مھمان پکين کي مارڻ بند ڪيو!
ٺل تعلقي ۾ ناياب مھمان پکين جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي ته اتي وري پکين کي مارڻ لاءِ شڪاري به پھچي ويا آھن، سياري جي آمد تي مھمان پکي آڙي، ڪونج، ٻولاھي، ساءِ پکي سميت ٻيا ڪيترائي پکي تلائن، ٻيلن ۽ مڇي جي وڏن تلائن تي لھن ٿا، جتي شڪاري روزانو ھزارين مھمان ناياب پکين جو شڪار ڪن ٿا، ٺل تعلقي جي علائقن انڙ واھ، باھو کوسو، ٽالاڻي مقام، دلمراد اسٽيشن، جمن شاھ سميت ٻيا علائقا شڪارين جي حوالي ٿي ويا آھن. شڪارين پاران روزانو ھزارين مھمان ناياب پکين کي بندوقن سان مارڻ وارو سلسلو جاري آھي، صبح ٿيندي ئي شڪارين جي بندوقن جا ٽڪاءَ لڳا پيا آھن، جنھن جي ڪري علائقي واسي به پريشان ٿي ويا آھن، حد جي ٿاڻن جي پوليس به شڪارين کي رشوت عيوض ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي، شڪاري ناياب پکين جو شڪار ڪري پوليس کي رشوت عيوض ڏين ٿا، جنھن ڪري پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي ته وري شڪاري پنھنجن پري پري جي دوستن ۽ مِٽن مائٽن کي گھرائي مهمان پکين جو شڪار ڪن ٿا، شڪارين پاران مھمان پکين جو شڪار ڪرڻ لاءِ خيمان اڏي ڇڏيا ويا آھن، جيڪي سياري جي سڄي رات خيمن ۾ گذاري صبح سوير پکين جو شڪار ڪن ٿا، جڏھن ته وائلڊ لائيف کاتو به ھن وقت تائين خاموش تماشائي بڻيل آھي، علائقي واسين وائلڊ لائيف کاتي جي آفيسرن کان مطالبو ڪيو آھي ته سياري جي آمد تي ٺل تعلقي ۾ پھتل مھمان ناياب پکين کي شڪارين کان بچايو وڃي.
محمد رمضان نوناري/ ٺل
ڪامياب پاڪستان پروگرام ۽ وچولي طبقي لاءِ قرضن تي لاڳو شرط!
ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت 1400 ارب جا قرض 37 لک گهراڻن کي ڏنا ويندا، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته وچولي طبقي کي مٿي اٿارڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري ان ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو آهي. ان کان پهريان 5 قسمن جا قرض ڏيڻ لاءِ پروگرام جاري ڪيا ويا آهن. جيئن ڪامياب ڪسان پروگرام، ڪامياب ڪاروبار پروگرام، سستو گهر اسڪيم جي سهولت، صحت انصاف ڪارڊ ۽ اسڪلڊ بيسڊ اسڪالرشپ اسڪيم، ان پروگرام تحت معاشري جي محروم طبقي کي زندگي بدلڻ ۽ مالي لحاظ کان بااختيار بڻائڻ جي شروعات آهي پر ڳالهه اها آهي ته حڪومت اهي سمورا قرض بئنڪن ذريعي ادا ڪندي آهي، جنهن ڪري بئنڪ طرفان انهن قرضن جي وصوليءَ لاءِ اهڙا شرطون ٻڌايا ويندا آهن جن کي مستحق ماڻهو قرض وصول ڪرڻ لاءِ پورو ئي نه ڪرڻ جهڙي سگهه رکندا آهن، گهر جي قرضن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 30 هزار پگھار وارو هجڻ لازمي آهي. هڪ بي گهر غريب ماڻهو کي ٻه وقت جي ماني ميسر ناهي هوندي اهو 30 هزار رپين واري ملازمت ڪٿان حاصل ڪري سگهندو. ٻيو ته بلڪل اهڙي ريت ڪسان پروگرام جي باري ۾ شرط آهن جن کي پورو ڪرڻ به ڏکيو ٿيو پوي. وزيراعظم ۽ خزاني وارو وزير به جيستائين انهن قرضن جي لاڳو ڪيل شرطن ۾ نرمي نه آڻيندا تيستائين انهن قرضن جي اعلانن جو ڪو فائدو ئي ناهي، بهتر ٿيندو ته سڀ کان پهريان قرضن جي حاصلات لاءِ شرطن کي نرم ڪيو وڃي تان جو مستحق ۽ غريب ماڻهو به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
سماج تي داغ!
