”منشيات فروش معزز نٿا ٿي سگهن” 
منشيات هڪ لعنت آهي ۽ منشيات هلائيندڙ بھ اوهڙا آهن، ڇو ته منشيات ڪيترائي گهر ويران ڪري ڇڏيا آهن، اڳ ۾ ڪو ڪو ماڻهو ڪچو شراب، چرس، آفيم ۽ هيرون واپرائي پنهنجو زندگيون تباھ ڪندو هو پر هن وقت هنن سڀني منشياتن کان به خطرناڪ منشيات گٽڪو مين پڙي ۽ انڊين گٽڪا آهن، جن ۾ سفينا، جي اين ڊي ۽ ٻيون شامل آهن، هي هڪ اهڙي منشيات آهي جيڪا وڏن ۽ پوڙهن سميت عورتون ۽ ٻارڙا لاتعداد واپرائن ٿا، جنهن سبب وات جي ڪينسر سميت ٻيون به خطرناڪ بيماريون جنم وٺي رهيون آهن. هتي سجاول جو حال اهو آهي جو گهر ۾ اٽو هجي يا نه هجي پر گٽڪو ضرور هجي، ڪچو شراب ۽ چرس وغيره ته شھر جي ٻاهرين علائقن ۾ وڪرو ٿيندو آهي پر هي منشيات پوليس جي سرپرستي ۾ سرعام شھر جي سفيد پوش واپارين جي ڪنفيڪشنري جي دڪانن تي دستياب آهي، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سوپاري جو داڻو ۽ ٻيو سامان منشيات فروش واپاري پان جي بهاني سان سرعام دڪانن تي رکي وري گٽڪي جي فيڪٽرين وارن کي وڪرو ڪن ٿا، ڄاڻ موجب سجاول جي پوليس کي لکين روپيا گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سوپاري جي داڻي ۽ ٻي سامان سميت انهن پڙين ۽ ٻين مان هفتو ملي ٿو، جنهن ڪري پوليس منشيات فروشن جي سپوٽ ڪري ٿي، ايتري قدر جو پوليس منشيات فروشن جي چوڻ تي شريف شھرين ۽ صحافين کي به تشدد جو نشانو بڻائيندي رهي ٿي، ۽ منشيات فروشن جا ساٿاري وري سوشل ميڊيا تي نامي گرامي منشيات فروشن کي معززي جو لقب ڏئي معززين جي توهين ڪن ٿا. انڪري معاشري ۾ منشيات جهڙي لعنت وڪرو ڪري نوجوانن ۽ معصوم ٻارڙن جي زندگيون تباھ ڪندڙ منشيات فروشن ۽ انهن جي ساٿارين کي به معاشري کي نقصان ڏيڻ ۾ برابر جو شريڪ سڏيو وڃي ته جئين اڳتي لاءِ ڪو به ماڻهو منشيات فروشن کي معززين جو لقب ڏئي معززين جي توهين نه ڪري. آئون آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد کي اپيل ڪريان ٿو ته منشيات فروش ۽ انهن جي ساٿاري پوليس ۽ عام ماڻهن خلاف سخت ڪاروائي ڪري سجاول شھر ۽ ضلعي سميت لاڙ پٽي ۾ ناسور بڻيل هن لعنت جو مڪمل خاتمو ڪرڻ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن.
رياض احمد ميمڻ / سجاول
احساس پروگرام جي نالي تي عوام کي ذليل نه ڪيو…. 
