زيادتي بعدقتل ڪيل معصوم جي قاتلن کي ڦاسي ڏيو!

  خيرپور ۾ انسانيت سوز واقعو پيش آيو، ٻن جلاد نما خنزير جوابدارن گلاب جھڙي معصوم ٻالڪ ڪانھا ڪمار کي زيادتي ڪرڻ بعد کيس گھٽا ڏئي بيدريءَ سان قتل ڪري لاش ڪنھن خالي جاءِ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ڏٺو وڃي ته معصوم ڪانھا جي عمر اسڪول پڙھڻ، پنھنجي والدين سان انگل ڪرڻ سميت ٻارڙن سان گڏجي پنھنجي گھر جي آڳر ۾ راند کيڏڻ جي ھئي پر انسانيت ۽ فطرت جي دشمن قاتل جلادن ابھم ٻارڙي کي اڻ مندائتي موت جي ور چاڙھي ڇڏيو، انھن خنزير نما قاتلن کي ڪنھن به ريت معاف ڪرڻ نه گھرجي، جن نه رڳو فطرت جي سونھن، والدين جي خوشين، سماج جي ڏئي، مستقبل جي معمار معصوم ڪانھار ڪمار جو قتل ڪيو آھي. انھن خنزيرن پوري انسانيت جو قتل ڪيو آهي ڇو ته خالق ڪائنات جو پاڪ ڪتاب ۾ فرمان آھي ته ھڪڙي انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آھي، ابتدائي طور پوليس معصوم ڪانھا جي ٻن قاتلن کي گرفتار ڪيو آھي، ڏسون ته پڪڙيل جوابدار خلاف ڪھڙي نوعيت جي ايف آءِ آر داخل ٿي ٿئي، دھشتگردي قتل ۽ زياتي جا قلم لڳن ٿا يا نه؟ معصوم ڪانھا کان اڳ سنڌ توڙي پاڪستان ۾ معصوم ٻارڙن کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آھن، خصوصن سنڌ ۾ اھڙي قسم جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، معصوم ٻارڙن کي زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪندڙ جوابدارن کي سخت سزائون نه ملڻ ڪري ھر آئي ڏينھن مجموعي طور سڄي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جا واقعا پيش اچن ٿا. ھن وقت معصوم ڪانھا ڪمار جي گھر ۾ ماتم متل آھي، والدين جو گھر اجاڙيو ويو آهي سندن مستقبل جا خواب ۽ خوشيون چڪناچور ٿي ويون آهن، جڏھن اسان جا ادارا ۽ ملڪي قانون جوابدارن جي جاچ ۽ انڪوائريون ڪرائينديون شاھد ۽ ثبوت گڏ ڪرائينديون ڪيس جي فتويٰ الائي ڪھڙي به اچي؟ جي ڪيئي سالن کان پوءِ مقتول جي خون سان انصاف ٿئي ٿو به ته خبر ناھي اوستائين مقتول ڪانھا جا والدين جيئرا به ھوندا به الاءِ نه؟

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي

ڪاڇي جي روڊن

جي مرمت ڪرايو!‎‎

  واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت نه ٿيڻ ڪري ڪاڇي واسي عذاب ۾ ڦاٿل آهن، نئين گاج، نئن نلي سميت ٻين نئين جي وهي اچڻ ڪري ڪاڇي ۾ آيل تباهي کي 15 مهينن کان مٿي جو عرصو گذري ويو آهي پر هن وقت تائين هتان جا روڊ رستا نه ٺهي سگهيا آهن، ڪاڇي جي اهم زرعي پيداوار مرچ ۽ ٻين فصلن کي مارڪيٽ تائين پهچائڻ ناممڪن بڻيل آهي، آبادگار ۽ هارين جي پريشانين ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، واهي پانڌي ۽ ڊرگھ بالا سميت ڪاڇي جي مختلف روڊن جي خراب حالت سبب حادثا پڻ روز جو معمول بڻيل آهن، چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته ڪاڇي جي سمورن تباھ ٿيل روڊن جي جلد مرمت ڪرائي علائقي واسين کي جاني توڙي مالي نقصان کان بچايو وڃي، واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت مرمت نه ٿيڻ ڪري سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن ڏانهن ويندڙ سياحن کي وڏي تڪليف ٿئي ٿي، تڪ جا چونڊيل نمائندا هن وقت تائين واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت نه ڪرائي سگهيا آهن.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

اچو ته حيسڪو وارن خلاف به ھڪڙو جھاد ڪريون !

