻي 35 ملڪن مان ايوارڊ ماڻيندڙ صرف ڍولڪ نواز منظور ڀٽي جي ناهي پر ديس ۾ اهڙا ڪيترائي “منظور” آھن جيڪي شاهوڪار سنڌ جا اڻ کٽ وسيلا هوندي به بک، بدحاليءَ، بيماري ۽ بيروزگاري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ڪنهن مسيحا جا منتظر آھن پر وقت جا واڳ ڌڻي اهڙن انمول هيرن جو جيئري قدر نٿا ڪن. مئي کان پوءِ انهن جون ورسيون ملهائجن، تعزيتي پروگرام ٿين، اهي ڪهڙي ڪم جا؟! جو ڌرتيءَ جا اصل وارث جيئري بکن ۾ گذارين ۽ مرڻ کان پوءِ صرف افسوس جو راڳ آلاپي رهبر هئڻ جي ناتي جان ڇڏائي وڃي. ثقافت کاتي سنڌ توڙي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڍولڪ نواز منظور ڀٽي توڙي بک، بدحالي ۽ بيماري ۾ ورتل سڀني ساڻيهه واسين جي پرگهور لڌي وڃي جيئن ڪو به پنهنجا ٻچا وڪڻڻ جا هوڪا نه ڏي. بقول لطيف سرڪار جي ته:

ڪنهن جنهن نينهن ننڌاه، جي مون واجهائيندي نه ورو،

جيڪي  مئي  ڪنداه، سو  جانب  ڪريو  جيئري!

غلام علي گل/ٻيلو، سجاول

سنڌ کي سازش تحت منشيات جي ور چاڙهيو ويو آهي!

  منشيات سنڌ جي ھر ڳوٺ توڙي شھر ۾ وکر جيان وڪامجي رهي آهي، سنڌ جا نوجوان منشيات جا ايترا ته ھيراڪ ٿي ويا آهن جو جيڪڏھن کين منشيات نٿي ملي ته هو چرين جيان پيا گھمندا آهن ۽ ڪي ته آپگھات به ڪري ڇڏين ٿا. ڪيڏي نه حيرت جھڙي ڳالهه آھي ته لاچار ۽ بيوس مستحق ماڻهن تائين امداد ته نٿي پهچي پر نسلن کي اڏوھي جيان کائيندڙ منشيات سولائيءَ سان پھچي ٿي وڃي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ته اھا خبر ھوندي آھي ته ڪٿي ڇا پيو ٿئي؟ پر اھا خبر نٿي پوي ته منشيات جي ڪاروبار ۾ ڪير ڪير ملوث آھن، انھن کي سڀ ڄاڻ ھجي ٿي ته ڪچي شراب جون بٺيون ڪٿي قائم آھن، مين پڙي جا ڪارخانا ڪاٿي آھن، گٽڪو ٻورين ۾ ڀرجي ايندو آھي، اھو ڪٿان ٿو اچي ۽ ڪيئن ھر شھر، ڳوٺ تائين پھچي ٿو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سڀ خبر ھوندي آھي، انھن جي اکين ۽ زبان تي پئسن جو تالو لڳل ھوندو آھي، ھزارن ۽ لکن جا ھفتا وصول ڪيا ويندا آهن، سنڌ جي نوجوانن کي تباھ ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا نالا ۽ اڇي لباس ۾ اوڍيل ماڻھو ميدان تي لٿل آهن، جن جو ڪم صرف ايترو  ھوندو آھي ته اھي سنڌ جي ماڻھن کي جسماني، معاشي طرح ڪنگال ڪري انھن کان حق ۽ سچ چوڻ جي سگھه کسي وٺندا آهن.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

