تلھار تعلقي ۾ مڇرن جا ميلا متل*
گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان تلھار شھر توڙي ڀرپاسي مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي گندي برساتي پاڻي ۽ ناقص صفائي سبب ھر ھنڌ مڇرن جا ميلا متل. انسان توڙي جانور مڇرن مان بيزار پر انتظاميا تي ڪوبه فرق نه پيو تازين برساتن بعد خطرناڪ مڇرن منهن ڪڍيو آهي جنهن سبب ماڻهو بخار ۾ وٺجڻ لڳا آهن. مڇر مار اسپري نه ٿيو صحت کاتو اگھور ننڊ ستل،ڪيتري ئي عرصي کان مڇر مار اسپري نه ٿيڻ سبب شھر توڙي ڳوٺن ۾ وڏي تعداد ۾ وڏا توڙي ننڍا ٻار مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا غريب ماڻهو مھانگي دوائن سبب ڊاڪٽرن طرفان لکيل دوائون  به خريد ڪرڻ کان لاچار سرڪاري اسپتالن ۾ به مناسب علاج نه ٿي رھيو آهي عام غريب ماڻهو مھانگائي ۾ جتي ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهن. اھي علاج ڪٿا ڪرائين، ٻئي طرف مڇرن جي آزار سبب چوپايو مال به متاثر جڏهن ته چوپائي مال کي حفاظتي  ٽڪا نه لڳڻ سبب بيماريون پکڙڻ لڳيون جنهن ڪري مالوند ماڻهو به پريشان آهن. تعلقي جا ايندڙ لکين رپين جي بجيٽ آخر ڪٿي خرچ پئي ٿئي، انتظاميا جي بي ڌياني ۽ لاپرواھي  سبب مڇر مار اسپري نه ٿيڻ ڪري ھر ھنڌ مڇرن مکين ۽ زھريلي جيتن جو آزار جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ وٺجڻ لڳا آهي، ڊي سي بدين ۽ صحت کاتي کي اپيل آهي ته تلھار تعلقي ۾ فوري طور مڇر مار اسپري ۽ چوپائي  مال کي حفاظتي  ٽڪا لڳايا وڃن ته جيئن عوام کي ھن عذاب ۾ ڪجهه ڇوٽڪارو ملي
محمد خان ڏيٿو تلھار بدين
ٿر فائونڊيشن کي شمس شيخ واپس ڏيو‎‎
ٿرفائونڊيشن ۾ توڙي اھل ماڻهن جي کوٽ ناھي اھا الڳ ڳالھ آھي ھن وقت وري ٿرفائونڊيشن کي شمس شيخ جي ضرورت آھي تازو فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو ابوالفضل رضوي جي استعيفا بعد ٿر ٻيھر شيخ صاحب کي سڏي رھي آھي پاڻ پھرين به ٿرفائونڊيشن جا سربراھ رھيا آھن. مون 2017 ۾ ٿرفائونڊيشن ۾ اڻ سڌي طرح ايجوڪيشن  پروجيڪٽ ۾ ھڪ ننڍڙي ملازم طور فرض نڀائيندي صرف ھڪ  ٻه دفعو ڪنھن ايونٽ ۾ ھٿ ملائڻ جي سعادت نصيب ٿي باقي سندن ساراھ ٿرين جي ٿلھن تي ٻڌڻ سان گڏ ڏسندو بـه رھيس ٿرين جو درد جھڙي طرح شيخ صاحب ڄاڻي ٿو اھڙو ڪو ٻيو ڪٿي ڄاڻندو. توڙي پاليسين جي مجبورين سبب ڪٿي ڪو ٿريو نظر انداز ٿيو ھجي اتي نعم  البدل ۾ فيضاب ضرور ٿيو ھوندو. ان لاءِ وزيراعليٰ سنڌ کي گذارش آھي ھن وقت ٿر فائونڊيشن لاءِ موزون اميدوار شمس شيخ صاحب کي خدمتن لاءِ راضي ڪري کيس چيف ايگزيڪيوٽو جي عھدي تي مقرر ڪيو وڃي.