  سڄي ملڪ ۾ سيارو جي موسم شروع ٿي رھيو آهي، ٿڌ ۾ واڌ ٿيڻ ڪري بجلي جي کپت ۾ گھٽتائي اچي رهي آهي، وفاقي حڪومت به بجلي وافر مقدار ۾ ھئڻ جا بيان ڏئي رھي آهي پر ان ھوندي به ٽنڊو محمد خان ۾ بجلي جي انڌا ڌنڌ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، هتي 24 ڪلاڪن مان صرف 4 ڪلاڪ وڏي ڏکيائيءَ سان بجلي ھلي ٿي، پنج پنج ڪلاڪ لوڊشيڊنگ سبب شھر جو سمورو ڪاروھنوار ٺپ ٿي ويو آهي. اٽي جون چڪيون ھجن، ڪتر جا ڪارخانا ھجن، فوٽو اسٽيٽ جا دڪان ھجن يا وري درزين جا دڪان، مطلب ھر اھو ڪاروبار جيڪو غريب طبقو ڪري ٿو اھو حيسڪو ٽنڊو محمد خان جي نااھليءَ جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويو آهي، ٽنڊو محمد خان جو ايڪسين، ايس ڊي اوز يا ايل ايسز، نه بجلي جي چوري تي ضابطو آڻي سگھيا آهن نه ئي لوڊشڊنگ تي ڪنٽرول ڪري سگھيا آهن، ٽنڊو محمد خان جا شھري اھو سمجهڻ کان قاصر آهن ته ھٿرادو بجلي جي بندش ڪري آخر عوام کان ڪھڙو بدلو ورتو پيو وڃي؟ وزير اعظم پاڪستان، توانائي واري وزير ۽ حيسڪو چيف کي اپيل آهي ته ٽنڊو محمد خان جي حيسڪو عملدارن جي وڌندڙ نااھلي کي روڪي بجلي جي ھٿرادو بندش جو نوٽيس ورتو وڃي.

محمد اسلم سمون/ ٽنڊو محمد خان

هڪ چٺي سنڌ جي ثقافت کاتي ڏانهن!

  سنڌ جي هن مان واري مٽيءَ مان ڪيترن ئي سورمن، جوڌن، جوانن جنم ورتو آهي، جن جا نالا تاريخ ۾ قابل ذڪر آهن، انهن مان ملھ پهلوان مرحوم جان محمد بگٽي جو نالو نمايان آهي، هن پهلوان ڳوٺ شربت خان بگٽي جي گهر ۾ جنم ورتو، کيس ننڍي هوندي کان ئي ملھ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو، جيڪو اڳتي هلي پهرين جوڙ جي ملھن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، هن پهلوان سنڌ توڙي پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ وڏن رانديگرن کي دسي خوب داد حاصل ڪيو. مرحوم جان محمد بگٽي ۾ ڪيتريون ئي ٻيون خوبيون به هيون، هُو صوم ۽ صلات جو مڪمل پابند هو، ان سان گڏ يارن جو يار ۽ چٽو رانديگر به هو، ڪجھ ڏينھن اڳ ڪاري ڪامڻ ۾ وٺجي ويو پر ڪنھن سان به هن اهو سور سليو ۽ هن خطرناڪ بيماري سان مقابلو ڪندي نيٺ دم ڌڻي حوالي ڪيائين ته پوري سانگهڙ ضلعي ۾ سندس موت جي خبر ٻڌندي ئي سندس دوست ئي ملھ پهلوانن کي ڏاڍو ڏک ٿيو، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ايڏي وڏي رانديگر جي ثقافت کاتي ۽ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ طرفان نه ڪا مالي مدد ڪئي وئي نه ڪو سندس تڏي تي آيو، اها سنڌ سرڪار جي پراڻي روايت رهي آهي ته ڪنهن به ناليواري ماڻهوءَ جي وقت سر ڪا سار سنڀال نه لڌي ويندي آهي، سنڌ سرڪار کي “پنهنجي اخبار” چٺي وسيلي اپيل ٿي ڪجي ته رٽائرڊ ملھ پهلوانن ۽ ٻين اهڙن ناليوارن ملھ پهلوانن لاءِ خاص وظيفو مقرر ڪيو وڃي جيئن اهي پهلوان بي وقتائتي موت سبب مري نه سگهن.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎

سنڌي ثقافت لاءِ جاکوڙيندڙ

محترم علي قاضي صاحب!