حڪومتِ طرفان غريب عوام لاءِ احساس پروگرام جي نالي سان ڪفالت پروگرام جاري ڪيو ويو آھي. وزير اعظم عمران خان 31 جنوري 2020 تي نئون ڪفالت پروگرام لانچ ڪيو ، جيڪو ملڪ جي غريب ترين عورتن کي ٻارھن هزار روپين ھر ڇھين مھيني نقد ادائيگي فراهم ڪري رهيو آهي. هن پروگرام جي وسيع مقصدن جي پيروي ڪندي، سماجي تحفظ ۽ غربت جي گھٽتائي جي هڪ نئين وزارت قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا پوري پاڪستان ۾ پروگرام تي عمل درآمد جي ڪوششن تي ڪم ڪندي. احساس پروگرام جي ھلندڙ پاليسي مطابق مزور خاندانن ۽ بيواھ عورتن کي ھر ڇھين مھيني ٻارھن ھزار رپيا ڪفالت پروگرام تحت ڏنا ويندا. ھن پروگرام جي پھرين مرحلي ۾ پئسا ڪڌرائڻ لاءِ ھر ننڍي توڙي وڏي شھر ۾ سينٽر ۽ دفتر قائم ڪيا ويا. جنھن ۾ ھڪ خاندان جي ھڪ فرد جنھن جي قومي شناختي ڪارڊ نمبر تي پئسا آيل ھوندا، اھو پنھنجي آڱوٺي جي تصديق ڪرائي پئسا ڪڌرائي سگھي پيو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڪفالت پروگرام غريبن لاءَ پنھنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو بھترين موقعو آھي. پر اصل مسئلو پئسا ڪڍرائڻ جو آھي. احساس پروگرام جي ھلندڙ مرحلي ۾ HBL بينڪ جي ATM ۽ دفترن سان پيسا ڪڍرائي سگھجن ٿا. پر ملڪ جي ڪيترائي شھرن جا ATM ڄاڻي واڻي بند ڪيا ويا آھن ۽ دفترن ۾ به عورتن کي مليل رقم مان ڪٽوتي ڪري پوءِ انھن کي بقايا پئسا ڏنا پيا وڃن. بينڪ وارا ATM کي ڄاڻي واڻي بند ڪري عوام کي ذليل ڪري رھيا ۽ انھن ڌڪا ڏيئي روانا ڪيو پيو وڃي. دفترن جا به دروازا بند ڪري عورتن کي برو ڀلو چيو پيو وڃي. ڇا ھي پيسا عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ آھن يا انھن جي تذليل ڪرڻ لاءِ؟ حڪومت پاڪستان کي گذارش آھي انھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سمير ساگر قريشي/حيدرآباد
ڇا پسند جي شادي ڪرڻ ڏوھه آهي‎؟
گهوٽڪي ويجهو خانڳڙه واري علائقي ۾ ڳوٺ علي مهر جي رهواسي ستار مهر شڪور مهر گهوٽڪي جي سول ڪورٽ ۾ پسند جي شادي ڪئي آهي. پسند جي شادي کان پوءِ تڪ جا ڀوتار ستار ۽ شڪور مهر جا دشمن ٿي پيا آهن. ايتري قدر جو شڪور مهر جي پيءُ کي ڳوٺ مان نيڪالي ڏني وئي آهي. هن وقت ستار مهر شڪور مهر اسلام آباد ۾ دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن. ڇا ملڪ ۾ پسند جي شادي ڪرڻ ڏوھ آهي؟ هن وقت شڪور مهر ستارا مهر دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن تڪ جا وڏيرا ڀوتار شڪور مهر جي پيءُ کي تمام گهڻو تنگ ٿا ڪن. گهوٽڪي پوليس ڀوتارن جي چوڻ تي سندس پيءُ ۽ ڀائرن کي تنگ ڪري رهي آهي. آئون سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ٻين وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪندس پسند جي شادي ڪندڙ ستارا مهر ۽ شڪور مهر سان انصاف ڪيو وڃي.
