نيوڇور کي صاف ماحول مهيا ڪيو!
گندگيءَ جي ورھ چڙهيل نيوڇور جو شهر هن وقت حال ڏسي ڪير به صاف ڪپڙن وارو شهر اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته شهر جي موجوده حالت بدتر ٿي وئي آهي، دڪاندار سخت پريشان آهن، دڪانن جي ٻاهريان گندو پاڻي بيٺل آهي، پاڙن ۾ وڃي ڏسو ته پاڙن جا پاڙا ان حشر ۾ آهن، آخر هن شهر جو ڪهڙو ڏوھ آهي، جو هن کي ايڏي وڏي سزا ڏني پئي وڃي. بجير پاڙي جا گٽر نالا ڪافي سالن ۽ ميهنن کان اٿلي پيا آهن، گٽر نالن جي صفائي نه ٿيڻ ڪري گٽر نالا اٿلي پيا آهن، گٽر نالن جو گندو پاڻي مسڪين ماڻهن جي گهرن ۾ وڃي رهيو آهي، برسات پوڻ کان پوءِ نيوڇور واسي ويتر ڏکيائين ۾ پئجي ويا آهن، برسات جي پاڻيءَ کي نيڪال نه ملڻ سبب پاڻي ڪيترن ئي گهرن ۾ گهڙي ويو آهي، شهر جي پاڙن ۾ ڪافي ماڻهو چندو ڪري صفائي ڪرائيندا آهن، شهر ۾ موجود ڪچهري جا وڏا ڍير لڳل آهن، جيڪو گذريل ٽن سالن کان نه کجي سگهيو آهي، جيڪو ڪنهن طوفان ايندي يا تيز هوا لڳندي اڏامي ماڻهن جي گهرن ۾ وڃي پئي ٿو پر اڄ ڏينهن تائين انتظاميا ڪو قدم ناهي کنيو. آخر ڇا صفائي نيوڇور واسين جو حق ناهي يا نيوڇور کي سندس خاموش زبان جو اهو نقصان پيو ڀوڳڻو پوي؟ تاريخ ۾ شايد اهڙو ڪو ٻيو شهر نه هوندو جيڪو 3 سالن کان صفائي کان محروم هجي پر ڇا ڪجي سائين؟ نيوڇور واسي ڪنهن به قسم جي ٻڙڪ نٿا ڪڍڻ چاهين! آخر نيوڇور جو عوام ڪيستائين ظلم برداشت ڪندو رهندو ۽ ڪڏهن پنهنجي حقن جي خلاف دانهون ڪندو؟ هاڻي به وقت آهي ته دانهن ڪندي روڊن تي نڪرو ۽ پنهنجا حق وڙهي وٺندو پر اهو منهنجو خواب آهي يا حسرت پر ڪڏهن هنن کي سجاڳي ٿيندي ۽ هو دانهن ڪندي نظر ايندا.
ایک دن تو آئے گا زندگی میں کہ، تم بھی اپنی خطاؤں پے پچھتاؤگے۔
ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور
گمبٽ شھر جو بي باڪ صحافي!
عوام جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پھچائيندڙ، عوام دوست، صحافي نديم اڄڻ جيڪو ڪافي ڏينھن کان بيماريءَ جي بستري تي پيل آھي، جنھن جي هن وقت تائين نه صحافين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن ڪا سار لڌي آهي نه وري ثقافت کاتي پاران ڪا سار لڌي وئي آھي. ھن وقت صحافي نديم اڄڻ موت ۽ زندگي جي ٻه واٽي تي بيٺل آھي، صحافي نديم اڄڻ پنھنجي علائقي جي مسئلن کي پنھنجي قلم وسيلي اجاگر ڪيو آھي، مسڪين ماروئڙن جي ڏکن ڏوجھڙن تي بيخوف ٿي لکيو آهي ۽ غريب مسڪين جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پي پھچايو آھي، سندس خبرون  پڙھندڙ جو سمورو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺنديون آھن، نديم اڄڻ کي لکڻ جي اھڙي ته ڏات آھي جو ھن جي خبر لکڻ  جو انداز ئي پنھنجي آھي، هن پنھنجي علائقي جي منجھيل مسئلن تي بي خوف ٿي لکيو آهي ۽ پاڻ پي ملھايو آھي، ھن وقت بيماريءَ جي بستري تي پيل آھي ۽ سندس جو ڪيل قلمي پورھيو ڪنھن کان به ڳجھو ناھي. اسان جي معاشري ۾ ليکڪ، اديب يا ڏات ڌڻي جڏھن بيمار ٿيندو آھي ته انھن وٽ ايتري مالي طاقت ناھي ھوندي جو ھو پنھنجو علاج ڪرائي سگھن، اڪثر صحافي غربت جي لڪير ھيٺ زندگي گذاريندا آھن سندن گھر جو گذران ئي ڏکيائيءَ سان ٿيندو آهي، اڪثر صحافي جڏھن بيمار ٿيندا آھن ته سندن غربت سبب علاج نه ٿيڻ ڪري بيماريءَ جي بستري ئي دم ڌڻي حوالي ڪندا آهن، جڏھن ته سندن وٽ ايتري مالي سگھ ناھي ھوندي جو پنھنجي علاج ڪرائي سگھن، ثقافت کاتي کي اپيل آھي ته نديم اڄڻ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ته جيئن هڪ قلمڪار جي زندگي بچي سگهي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
سنڌ جا لاوارث صحافي!