  اسان جي سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جا هونئن ته کوڙ سارا اهڃاڻ آهن، جيڪا اسان لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه ۽ حقيقت به آهي ته اسان سنڌي ماڻهو آڳاٽي زماني کان تهذيب يافتا قوم آهيون ۽ پنهنجي ثقافتي ورثي سان پيار ڪندڙ آهيون، ثقافتي اهڃاڻن ۾ پوشاڪ هڪ وڏو اهڃاڻ هوندي آهي، اسان جي سنڌي پوشاڪ ۾ اسان جي ثقافت جو وڏو اهڃاڻ اجرڪ ۽ ٽوپي آهن، ڇو ته لباس هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن کي ڏسڻ سان ئي سمجهي وڃبو آهي ته هي ڪهڙي علائقي يا قوم جو ماڻهو آهي. سنڌي ثقافت تي اُٿندڙ جناب علي قاضي صاحب جو جواب سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ميڊيا گڏجي ايڪتا جي سڏ ۾ سڏ ڏئي ڏنو، سنڌ ان سڏ کي اهڙي ته مثالي انداز ۾ ورنايو جو صرف مخصوص ميڊيا ئي نه پر سموري دنيا حيران رهجي وئي ته اسان جي ثقافت ۾ ڪيتري قوت آهي. ايڪتا ڏهاڙي تي ان ثقافتي سڏ سان گڏ توڙ نڀائڻ لاءِ سنڌي به ثقافتي رنگن ۾ رڱجي سنڌين جو علم کڻي گڏجي سنڌ واسين سان يڪجهتيءَ لاءِ گڏ ٿيا. سنڌين جو همدرد هڪ انتهائي پيارو شخص ۽ انسان دوست جناب علي قاضي صاحب جيڪو هميشه سنڌ جي مختلف شهر ۾ سنڌين جو علم کنيو هر وقت چينل تي سنڌ لاءِ پيار ڏيندو آهي، هي اهو سنڌ دوست آهي جيڪو اسان سڀني سنڌين کي قرب محبت ۽ مانَ واري هڪ ئي ڌاڳي ۾ بنا ڪنهن فرق جي ڳنڍيون ٿو اچي، هميشه پيو چوندو آهي ته پاڻ هڪ ٿيون ۽ سنڌ امڙ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪجهه ڪريون.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

ارڙي ۽ ربيلا بابت آگاهي!

  ارڙي ۽ ربيلا هڪ وبائي مرض آهي، جيڪو سولائيءَ سان هڪ شخص کان ٻئي شخص تائين منتقل ٿئي ٿو، هن مرض جو متاثر شخص کنگهڻ يا ڇهڻ سان ٻئي شخص کي متاثر ڪندو آهي. هي هڪ خطرناڪ بيماري آهي، عالمي صحت جي اداري موجب گذريل سال دنيا ۾ 97 لک ڪيس سامهون آيا، جن مان 1 لک 40 هزار مريض فوت ٿيا، فيبروري 2020ع ۾ ڪورونا جي لهر سبب ارڙي ۽ ربيلا جي مهم متاثر ٿي، نتيجي ۾ هيءَ بيماري خطرناڪ حد تائين ڦهلجڻ لڳي. خدشو آهي ته جي هن بيماريءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم نه کنيا ويا ته ان جا نتيجا انتهائي خراب نڪرندا. اهڙي صورتحال ۾ گهر ويٺي حفاظتي ٽُڪا لڳڻ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي، هيءَ ويڪسين گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان استعمال ٿيندي پئي اچي، جنهن جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن، تنهنڪري والدين کي گهرجي پنهنجي ٻارن جي بهتر صحت لاءِ صحت کاتي جي ٽيمن سان سهڪار ڪن. 2000ع کان 2017 تائين جي عرصي ۾ 2 ڪروڙ 10 لک ٻار هن مرض سبب فوت ٿيا، هلندڙ سال پاڪستان ۾ ارڙي جا 8357 ڪيس سامهون آيا، جن مان 127 جي فوت ٿيا، هن مرض کي شڪست ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ 9 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ خيرپور ضلعي ۾ 10 لکن کان وڌيڪ ٻارڙن کي ويڪسين لڳائڻ جو ٽارگيٽ رکيو ويو آهي، گذريل 10 سالن ۾ سموري دنيا ۾ 1 ڪروڙ 1 لک 84 هزار هن مرض سبب فوت ٿيا. هڪ تحقيق موجب جي ويڪسين نه لڳائي وڃي ها ته 10 سالن ۾ 31 ڪروڙ ٻار حياتي وڃائي ويهن ها، اه ويڪسين جو ئي اثر هو. دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني ملڪن ۾ ويڪسين ذريعي هن بيماري تي ضابطو آندو ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان، والدين، استادن، شاگردن توڙي سمورن باشعور ماڻهن جو فرض آهي ته هن مهم ۾ وڌ کان وڌ حڪومت ۽ ان جي ادارن جو ساٿ ڏئي پنهنجي ٻارن کي بچاءَ جا ٽڪا لڳرايون ۽ هن بيماريءَ جو خاتمو آڻي دنيا ۾ شرمندگي کان بچون ۽ اهو ثابت ڪريون ته اسين باشعور قوم آهيون.

