ملڪ جي وزيراعظم جو ريپ ڪيس تي افسوسناڪ بيان!
ڪافي وقت کان تيزيءَ سان جنسي زيادتين جا ڪيس سموري ملڪ ۾ پيش اچي رهيا آهن، ملڪ جي ھر صوبي مان معصوم ٻارڙن سان جنسي زيادتين ۽ قتل جا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس سنڌ صوبي ۾ ٿيا آھن ۽ ٿي رھيا آھن. وزيراعظم کان ڪنھن صحافيءَ سوال ڪيو ته جنسي ڏاڍائين جو ڪارڻ آخر ڪھڙو آھي يا ان لاءِ حڪومت ڇا ڪري رهي آهي يا ڪندي؟ ته ملڪ جي وزيراعظم افسوسناڪ بيان ڏيندي چيو ته اسان جي مٿان اولھ جي ملڪن جي تھذيب جو تمام گھڻو اثر آھي، ملڪي عورتون ڪھڙو لباس ٿيون پائين ۽ موبائل ۾ ڪھڙي قسم جو مواد اپلوڊ ڪيو پيو وڃي؟ وزيراعظم جي اهڙي بيان تي اولهه ملڪن جو رد عمل به آيو آھي جڏهن ته انساني حقن جي تنظيمن جو به وزيراعظم جي بيان تي سخت رد عمل سامهون آيو آھي. ملڪ جو وزيراعظم هجڻ ناطي عمران خان کي ڪا جامع پاليسي ڏيڻ گھرجي ھا يا وري چئي ھا ته اسان ان خلاف سخت سزا وارو قانون ٺاھينداسين، جيئن جنسي زيادتين تي ضابطو آڻي سگھي. پني عاقل جي زيادتي ٿيل ڇوڪري جي 22 دفعا ٽيسٽون ٿيون آھن پر اڃا تائين نه ڏوھي پڪڙجي سگھيا آھن نه انھن کي پوليس گرفتار ڪيو آهي نه ئي تڪ جا چونڊيل نمائندا تحرڪ ۾ آيا آھن، جي ملڪ جي وزيراعظم جو اھڙو حال آهي ته پوءِ ڇو نه ڏوھن ۾ اضافو ٿيندو؟
شفيق حسين وساڻ/ جھنگو وساڻ 
پنھنجي ٻوليءَ جا دشمن اسان پاڻ آهيون!‎
ڪنھن به قوم جي سڃاڻپ ان جي ٻولي ۽ ثقافت هوندي آھي، جنھن گروهه کي پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت ناھي هوندي ان گروهه کي قوم ناھي سڏيو ويندو. قوم جي ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ٻولي جو هوندو آهي پر افسوس ته اسان جي معاشري ۾ سنڌي کي وساري ٻين ٻولين کي اپنائڻ جي رسم ھلي پئي آھي، جنھن جو مستقبل خوفناڪ نظر اچي رھيو آھي. ايتري قدر جو اسان جي ملڪ ۾ هن وقت تائين سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ناھي ڏنو ويو، اسان جي پاڙيسري ملڪ سنڌيءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو آھي، جيڪا ورهاڱي کان اڳ هن صوبي جي سرڪاري ٻولي هئي پر اسان جي حڪومتن هن مسئلي کي نظرانداز ڪيو. جيڪڏهن انڊيا مختلف ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي سگهي ٿو ته پوءِ پاڪستان ڇو نٿو ڪري سگهي؟ حڪومت کان وڌيڪ اسان سنڌي عوام جو ڏوھ آھي جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ به پسند نٿا ڪن. اسان جي ڪجھ سنڌي ماڻهن ۾ ھڪ وڏي مار پيل آھي ته جيڪڏھن ھو عام ماڻھو مان وڏي منزل تي پهچن ٿا يا مشھور ٿي وڃن ٿا ته پوءِ هو سنڌي سڏرائڻ يا ڳالهائڻ ۾ عار محسوس ٿا ڪن. اسان جي معاشري ۾ ھر فرد جي دماغ ۾ سوچ دفن آھي ته انگريزي ٻولي ڳالهائڻ سان ئي اسان ڪاميابي آهيون. اھا سوچ ننڍي کنڊ جي ماڻھن ۾ انگريزن طرفان وڌي وئي جيڪا اڃا برقرار آھي. گھرن کان وٺي اسڪولن ۽ آفيسن تائين اھا سوچ ڦهليل آهي. اسان جو ٻار جڏھن ڳالھائڻ شروع ڪندو آھي ته اسان ان کي سڀ کان پھريان انگريزي جا لفظ سيکارڻ شروع ڪندا آھيو ۽ ڪيتري ئي سنڌين جي گھرن ۾ وري اردو ڳالهائي ويندي آهي، جنھن سان اھو محسوس ٿي رھيو آھي ايندڙ نسل نج سنڌي ٻوليءَ کي سمجھي ۽ ڳالهائي نه سگھندو. 