منظور ھاليپوٽو ٽلٽي
خودڪشين جو واڌارو
هن وقت مهانگائي ايتري ٿي وئي جو ماڻهو پريشان آهن. هڪ مزدور جنهن جي ڏهاڙي پنج سو رپيا آهي اهو ڇا ڪري اٽو ستر رپيا ڪلو، کير هڪ سو ويهه رپيا لٽر، دالين، گيهه، مرچن ۽ ڀاڄين جا اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن.هاڻي هڪ مزدور جيڪو سڄو ڏينهن محنت ڪري ٿو اهو پنهنجي گھر جي ضرورتن کي ڪيئن پورو ڪندو. جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي بخار ٿيو ته بخار جي دوا بروفن هن وقت پنجهتر رپين جي آهي، ڊاڪٽر هڪ سو کان گھٽ نه وٺندو. مليريا جي هڪ گوري پنجٽيهه رپيا. هاڻي هي گھر جي ضرورتن کي منهن ڏي يا بيمارين جي لاءِ دوا خريد ڪري. تازو تيل هڪ سو ستاويهه رپيا لٽر ڪيو ويو. تيل وڌڻ سان هر شيءِ جي قيمت وڌي وڃي ٿي تيل کي وڌندي ڏينهن ٻه مس گذريا آهن، گيس جا اگھه وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن نڪري ويو آهي. ٻنهي جي وڌڻ سان مهانگائي وڌي ٿي. ان مهانگائي کان ماڻهو پريشان ٿي پنهنجي جيون کي ختم ڪري رهيا، اهي دل کي ڏک ڏيندڙ واقعا آهن، تازو ٿر ۾ هڪ همراهه پنهنجي ٽن معصوم ٻارن کي کوهه ۾ ڦٽو ڪري پاڻ به ان ۾ ڇڏي ڏنو جنهن سبب چار حياتيون ويون هليون ٻار ته معصوم هئا گلن جهڙا سهڻا هئا. وري چمبڙ ۾ هڪ همراهه پاڻ زال ۽ ڀيڻ سان گڏ خودڪشي ڪري ڇڏي. اڄڪلهه ماڻهو ڇو ٿا خودڪشي ڪن ان جو ڪنهن سبب ڳوليو آهي يا نه يا ذهني پيڙائن سبب خودڪشي ڪن ٿا اسان جو ڪم آهي ته ماڻهن کي هن مسئلي جي باري ۾ سمجھايون ته حالات سان مقابلو ڪن پنهنجي ۽ ٻين جي زندگين کي ائين ختم نه ڪن ڏکن پٺيان سک اچڻا آهن . جيڪڏهن اهو رجحان نه رڪيو ته خبر نه آهي ڪيترا ماڻهو ائين پنهنجي جيون کي ختم ڪري ڇڏيندا . اچو ته خودڪشين جي وڌندڙ رجحان کي روڪيون
خادم گھراڻو /نصرپور
سنڌ جي اسپتالن کي علاج جي ضرورت آهي!
سنڌ ۾ صحت جي حوالي سان انتهائي حالتون خراب آهن، ضلعي هيڊڪوارٽر، تعلقي اسپتالون، سٽي ۽ ڊسپينسريون مريضن لاءِ بي لاڀ بڻيل آهن، اسپتالن اندر ڊاڪٽر ناهن، ڊاڪٽر آهن تہ ٻيو عملو ناهي، عملو آهي ته بيڊ ناهن، بيڊ آهن ته دوائون ناهن، صحت مرڪزن ۾ بجلي ۽ صفائي ناهي، اسپتالن جا انچارج مريضن کي داخلا نٿا ڏين، جي ڏين ٿا ته مريض داخل ٿيڻ بعد بنا علاج جي مري وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن مريض کي دادو آندو ويو ته ان کي نواب شاهه نيو ويندو، اتي علاج نه ٿيڻ ڪري وري ڪراچي ۽ ڪراچي کانپوءِ مريض کي قبر ڏانهن روانو ڪيو ويندو،  ڪراچي جون سرڪاري اسپتالون رڳو ملازمن لاءِ آهن مريضن لاءِ نه، حيدرآباد جي لال بتي (سول اسپتال) به هاڻي رڳو سيمينٽ جا وڏا ٺُل آهن باقي ڪو آسرو ناهي، مريض اسپتال ۾ ويندو ۽ لاش جي صورت ۾ وارثن جي حوالي ڪيو ويندو، سکر ۾ ته اڌ سنڌ حڪومت آهي پر اتان جي سرڪاري صحت مرڪزن تي چار قُل ئي پڙهي سگهجن ٿا، لاڙڪاڻو لاءِ مشهور آهي ته لاڙڪاڻو ساهه سباڻو، پر هاڻي لاڙڪاڻو ساهه سُڪائڻو آهي، ٻن وزير اعظمن کي جنم ڏيندڙ لاڙڪاڻي جي مختلف