عبدالسميع ڀنڀرو/خيرپور

تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري کي گذارش!

  جيئن ته سال اڳ تعليم کاتي ۾ مانيٽرنگ  اسسٽنٽ  NTS ٽيسٽ آئي ھئي، جنهن ۾ ميرٽ ڪوٽا ھئي، اقليت ڪوٽا ھئي ۽ معذور ڪوٽا به ھئي، مون معذور ڪوٽا تحت فارم ڀرايو هو جنهن ۾ منهنجيون 45 مارڪون آيون هيون پر مون کي پاس نه ڪيو ويو ۽ نه ئي مون کي نوڪريءَ جو آرڊر ڏنو ويو، ھاڻي ساڳئي تعليم کاتي ۾ JEST ۽ PST ٿرپارڪر جون پوسٽون آيون آهن، انھي ۾ معذورن کي 38 مارڪن تي پاس ڪيو ويو آھي، جڏهن ته تعليم کاتو ساڳيو ئي آھي. ھڪ کاتي ۾ ٻٽو نظام ڇو ٿو هلايو وڃي؟ منهنجي تعليم کاتي جي وزير سائين سردار علي شاهه صاحب ۽ سيڪريٽري اڪبر لغاري صاحب کي عرض آھي ته مون کي 45 مارڪن تي مانيٽرنگ اسسٽنٽ جو آرڊر معذور ڪوٽا تي ڏنو وڃي ته آئون والدين ۽ معصوم ٻچڙن سميت سائين جن جو تھِ دل سان شڪر گذار رھندس.

منيش ڪمار واسو/ مٺي

خدارا مانجهند تعلقي تي به ٿورو ڌيان ڏيو!