سمير ساگر قريشي/ حيدرآباد
مظلومن جي پليٽ فارم کي مبارڪباد‎!
مظلوم ۽ بي سھارن جو آواز “پنهنجي اخبار” آهي، سنڌ جي مظلوم عوام کي اهڙي ئي ڪنهن پليت فارم جي سخت ضرورت هئي، جنهن ذريعي عوام جا ۽ تڪ جا مسئلا حل ٿين. “پنهنجي اخبار” عوام جو سگهارو آواز بڻجي عوام کي اهو پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي جنهن تا هو پنهنجي حقن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائي پنهنجا اهنج دور ڪري سگھن ٿا. پنهنجي اخبار هميشه مضلوم عوام جو آواز اعليٰ ايونن تائين پھچايو آھي، سندس پهرين سالگرھ تي اداري جي سي اِي او ۽ ان جي سموري سٿ کي دلي ۽ نيڪ تمانئن سان مبارباد پيش ڪجي ٿي.
عابد تبسم/ خانپور، شڪارپور‎
غذائي کوٽ واري پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي پگھارون ڏيو!
تازو سنڌ جي ڪجهه ضلعن جنهن ۾ گھوٽڪي، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻو سميت ٻين ضلعن جي ٻارن جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ لڳ ڀڳ 4 لک 57 ھزار ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن، جن جي علاج لاءِ سنڌ حڪومت جي سھڪار سان “ايڪسيليريٽيڊ ايڪشن پلان” نالي پراجيڪٽ ڪم ڪري رھيو آهي، جنھن جو ڪم 06 مھينن کان 5 سالن تائين جي ٻار جي اسڪريننگ سميت علاج ڪرڻ پڻ آھي ۽ ٻارن جي مائرن کي صحت بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي، اي اي پي پروگرام جي سهڪار سان سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 1000 سينٽر آهن جن وسيلي ڪمزور ٻارڙن جو علاج ڪيو ٿو وڃي پر لاڳيتو ٽن مھينن کان اي اي پي پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي پگھارون جاري ناهن ٿيون، جنهن ڪري ڪم ڪندڙ ملازم فاقاڪشيءَ واري زندگي گذاري رھيا آهن، جيڪي ملازم ٻين جي ٻچن جي زندگي بچائڻ ۾ رڌل آهن، بدقسمتيءَ سان انهن جا ٻچا بک مري رهيا آهن، پگھارون نه ملڻ ڪري سندن پريشاني ۾ اضافو ٿيو آهي. بجيٽ جاري نه ٿيڻ ڪري ملازمن جون پگھارون جاري ناهن ٿيون، آئون ھن چٺيءَ وسيلي سنڌ حڪومت توڙي اي اي پي پراجيڪٽ جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندس ته ڄاڻايل مسئلي جي حل لاءِ جلد قدم کڻي ملازمن کي پگھارون جاري ڪري وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي.