اسپتالن ۾ موت جا راڱا آهن، ٻن وزير اعليٰ کي جنم ڏيندڙ خيرپور ميرس ضلعي جي قسمت ۾ رڳو سياستدانن جي ڄُنڊا پَٽ جي فلم رڪارڊ ٿئي ٿي پر اتان جي عوام جو ڀرجهلو ڪير ڪونهي، سنڌ جي اسپتالن جي هن وقت حالت ٻڌائي ٿي ته اسپتالن کي علاج جي ضرورت آهي ڇو جو هاڻي سنڌ جي ننڍين، وڏين اسپتالن، صحت مرڪزن مان مريضن کي علاج ملڻ ناممڪن ٿي چڪو آهي، سنڌ جي وڏي وزير کي سرڪاري ۽ سيمي صحت مرڪزن جو علاج ڪرائي، انهن ۾ ڊاڪٽر، ٻيو عملو مقرر ڪري دوائن جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن مريض علاج ڪرائن ۽ انهن جون حياتيون بچي سگهن.
درياءُ خان جهتيال/دادو
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ‎‎
سنڌو ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو تہ ڪافي سالن کان موجود آھي سنڌ حڪومت جو ھميشہ اھيو موقف رھيو آھي تہ ايڪانوي واري ٺاھ تي عمل نہ پيو ٿي وفاق اسان کي سنڌ جي حصي جو پاڻي پورو نٿو ڏي  تنھن ڪري تقريبن ھرسال ڪتي جي فصلن ۾ پاڻي جي کوٽ ٿيندي آھي ھن ڀيري بہ ميرپورخاص سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ بہ پاڻي جي شديد کوٽ ھئي پر ھاڻي جڏھن ڪتي جي فصل جوٽائيم ختم ٿي رھيو آھي ۽ ڇيٽ جي فصل جي پوکائي شروع ٿيڻ واري آھي ھيل سال بارشين جو گھٽ پوڻ ڪري چيٽ ۾ بہ پاڻي جي ڪمي ٿيندي  سنڌ حڪومت جو موقف پنھنجي جڳاھ تي پر اھا بہ ھڪ اٽل حقيقت آھي تہ سنڌ ۾ پاڻي تقسيم منصفانہ طريقي سان نٿي ٿِي بااثر ماڻھو پاڻي چوري ڪري پنھنجن زمينن تي ھلائن ٿا سرڪاري ڪامورا ھنن سان ٻٽ بيٺل آھن عام ماڻھو جي ڪير به دانھن ٻڌڻ وارو ڪونھي وفاق کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي سنڌي ڪامورا ڏي رھيا آھن پر افسوس تہ سنڌ جي عوام کي ھن ناانصافين کا بچائڻ وارو ڪوبه ڪونھي
صابرعلي/ڪوٽ غلام محمد
ٻارن کي وقت کان پھريان جنسي زيادتي جي باري ۾ آگاھ ڪيو وڃي.‎‎
اسان جي سماج ۾ ھر ڏينهن ڪيترائي ٻار جنسي زيادتي جو شڪار ٿي رھيا آھن. جنھن ۾ اڪثريت نه صرف ڇوڪرين جي پر ڇوڪرن جي پڻ آهي.جنھن ۾ عمر جو ته ڪو تعلق ئي ناهي جنسي زيادتي جي وڌڻ جو سبب اھيو به آھي ته والدين پنھنجي ٻارن کي ان جي باري ۾ ڪا به معلومات يا سکيا ته ڇا پر ان موضوع تي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي سگھ به ناھين رکندا. جيڪڏهن والدين پنھنجي ٻارن کي پنھنجو پاڻ سان تمام ويجھو رکن جو انھن کي سٺن ۽ خراب ھنڌن جي باري ۾ ٻڌائن ته ٻار ان زيادتي جي شڪار ٿيڻ کان پنھنجو پاڻ کي محفوظ رکي سگھندا. جيڪڏھن ڪو ٻار جنسي زيادتي جو شڪار ٿي رھيو آھي ته وحشي درندو ان کي ڌمڪائي، ڊيڄاري ان کي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته جئين ان بابت ڪنھن کي به نه آگاھ ڪري  نه ته ھو ان مظلوم کي ۽ ان جي گھر وارن کي ڪو نقصان رسائيندو. ان جي باوجود به جيڪڏهن ٻار ھمت ۽ بھادري سان جنسي زيادتي جي باري ۾ پنھنجي والدين کي ڪو اشارو يا پوري ڳالھ اڳيان رکي ٿو ته والدين جو فرض آهي پنھنجي ٻار جي ڳالھ سنجيدگيءَ سان ٻڌي ان تي يقين ڪري ڇو جو ٻار اھڙي حرڪت ٻڌائڻ لاءَ  حوصلي سان ڪم وٺن ٿا ۽ اھڙي مسئلي ۾ مذاق جو ڪو به سھارو نه ٿا وٺن.