سمير احمد بروهي واهي پانڌي ڪاڇو
آمدني کان وڌيڪ اثاثا
اسان جي ملڪ ۾  پنجٽيه  سيڪڙو آبادي اهڙي آهي جنهن جا خرچ سندس  آمدني کان وڌيڪ آهن جيڪڏهن  ڪنهنجي  ماهوار آمدني پنجاه هزار آهي ته سندس خرچ چار چار لکن تائين آهن ۽ انکانسواء هو وڌيڪ پراپرٽي به ٺاهي رهيو آهي. پلاٽ زمينون گاڏيون ڪارخانه خريد ڪري رهيو آهي. اهو سڀ ڇا آهي؟ آمدني کان وڌيڪ پئسو ڪٿان اچي رهيو آهي؟ ڪير به پڇڻ ۽ ڪڇڻ وارو نه آهي. اهو ڪو معجزو نه آهي يقينن هو ڪنهن غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث آهي جيڪڏهن سياستدان آهي يا ڪو ڪامورو آهي ته پوءِ ڪرپشن ڪئي اٿس. رشوت ورتي اٿس تڏهن هن جا آمدني کان وڌيڪ خرچ ۽ اثاثا آهن، پر جيڪڏهن ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو سياستدان به نه هجي ڪامورو به نه هجي نه ئي زميندار يا ڪو سيٺيو هجي. اهو به رات پيٽ ۾ امير ٿي وڃي ته پوء ڇا سمجهو وڃي؟ سمجهڻ لاء ڪجه به مشڪل ڪونهي سڌي سئين ڳاله آهي ته منشيات خور هوندو! چور يا ڌاڙيل هوندو! ٺڳ هوندو يا ملڪ جو غدار هوندو! ڪيتري نه افسوس جي ڳاله آهي ته اسان جي ملڪ جي پنجٽيه سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي اهڙن سنگين غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث آهي ان جي باجوده به قانون جي پڪڙ کان آجا آهن ۽ قانون ٻڪري رڍ ۽ گاه جي ڀري چوري ڪندڙن لاء ور کنجيو بيٺو آهي. شل نه ڪو غريب بک کان تنگ ٿي ڪنهن جو مڻ ان جو کڻي! قانون حرڪت ۾ اچي  ويندو ۽ قانون جا رکوالا قانون جي پاسداري ڪندي ان غريب سان اهڙي ته تعدي ڪندا جو ناني ياد اچي ويندس، پر جن ڪروڙن اربن ۽ کربن جون ناجائز طريقي سان ملڪيتون ٺاهيون غريبن جي ٽيڪس تي ڌاڙو هنيو ملڪي ناڻي کي لٽيو ملڪ ۾ منشيات ۽ اسلحي جا انبار لڳائي دهشت ۽ وحشت پيدا ڪئي، وطن ۽ قوم سان غداري ڪئي اهي اسان جي سماج ۾ معتبر ۽ معزز سمجهيا ۽ سڏيا وڃن ٿا. انهن لاء قانون ڪوريئڙي جي ڄار جيان آهي کين ڪو به ڊپ ۽ خوف نه اٿن سرڳاٽ شاهاڻي زندگي گذاري رهيا آهن، چڱا مڙس بڻجي فيصلا ڪري رهيا آهن پر ڪير به کين اهو نٿو پڇي ته تنهنجي گهر ۾ سگهي رلي به نه هئي اڄ هي بنگلا ۽ گاڏيون ڪٿان آيون؟ اسان جي سماج مان ڪنهن سولين ۾ ته اهڙي جرات نٿي ٿئي پر اسان جا اهي ادارا جن جو ڪم رشوت وٺندڙن ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي پڪڙڻ آهي اهي به خاموش آهن! جيڪڏهن ائين آهي ته پوء اهڙن ادارن جي قائم ڪرڻ جو فائدو ئي ڪهڙو اجايو اهڙا ادارا به ملڪي خزاني تي بار آهن. اهڙي انڌير ننگري جي ڪري اڄ اسان جي آبادي جو وڏو حصو غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي ڀوڳي رهيو آهي ادارا کوکلا بڻجي ويا بيروزگاري عروج تي آهي مهنگائي عوام جي چيله چٻي ڪري ڇڏي آهي اسان جو ملڪ بيروني توڙي اندروني قرضن جي ڌٻڻ ۾ جيئن پوء تيئن وڃي پيو تر وٺندو انساني جياپي جون سهولتون اڻلڀ ٿي ويون آهن اسان جي تعليم تباه ٿي وئي بدامني فرقيواريت لسانيت جي باهه ۾ سڄو ملڪ سڙي رهيو آهي، جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو ڪم آهي. اسان جي بااختيار ادارن کي گهرجي ته حالتن ۽ سازشن تي غور ڪري ڪرپٽ چور ۽ شرپسندن عناصرن کي گرفت ۾ وٺن ملڪ ۽ قوم جي سلامتي ۽ وقار کي بلند رکڻ ۾ پنهنجي اخيارن جو بنا ڪنهن فرق جي استعمال ڪري غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث شرپسند عناصرن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪري هڪ هڪ پئسي جو پڇاڻو ڪري لٽيل ملڪي ناڻي کي واپس وٺي ملڪي خزاني ۾ جمع ڪرائي.