  مانجهند تعلقو 2005ع ۾ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت ۾ وجود آيو، مانجهند تعلقو 2 ٽائون ڪاميٽي ۽ 7 يوسيز تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ تعلقو مانجهند ۾ مانجهند ٽائون، سن ٽائون، يوسي لڪي شاهه صدر، آمري، لاکا، شاهه اويس قرني، منظور آباد، خاڻوٺ ۽ يوسي انڙپور شامل آهن. مانجهند تعلقو وجود ۾ ايندي ئي نڌڻڪو بڻجي ويو، هن تي هميشه هڪ سگهاري پارٽي جي ايم پي اي جي حڪومت رهي جنهن مانجهند تعلقي جي عوام لاءِ ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو، مانجهند تعلقي ۾ بنيادي سهولتون صحت، پاڻي جي هميشه کوٽ رهي رهي آهي، جنهن سبب هتان جو عوام هميشه احتجاج ڪندي نظر آيو آهي. مانجهند تعلقي اسپتال جيڪا 53 بيڊن پاري آهي اسپتال جي بجيٽ لڳ ڀڳ ڪروڙن ۾ آهي پر اسپتال ۾ ڪا به سهولت موجود ناهي. مانجهند تعلقا اسپتال انڊس هاءِ وي جي ڀرسان هئڻ سبب هر روز ڌڪي هن ئي اسپتال ۾ اچن ٿا پر هتي نه ڪو ٽراماسينٽر آهي نه سٺيون سهولتون جنهن ڪري ڄامشورو اسپتال يا حيدرآباد سول اسپتال مريضن کي منتقل ڪيو وڃي ٿو، نتيجي ۾ مريض گهڻي ڀاڱي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي وڃن ٿا، هن اسپتال ۾ ميٽرنٽي هوم ۽ ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب ڳورهارين عورتن کي لمس اسپتال منتقل ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري به ڪافي عورتون پنهجون جانيون وڃائي چڪيون آهن، مانجهند تعلقي جي واحد اسپتال ۾ ٽيسٽن، ايڪسسري مشين، الٽرا سائونڊ، جي سهولت به موجود ناهي، جيتوڻيڪ هر سال ڪوڙن بلن جي ۾ ڪروڙين رپيا ڪڍرائي هڙپ ڪيا وڃن ٿا، مانجهند جي ٽائون جي ڳالهه ڪجي ته هي واحد ٽائون آهي جنهن ۾ ڪورٽ طرفان 2012ع جي ڀرتي غير قانوني قرار ڏني وئي هئي پر هتان جي بااثر جي آشرواد سان 120 ملازمن کي پگهار ڏني وڃي ٿي، جنهن سبب مانجهند ٽائون ۾ گندگي جو آزار، اسٽريٽ لائٽ جو کوٽ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ، ڊرينج سسٽم جو ناڪارا هجڻ سبب گهٽين ۾ بيٺل گندو پاڻي ڪنهن تلاءَ جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، خدارا مانجهند تعلقي تي ٿور رحم ڪري تعلقي آفيسرن کي پابند ڪري مانجهند تعلقي جي رونق بحال ڪئي وڃي.

ساجد علي ميربحر/مانجهند

سرڪاري زمينن جا رڪارڊ ۽ تحفظ جا مسئلا!

  سرڪاري زمينن تي غيرقانوني قبضن جي واقعن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرڪاري زمينن تي قبضا ختم ڪرايا وڃن، ان لاءِ صوبائي حڪومتون قبضن لاءِ قانون سازي جلد مڪمل ڪري. سرڪار زمينون سياسي حمايت جي حصول جو اهم ذريعو رهيون آهن، هر ضلعي ۾ ٻيلي کاتي، هاءِ وي، آبپاشي، واسا، ريلوي، اوقاف متروڪا وقف املاڪ وغيره جون ايراضيون موجود آهن. گذريل 40/35 سال کان دستور اهو آهي ته حڪمران پنهنجن من پسند لاڏلن ماڻهن کي معمولي شرطن تي سرڪاري ايراضي ليز تي ڏئي ڇڏيندا آهن، ڪيترائي ڀيرا ليز قبضي جي شڪل اختيار ڪري ويندي آهي. قانوني مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ قابض پارٽي ڪنهن ٻئي کي ليز حاصل ڪرڻ نه ڏيندي آهي. جنهن ڪري ڪيس ڪرڻ ۽ ڊيگھه جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. جيڪو عدالتي ۽ سماجي مسئلن ۾ اضافو ڪندو آهي، جنهن لاءِ عمران خان قبضا مافيا خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي. تنهن سان گڏ چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز حسن ۽ جسٽس قاضي محمد امين تي ٻڌل بينچ جي روبرو ملڪ ۾ روينيو کاتي جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ بابت ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته وڏي پئماني تي روينيو ايراضي تي قبضا آهن. عدالت کي ٻڌايو وڃي ته ڪراچي ۾ روينيو جي ڪل ڪيتري ايراضي تي قبضا آهن، عدالت روينيو رڪارڊ ۾ 2 لک کان وڌيڪ انٽريز تي به ڪارروائي جي هدايت ڪئي. ياد رهي ته عدالت عظمى جي حڪم تي ڪراچي ۾ قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ڳالهه صرف وڏن شهرن جي ناهي. جتي به سرڪاري زمين تي قبضا آهن ۽ اتي ڪو ڪنهن کان پڇڻ وارو ناهي، روينيو کاتو بدعنواني جو ڳڙهه آهي. انهن ڪوشش کي نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم ضروري آهن، اعلى عملدارن کي کپي ته سنجيدگيءَ سان سرڪاري زمينن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

اسڪولن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرايو!