ھڪڙا صحافي وڏيرن، سياسي ڀوتارن ۽ ڪامورو جي چاپلوسي ڪري واسطا ۽ پئسا ٺاهي وڃن ٿا، هڪڙا صحافي غريب مظلوم ماڻهن جي آواز بڻجي حق سچ لکن ٿا، جيڪي نٿا پئسو ٺاهي سگهن نه ئي وڏن ماڻهن سان بهتر لاڳاپا ٺاهي سگهن ٿا نه وري پنهنجي ٻچڙن ۽ پنهنجي لاءِ ايترو ڪجهه ٺاهين ٿا جو ڏکئي وقت ۾ کين يا سندن ٻچن کي ڪم اچي سگهي. گمبٽ جو صحافي نديم اڄڻ جنهن هميشه مظلوم ماڻهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، پنهنجي ٻچڙن کي حق حلال جي ڪمائي کارائڻ لاءِ اخبارون وڪرو ڪيون، اڄ اهو صحافي بيماري جي بستري تي بي يارومددگار پيل آهي. صحافين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ صحافتي تنظيمن به سندس سار نه لڌي آهي، گمبٽ ۾ گمس جهڙو عالمي شهرت وارو ادارو هجڻ باوجود به نديم اڄڻ جو علاج نه ٿي سگهيو آهي، ان اسپتال جي ڊائريڪٽر گمبٽ جي هن صحافي کي اسپتال مان بيدخل ڪري ڪڍي ڇڏيو آهي. نديم اڄڻ جي جاءِ تي ڪنهن وڏيري سياسي ڀوتار يا ڪامورن جي چاپلوسي ڪندڙ صحافي هجي ها يا پنجاب جو ڪو شاعر فنڪار ھجي ھا ته هن وقت تائين ان جو علاج گمس ۾ ٿي وڃي ھا ۽ هو صحت مند ٿي وڃي ها پر افسوس جو هي غريب صحافي آهي، هن ڪڏهن ڪنهن جي چاپلوسي ناهي ڪئي، ان ڪري بي يارو مددگار پيل آهي. منهنجي سنڌ حڪومت، صحافين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ حق سچ لکندڙ صحافين کي هٿ ٻڌي عرض آهي ته خدارا گمبٽ جي صحافي نديم اڄڻ جي مالڪي ڪريو ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته گمبٽ جي صحافي نديم اڄڻ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.
نديم شيخ/ڪوٽڏيجي، خيرپور
ميرپورخاص ضلعي جا اجڙيل مسافرخانا!