تازو پوري دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، جنهن ۾ استادن ڀيٽا پيش ڪئي وئي، پوري دنيا ۾ اهڙي ڪا به اخبار نه هئي جنهن استادن لاءِ عالمي ڏينهن تي صاص صفحا نه ڪڍيا هجن. استادن کي بيسٽ ٽيچر جا ايوارڊ ڏنا ويا. استاد هن سماج جو اڏيندڙ آهي، اڄ جيڪا به دنيا ۾ ترقي ٿي آهي اها استاد جي محنت جي ڪري ٿي آهي، استادن پنهنجا اهڙا شاگرد تيار ڪيا جيڪي سائنسدان، رياضيدان، سافٽ ويئر انجنيئر، شاعر، اديب، استاد بڻيا. استاد جو رتبو ماءُ پيءُ کان پوءِ آهي، هڪ استاد اڻ گھڙيل ڪاٺ کي گھڙي سهڻي مورت ٺاهي ٿو، جنهن مورت تي سڀ ڪو رشڪ ڪري ٿو پر جڏهن اسان استادن جي هن عظمت کي ڏسون ٿا ته ٻئي طرف اهڙا به ماستر آهن جيڪي سماج جي تي داغ آهن. پهرين هڪ ماستر تي ڪيتريون ئي وڊيوز ٺهيون جن استادن کي خوار ڪيو پر پوءِ اهو چيو ويو ته سڀ استاد اهڙا ناهن، ان ماستر جي وڊيو تي اسان غور ڪنداسين ته ان تي اهڙا اهڙا جملا ٺاهيا ويا ۽ مشهور ڪياويا جو ان جو نالو اڃا ماڻهن جي زبان تي آهي، ڳالهه ئي ڳالهه ۾ ان جو ذڪر ڪندا رهندا آهن. تازو هڪ ٻي ڏک واري خبر اخبارن پڙهي، اها خبر جڏهن استادن جي ڪنن تي پئي ته انهن ڏک جو اظهار ڪيو. انهن جي زبان مان اهي لفظ نڪتا ته اهي اسان جي مٿان داغ آهن، بدنامي جو ٽڪو آهن، اهڙا ته ڪيترائي هوندا پر ڪي ظاهر ٿين ٿا ڪي ڪونه ٿا ٿين، انهن کي جيڪي سماج جي مٿان داغ آهن انهن کي کلي عام ڦاهي تي لٽڪايو وڃي، جيڪي هن سماج کي اڏوهيءَ جيان کائي رهيا آهن. هي خبر پنو عاقل جي هئي جتي حوس پرست عزتن کي داغدار ڪيو ويو، انهن جا وڊيوز ڀري انهن کي بليڪ ميل ڪيو ويو، ڪي ويچارا بدنامي جي ڪري دل جو درد دل ۾ ئي رکي ڇڏيندا آهن، ڪي اهڙا هوندا آهن جيڪي ٻين جي عزتن کي بچائڻ لاءِ اهو منظر تي آڻيندا آهن. جيئن اهي وحشي گرفتار ٿين ٻين جون عزتون بچي سگھن.
خادم گھراڻو/نصرپور
سنڌ جي مهان شاعر کي ڀيٽا!