  دنيا جتي ھرگھڙي جديد ترين منزل ڏانهن سفر پئي ڪري، اسان اوترو ئي ڏينھون ڏينهن پوئتي پيا وڃون، خاص ڪري ڪمپيوٽرائيزڊ دور ۾ جتي پنهنجي قيميتي ڊيٽا کي اسان پنهنجو پاڻ وٽ محفوظ ڪرڻ جا نوان طريقا اچي رھيا آھن، انهن مان کوڙ سارا کاتا مثال نادرا، روينيو ۽ اليڪشن ڪميشن فائدا وٺي ڊيٽا محفوظ ڪري چڪا آھن پر تعليم کاتو مقامي سطح تي عوامي ڊيٽا انتھائي حساس ڊيٽا محفوظ ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نه وٺي ماضي توڙي مستقبل ۾ عوام سان ڌوڪو ڪري رھيو آھي. جنهن ۾ خاص ڪري جنرل رجسٽر جنهن ۾ ٻار جي عمر تعليم لکيل ھوندي آھي، جنھن جي بنياد تي تعليمي ٻيون کوڙ ساريون سندون سرٽيفڪيٽ ٺھندا آھن، اھڙي حساس ڊيٽا سرڪار، هڪ استاد حوالي ڪري پاڻ تان ذميواري ختم ڪري ڇڏي ٿي، ڪنهن به سبب ڪري اھو رڪارڊ گم ٿي وڃي ان لا ڪو نعم البدل ناھي  نه ئي ڪا سزا جزا آھي، ڪافي اسڪولن ۾ اڄ کان 50 سالن جو رڪارڊ پڻ گم آھي، جنھن ۾ رڳو تعليم عمر نه پر ڪن شخصيتن جي تاريخ ڳنڍيل آھي، اھڙو رڪارڊ گم ٿيڻ جي صورت مستقبل ۾ انھن ماڻھن جي وارثن کي گھربل مڪمل ڄاڻ ۾ جيڪي ڏکيائيون پيش اينديون ان کان ڪير واقف ناھي؟ ياد رکڻ گھرجي لکت ۾ موجود ھر رڪارڊ تاريخ ٺاھيندو آھي، ھي اسڪولن ۾ موجود رڪارڊ شجرا ٺاھڻ ۾ ڪنهن حد تائين تحقيق ۾ مدد سان گڏ ٻيا کوڙ سارا علمي ادبي فائدا ڏيندو، ان لاءِ سنڌ سرڪار کي گھرجي ته صوبي ۾ موجود سڀ کان پھرين پراڻو ۽ نئون جنرل رجسٽر  رڪارڊ به اسڪيننگ ڪرائڻ جو پراجيڪٽ متعارف ڪرائي، اھڙو ڪم موجود بائيو ميٽرڪ عملي کي سونپيو وڃي، رڪارڊ مڪمل ٿيڻ بعد ان جون سافٽ ڪاپيون سيڪريٽريٽ سان گڏ اسڪولن ۾ پڻ رکيون وڃن، گڏوگڏ نادرا سان انٽرنيٽ ذريعي ڳنڍي نادرا رجسٽريشن ڪرائڻ ۾ عوام لاءِ سولائي ڪئي وڃي، سڀني اسڪولن کي بيٽ وائيز ھڪ ٻئي جون ڪايپون رکڻ جو پڻ پابند بڻايو وڃي ته جيئن ڪڏھن فني خرابي سبب فائل ڪرپٽ ٿيڻ جي صورت ۾ رڪارڊ مختلف هنڌن تي محفوظ ھجڻ جو يقين هجي. مھرباني ڪري ھي چٺڙي تعليم جي وزير ڏانهن اماڻي وڃي، اھڙو پراجيڪث جو ٽينڊر آڻڻ سان سندن لاءِ کوڙ سارن ٻين موقعن جا در پڻ کلي پوندا.

منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي

ملاحن جي عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان!