بشير رضا مھر/ گھوٽڪي
سنڌ جي ماروئڙن جو آواز “پنهنجي اخبار!”‎
“پنهنجي اخبار” جڏهن شروع شروع ۾ شايع ٿي ته ماڻهن اهو سمجهيو ته اها ناڪام ٿي ويندي پر هن اخبار جي سٿ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته واقعي “پنهنجي اخبار” پنهنجي آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هر فرد جي ضرورت بڻجي وئي. هن اخبار ۾ شامل پيج “پنهنجي سوشل ميڊيا” ته ٻين اخبارن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، ٽوئيٽر، فيس بڪ تي شامل بهترين مواد شايع ڪيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ جديد دور جي شروعات آهي. سوال /سروي نرالي انداز سان هن اخبار جي زينت آهي، جهڙو نالو آهي اهڙي ئي اداري جي پنهنجي پڙهندڙن کي موٽ ملي ٿي. ٽائيم نيوز چينل به بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، خبرن ۽ تبصرن وغيره چينل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، منهنجي هڪ راءِ آهي ته ٽائيم نيوز چينل کي به آن لائين ڪال ڪرڻ جو ڪو پروگرام ترتيب ڏنو وڃي جنهن ۾ سنڌ جي شاگردن، شھرن، ڳوٺن، ماڻهن جا مسئلا واٽس ايپ نمبر تي ڪال ڪري يا لکت جي صورت ۾ شامل ڪيا وڃن ته بهترين ٿيندو. وري وري “پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز” جي سالگرھ جون سنڌ جي شعور ۽ اداري کي مبارڪون ۽ نيڪ تمنائون، اميد ڪجي ٿي ته ايئن ئي ان رفتار کان به وڌيڪ “پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز” ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو رهندو.
بشير ميراڻي/ ميرپوربٺورو
سنڌي ادب ۾ نوجوان نسل کي اگتي وڌڻ ڏيو!‎
جيئن ته اڄ ڪلھ نوجوانن ۾ ادب پڙهڻ جو جوش آهي، جيڪا سٺي ڳالھ آهي پر ڪجهه اديب پنهجي علم تي ناز ڪري ماڻهن سان سندن رويو تمام ڇسو آهي، جيتوڻيڪ هن دنيا ۾ علم جي حساب سان مڪمل ناهي هوندو ۽ نه ئي وري علم کٽڻ جو نالو آهي پر اديبن جي ان نفسياتي بيماريءَ سبب نوجوانن جي حوصلا افزائي بدران مٿن ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪري سندن قابليت کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏين ٿا. هاڻ سوال اهو آهي ته اسان جا اديب اڻ سڌيءَ طرح نوجوانن جي همت افزائي بدران مٿن ٺٺول ڪري انهن جي پڙهڻ واري جذبي کي منجهايو ڇڏين، ڪنهن چيو آهي ته ڪو به هن دنيا ۾ پنهجي ماءُ جي پيٽان سکي ناهي ايندو، ان کي هن ئي دنيا ۾ محنت ڪري سڀ ڪجھ سکڻو پوي ٿو، جيڪڏهن ڪير ادب جي دنيا ۾ نئون آهي ۽ اهو ڪتاب کڻندو ته ان کي چيو وڃي ٿو ته اهو ڪتاب تون رک ڇو جو اھو ڪتاب تنهجي سوچ کان پري آهي، توکي ته اهو سمجھ ۾ به نه ايندو، تون اڃا ٻار آهين ته اهو دل شڪسته ٿي يڪدم اهو ڪتاب رکي ڇڏيندو پر توهان اهو خيال نه ڪيو ته نوجوان جي ذهن ۾ هاڻي اهو ڪتاب ھميشه لاءِ ڏکيو بڻجي ويو، شاهد هاڻي ڪڏهن به اهو ڪتاب پڙهڻ جي ڪوشش نه ڪندو، جي هو ڪتاب پڙهي ها ۽ ان مان نوان نوان لفظ سکي ها، جيڪڏهن ان کي اهي لفظ نه اچن هان ته هو اوهان کان سکي ها، ايئن ئي اصلاح ٿي پوي ها. ٿو خدارا ادب ۽ تعليم جي دنيا ۾ نوجوانن جي همت افزائي ڪري کين اگتي اچڻ ڏيو جيئن مستقبل ۾ هو پنهجي مادري ٻوليءَ مان پورو مطمئن ٿي اگتي اچن ۽ انهن ۾ پڙهڻ جو شوق جاگي.