جڏهن ملڪ ڏتڙيل ۽ تازي آزادي حاصل ڪري مس آزاد ٿيو ته ان وقت ملڪي معشيت به ڏاڍي تنگ هئي، ملڪي خزانا به خالي هئا، چندا ڪري قربانيون ڏئي اهم اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو سميت ڪيترن ئي اهم شخصيتن ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ اهان اندازو لڳايو ته ان وقت ملڪي حالتون ڇا هونديون پر شايد انهن تنگدست ڏهاڙن ۾ هن ڏتڙيل قوم ۽ مسافر ماڻهن جي ڀلائي لاءِ شهيد جمهوريت ذوالفقار علي ڀٽو مسافر خانن جو قيام جو بنياد وڌو ۽ اهي مسافرخانا اڄ به ان ٽٽل حالت ۾ ميرپورخاص کان کپرو تائين ته مون به اکين سان ڏٺا آهن، جيڪي ان وقت جي سچي ڪاريگرن جي سچائي ۽ سچي حڪمران جي سچائي بيان ٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته مسافرخانن جي ٺهڻ کان پوءِ ڪيترائي سال وهامي ويا آهن پر ۽ اهي هاڻي ڊهڻ واري حالت ۾ بيٺا آهن. مسافرخانا به سٺي سوچ رکي ان سفر ڪندڙ  قوم لاءِ ٺاهرايا ويا هئا جو کين مسافري دوران مسافرن کي ڪا تڪليف نه اچي ۽ ان کان پوءِ ملڪي معشيت ته مضبوط ته ٿي وئي پر اهي مسافر خانا ڊهي وري ٺهي نه سگهيا آهن، ملڪي معشيت مضبوط هئڻ سان گڏ ڪيترين ئي پارٽين جي حڪومت آئي پر هر پارٽي جي حڪمرانن جي ٻنهي سياسي اکين  ۽ سرگرم ذهن ۾ اهو خيال نه آيو ته مسافرخانن جي مرمت ڪرائجي، انهن کي ٻيهر نئين شڪل ۾ آڻجي جيئن رستن جي ٻنهي پاسي وري رونقون بحال ٿين. هتان جا چونڊيل نمائندا توڙي وڏا سياسي اڳواڻ ان اجڙيل مسافرخانن جي ڀرسان گذرندا به آهن جن ۾ پارٽي سربراهه به شامل آهن، موجوده وزيراعظم ۽ شاهه محمود قريشي ميرپورخاص کپرو روڊ کان لنگهيو هو ۽ پاڻ به چيو هئائين ته سنڌ جي حالت ڏاڍي خراب آهي پر حڪومت اچڻ کان پوءِ سنڌ طرف اک نه ڦيرائي اٿس، ان کان پوءِ وڏي وزير جا صلاحڪار ۽ ٻيا اهم اڳواڻ به اتان لنگهيان پر کين هي اجڙيل مسافرخانا نظر نه آيا. ان لاءِ چونڊيل نمائندن سميت سياسي اڳواڻن کي گهرجي ته مساخانن جي سار لڌي وڃي ۽ انهن جي ٻيهر مرمت ڪرائي اڌ صدي پراڻي نظام کي بحال ڪيو وڃي.
محرم علي شر/هنڱورنو
هڪڙي چٺي سنڌ جي صحت واري وزير ڏانهن!
گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ڪورونا جو مرض هلي رهيو آهي پر خاص ڪري اها وبائي بيماري سنڌ ۾ عام ٿي وئي آهي پر ان ۾ ڊاڪٽر توڙي پيراميڊيڪل عملي جو ڪردار اهم هريو آهي پر اڄ تائين سنڌ حڪومت ڊاڪٽرن توڙي پيرا ميڊيڪل عملي کي رسڪ الائونسل مستقل نه ڪيو آهي. ان سميت پيرا ميڊيڪل عملي کي هيلٿ الائونسل ڏنو وڃي جيڪو ڪراچي جي جناح اپستال توڙي ٻين اسپتالن ۾ 50 سيڪڙو ملندڙ آهي پر سنڌ جي ٻين ضلعن جي اسپتالن جي ڊاڪٽرن توڙي پيرا ميڊيڪل عملي کي 20 سيڪڙو الائونسل ملندڙ آهي، ان ڪري سنڌ جي پيرا ميڊيڪل عملي کي 30 سيڪڙو هيلٿ الائونسل ڏنو وڃي. 2006ع کان رهلي سروس اسٽرڪچر بحال ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير، صحت واري وزير، چيف سيڪريٽري کي اپيل ٿا ڪريون ته پيرا ميڊِيڪل عملي کي ايمرجنسي لائونس ڏنو وڃي.
علي اصغر جمالي/ وليد مراد جمالي، ڪاڇو
لطيف سرڪار جي شاعري جا مختلف رخ‎‎!
سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي عظيم شاعرن کي جنم ڏنو آھي، جن پنھنجي شاعري ذريعي ماڻھن جي دلين تي تبليغ ڪئي انھن ۾ ڀٽ جي گھوٽ شاھ عبدالطيف ڀٽائي جو نالو سڀني کان مٿانھون آھي، لطيف سائين  جي شاعري مڪمل تبليغ ھئي، ھن “اکر پڙھ الف جو ٻيا ورق سڀ وسار، اندر تون اجار پنا پڙھندين ڪيترا” ۾ پنھنجي اندر کي اجارڻ ۽ رب جي فرمانبرداري ڪرڻ جو درس ڏنو. مارويءَ جي آواز ۾ تخت ۽ مال دولت جي بدلي پنھنجي عزت جو سودو نه ڪرڻ جو درس ھو ته سسئي جي زباني پنھنجن جي ڳولا ۾ پير پٿون ڪري فنا ٿيڻ جو سبق لڪل ھو، ليلان کي پنھنجي غلطي تسليم ڪرڻ ۽ جھڪڻ جو چيو، غريب خالي ھٿين ماڻھن کي انھن لفظن سان دلاسو ڏنو ته “جنين ڏاند نه ٻج، تن به تنھنجو آسرو، پوءِ اڀارين سج، اول ڏين انھن کي.” لطيف سرڪار جي شاعري جا ڪيترائي ئي رخ آھن، ان ۾ سڄي عالم لاءِ گھڻا سبق لڪيل آھن، شاھ سائين اسان کي “پرين” يعني رب تعاليٰ کي راضي ڪرڻ، ڪنھن کي ڏک نه ڏيڻ، پيار ۽ محبت ورھائڻ ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ جي دعا  ڪرڻ جو چيو آھي، ان سان گڏ زندگي گذارڻ جو صحيح  طريقو ٻڌايو، سندس شاعري تاقيامت شعور رکندڙ طبقي لاءِ اتساھ ۽ رھنمائيءَ جو سبب بڻجندي رھندي.
مجاھد لغاري/مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار
نيٽ ورڪ لاءِ پريشان اوڏيرولال اسٽيشن واسي!
اڄ جي هن جديد دور ۾ به اوڏيرولال اسٽيشن ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جا ماڻهو بجلي بند ٿيڻ کان پوءِ موبائيل فون جو استعمال نٿا ڪري سگهن، سبب صرف اهو آهي ته مختلف ڪمپينن جو نيٽ ورڪ هتي ناهي هوندو. اوڏيرولال اسٽيشن ۽ ڀرپاسي ۾ موبائيل نيٽ ورڪ نه هجڻ جو مسئلو روز جو معمول بڻجي ويو آهي شهر ۾ موجود ٽاور بجلي وڃن شرط بند ٿي وڃن ٿا ۽ نيٽ ورڪ غائب ٿيو وڃن، نه ڄاڻ ته ٽاورن کي مليل جنريٽرن لاءِ ملندڙ تيل ڪيڏانهن ٿو وڃي جو بجلي بند ٿيڻ بعد انتظاميا ٽاور ئي بند ڪريو ڇڏي ۽ وري برسات جي به ڪا ڪڻي نه پوندي ته ٽاور تي موجود عملو ئي غائب ٿي ويندو آهي ۽ ٽاور لاڳيتو بند هجڻ به اهم مسئلو بڻيل آهي، ڪافي ڀيرا شهرين ۽ علائقي واسين ٽاور انتظاميا کي اهڙي مسئلن بابت آگاهي ڏني پر اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن به ٽاور انتظاميا حرڪت ۾ ناهي آئي، خبر ناهي اوڏيرولال اسٽيشن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن جي نيٽ ورڪ جي پريشانين جو مسئلو ڪڏهن حل ٿيندو؟ هتي ناروي جي ٽيلي ڪميونيڪشن ڪمپني کي آگاهي ڏيندا هلون ته هن علائقي ۾ هزارن جي انگ ۾ توهان جا صارف آهن، انهن کي نيٽ ورڪ جي بهترين سهولت فراهم ڪئي وڃي، ڪٿي ايئن نه ٿئي ته صارف ڪنهن ٻئي نيٽ ورڪ تي ڪنورٽ ٿي وڃن. ساڳيون پي ٽي سي ايل جي پرائيويٽ ڪمپنيءَ جو نيٽ ورڪ بهترين سهولت ڏئي رهيو آهي، اتي ٻين ڪمپنين جو نيٽ ورڪ اهم مسئلو بڻيل آهي، اسان اوڏيرولال اسٽيشن ۽ ڀرپاسي جا رهواسي موبائيل ڪمپنين کي گذارش ٿا ڪريون ته اوڏيرولال اسٽيشن ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پنهنجن پنهنجن نيٽ ورڪن جي بهترين سهولت فراهم ڪري اسان کي پريشانين کان بچايو وڃي جيئن اسين علائقي واسي ڏکيائين ۾ به موبائيل جو استعمال ڪرڻ سان گڏ پنهنجيون ڪاروباري سرگرميون پڻ جاري رکي سگهون