مظلوم جي ڳالھ ٻڌڻ کان پوءِ اھڙو پڪو قدم کڻي ان شڪاري کي سزا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪن ته ھو اھڙي ڪم ڪرڻ لاءِ ٻيھر سوچي نه سگھي. پنھنجي ٻارن کي محفوظ رکڻ لاءِ ضروري آهي تہ والدين ھر لمحن ۾ پنھنجي  ٻارن کي اکين جي سامھون رکن ۽ انھن تي پورو ڌيان ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ۽ خاص ڪري پنھنجي ٻارن جي لاءِ ڪڏھن به ٻئي ڪنھن ماڻھو يا رشتيدارن تي اتساھ نه رکن ته اھي اسان جي ٻارن جي حفاظت ڪندا
تانيہ سليم/قمبر علي خان
قلمڪار ساٿي نياز محمد خواجہ
ھڪ غريب مزدور خير محمد خواجہ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سلڇڻو، سادو ۽ ٻاجهاري طبيعت جو مالڪ، دوستن جو دوست، دشمن کان به بدلو نه وٺڻ جي خاصيت رکندڙ، ھر مظلوم جو ھمدرد، وک وک تي ساٿ نڀائيندڙ نياز محمد خواجہ، جنهن 2008 کان  سماجي ڀلائي واري نجي تنظيمن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ جي شروعات ڪئي، سياسي ۽ وڏيرا شاهي جي عروج سبب کيس ڌمڪيون مليون، سندس ساٿين کي جيل ياترا ڪرائي کيس ھيسائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي، پر ھن غريب جي ٻار بي پہچ جوان مرد نوجوان پنهنجي ھمٿ ۽ حوصلو نه ھاريو ۽ ھڪ قدم اڳتي رکندي پنهنجي آس پاس جي ماحول ۽ معاشري کي نظر ۾ رکندي، پنهنجي قلمي استاد عبدالرزاق ڪلهوڙو جي معرفت 2011 کان باقائده عوامي آواز اخبار کان پنهنجي صحافت جي شروعات ڪئي، مختلف اخبارن، ريڊيو ۽ ٽي وي چينلن تي صحافتي خدمتون سرانجام ڏيندي ھن وقت ميڊيا جي برانڊ صحافتي عظيم اڳواڻ محترم جناب محمد علي قاضي المعروف علي قاضي جي اداري روزاني پنهنجي اخبار، ۽ سنڌي ميڊيا جي پھرين مڪمل ڊجيٽل فل HD چينل ٽائيم نيوز ۾ وقت جي مظلومن، بي پھچ ماڻهن، جا اھنج آزار اجاگر ڪرڻ لاءِ وقت جي قارونن سان مھاڏو اٽڪائي پنهنجي سچن ساٿين سان گڏ محاذ تي بيٺل آهي، رپڙي جيڪا ھڪ يوسي جي حيثيت رکي ٿي جتي اڪا دڪا صحافت پراڻي زماني کان ٿيندي پئي اچي، ڪڻو داڻو صحافي مختلف وقتن تي مختلف ادارن جي پليٽ فارم تان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رھيا آھن پر پھريون ڀيرو پريس ڪلب جو وجود سندس استاد عبدالرزاق ڪلهوڙو ۽ نور محمد پنھور رکيو ان وقت صدر نور محمد پنهور ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالرزاق ڪلهوڙو جن ھئا، نور محمد پنهور ماستر ھئڻ سبب صحافت کي الوداع ڪئي
خواجا صدام سنڌي احمدپور /ڪنگري
سارين جي سهائي ۾ رنگريز جي جدائي
ضلعي سجاول جي زرخيز زمين تي ڪيترن ئي مهان شخصيتن جنم ورتو آھي .انهن ۾ شوڪت حسين شوري کان ويندي، عبداغفور الستي، يوسف ڀٽو ، آپا مريم مجيدي، سرويچ سجاولي، عبالغفور ميمڻ، نواز خان زئور ، يوسف سنڌي ،  الهڏنو خاصخيلي ،نورالدين نفيس ۽ محبوب شاعر غلام حسين رنگريز قابل ذڪر آھن.