محمد ايوب شيخ 
تاريخ کي تاريخ جي تقاضن مطابق پڙهڻ گھرجي…!
مغرب وٽ غلامي چار سئو سالن تائين رهي، پر اسلامي رياستن ۾ غلامي 13 صدين تائين برقرار رهي ۽ ختم ان وقت ٿي جڏهن مغرب ان کي غير قانوني قرار ڏنو، هاڻي اچو ته ٿوري جاچ ڪريون ته انگريز سامراج وٽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي غلام ڪرڻ لاءِ ڪهڙا حربا هئا ۽ عرب سامراج وٽ ڪهڙا حربا هئا، ڇو ته ننڍي کنڊ تي ٻنهي سامراجين پنهنجا ظلم ڪيا، ڏسجي ته ننڍي کنڊ تي انگريز سامراج به حملي آور ٿي آيا ، حڪومتون به قائم ڪين ۽ انهن به مقامي ماڻهن کي غلامي جهڙي لعنت ۾ داخل ڪيو ، پر انهن جي غلامي ۾ مذهب شامل ڪونه هو ، ٻيا ئي ڪي سبب هئا جنهن جي آڌار تي انهن ننڍي کنڊ جي اٻوجهه ماڻهن کي غلام بنايو، مثال جيئن “وڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” وغيره، ۽ اهوئي سبب هو ته جڏهن انگريزن ننڍي کنڊ مان ٽپڙ گول ڪيا ته مقامي ماڻهو پاڻ کي جسماني توڙي ذهني غلامي کان آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٻئي طرف آهي عرب سامراجيت جنهن ۾ مذهب کي هڪ پاور فل هٿيار طور استعمال ڪيو ويو ، جنهن عرب سامراجيت کي طول بخشيو ، انهي ئي طول جي ڪري اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو سو به خاص ڪري سنڌي قوم جسماني غلامي کان ته آزاد ٿي پر ذهني غلامي انهن جي ذهنن ۾ گهر ڪري وئي آهي،۽ اهو ئي سبب آهي ڪافي سنڌي ماڻهن کي سنڌ لٽيندڙ، ڦورو ۽ لٽيرا محترم لڳندا آهن  ۽  وطن ڌرتي، عزت ناموس ۽ ننگن خاطر وڙهندڙن کي حقير نظرن سان ڏسندا آهن، اها عجيب منطق آهي ته گهر ڌڻي کي حقارت سان ڏٺو وڃي ۽ چور کي هيرو جي نگاهه سان ڏٺو وڃي، مثال جيئن مها راجا ڏاهر ۽ بن قاسم .تنهن ڪري مان وري به سنڌي قوم کي هي عرض ڪيان ٿو ته دوست ، دشمن ۾ فرق سڃاڻو ، تاريخ کي تاريخ جي تقاضن مطابق پڙهو نڪي مذهبي عينڪ سان.
غلام الله گاڏهي / نصيرآباد
ڪورونا جي ڄار ۾ ڦاٿل مزدورن جي زندگي 
سنڌ ۾ حڪومت طرفان غريبن کي پنھنجا حق ڪيترا مليا آهن ۽ ڪئين پيا ملن سڀني کي خبر آهي! نالو غريبن جو پر سندس حق سياستدانن ۽ سندس ماڻهن کائي پيٽ ڀريا. ڪرونا جي ڄار ۾ ڦاٿل مزدورن جي زندگي کان هر ڪو واقف آهي ته مزدورن جي زندگي جو سفر روز ڪمائڻ روز کائڻ آهي. هاڻي اچانڪ انڊيا ۾ وڌندڙ ڪيس سڀني جو ٻيهر دانهن ڪرونا وائرس جي طرف ڇڪرائي ڇڏيو آهي هر ڪو پريشان مايوس ٿي ويو آهي. پاڪستان جي حڪومت اعلان مٿان اعلان ڪندي آهي پر ان تي عمل ٽڪو به نه ٿيندو آهي، ڇو جو سندس ملي ڀڳت هوندي آهي، عوام کي بيوقوف بڻايو ويندو آهي. خدا نه ڪري جيڪڏهن ڪرونا وائرس جي هي خطرناڪ لهر تيزي سان پکڙجي وئي ۽ مڪمل طور لاڪ ڊائون برقرار رکيو ويو ته زور ڪمائڻ روز کائڻ وارا مزدور ۽ سندس گهر ڀاتي ڪرونا وائرس جي بيماري ۾ نه بلڪه بک جهڙي بيماري ۾ مري