26 سيپٽمبر وارن کي به گريس مارڪون ڏيو!‎‎

  سيڪريٽري تعليم سائين اڪبر لغاري صاحب ڪجھ ڏينھن اڳ اوھان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ھو ته اوھان آءِ بي اي وارن کي ھدايتون جاري ڪيون آھن ته پيپرن ۾ غلطين جون گريس مارڪون سڀني اميدوارن کي ڏنيون وڃن پر سائين آءِ بي اي وارن سڀني کي مارڪون ڏيڻ بجاءِ چند اميدوارن کي ئي ھڪ کان ٻه گريس مارڪون ڏنيون آهن، حالت اھا آھي ته 26 تاريخ واري پيپر ۾ غلطيون ھجڻ جي باوجود به اميدوارن کي ھڪ به گريس مارڪ نه ڏني وئي آھي، جڏھن ته اميدوارن خرچ ڪري آءِ بي اي وارن وٽ ايپليڪيشنز موڪلي غلطين جي نشاندهي به پڻ ڪئي ھئي پر ان جو ڪو به کڙتيل نه نڪتو آھي، ايستائين جو بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جھڙيون تعلمي ڊگريون رکندڙ اميدوارن کي تعليمي ڊگرين جون مارڪون به نه ڏنيون ويون آھن، جيڪا اميدوارن سان سراسر ناانصافي آهي، ھن وقت اميدوار شديد مايوسي ۾ ورتل آهن، تنھن ڪري سائين اوھان کي عرض آھي ته اميدوارن کي گريس مارڪن سان گڏوگڏ تعليمي ڊگرين جون مارڪون ڏئي انھن مان بيچينيءَ کي ختم ڪري انهن جي خاندانن جون دعائون کٽيو، ڇو ته اھو انھن جو حق آهي، سائين ۽ حق وارن کي پنھنجو پنھنجو حق ضرور ملڻ گهرجي.

غفار احمد لغاري/ ٽنڊوالهيار

ڪراچي سنڌ آهي!

  سنڌي قوم ھزارن سالن جي تاريخ رکندڙ قوم آهي، اھي به ڏينهن هوندا ھئا جڏهن حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سنڌي ٽوپي نه پائي سگھبي ھئي، پوءِ جڏهن ملڪ جي صدر محترم آصف علي زرداريءَ سنڌي ٽوپي پائي ٻاهر ويو ته غير سنڌين ان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيائون ته صدر ملڪ جو آهي ۽ صوبي  جي نمائندگي ڪري سنڌي ٽوپي پائي ملڪ کان ٻاهر ويو آهي. ان جي جواب ۾ محترم علي قاضي جي اعلان کي سڄي سنڌ لبيڪ چئي اھڙو ته انقلاب آندو جو سنڌ ته ڇا پر ايوان صدر ۾ سوين سنڌي ٽوپي پھريل گھمندا رھيا. ملڪ جي صدر به ھر موقعي تي ٽوپي پائيندو رھيو، ان بعد اڄ ڏينهن تائين ھر سال اھو ڏينهن  ملھائجي رھيو آهي. محترم علي قاضي کي جس ھجي، جنهن ان ڏينهن تي اسان سنڌين کي گڏ ڪيو. مزي جي ڳالھ ته ان ڏينهن ماڻهو ڀلي ڪھڙي به فرقي، ذات ۽ پارٽي سان وابسته ھجي پر علي قاضي صاحب جي سڏ تي لبيڪ چئي ھڪ سنڌي ٿي ويندو آهي. ٦ ڊسمبر تي اسان سڀ ھڪ ٿي گڏجي پنهنجي عيد ملھائينداسين، انشاءُاللھ ان ڏينهن سڀ سنڌين جو ھڪ ئي نعرو ھوندو ته “ڪراچي سنڌ آهي” سنڌ امڙ کي ٽوڙڻ نه ڏينداسين. سنڌ سلامت، ساٿ سلامت.

امر کتري/ ٽنڊوباگو

رتوديرو جو اسٽيڊيم!

  مهذب ملڪن ۾ جتي معياري تعليم سان گڏ بهترين اسڪول هجن ٿا، اتي نوجوانن لاءِ راندين جي ميدانن کي به وڏو مقام حاصل هجي ٿو، جتي تعليم سان گڏ نوجوان ميدانن کي به راندين سان سجائين ٿا پر افسوس جو هتي ماحول ئي ڪجهه ڏکوئيندڙ آهي، رتوديرو شهر جو اسٽيڊيم جيڪو لڳ ڀڳ 12 ڪروڙن رپين جي لاگت سان ٺهڻو هو جنهن جو ڪم گذريل 8، 9 سالن کان هلندو پيو اچي، هن اسٽڊيم جا ٺيڪيدار مختلف وقتن تي پڻ تبديل به ٿيندا رهيا آهن پر افسوس جو اسٽيڊيم جو بيڌياني سبب ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو آهي ۽ اسٽيڊيم ۾ موجود ڪجهه سهولتون به مسئلن جي ور چڙهي ويون آهن، جهڙوڪ هتي لڳل ٽرانسفارمر، موٽر ۽ لائيٽون انتظامي بيڌيانيءَ جي ڪري چوري ٿي ويون  آهن، مين گيٽين کي به نه بخشيو ويو، افسوس جو وس وارن ۽ حڪومتي ڌرين جي مٿي تي جونءِ نه سُري آهي، اسان سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون ته رتوديرو جي اسٽيڊيم جو تعميراتي ڪم جلد مڪمل ڪرائي نوجوانن کي سهولتون ڏنيون وڃن.