لاڙ جي سارين جي سڳنڌ ۽ ماڃر جي مٽيء مان جنم وٺندڙ ڌرتيء جو ڏاهو، اديب ۽ ڪلاسيڪل شاعر غلام حسين رنگريز 2 سيپٽمبر 2021 تي ان وقت پنهنجو وارو وڄائي ويو جنهن وقت لاڙ جون ساريون سنگ جهلڻ جي پوري جوڀن ۾ هيون. سنڌ جو ويٽنام سڏجندڙ شهر ميرپور بٺورو، جتي الهڏني خاصخيلي جي ذڪر سواء اڌورو لڳندو آھي اتي ميرپور بٺورو رنگريز جي سڃاڻپ هو. رنگريز هڪ ئي وقت وڏو تعليميدان ، ڏاهو، اديب ، شاعر ۽ موسيقي جو وڏو ڄاڻو هو.  پاڻ ساس جو سيڪريٽري جنرل به رهي چڪو هو.رنگريز شاعري ۾ وڏا لاڙا متعارف ڪرايا.سنڌ شاعري ۾ محبوب لاءِ تانگه ، تڙپ ۽ سڪ سمايل هئي ته، اتي وري سندس شاعري ۾ ڌرتي جي حسن ، ٻولي جي سونهن، ۽ ڌرتي جي ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جا درد سمايل هئا . سندس شاعريء جا اڪثر ٻول اتساهيندڙ ۽ سماجي حقيقتن جي چٽي عڪاسي ڪندا هئا. سندس شاعري هونئن به ته پڙھڻ وٽان آھي پر رنگريز جي شاعري کي جڏهن مرحوم الهڏني خاصخيليء پنهنجي آواز ۾ ڳايو ته رنگريز  جهر جهنگ ۾ مشهور ٿي ويو. رنگريز جون سنڌي ادب رنگريز هڪ شخص نه بلڪه هڪ ادارو هو سندس گهر ڄڻ ته هڪ درسگاه هئي جتي ڪچڙن ذھنن جي آبياري ٿيندي هئي. رنگريز جو وڇوڙو سماج ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ وڏو خال آھي جنهن کي ڀرڻ لاء صديون لڳي وينديون. بقول رنگريز جي، ڪي درد هئا جن ڏات ڏهوڻي ڪئي، تنهنجا ته پرين ، احسان لکين آھن..!