ھو جنھن کي سنڌ ۾ موجود ھر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻھو  پسند ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته استاد بخاري جتي شاعري ذريعي سنڌ جي مظلوم ۽ گھاڻي ۾ پيڙجندڙ غريب طبقي جي دردن کي شاعري ۾ پڌرو ڪيو، اتي ھن پيار، محبت ۽ حسن جي تعريف ڪرڻ سان گڏ محبوبائن جي نازن ۽ نخرن جو پڻ ذڪر ڪيو، سندس شاعري ھڪ پاسي قومي حوالي سان مفادپرست سياستدانن کان نفرت ٿي جاڳائي، ٻئي پاسي ساڳئي ويلي وطن سان محبت جو جذبو ويتر وڌي ٿو وڃي جيئن ھو چو ٿو؟ ”نااھل اسان جو مالي آ، معصوم گلن جو ڇا ٿيندو!” عشق ۽ حسن بابت به استاد جي شاعري کي سنڌ جي تمام وڏن فنڪارن ڳائي خوب نالو ڪمايو، چون ٿا ته منظور سخيراڻي کي وڏي شھرت ملڻ جو وڏو سبب ھن استاد بخاري جي شاعري کي سٺي انداز سان ڳايو آھي، روشن خيالي دل رکندڙ ماڻھو ته استاد جي شاعري جا اڄ به صفا ديوانا آھي استاد بخاري جي شاعري ۾ لفظن جي ادائيگي وڏي ڪمال جي آھي جيئن ھو محبوبائن کي مخاطب ٿيندي ۽ محبوبائن جي حسن جي تعريف ڪندي چوي ٿو؟ ”ھڪ ته تون اڳي ئي آ حسين، ٻيو نفيس ويس ٿو ڍڪين، ٽيون وري ٽلي ٿو ناز سان، تون مڃين مڃين نه مھربان، مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان.” سچ پڇو اڄ جڏھن سنڌ ۾ بي وڙن شاعرن جي شاعري بي وڙن فنڪارن پاران ڳائڻ ۽ ماڻھن پاران ٻڌڻ وارو سلسلو عروج تي آھي اتي استاد بخاري، شيخ اياز، جھڙن شاعرن جا پڻ ھزارن جي تعداد ۾ پرستار موجود آھن، آخر ۾ ڪجھ لفظ استاد بخاري جا ھيٺ ڏجن ٿا؟ تَتيءَ ٿڌيءَ ۾ لڇي بخاري، سڄي حياتي سڪي گذاري، ٻچي ٻڍي کي يقين ٿي ويو، اڃا به تو کي گمان جاني اڃان به توکي گمان جاني.
رياض امر ٻجورو/سجاول
انسان دوست ۽ سنڌ جو شاعر!
استاد بخاري شاعر سان گڏ هڪ انسان دوست به هو، استاد سنڌي ٻولي جو وڏو عالم هو، هن سنڌي ٻوليءَ کي اڳتي آڻڻ لاءِ جاکوڙيو، استاد اڄ به اسان وٽ روحاني طور تي زنده آهي، حسن جو پوڄاري ۽ حسن کي عبادت سمجهندو هو، هن پنهنجي شاعري ۾ محبت، امن، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي ڳالهه ڪئي آهي. هن پنهنجي حياتي سنڌي ٻولي ۽ وطن سان محبت ڪندي گذاري، استاد شاعري ۾ سچ جي واٽ ڏيکاري آهي، هو هڪ سنڌ جو وڏو انقلابي شاعر ۽ اديب هو، اسان کي گهرجي ته استاد جي محبت واري ڏسيل واٽ تي هلڻ گهرجي استاد گهڻو غزل جي صنف تي لکيو ۽ غزل کي اڳتي آندائين، استاد جهڙا عظيم شاعر ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن، استاد جي سنڌ سان بيحد محبت هئي هو هڪ پيار ڪندڙ انسان جو پر افسوس آهي جو اسين پنهنجي شاعرن اديبن ۽ ليکڪن جو حياتي ۾ قدر نه ڪندا آهيون ۽ جڏهن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويندا آهن ته پوءِ سندن ساراڻيون ساريندا آهيون.
ارشاد شيخ/ مينهل آباد، لاڙڪاڻو
جهموريت جي چوٿين ٿنڀ ۾ پيل ڏار!