ثقلين حيدر/ رتوديرو

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

                 اڄ صبح جو سويل اڇي چڪر هليو ويس جتي سپاهي پيرل وساڻ ۽ بگي جتوئيءَ ڏاڍي خدمت ڪئي، پيرل مون کي منهنجي ڊائريءَ جي ورق جي ڪٽنگ ڏيکاريندي چيو ته مون وٽ به توهان جي ڊائري موجود آهي، لال نجيب پٺاڻ مون کي منهنجا پئسا ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. هُن مون کان پئسا اوڌارا ورتا هئا پر مون ڪجھه ئي دير ۾ هن کي ٻڌايو ته اسان قرب سان توکي هر شيءِ ڇڏي پر ڏاڍ تو ڪونه ڪري سگھندين. آئون هُن کان پنهنجو وَهنوار وٺي ويس. هو هڪ هيروئني ۽ ٻاهر جو بشني آهي، جيڪا اڄ خبر پئي. ملاقات تي پيارو اسد آيو، هُن ٻڌايو ته ادي سجاد جي طبيعت ڪجھه خراب آهي ۽ هُن جو بلڊ پريشر ۽ ڪولسٽرول به وڌيل ٿو رهي، ڊاڪٽرن کيس ڪمڪار ڪرڻ ۽ پسار جو تاڪيد ڪيو اٿس، پر هو ماني کائي ان ئي کٽ تي ليٽي ٿو پئي، مون اسد کي ڪنهن لاءِ پرس به خريد ڪري ڏنو. اسد ٻڌايو ته ادي محمد خان ڇلگريءَ کي توهان جو خط به ملي ويو آهي. شام جو پارڪ ۾ علي شير ۽ مون پسار ڪئي، هُن پارڪ ۾ نماز ادا ڪئي، کوليءَ ۾ اچي مون ٻانهن ۽ ڪلهن جي ورزش ڪئي، هينئر ساٿي ڪمانڊو فلم ڏسي رهيا آهن، اهو ڪمانڊو 12 ورهين جو جيل ڪٽي آزاد ٿيو آهي ۽ هُنس ان گڏ هڪ ڇوڪريءَ جي جھنگ ۾ پهچي وئي آهي، ولن کي اُن عورت جي ضروت آهي ۽ ڪمانڊو ولن جا ماڻهو ماري رهيو آهي، قيدي پاڻ ۾ تبصرا ڪري رهيا آهن ته 12 ورهجين جي جيل ڪٽڻ کان پوءِ به ڪمانڊو قتل ڪيئن ڪري رهيو آهي؟ جيل ۾ فلمن ۽ ڊرامن تي اهڙا تبصرا عام جام ٿيندا آهن، مون کي منهنجي ڀاءُ اسد جي تمام گھڻي ياد اچي رهي آهي ۽ سجاد جو فڪر ٿي رهيو آهي. رب پاڪ اُن کي جلد صحتياب ڪري.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد(04 آڪٽوبر 2021، رات جا 08:29)

زندان جي جھڙوڪن مان!