غلام علي گل/ ٻيلو، سجاول
سنڌي ٻولي
سنڌ جو نالو “سنڌو درياءَ” تان پيو، جيڪو ان جو اصل ۽ شروعاتي نالو آھي آڳاٽي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته ان نالي مختلف وقتن تي مختلف صورتون اختيار ڪيون آھن، جيڪي اصل ۾ بنيادي لفظ “سنڌو” جون مختلف آوازي شڪليون آھن. اتر ۾ ھي صوبو پنجاب، اوڀر ۾ ٿر۽ اولھ ۾ بلوچستان سان ڳنڍيل آھي جڏھن ته ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ڪڇ جو رڻ واقع اٿس. ھيءُ صوبو پاڪستان جي جملي ايراضيءَ مان 140،914 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي.سنڌ جي ابتدائي سياسي تاريخ تي اڃان تائين پردو پيل آھي. موھن جي دڙي جي کوٽائي ۽ اتان لڌل شين مان 2500 سال ق م جي سنڌ ۽ ان جي مھذب ۽ شھري زندگيءَ جو پتو پوي ٿو آريا ھڪ تمام وڏي علائقي ۾ آباد ھئا، جيڪو اويستا واري زماني ۾ سورھن پرڳڻن اندر ھو. هو ھڪ ٻئي کي اباڻن ۽ قبائلي نالن سان سڏڻ کان سواءِ ساڻيھن جي نالن پويان پڻ ضرور سڏيندا ھوندا. ان ڪري ئي اسين ڏسون ٿا ته اڍائي ھزار ورھيه اڳ جي سکامني بادشاھن پنھنجن ٺُلھن جي ڪتبن ۾ سورھن آريائي پرڳڻن جا ڪي ٽيھ نالا ڄاڻايا آھن. انھن ۾ اسان کي ھندو ( سِنڌو) ۽، ان جي صفت، ھندويه سنڌي ڏسڻ ۾ اچن ٿا . (Jafarey, 1982:110-111)اھو پھريون ڀيرو ھو جو ماٿريءَ جي رھواسين کي نالي ڏيڻ لاءِ سنڌي لفظ لکيت ۾ ڪم آندو ويو ھن مان اھو نتيجو به ڪڍي سگھجي ٿو ته ان ئي دور ۾ ھن علائقي ۾ ڳالھائجندڙ ٻوليءَ کي به سنڌي سڏيو ويو
نزاڪت علي شر/احمدپور ڪنگري، خيرپورميرس
ڳوٺ بادل کهڙو جي سرڪاري اسڪول جي مالڪي ڪيو‎‎
تعليم جيڪا اسان جي بنيادي ضرورتن مان هڪ آهي.ڇو جو ڪنهن بہ قوم جي ترقي تڏهن ئي ممڪن بڻجي سگهندي جڏهن اُھا تعليم يافتہ شعور رکندڙ هوندي.پر افسوس جو هن ترقي يافتہ دور ۾ بہ اسان جي سنڌ ۾ تعليمي حالتون سڌرڻ بجاءِ ويتر خراب ٿي رهيون آهن.گمبٽ تعلقي ۾ يوسي کيمٽيا جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بادل کهڙو جنهن ۾ بنيادي سهولتن جو بہ ڪو نالو نشان ئي نہ آهي.گذريل ڪيترن ئي سالن کان سار سنڀال نہ لهڻ ڪري اسڪول جون ديوارون مڪمل طور تي ڪري پيون آھن اُنَ سان گڏ اسڪول جي ڇت پڻ زبون حاليءَ جو شڪار آھي.مينھن وسڻ کان پوءِ ان جا چاپڙ ڪرڻ ڪري والدين ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان گهٻرائي رهيا آهن.ڇت جي خطري سان گڏ بئنچن ۽ بورڊن جو انتظام نه ھئڻ ڪري شاگرد ٻاهر پڌر ۾ پٽَ تي ويهي پڙهائي ڪرڻ تي مجبور آهن.استادن جي کوٽ سبب 168 ٻارن کي صرف هڪ استاد پڙهائي رهيو آهي.اسڪول ۾ پٽيوالي چوڪيدار ۽ مالهيءَ جو تہ ڪو ريڪارڊ ئي نہ آهي جنھن ڪري اسڪول جي ڪا بہ شيءَ محفوظ نہ آهي. سنڌ سرڪار کان ڳوٺاڻن جو مطالبو آهي تہ جلد کان جلد اسڪول جي بلڊنگ ٺهرائي استادن جي کوٽ ۽ فرنيچر جو پورائو ڪيو وڃي.جيئن هن ڳوٺ جو نئون نسل تعليم جي نور سان منور ٿي سگهي.