صحافت هڪ عظيم پيشو آهي، ان پيشي سان مظلوم ۽ محڪوم عوام جو آواز، اميدون ۽ آسرو سمايل آهي، گذريل ٽن، چئن سالن کان سنڌ ۾ اڻ رجسٽرڊ ويب اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن، ڊمي اخبارن ذريعي سيکڙاٽ ۽ صحافتي تجربي بنا سولائيءَ سان عطائي صحافين جو وڏو انگ پيدا ڪيو آهي، جنهن ۾ ٺيڪيدار، منشيات فروش، سياسي ڀوتارن جي خوشنودي ڪندڙ صحافي پنهنجي نالي جي اڳيان جرنلسٽ اڪائونٽ ٺاهي سوشل ميڊيا ذريعي صحافت کي ڪاروبار بڻائي صحافت جي عظيم پيشي کي بدنام ڪري رهيا آهن، عطائي صحافي علائقي ۾ ٿيندڙ روزمرہ جي واقعن حادثن بنيادي مسئلن جي حوالي سان ذميواري سان رپورٽنگ ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نٿا رکن، پريس ڪلبن جو حصو به ناهن، نه ئي ويب ۽ ڊمي ادارن ۾ ڪو پڇاڻو آهي. عطائي صحافي صحافتي ٻوليءَ اصولن کان به اڻڄاڻ آهن، عطائي صحافي تعليم، صحت، پاڻيءَ سميت بنيادي مسئلن ۽ ڪرپٽ ڪامورن چورن ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ  پيرائتي رپورٽنگ جنهن ۾ لاڳاپيل ذميوار ڪامورن، سياسي سماجي اڳواڻن شهرين جي راءِ سان مڪمل حقيقتون ايوانن ۽ عوام تائين پهچائڻ، سماج کي براين کان پاڪ ڪرڻ بدران سوشل ميڊيا تي پوسٽن ۽ غير معياري ٻوليءَ ۽ قلم فروش بڻجي ويا آهن، جنهن جي ڪري سماج جو بگاڙ ٿي رهيو آهي. سمورن پريس ڪلبن جي عهديدارن ۽ ميڊيا جي ذميوار ادارن جي نشاندهي سان اعليٰ اختيارين کي گهرجي تي عطائي ڀتاخور قلم فروش صحافين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. سوشل ميڊيا جيڪو عالمي سطح جو هڪ پليٽ فارم آهي، جنهن کي روزي روٽي جو ذريعو بڻائي مڪروھ ڌنڌو ڪيو پيو وڃي، جنهن سان صحافت جهڙي پيشي جو نه صرف وقار مجروح ٿي رهيو آهي پر عوامي سطح تي ساک به سخت متاثر ٿي رهي آهي، منهنجي راءِ آهي ته ضلعي سطح تي ذميوار صحافين ۽ اختيارين کي هڪ ڪاميٽي ٺاهڻ گهرجي جيڪا صحافت جي تقدس جي بحاليءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
علي گل بجير/ڇاڇرو
سنڌ آھي سوڳ ۾،
درد ٿيو آ لاڙ ڏس!‎‎
نثري نظم کي لڙي ۾ پوئيندڙ محبوب شاعر سعيد سومري، هڪ هنڌ لکيو ته“هوءَ صبح جو باغيچي ۾ اڌ منٽ روئي، سڄي ڏينهن لاءِ گلن کي اداس ڪري وئي.” سعيد جي سٽن ۾ عورت جو ڪيڏو نه درد سمايل آھي، اها ئي عورت جيڪا ڀيڻ جي روپ ۾ ڀاءُ تان گهور وڃي ٿي، ماءُ جي روپ ۾ اولاد لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ هجي ۽ وني جي صورت ۾ ور لاءِ ساري عمر سندس گولي ٿي گذاري ٿي پر اها ئي عورت، سٺ سالن جي پوڙھي سان پرڻائي وڃي ٿي، غيرت جي نالي تي قتل ٿي وڃي ٿي، مانيءَ ۾ دير تان ڪهاڙين جو کاڄ بڻجي وڃي ٿي. اها ئي عورت جيڪا سسئي بڻجي جبل جهاڳي ٿي، مارئي بڻجي پنهنجي لڄ ۽ لوئي جي حفاظت ڪري پنهنجي وطن لاءِ واجهائي ٿي پر هن سماج ۾ وحشت صفت بگهڙ ڪائنات جي حسين تخليق عورت جي عظمت کي اڃا ناهن سمجهي سگهيا، جنهن ڪاڻ عورتن جون عصمتون هنن وحشين جي ور چڙھي ڀيلاڙجي وڃن ٿيون، واٽ ويندي عورت کي هراسان ڪرڻ، گهر ۾ گهڙي عورتن جي جذبن سان کيڏڻ ۽ بليڪ ميل ڪري عورتن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي سندن عزت ناس ڪري عورتن کي سڄي عمر جو روڳ ڏيڻ انسانيت جي ڪهڙي زمري ۾ اچي ٿو؟ هي ڌرتيءَ جون نياڻيون ڪيستائين وحشي بگهڙن جي ور چڙھي پنهنجيون گلن جهڙيون زندگيون داءَ تي لڳائينديون رهننديون؟ وحشين جا ٽولا جڏهن ڌرتي ڄاين کي بليڪ ميل ڪري سندن عصمتون لٽين ٿا تڏهن ڇو نٿا سوچين ته پاڻ به ڪنهن ڀيڻ جا ڀائر ۽ ڪنهن ماءُ جو اولاد آھن. سچ پچ ته هنن وحشين جي وحشت ڏسي ڌرتي به سوڳ جا ڳوڙھاڳاڙي ٿي. بقول ايوب کوسي جي ته:
وحشتن جا واڙ ڏس، ڀونءِ ٿي آ ڀيلاڙ ڏس،
روشنيءَ جي آ لڄ لٽي، سونهن ٿي آ خاڪ ڏس،
ڪو نه ٿيون ڦلڙيون کِلن، دهشتن جا ڌاڪ ڏس،
سنڌ آھي سوڳ ۾، درد ٿيو آ لاڙ ڏس!