سجاد جوڻيجو/ ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن، لاڙڪاڻو
يوسي ڀٽارو کان ڳوٺ سارنگ صوبيدار تائين روڊ ٺهرائي ڏيو!
نئون ڪوٽ بدين روڊ تي ڀٽارو يوسي سڃي موري کان ڳوٺ سارنگ صوبيدار تائين اٽڪل 40 ڳوٺن کي ملائيندڙ لنڪ روڊ گذريل 2011ع جي مھاٻوڏ دوران ھنڌان ھنڌان اکڙي ويو آهي، سڃي موري کان نڪرندڙ روڊ ٽٽل ھجڻ ڪري ڳوٺ گومون ڪولھي، بچو ميگھواڙ، چراغ مغل، حاجي خان محمد لاشاري، جمعون خاصخيلي، عيدل خاصخيلي، مالھو ڍاڻي، جامون ڪولھي، ابراهيم چانڊيو، ڳوٺ قاضي صاحبڏنو، امن آباد جوڳي موڙ سميت 40 کان مٿي ڳوٺن جا ماڻھو سخت ڏکيائين جو شڪار آهن. ھنڌان ھنڌان 5 ڪلوميٽر روڊ کنڊر ھجڻ سبب ڳورھاريون عورتون اسپتال پھچڻ کان اڳ فوت ٿي وينديون آهن، ڪا ٽيڪسي به ھتي اچڻ لاءِ تيار ناهي. ڳوٺ قاضي صاحب ڏنو ڪئمپس اسڪول ۾ اٽڪل 7 سئو ٻار روزانو اسڪول اچڻ وڃڻ دوران سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ ٿا ۽ گاڏين جا ٽائر ڦاٽڻ روز جو معمول آهن، 1994ع ۾ ٺهيل ھن لنڪ روڊ جي صرف ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت دوران رپيئرنگ ٿي هئي، ڄاڻايل لنڪ روڊ رپيئرنگ جو منتظر آهي، ھتان جا آبادگار روڊ ٽٽل ھجڻ سبب جنس توڙي سبزيون مارڪيٽ ۾ نٿا پهچائي سگھن، ھتان جي رھواسين بار بار چونڊيل نمائندن جو ڌيا لنڪ روڊ طرف ڇڪرايو آهي، روڊ نه ھجڻ سبب اسان جو نئون ڪوٽ شهر کان رابطو ڪٽيل آهي، اجڙيل روڊ ڪاغذن ۾ 2، 3 ڀيرا منظور ٿيو آهي، ٽينڊر مخصوص ايم پي ايز جي ڪوٽا مان ٿيو، ان کي 2 سال گذري ويا پر ڪم رڳو ڪاغذن تائين محدود آهي. اسان چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي ڊي سي کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته روڊ جي جلد رپيئرنگ ڪرائي وڃي.
سنتوش ڪمار/ نئون ڪوٽ
ميرپور ساڪري ۾ منشيات جي ڪاروبار کي ٻنجو ڏيو!