ويندا. وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاڻ ۾ وڙهڻ ڇڏين ته گهڻو ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو. بک بيروزگاري ختم ٿي سگهي ٿي، هو پنهنجا پيٽ ڀرڻ لاءِ غريبن کي پوئتي ڌڪي ڇڏين پيا هن معاشري ۾ غريب مزدور هتي هر هنڌ خوار آهي مگر جيتري حق حلال جي روزي مزدور مزدوري ڪري کائن پيا شايد ڪو ٻيو نه به کائيندو هجي. دعا آهي ته رب العالمين ڪرونا جهڙي وبا کان سڀني کي پنهنجي پناهه ۾ رکي
مظفر شبير بوزدار / بوزدار وڏا
ظالم پڦين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي
ڪيڏي نه افسوس ۽ ڏک جي خبر آ ھي جو گذريل ڏينهن مختلف اخبارن ۾۽ سوشل ميڊيا تي ھڪ ھانو! ڏاريندڙ خبر نظر مان گذري ته سڪرنڊ جي ملاح محلي جي پورهيت الهداد ملاح جو چئن ورهين جو پُٽُ سراج ملاح جيئن راند کيڏڻ لاءِ گهر جي چائنٺ ٽپي اڃان ٻاهر گهٽيءَ ۾ مس پهتو ته اوچتو غائب ٿي ويو. ڪافي ٽائيم دير ٿي وئي۽ ننڍڙو گھر نه موٽيو ته سندس امڙ پنهنجي جگر جي ٽڪڙي کي ڳوليندي رهي. ھِن ھُن کان پڇڻ لڳي پاڙي وارن کان روئندي پٽيندي چرين وانگر دانھون ڪرڻ لڳي ته خدارا منهنجي سراج کي ڪير کڻي ويو؟ ڪيڏانهن ويو سندس پتو نه پوڻ تي پاڙي جي مسجدن۾ اعلان ڪرايو ويو، ليڪن ھن معصوم ٻچڙي جو ڏس ڪنھن به نه ڏنو، جو سندس گھر۾ روڄ راڙو مچي ويو. ائين ئي سڄو ويڙھو پريشان ٿي ويو ۽کيس سڀ ڳولڻ لڳا ۽ مسلسل ڳولا باوجود ٻارڙو نه مليو، لڳ ڀڳ 36 ڪلاڪن کانپوءِ ننڍڙي معصوم سراج جو تشدد ٿيل لاش سندس گهر ٻاهران مليو. ملاح پاڙي جو سرچ آپريشن ڪري گهر گهر تلاشي ورتي وئي ته ٻارڙي جي پڦين جي گهرن مان بدبوءِ محسوس ٿي، جنهن تي هر هر جاءِ ڳولڻ بعد هڪ ڪمري ۾ ڪپڙن واري الماري اندر ۽ الماري پٺيان رت جا نشان نظر آيا، جنهن تي پوليس گهر ۾ موجود مسمات عزيزان ۽ مسمات شمائلا کي سندن مڙسن غلام مصطفيٰ ۽ غلام مجبتيٰ سميت حراست ۾ وٺي سڪرنڊ ٿاڻي تي وٺي وئي. پوليس پڇاڻي بعد ٻنهي عورتن قتل جو اعتراف ڪندي قتل جو سبب ڄاڻائيندي چيو ته نانو سراج کي وڌيڪ پيار ڪري ڀائيندو هو ۽ اسان جي ٻارن کي گهٽ پيار ڪندو هو، جنهن ڪري اسان عورتن کي ساڙ ٿيندو هو، ان ڪري سراج کي ماري لاش گم ڪرڻ جو پلان جوڙيوسين ته نه سراج هوندو نه اسان کي ساڙ ٿيندو. ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي جو معصوم ٻالڪ کي پنهنجي ئي پڦين قتل ڪري ڇڏيو ان جو ڏوھ اھو ته ان کي سندس ماءُ پيءُ وڌيڪ پيار ڪندا هئا ڇا پنهنجي ٻچن کي پيار ڪرڻ به گناھ آ ھي؟ جيڪڏهن ننڍڙي سراج کي ماءُ پيء پيار نه ڪندو ته ٻيو ڪير ڪندو؟ ھن واقعي جي جيتري به مذمت ڪجي گھٽ آهي! اسان اعليٰ اختيارين کان بس اھا گھر ڪريون ٿا ته انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائيندڙ ھنن ظالم عورتن کي سري عام ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي اھا سزا به شايد گھٽ ھوندي.