غلام علي گل/ ٻيلو، سجاول
سجاول جي عوام کي ضلعي واريون سهولتون ڪڏهن ملنديون؟
سجاول کي ضلعي جو درجو ملڻ کان پوءِ اڃا تائين سجاول جي عوام کي سهولتون ملي نه سگھيو آھن، 8 سال اڳ  سجاول کي تعلقي مان ترقي ڏئي ضلعو بڻايو ويو هو پر 8 سال گذرڻ باوجود بنيادي ڍانچو ئي تعمير نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ماڻھن کي ضلعي ھجڻ جا ڪي به فائدا مليا آھن. تعلقي اسپتال ۾ دوائن جي سخت کوٽ سبب غريب مريض ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. اربين رپين جي سالياني بجيٽ جي باوجود ٽٽل روڊن تي ڌوڙ اڏامي رهي آهي، پيئڻ جو صاف پاڻي هڪ خواب بڻجي ويو آهي پر هاڻي عام استعمال لاءِ به پاڻي پئسن تي خريد ڪرڻو پوي ٿو. تعليم جي لحاظ کان سجاول سنڌ جي ضلعن ۾ آخري نمبر تي آھي. ان کان سواءِ اعليٰ تعليم جا دروازا انھن شاگردن لاءِ بند آھن جيڪي شاگرد سخت محنت ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاھين ٿا، انھن مٿان يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ سيٽن جي گھٽ ڪوٽا سبب تعليم جا دروازا بند ڪيا ويا آھن. سجاول ضلعي جي سوين شاگردن لاءِ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ صرف 14 سيٽون آھن، جيڪي ضلعو ٿيڻ باوجود وڌايون ناهن ويون، اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته نااھل آفيسرن کي هٽائي ايماندار ۽ غيرجانبدار ضلعي آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ رقم ترقياتي ڪمن تي ئي خرچ ڪري عوام کي سھولتون ڏنيون وڃن.
وفا بابو پٺاڻ/ سجاول
نيوڇور گهري ٿو صفائي!‎‎
عمرڪوٽ ضلعي جي ننڍي شهر نيوڇور ۾ گذريل 10 ميهنن کان صفائي ناهي ٿي سگهي، گندگي جي ورھ چڙهيل نيوڇور جا روڊ رستا يونين ڪائونسل جي چوديواري گندگي جو ڍير لڳل انتظاميا اگهور ننڍ ستل آهن، نيوڇور بس اسٽاپ کان وٺي آخر تائين محمد سومرو تائين وڃي ڏسجي ته هر پاڙو گندگيءَ جي آزار ۾ ورتل آهي، هر پاڙي جي گھٽي گندگيءَ جي ورھ چڙهيل آهي، گٽر نالن ۾ گندو پاڻي بيٺل آهي جن جي ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي پر اعليٰ اختيارن ڪڏهن نيوڇور وارن جي دردن جو درمان نه ڪيو، هن وقت نيوڇور جي هر دڪان اڳيان گند جو ڍير لڳل آهي، دڪاندار سخت ڏکيائين کي منهن ڏين پيا پر صفائي جو ڪٿي نالو ئي ناهي، ماضي کان وٺي هن وقت تائين نيوڇور کي روڊ رستا ترقياتي ڪم ڪو به ناهن مليا پر هن بدنصيب شهر کي صفائي به ناهي ملي، يونين ڪائونسل ۾ جڏهن شهري دانهن کڻي ويندا آهن تڏهن اهو آسري جو اوسيڙو ملندو آهي ته ايندڙ سومر تي پر شايد اهو سومر ڪڏهن ايندو جنهن تي نيوڇور واسي پنهنجي دانهن تي عمل ٿيندي ڏسندا ڇا اعليٰ اختيار نيوڇور جي صفائي لاءِ ڪو قدم کڻندا يا اڳين واڳين هيل به نيوڇور واسي ۽ هي گندگي جو آزار ڪڏهن ڪونه ٽٽندا آخر ڪڏهن نيوڇور کي صاف سٿرو ماحول مهيا ڪيو ويندو، انهي ڏينهن جو اسان نيوڇور واسين کي بي صبري سان انتظار رهندو.