ميرپورساڪرو لديا ليٽ ۽ ان جي آسپاس ۾ گٽڪو، مائو، چرس ۽ ٺرو سرعام وڪرو ٿي رهيو اهي ۽ پوليس اکين تي  پٽيون ٻدي خاموش آهي. گٽڪو، مائو، چرس ۽ ٺرو اھڙو زھر آھي جيڪو انساني زندگي کي سُري جيان کائي ٿو، گٽڪي واپرائڻ واري کي اڪثر ڪينسر جي بيماري سان وڙھڻو پوي ٿو. اڄ به ڪيترا ئي ماڻھو ڪينسر ۾ وڪوڙيل آھن، ان جو سبب گٽڪو، مائو، ڪچو شراب آھن. ساڪري ۾ گٽڪو ايترو پکڙجي ويو آھي جو ھتان جا مرد ۽ عورتون ۽ ننڍڙا ٻار به گٽڪو ٿا واپرائين ۽ ننڍڙن معصومن جي زندگي تباھ ڪئي پئي وڃي، جنھن جي ھٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم ھجڻ گھرجن انھن کيسن ۾ گٽڪن جون پڙيون پيل آھن، ساڪري جي پوليس ان ڏوھ ۾ پئسن عيوض ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آھي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪيترا ئي قلمڪار، صحافي پڻ ان منشيات خلاف لکندا ٿا اچن ۽ ڪيترائي سماجي اڳواڻ ان خلاف احتجاج ۽ جاڳرتا ريليون ڪڍن ٿا پر افسوس اسان جو پوليس منشيات کي بند ڪرڻ لاءِ اڄ تائين ڪو به عمل ناھي ڪيو ۽ جيئن ئي صحافي ان بابت لکندا آھن ته پوليس وارن جا ڀاڳ کلي ويندا آھن ڇو ته پوليس وارا پھنجي ڀتي کي وڌائي ڇڏيندا آھن پر ان زھر کي ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ناهن ڪندا. حد جو جيڪو به ايس ايچ او اچي ٿو اھو پھنجي مرضيءَ جو ڀتو وٺي ٿو، جنھن ڀتي کان انڪار ڪيو ان کي چالان ڪيو ٿو وڃي باقي جيڪو ڀتو وقت تي ٿو ڏي ان کي منشيات وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏني ٿي وڃي. اسين آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ٺٽو ۽ وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته ساڪري ۾ پوليس عملو کي ھٽائي انھن جي جاءِ تي ايماندار عملو آندو وڃي، جيڪي سماجي براين کي ختم ڪرڻ لاءِ پھنجي جاني ۽ مالي قرباني ڏئي منشيات ختم ڪن.
محمد اسماعيل خاصخيلي/ ميرپورساڪرو
بچو چڍڙ اسڪول جي رولڙي جو شڪار ڪم مڪمل ڪرايو!
اسڪول بچو چڍڙ جي عمارت زبوني واري حالت ۾ هئي جنهن جون ڇتون تباهه هيون، ڪئين سالن جي جاکوڙ بعد اڳوڻي ڊي سي اسڪول جي حالت کي ڏسي پوڻن 18 لکن جي منظوري ڏني ۽ ڪجھ مهينن بعد ان جو ٽينڊر ٿيو، وڏي ڪوششن بعد ٺيڪيدار امان الله دايو کي ڳولي ڪم شروع ڪرايو، ٺيڪيدار شروع کان وٺي من مستي ڪيون، هن اسان جي روڪڻ باوجود اسڪول ۾ پراڻيون سرون استعمال ڪيون ۽ سيمينٽ جو مقدار به مرضي موجب رکيو. اسان مذمت ڪئي پر هو پنهنجي هوڏ تي رهيو. اسان کيس اسٽيميٽ لاءِ چيو، ورڪ آفيس سان به رابطو ڪيو پر انهن ڏينداسين ڪري اڃا اسان کي ورڪ آرڊر ناهي ڏيکاريو. هن اسڪول جي ڇت به گارڊر ٽيئر واري وڌي وئي آهي، جيڪا ڪڏهن به ناڪاره ٿي سگهي ٿي ۽ سڄو ڪم غيرمعياري ڪيو ويو آهي. اسڪول مان نڪتل بهترين لوهه ٺيڪيدار وڪڻي ان جي عيوض ناڪارا لوهه ۽ مين گيٽ لڳائي آهي. هن کان اڳ وارو گيٽ بهتر هو جي هتان نڪتل لوهه جا پئسا کپائي ڇڏيا، اسڪول جا در دروازا پراڻا وڌا ويا آهن جيڪي ناڪارا آهن ۽ اسڪول ۾ سامان پيل آهي پر دروازا نٿا ڏجن، جنهن ڪري چوري ٿيڻ خطرو آهي، ان کان سواءِ ڪجھه مهينا اڳ ٺيڪيدار گم ٿي ويو آهي، جيڪو اسڪول جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي بجيٽ هڙپ ڪري ويو آهي. هن اسڪول جي بائونڊري تي فرش، دروازا، بجلي جي فٽنگ ۽ رنگ جو ڪم به رهيل آهي، سخت گرمي اچڻ بعد ٻارن کي اسڪول ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پوي. ٺيڪيدار موجب پکا ۽ فرنيچر به ڏنو ويندو پر اڃا تائين ڪو ڪم ناهي ٿيو. اسين ضلعي انتظاميا توڙي سياسي، سماجي اڳواڻن، ڊي سي گهوٽڪي کي گذارش ٿا ڪريون ته هن اسڪول جي سار لهي ٺيڪيدار کي پابند بڻايو وڃي ته هو اسڪول جي ڪم مڪمل ڪري ڏئي.