غلام مصطفي جوڻيجو / دولت پور صفن
هڪ ڀلوڙ بااخلاق انسان جو وڇوڙو
اڙي شال ڪا مار پوئي موت
تون گهايئي اهڙا گهوٽ جنهن
جي ويل نه هئي وڃڻ جي
ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ ڦل شھر جي ميمڻ برادري جو انتهائي بااخلاق پڙھيل لکيل سياسي سماجي سوچ رکندڙ شخصيت هو، جنھن جي چھري تي ھميشه مُرڪ ھوندي ھئي. سندس جو تعليم ڏانهن لاڙو ايترو ته هيو جو هن پنهنجي اولاد مان هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ کي ڏکين حالتن کي منهن ڏيندي به پڙهايو ۽ ڊاڪٽر بڻايو. سندس نياڻي ڪراچي ۾ هڪ اسپتال ۾ ٻارڙن جي بيمارين ۾ اسپيشلائز ڪري رهي آھي، جڏهن ته سندس پٽ ڊاڪٽر شاهزيب ميمڻ بدين ۾ انڊس اسپتال ۾ نوڪري ڪري رهيو آھي، وڏو پٽ زوهيب ميمڻ پڻ هڪ اعلي تعليم يافته نوجوان آھي. ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ جنهن سان جڏهن به ملڻ ٿيندو هو ته زوري پنهنجي ميڊيڪل اسٽور تي يا پنهنجي بيٺڪ تي وٺي ويندو هو ۽ چانھه بسڪيٽ کانسواءِ بلڪل به نه ڇڏيندو هو . چوندو هو ته توهان سان ويهي ڪچھري ڪندي مون کي سڪون ملندو آھي. ائين زماني جا حال احوال ڪندي پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ويندا هئاسين. سندس شھر ۽ شھر کان ٻاهر اٿڻ ويهڻ لڳ لاڳاپو تمام گهڻو هوندو هو، برادري جي معززن، پاڙي جي چڱن مڙسن، پوليس آفيسرن، سياسي اڳواڻن سان سندس تمام گهڻو واسطو هيو پاڻ هڪ اوطاقي مڙس هو. کيس هاءِ بلڊ پريشر جي ڪري دل جي تڪليف پهريان به ٿي هئي ۽ شگر جي تڪليف پڻ هئس ته اوچتو کيس دل جو درد ٿيو جنهن مان پاڻ بچي نه سگهيو ۽ مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. سندس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد ابراهيم ميمڻ پڻ ڪجھه ڏينهن اڳ ان ئي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو هيو جنهن جون کيس سان تعزيتون هلي رهيون هيون ته پاڻ به هي دنيا ڇڏي اسان سڀني کي ڏک ڏئي ويو مالڪ در دعا آھي ته کيس الله پاڪ جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي. آمين
محمد خالد ميمڻ / ڦل شھر
اسان کي مستقبل جي معمارن لاءِ لائبريري ڏيو‎
ھن دور ۾ جتي دنيا مختلف فيلڊز ۾ ترقي جي ڏاڪي تي تيزي سان چڙهي رھي آھي، جتي دنيا نيوڪليئر بمن جھڙا ڪامياب تجربا ڪري چڪي آھي ۽ ڪرونا جھڙي موتمار بيمارين جون ويڪسينون ايجاد ڪري چڪي آھي اتي هن جديد دور ۾ اسان جو ھي ڳوٺ ۽ ان جي سرحدن سان لڳندڙ تقريبن چاليھه جي قريب ننڍا وڏا ڳوٺ مختلف سھولتن کان محروم آهن، جنهن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي کان ويندي گئس بجلي روڊ رستـن تائين، ان سڀ محرومين جي ھوندي اسان گذارو ڪري ويندا آھيون ۽ ويندا سون، سائنس جي ھن دور ۾ اسان ھر جديد شيءِ جي کوٽ برداشت ڪري سگھڻ جي سھپ ڌاريون ٿا پر ھڪ شيءِ کان بنا ھاڻ گذارو نٿا