ڪاشف ڪنڀر/نيوڇور
هي به استاد آهن؟
سنڌ ۾ بيروزگارن جو ريشو وڌيڪ آهي پر روزگار جي دعوا ڪندڙن وٽ به وزيرن جي لوڌ آهي، انهن پنهنجن کاتن ۾ بجاءِ جو نوڪريون ڏيڻ جي ڪرپشن ڪئي، اڄ انهن جي ڪرپشن جي ڪري سنڌ جا ادارا تباهه آهن، سنڌ جون نياڻيون ۽ نوجوان روڊن تي ڌڪا کائي رهيا آهن، ڪي ته زندگين جا ڏيئا اجهائي رهيا آهن پر جمهوريت پسندن کي ڪا ڪهل نٿي اچي، اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهر جي دور ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ ايس ايل ٽي ڀرتي ٿيا، جن بنا پگهار ۽ آسري تي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 5 سال ڊيوٽيون ڪيون پر نه انهن کي پڪو ڪيو ويو نه انهن کي پگهارون مليون، گذريل 8 سالن کان اهي استاد سنڌ جي روڊن، انصاف جي ادارن ۾ حقن جي لاءِ دانهي رهيا آهن، پير مظهر کان پوءِ ٻيا تعليم جا وزير آيا پر انهن جي وقت ۾ به استادن کي نه پگهارون مليون نه ئي انهن کين پڪو ڪيو، اٽي، لٽي ۽ اجهي ڏيڻ سميت ڪوڙي جمهوريت جو راڳ ڳائيندڙ حڪومت وَٽ پنهنجي ئي حڪومت ۾ ڀرتي ٿيل استادن جو قدر ناهي؟ وفاقي حڪومت جي فيصلن تي احتجاج ڪندڙ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي نٿا ڏسن ته پير مظهر ڪنهنجي دور ۾ تعليم جو وزير هو؟ جمهوري دور ۾ ايس ايل ٽي استادن جي زندگي ذهني عذاب جو شڪار آهي، در بدري سندن مقدر بڻجي وئي آهي، انهن کي نه پيرمظهر اڄ تائين ڪو جواب ڏنو، ڪندڙ موجود تعليم جي وزير! 8 سالن کان اڃا ڪهڙا ڪوڙ رهيل آهن؟ هڪڙي حڪومت ختم ٿي ٻي حڪومت ختم ٿي، ٽين حڪومت کي ٽيون سال آهي، صوبائي آئين، اختيار، اسيمبلي، وڌيڪ سيٽون، وزير، مشير ايتري تائين سڀ جمهوريت ۽ بالاستي جا دعويدار! پر ايس ايل ٽي ٽيچرس جو پيٽ گرهه 8 سالن کان بند آهي؟ جمهوريت جي دعويدارن کي خبر هئڻ گهرجي ته ڪنهن جي پيٽ ۾ لت هڻي سالن کان انهن کان ڳَڀو کَسڻ جمهوريت نه پر آمريت آهي، سنڌ جا لاڳيتا حڪمرانو! جيڪڏهن جمهوريت پسند آهيو ته سوچو اوهان جي غير سنجيدگي سان ڪيترا خاندان سالن کان پريشان آهن، جيڪڏهن وفاقي حڪومت سان سان ويڙهه مان آجا ٿيا هجو ته ايس ايل ٽي ٽيچرس کي پنهنجو حق ڏيو.
درياءُ خان جهتيال/دادو
بي لغام مهانگائيءَ کي لغام ڏيو!