اڄ ساهيءَ جو ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ منهنجي ڪلاس جي استاد فدا ڀٽيءَ سان ڪچهري ٿي، جنهن ٻڌايو ته آئون اصل ۾ سجاول شهر کان اڳتي ڳوٺ فتح محمد سومرو جو رهاڪو آهيان ۽ منهنجو والد حڪمت ڪندو آهي، اسان 6 ڀائر آهيون، جن ۾ عبداللطيف، روشن علي، فيض محمد، حاجي عيدو، احمد ۽ آئون، اسين پاڻ 15 ڀاتي آهيون، استاد فدا چيو ته اسان جي گھر جو گذر سفر بابا جي حڪمت تي ٿيندو آهي، مون سميت ڀائر ڪنهن نه ڪنهن حق حلال جي روزيءَ ۾ مصروف هوندا هياسين، ڪڏهن به حرام ڪمائڻ جو ناهي سوچيو،  ان لاءِ اسين سڀ پاڻ ۾ سدائين خوش رهياسين، ان دوران اسان جي سماج ۾ هڪ دشمن ظاهر ٿيو جنهن جو نالو ملان نياز اهمد ڀٽي هو جنهن کي ڳوٺ جا سڀئي رهواسين سيٺ سيٺ ڪري سڏيندا هئا، هن اسان کي تباهه ڪرڻ لاءِ هڪ سازش رٿي جنهن ان غريب نور محمد ولد محمد صديق ڀٽي کي ڏوهارين هٿان رات جي اونداهيءَ ۾ کيس گھران سڏي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ ان جو الزام منهنجي والد ۽ مون سميت ٻين ڀائرن تي هڻي ڇڏيو. نياز ڀٽي جا سڀ ئي گھر ڀاتي هن سازش گڏ هئا، جن گڏجي نور محمد جي قتل ۾ اسان کي جوابدار ڄاڻايو ۽ پوليس به زبردستي ان ڪيس ۾ اسان کي گرفتار ڪري 302 جو قلم لڳائي چالان ڪري جيل موڪليو، حيرت جھڙي ڳالهه ته جيڪو پوليس آفيس وردي پائڻ دوران جيڪو قسم کڻي پنهنجي ڊيوٽي تي فائز ٿيندو اهي ۽ چوندو آهي ته آئون حق سچ جي راهه تي هلندس، ڪنهن سان به ناجائزي نه ڪندس، جي ڪنهن سان ناجائزي ڪيان ته رب جو قهر مون تي نازل ٿئي، پر هو وري به مظلومن تي ظلم ئي ڪندو آهي، ايوب ڀاءُ اهڙا ظالم رب تعاليٰ جي سامهون آخر ڪهڙو جواب ڏيندا؟ اصل ۾ اهي پنهنجي انجام کان غافل آهن، رب جو شڪر جو آئون پنهنجي سزا پوري ڪري چڪو آهيان پر جيل ۾ گھاريل زندگيءَ جي قيمتي گھڙين جو ان ظالم کان حساب رب وٺندو.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا هاسٽل ۾ هٿ آيل شاگردياڻي جو لاش!‎‎

                 سنڌ جيڪا هميشه امن جي ڌرتي رهي آهي، جنهن پنهنجي ڪک مان شاهه عبدالطيف ڀٽائي، شاهه، سچل، سامي ۽ صوفي شاهه عنايت جهڙن عظيم بزرگن کي جنم ڏنو آهي، جنهن ۾ حضرت قلندر لعل شهباز جي مزار پڻ آهي، ان سنڌ جي عظيم ڌرتي کي وقتن به وقتن تڪليفن ڏنيون ويون آهن. ان سهڻي ڌرتيءَ کي هميشه جيان رنجايو ويو آهي، ڪڏهن سندس دلير پٽن جا لاش ڏئي، ڪڏهن وري ڦاهي چاڙهي ته ڪڏهن وري زهر ڏئي، ڪڏهن ته وري نياڻين سان زيادتيءَ جا واقعي پيش اچن ٿا ۽ ان بعد کين قتل ڪيو وڃي ٿو، آخر اهڙا واقعا روز جنم ڇو ٿا وٺن؟ ڇا انهن ظالم قاتلن کي سزا نٿي ملي؟ تازو پيش آيل واقعو ناظم جوکيو جو جيڪو هاءِ پروفائيل ڪيس بڻجي ويو، ان واقعي کي ڪجهه ڏهاڙا ئي مس گذريا آهن ته وري ٻٻرلوءِ ۾ معصوم ڪانها ڪمار کي زيادتي جو نشانو بڻائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. ان صدمي مان سنڌ ڃا نڪتي ئي ناهي ته ڪالهه وري هڪ اهڙو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن انسانيت جو درد رکندڙ هر دل کي روئاري ڇڏيو آهي. لاڙڪاڻي جي چانڊڪا هاسٽل جي بند ڪمري مان فائنل ايئر جي شاگردياڻي نوشين ڪاظميءَ جو پکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، واقعي جي جاچ ڪرائي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، شاگردياڻي جي ٽيبل تان هڪ خط مليو آهي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان آپگھات ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف نياڻي جو لاش جا پير ٽيبل تي نه پهچڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، جنهن مان واضح آهي ته ان کي به نمرتا چنداڻيءَ جيان قتل ئي ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نمرتا چنداڻي، ڪڏهن نائلا رند جو قتل ٿئي ٿو، ڪڏهن فرزانا جمالي کي حراسان ڪيو وڃي ٿو، آخر نياڻين سان ايڏو ظلم ڇو آهي؟ ڇا اها نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪڻ جي سازش آهي يا سنڌ جي تعليمي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟ اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انساني حقن واري وزارت کي اپيل آهي ته واقعي جي گھڻ رخي جاچ ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏئي معصوم نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

اسين جي مئاسين، سفر ۾ اوساٿي !

ته ماڻيندا منزل منهنجا ڍول ڍاٽي

آصف علي ابڙو/ ڪولاب جيئل