علي حسن “احسن” چڍڙ/ ميرپورماٿيلو
احسان مند انسان ۽ احسان فراموشن ۾ فرق!
دنيا جون درد ڪٿائون دنيا وارن ئي لکرايون، احسان فراموش فردن جنت جهڙي ڌرتي کي رت سان ريجيو، ان باوجود به ماضي ۽ حال ڪنهن قدر حسينيت جو روپ به آهي ڇاڪاڻ ته “احساس” رکندڙ ماڻهن جبر ۽ ڏاڍ کي پنهنجي قسمت نه سمجهيو، احسان مند انسانن کي ملائڪن جو نالو ڏيو ته به ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي. انسان جو اول گُڻ ئي انسانيت کي سمجهڻ ۽ خدمت ڪرڻ آهي. فرق کان هٽي مصيبتن ۽ ڏکيائين ۾ اهو ساٿ ڏئي سگهي ٿو جنهن جو ضمير زندهه هوندو. رحم اهو ئي ڪري سگهي ٿو جنهن ۾ احساس هوندو پر ڪڏهن ڪڏهن آدم جو اولاد آدم کي ئي ڪهڻ لاءِ ڪات کڻي بيهي ٿو رهي، سندس هٿن کي ڪا جهل ئي ناهي هوندي، اهي هٿ جيڪي پيار ۽ پريت لاءِ گڏجي پون ته نفرتون ناس ٿي پون. جيڪو هٿ ظالميت ڏانهن وڃي اهو ئي هٿ ڪات يا بارود بدران گل کڻي بيهي رهي ته واھ، ڪيڏو نه حسين لڳي. دنيا جي ارتقا کان اڄ تائين جي سفر ۾ جيڪي به مسافر آيا انهن پنهنجي مسافري شاندار ۽ غليظ نموني ادا ڪئي. تاريخ هن ڳالهه جي شاهد آهي ته جن ماڻهن احسان فراموشي ڪئي، ڌرتي انهن کي هنج به نه ڏني، جيڪڏهن ڪو مقام مليو ته به گمنامي وارو ۽ جن جوڌن احساس کي جاڳائي، ضمير زندهه رکي مخلوق لاءِ زندگي ارپي، اڄ اهي جسماني طور جدا آهن، روحاني طور نه. انهن جوڌن کي ڌرتي ته پيار ۽ پاٻوھ سان هنج ڏني پر تاريخ به سندس ورقن تي سونهري لفظن سان سندن نالا محفوظ ڪيا.
ڪيسراج ڀيل/حيدرآباد
ڪورونا جي آيل ٽين لهر ۽ سنڌ جا تعليمي ادارا!
پاڪستان سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ڪورونا وائرس اڃا تائين ختم نه ٿيو آھي، سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جي شرح وڌنڌي پئي وڃي اخبارن ۾ اڪثر پڙهون ٿا ته مڪمل لاڪ ڊائون پيو لڳي يا سمارٽ لاڪ ڊائون، ڪورونا جي ڪري سنڌ حڪومت ٻيهر سنڌ جا تعليمي  ادارا بند ڪيا آهن پر سائين ڪورونا صرف تعيلمي ادارن ۾ ئي ڇو ٿي پکڙجي. جلسن، جلوسن تي اهو وائرس ان ڏينهن ئي ختم ٿي ٿو وڃي. ڏکڻ آفريڪا جي انقلابي اڳواڻ نيلسن منڊيلا جو قول آھي ته“تعليم اهو طاقتور هٿيار آھي جنهن جي استعمال سان توهان دنيا کي بدلائي سگهو ٿا پر سنڌ ۾ تعليم جي حالت اها آھي جو اسڪولن ۾ گڏهه ٻڌل نظر ٿا اچن. هن وبا ۾ پوئين سال شاگردن کي اڳين ڪلاسن ۾ پروموٽ ڪيو ويو، جيڪي شاگرد سٺين مارڪن سان پاس ٿيل هئا انهن کي ته يونيورسٽي ۾ سولائيءَ سان داخلا ملي باقي جن جي سپلي لڳي انهن وري پڙهائي اڃا شروع ئي مس ڪئي ته سنڌ حڪومت وري تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو سوچي رهي آهي، هاڻي انهن شاگردن جو مستقبل اڳيان ڪيئن وڌندو، اڳين ڪلاسن ۾ بنا امتحانن جي پروموٽ ٿيل شاگردن جي ڪارڪردگي پڻ چڪاسڻ جوڳي آهي. منهنجي سنڌ حڪومت کي نماڻي وينتي آھي ته مهرباني ڪري هروڀرو ڪورونا جو جواز ڄاڻائي تعليمي ادارن کي بند نه ڪريو پر ايس او پيز تي عمل ڪندي تعليم جاري رکو ته جيئن شاگردن ۽ انهن جي والدين مان بي چيني ختم ٿي سگهي.