راڻيپور ۾ مھانگائي عام ماڻھن جون متيون مجھائي ڇڏيون آهن، عام واھپي جي شين جا اگھ آسمان سان  ڳالھيون ڪرڻ ڪري رهيا آهن، پرائيز ڪنٽرول اٿارٽيز جا ڪامورا پنهنجن آفيسن تائين محدود هجڻ جي ڪري مھانگائيءَ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. واپارين پاران مھانگائي سبب عام واھپي جي شين جا اگھ آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳا آهن، جنهن ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، گوشت، مڇي ۽ مرغي غريبن جي پھچ کان پري جڏهن ته سائي ڀاڄي به غريب جي وٺڻ کان پري ٿي وئي آهي، ھتي دڪاندارن عام واھپي جي شين جا ھٿرادو اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آھن، دڪانن تان دڪاندارن اگھه لسٽون گم ڪري ڇڏيون آھن ۽ هو عوام کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ ۽ لٽڻ لڳا آھن، ڪورونا وائرس جي ڪري بک، بدحالي ۽ بيروزگاري وڌي وئي آھي، مٿان وري حڪومت مھانگائي مٿان  مھانگائي وڌائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي، ماڻھو بک ۽ بدحاليءَ سبب آپگھات ڪري رھيا آھن، مزدور طبقو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آھي، سندس ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، اميرن کي ڪھڙي خبر ته بک ڇا ھوندي آھي؟ هو ان جا قصا ۽ ڪھاڻيون ڪتابن ۾ پڙھندا آھن، منافعي خورن کي ته موقعي جي ڳولا ھوندي آھي، هو ڪا به شيءِ مهانگي ڪرڻ جو موقعي ناھن وڃائيندا، منافعي خور بي لغام ٿي ويا آھن، پرائيز ڪنٽرول اٿارٽيون آفيسن تائين محدود ٿي ويو آھن، لاڳاپيل ادارن کي راڻيپور جي عوام اپيل ڪئي آھي ته نوٽيس وٺي منافعي خورن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
سنڌ ۾ مهانگائي جو آزاد جن!
سنڌ اندر ايتري مهانگائي وڌي وئي آهي جو هرڪو پريشان آهي، ڪو به ڪامورو اگھن تي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي، ضلعي انتظاميه توڙي سنڌ حڪومت اگھن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جتي عام واهپي جي شين توڙي سبزين جي اگھن ۾ حد درجي جي هٿرادو واڌ ڪئي وڃي ٿي، ميرپور ماٿيلو ۽ ڏهرڪي تقريبن 5، 8 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهن ۽ انهن ٻنهي شهرن ۾ سبزين جي اگھن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، هر دڪاندار توڙي ريڙهي وارو پنهنجي مرضي موجب اگھه هلائيندو آهي، جي اسان ٻين شين جي اگھن جي ڳالھ ڪيون ته ان ۾ به ساڳيو حشر آهي، جنهن کي جتي گراهڪ ڦاسي ٿو ان جي ان موجب کل لاهي ٿا وٺن. اسان جي اٽي جي ڳالھ ڪيون ته پاڪستان جي هر صوبي ۾ پنهنجا پنهنجا اگھه آهن، اتي سنڌ اندر سڀني صوبن کان وڌيڪ اگھه هلن ٿا، اوهان 10 ڪلو اٺو وٺو ته اٺ سئو جي ويجھو ملندو، جيڪو 70 رپيا ڪلو کان به مٿي ٿئي ٿو ۽ پنجاب ۾ ساڳيو اهو 58 رپيا ملي ٿو، آخر سنڌين سان ايڏي ناجائزي ڇو آهي؟ هي مسڪين ماڻهو جيڪي 5 سئو ڏيهاڙي تي 8 کان 10 ڪلاڪ ڏکي کان ڏکيا ترين ڪم ڪن ٿا، جن جي گهر ۾ هڪ ويلي تي ڪلو اٺو پچندو هجي، اهو پنهنجن ٻچن لاءِ اٽو خريد ڪري ايڏي مهانگي سبزي خريد ڪري يا ڪو ٻيو سودو سود خريد ڪري؟ هر ماڻهو پريشان نظر ٿو اچي پر حڪومت جو هن پاسي ڪو به ڌيان نه ٿو وڃي، مڃون ٿا ته مهانگائي آهي پر ضلعي انتظاميه توڙي سنڌ سرڪار هڪ جهڙا اگھ ته برقرار رکي سگهي ٿي ۽ ان ۾ ميونسپل عملو به ملوث آھي، چند رپيا بچائڻ خاطر ريٽ لسٽ شايع نٿو ڪري جنهن جي ڪري هي مهامگائي جو بار هر شهري ڀوڳي رهيو آهي.
علي حسن “احسن” چڍڙ/ميرپورماٿيلو