ڪري سگھون. ان شيءِ جو نالو لائبريري آھي. ضلعي سانگھڙ جي تعلقي شھدادپور جي سرحدن ۾ ايندڙ اسان جو ڳوٺ ماڻو خان جمالي قديمي گوٺ آھي. اسان پاڪستان آزاد ٿيڻ کان وٺي ھن مھل تائين ڪنهن حڪومت کان ڪا شيءِ نه گھري آهي، اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ھر ڏک جي گھڙي جو بھادري ۽ زنده دلي سان مقابلو ڪيو آھي. ڳوٺ جا والدين ويچارا سياسي پارٽين جوسدائين نشانو بڻبا رھيا آھن ته توهان ته مخالف پارٽي کي ووٽ ڏنا. اسان اوھان جا ڪم ڪيئن ڪيون. ستر کان وڌيڪ سالن جون بجيٽون تـ اوھين بنا ڳيت جي ڳهي ويا. اسان ڪونه ڪڇيو. اف به ڪونه ڪيو. اسان جا ٻار اڃان به تعيلم ۽صحت جھڙي سھولتن کان محروم آھن. ان ھوندي به اسان ڪونه ڪڇياسين. مھرباني ڪري ھن بجيٽ مان اسان جي ڳوٺ ڏي به شفقت جي نظر سان نھارجو. اسان جي ڳوٺ سميت ويجھن چاليهه ڳوٺن ۾ ڪٿي به ھڪ عدد لائبريري موجود نه آھي. اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته نلڪا ناليون روڊ رستا سولر ورا ٽيبويل اھي سڀ وڃي اوھان ھٿ ڪيو، پر مھرباني ڪري اسان کي مستقبل جي معمارن لاءِ لائبريري ڏيو ته جيئن اسان جي ڳوٺ سميت چاليهه ٻين ڳوٺن جي ٻارن جو به تعليم ڏانهن لاڙو ٿئي ۽ اسان جي ڳوٺ جا مسڪين ماروڙا ڏک جي گھڙين مان نڪري سگهن.
خان محمد جمالي/ سرھاڙي

هارين کي جديد ٽيڪنالاجي جي متعلق آگاهي ۽ مالي مدد

پاڪستان ۾ 60 سيڪڙو ماڻهو غربت جي ليڪي کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. اقوام متحده جي رپورٽ مطابق 1990 کان پاڪستان اندر غذائي کوٽ جو مسلسل اضافو ٿيو آهي. پاڪستان ۾ 36.9 سيڪڙو ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار آهن. اقوام متحده جي رپورٽ مطابق 2050 تائين پاڪستان آبادي جي لحاظ کان چوٿون وڏو ملڪ بڻجي ويندو. خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بنائڻ وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي اهم ذميواري آهي. غذائي کوٽ جو اهم سبب خوراڪ جو زيان به آهي. پاڪستان ۾ تقريبن 40 سيڪڙو خوراڪ ضايع ٿي ويندي آهي. حڪومت کي کپي ته هارين کي جديد ٽيڪنالاجي جي بابت آگاهي ۽ مالي مدد ڪري خوراڪ جي زيان کي روڪڻ لاءِ پاليسيون بڻائي خوراڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري. خاص ڪري ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته وڏن شهرن اندر وڏن وڏن شادي هالن ۾، ريسٽورنٽ، هوٽلن، برياني سينٽرن تي به بچل کاڌو ضايع ڪيو ويندو آهي. بهتر ايئن ٿيندو ته اهو بچل کاڌو ڪنهن بکئي انسان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪنهن کي کارايو يا ڏنو وڃي ته جيئن ڪو ذي الانس بک تي نه سمهي رهي، جيڪا ڳالهه انسانيت ۽ انسانيت جي تقاضا کي پوري ڪرڻ لاءِ درست چئبي. مطلب ته غذائي تحفظ سان گڏ رزق ضايع نه ڪيو وڃي.

محمد اسلم ماڪو (پنوعاقل)