ھريش ڪولھي/ڪاڇيلو فارم، ميرپورخاص
محنت ڪنھن جي محتاج ناھي ھوندي!
اڄ ھڪ حقيقت تي لکڻ جو موقعو مليو جڏھن، مون کي ھڪ معذور پورھيت تتل ڏينھن جو ڪڻڪ جو لابارو ڪندي نظر آيو، دل ۾ خيال آيو ته اڄ ته ھن حقيقت تي لکجي، جيڪو پنھنجي معذوريءَ کي عيب نه سمجھندي پنھنجي ۽ پنھنجي ٻچن لاءِ محنت ۽ مزدوري ڪري رھيو آھي، جيڪو اسان صحت مندن لاءِ ھڪ مثال آھي، جيڪو پنھنجي بدن تي ڦاٽل ڪپڙا اوڍي محنت ڪري رھيو آھي، تڏھن ته چوندا آھن محنت ڪنھن جي محتاج ناھي ھوندي .جيڪڏھن توھان دنيا ۾ مثالي بڻجڻ چاھيو ٿا ته پنھنجي پاڻ کي ظاھر ڪريو، جيڪا توھان ۾ قابليت آھي رب تعاليٰ ھر انسان ۾ ڪا نه ڪا خوبي پيدا ڪئي آهي ته توھان محنت ڪريو، محنت ۾ عظمت آھي، جيئن ھن نوجوان مان زندہ دل اعتماد جو سبق ملي ٿو، جيڪو اھو پورھيو ڪري رھيو آھي ان سوچيو ضرور ھوندو ته آئون به ڪو ڪم ڪري سگھان ٿو اھا ته پنھنجي پاڻ تي اعتماد ۽ ڀروسو ئي آھي جيڪو انسان ۾ جيئڻ جي جستجو جاڳائي ٿو ۽ محنت کان سواءِ ڪا به شيءِ حاصل نٿي ٿي سگھي، ان لاءِ ضروري ھوندو ته  پنھنجي محنت سان ئي پنھنجو اجورو حاصل ڪيو، رب سائين ڪنھن به انسان جي محنت زيان ناهي ڪندو. محنت ڪندڙ ماڻھو ڪڏھن ڪنھن جي اڳيان ڪيٻائيندو ناهي، پنھنجي محنت سان پنھنجي پاڻ کي سڃاڻپ ڪرائيندو آھي محنت ڪرڻ وارو ماڻھو پنھنجي عيبن کي ٻين کان لڪائيندو آھي. اسان معاشري تي نظر وجھنداسين ته توھان کي محنت جو اندازو ٿي ويندو ته فلاڻو ڇوڪرو ڪالهه ٻڪريون چاريندو هو، اڄ اھو انجنيئر، ڊاڪٽر، پروفيسر يا وري پنھنجا ٻچا مزدوري محنت ڪري پڙھايا لکايا اٿس. نيت سان ڪيل محنت پنھنجي ڪاميابي سمجھندا ته توھان ڪامياب ٿي ويندا.
محمد اياز عمراڻي/سانگھڙ