مبين سنڌي/ ڳوٺ بادل کهڙو، گمبٽ
ساڃاھ وندن ڏانهن‎‎
اسان جي سماج ۾ ٿيندڙ ھر برائي جو ذميوار اسان پاڻ اهيون پر اسان انهي ڳالھ کي تسليم نٿا ڪيون ت واقعي اسان انهي برائين کي ڏسندي چپ ڪيو ويٺا آھيون پنهنجي گلي محلي ۾ ٿيندڙ جرم تي خاموش آھيو اسان روز ڏسندا اسان اسپاس چرسين جو هجوم هوندو آھي ٺرائي جي کيسي  ۾ ٺري جي ٿيلي هوندي آھي پر  اسين خاموشي سان ڏسندا رهون ٿا پر ڪڇون ڪون ٿا پنهنجي گهر ۾ منشيات استعمال ٿيندي آھي پو۽ اسين  منشيات وڪندڙ شخص تي ڪک رکيو چڏيون اسڪول ن ويندڙ ماستر کي اسين ڪون ٿا چئون اسڪول وڃ ٻار پڙھائي اصل ڳالھ ھر برائي جو ذمينوار اسان پاڻ آھيون اسان پنهنجي ڪوتائي کي سمجهون ڪون ٿا سوسائيٽي ۾ رهندڙ هر شخص اٿي بيهي هي چند منشيات فروش جرم ڪندڙ شخص هن درتي  تي رهي نٿا سگهن صرف اسان کي اخلاقي جريت پيدا ڪرڻي پوندي چور منشيات فروش زاني  رشورتخور جي سماجي بائيڪاٽ ڪري انهن لا گلي محلو تنگ ڪرڻو پوندو جيئن هو رهڻ لائق ن ٿي سڀني ساڃاه وندن کي گذارش آھي اوهان ڪجھ ڪيو  چور کي چور چو منشيات وڪرو ڪندڙ کي پنهنجي محلي مان نيڪالي ڏيو پنهنجي سماج کان .اچو گڏجي هن برائي خلاف جهاد ڪيون پنهنجي گهرکان شروعات ڪيو جيئن برائي بنياد ختم ڪيون
ابراهيم لنڊ /ڪلوئي ٿر
ضلعي ڪشمور۾ ھيڊ ماسترن جي پروميشن ۾ سينارٽي جي لتاڙ
تازو سڄي سنڌ ۾ ايڇ ايس ٽي کان ھيڊ ماستر طور سوين استادن جي پروموشن ٿي ڪشمور ضلعي ۾ استادن جي پروميشن ۾ سينارٽي کي نظر انداز ڪيو ويو باخبر ذريعن ٻڌايو ته ڪشمور ضلعي ۾ ايڇ ايس ٽي کان  ھيڊماستر طور ترقي ماڻيندڙ استادن جو تعداد چوڏنھن آھي جنھن مان فقط ڏھن استادن جي پروموشن ٿي تنھن مان ست استادن جي پروميشن جائز طريقي سان ٿي ٽن استادن جي  پروميشن غيرقانوني طور سفارش عيوض ٿي ذريعن پاران اھو انڪشفاف پڻ ڪيو ويو ته ڪشمور ضلعي جي ڊي اي او پاران سينارٽي جي لتاڙ ڪندي ٽن مستحقن سينئر استادن جي حق تي ڌاڙو ھڻندي سندن جاء تي ٽن جونيئر ۽ غير مستحقن جا نالا پروموشن لاءسيڪريٽري تعليم کي اماڻي ڇڏيا نتيجي طور اصل مستحق ۽ سينيئر استاد حق کان محروم ٿي ويا جڏھن ته ڊي اي او ڪشمور جي اھڙي ڳٺ جوڙ جي خبر سيڪريٽري تعليم سنڌ ۽ وزير تعليم سنڌ کي خبر ئي نه آھي غير قانوني طريقي سان پروموٽ ٿيندڙ ٽنھي استادن کي سياسي ماڻھن جي سفارش تحت پروموٽ ڪيو جڏھن ته ھي فقط ڪشمور ضلعي جي صورتحال آھي سڄي سنڌ ۾ استادن جي پروموشن جو ڇا حال ھوندو….؟ اسان ڪيئين اعتبار ڪيون ته سنڌ ۾ استادن جي پروموشن سينارٽي ۽ ميرٽ تحت ڪيو ويو؟ وزير تعليم سنڌ سيڪريٽري تعليم سنڌ جو ڌيان ڇڪرايون ٿا ته ڪشمور ضلعي جي ٽن متاثر استادن سان انصاف ڪري کين پنھنجو حق ڏنو وڃي سڄي سنڌ ۾ پڻ استادن جي پروموشن ۾ ميرٽ کي يقيني بڻايو وڃي سينيئر ۽ مستحق استادن جي حقن تي ڌاڙو ھڻندڙ آفيسرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري مٿن ڳٺ جوڙ سينارٽي جي لتاڙ جو ڪيس داخل ڪري کين  فوي طور نوڪرين مان برطرف ڪري قانون ڪٽھڙي ۾ بيھاريو وڃي جيئن آئنده ميرٽ ۽ سينارٽي جو تحفظ ٿئي
اسماعيل بھلڪاڻي/ تنگواڻي