  سجاول ۾ ملاحن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري سنڌ جيان سجاول ۾ به تقريب ٿي گذري جنھن ۾ ملاح برادري جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ھنن پنھنجن حقن جي حاصلات لاءِ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سمنڊ ۾ روزگار خاطر مڇي مارڻ لاءِ شڪار تي ويندڙ ملاحن کي جديد سھولتون ڏنيون وڃن ۽ سمنڊ اندر ايندڙ طوفانن ۾ ملاحن جو جيڪو نقصان ٿئي ٿو، اھو ڀري ڏئي ملاحن جي مدد ڪئي وڃي، ڀارت ۽ ايران ۾ قيد پاڪستاني ملاحن کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ ملاحن جي ڍنڍن ۽ زمينن تي ڪيل قبضا خالي ڪرايا وڃن. ملاحن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اميرالبحر اڳواڻ علي مير مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي.

وفابابو پٺاڻ/ سجاول

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

                 اڄ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان علي شير کوسي کي پسار تي پاڻ سان گڏ وٺي ويس، عملدار ماما ستار راجپوت راضي ٿيڻ لاءِ تيار ئي نه هو، ٻه ڪم وارا پاڻ ۾ بحث ڪري رهيا هئا ته ڪير ڪيترو ڏوهاري آهي، مون کي ياد اچي ويو ته جڏهن حضرت عيسيٰ عه يروشلم ۾ تبليغ ڪرڻ لاءِ پهتو هو ته اتان جي يهودين جي عبادتگاهه ٻاهران هڪ عورت ڊوڙندي آئي ۽ ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ ان جي پويان ڊوڙندو ٿي آيو جن جي هٿن ۾ لٺيون، سئونٽا ۽ ٻيا ڌَڪ هئا، سڀ ان عورت کي مارڻ لاءِ آتا هئا، حضرت عيسيٰ جڏهن اها ماجرا ڏٺي ته هڪل ڪري سڀني کي روڪيائين ۽ عورت کي بچائڻ لاءِ ان جي سامهون ٿي بيهي رهيو پر ماڻهو مڙڻ لاءِ تيار نه هئا، انهن چيو ته هن عورت کي اسان ضرور مارينداسين، حضرت عيسيٰ پڇيو ته هن جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ ماڻهن وراڻيو ته “هيءَ بدڪردار عورت آهي، گناهگار آهي، هن جو مرڻ واجب آهي.” حضرت عيسيٰ پٿر هٿ ۾ کڻي چيو ته “ٺيڪ آهي، هيءَ گناهگار عورت آهي پر هن کي پهريون پٿر اهو ماڻهو هڻي جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو به گناهه نه ڪيو هجي. توهان مان آهي ڪو اهڙو ته اڳتي اچي هِن کي پٿر هڻي.” سموري ماڻهن جي ميڙ کي چپ لڳي وئي ۽ هڪ هڪ ماڻهو سرون، پٿر ۽ لٺيون اڇلائيندا ميڙ مان نڪرندا ٿي ويا ايئن هرڪو پنهنجن گھرن ڏانهن روانو ٿي ويو. شام جو منهنجي مشقتي مون کي ايف آءِ آر جي ڪاپي ڏيکاريندي چيو ته ڀائو هي ڇا آهي؟ مون هن کان ڪاغذ وٺي غور سان پڙهڻ کان پوءِ هن چيو ته ڪورٽ سڳوريءَ توکي 5 سال سزا  ڏني آهي، هو ويچارو نئون قيدي آهي ان لاءِ وائڙو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته وڪيل ته فيس 30 هزار رپيا ورتي آهي، پوءِ مون کي سزا ڪيئن لڳي؟ مون کيس مُرڪي وراڻيو ته مون وڪيل کي 30 لک فيس ڏني آهي ان باوجود به توسان گڏ ويٺو آهيان. اڄ علي شير ٽن پهرن جي نماز کان پوءِ ٻه رڪعتون شڪراني جون به ادا ڪيون ڇو جو هو اڄ شام آزاد ٿيڻ وارو آهي. هن اڏامندڙ پکين کي ڏسي چيو ته آصف! هيءَ شام ڪيڏي نه حسين آهي، ان جي اکين جي چمڪ واضح هئي، اسان پارڪ ۾ چانهه به پيتي.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (03 آڪٽوبر 2021 رات جا 08:45)