شاهد خاصخيلي/اوڏيرولال
جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
هڪ قصو جيڪو هيئن آهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ آسٽريليا جي هڪ ٻيلي جي ويجھو هڪ خاندان آباد آهي انهن جو هڪ معصوم ٽن ورهين جو ٻار رادن ڪندي ڪندي گھر کان نڪري گھاٽن ٻوٽن ۾ هليو ويو، تنهن کان پوءِ اهو هلندو ئي رهيو، پنهنجي پر ۾ هو پنهنجي گھر وڃي رهيو هو پر کيس اندازو ئي نه هو ته هو گھر ۽ آباديءَ کان پري ٿيندو پيو وڃي، ڪجھه دير کان پوءِ گھر ڀاتين کي احساس ٿيو ته ٻالڪ غائب آهي، کيس گھر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳوليوويو، پاڙي ۾ سڏ ڪيا ويا، بستيءَ ۾ پڙهو ڏياريو ويو، ماڻهو گھرن کان نڪري آيا، ان کان پوءِ ريڊيو، ٽي وي ۽ جيس تائين اوندهه نه ٿي وئي ٻار جي ڳولا جاري رکي وئي، ان کان پوءِ ماڻهو روشنيءَ جو انتظام ڪري جھنگ ۾ لٿا پر ٻار نه لڌو، ٻئي ڏينهن سيڪيورٽي جا دستا طلب ڪي اويا، ڊرون اڏاريا ويا جيڪي جھنگ جي مٿان رُلندا رهيا، ٻيو ڏينهن به گذري ويو، بستيءَ جا ماڻهو به ڪم ڪار ڇڏي ٻوڙن کي وڍڻ جو سازو سامان کڻي جھنگ ۾ ٽولا ڪري لٿا ۽ ٻالڪ جو نالو کڻي کيس سڏيندا رهيا. هاڻ صورتحال اها هئي جو ٻئي ڏينهن جو سج لهڻ وارو هو، مايوسيءَ واڪا ڪرڻ لڳي، سرڪاري مشينري پوريءَ طرح حرڪت ۾ اچي وئي هئي. ٽئين ڏينهن جو سج اڀريو ته ماڻهن جو اوچتو گوڙ ٿي ويو، ٻار کي ڳولڻ واري هڪ ٽولي کي ٻار لڀي ويو، هو ٻوڙن ۾ ڪٿي ڪٿي ڦڙو پاڻيءَ جو وهندڙ ٻُڪ ۾ گڏ ڪري پيئڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پوري جھنگ ۾ هلچل مچي وئي، ان جاءِ جي نشاندهي ڪئي وئي، امدادي پارٽين ان ٻارڙي ڏانهن ڊوڙي پهتيون، ٻار کي ترت اسپتال کڻائي ڀڳا، ان جي علاج جي تياري اڳ ئي مڪمل هئي، ڊاڪٽرن معائنو ڪيو، ٻار جي جسم تي رهڙن جا به نشان هئا، جيتري دير ۾ ٻار اسپتال پهتو ايتري دير ۾ بستيءَ ۾ رقص شروع ٿي ويو. انهن سڀن جي پويان صرف هڪ 3 ورهين جو ٻار هو جنهن کي اڃا پنڌ ڪرڻ به نه پي آيو. ان جي زندگي، ان جو هجڻ، ان جي موجودگي، ان جو وجود ۽ ان جي حيات سڀ ايترائي اهم آهن جيترا آسٽريليا جي وڏي حڪمران جا. سچ آهي ته هڪ انسان جي زندگي پوري انسانيت جي حيات آهي. مون پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي ته نعمان قائمخاني مون کان سوال ڪيو ته ڇا پنهنجي ملڪ ۾ به انسان جي ايڏي عزت آهي جيڏي آسٽريليا ۾؟ مون مُرڪي کيس چيو ته هتي ٻارن جي اها عزت آهي جو ڪتا انهن کي پٽي کائي رهيا آهن ۽ هو دوا وقت تي نه ملڻ ڪري تڙپي تڙپي مري رهيا آهن، ڪو وحشي بنگالي هڪ ئي گھر جي ٻن ٻارن کي حوس جو نشانو بڻائي پوءِ انهن کي قتل ٿو ڪري ڇڏي پر ان کي سزا جو ڪو ڊپ ناهي، شام جو وڏي ڏينهن کان پوءِ منهنجي لڳايل گلاب سان وقت گذاريم، الطاف جماري ۽ پريمتم ڀيل منهنجي غير موجودگيءَ ۾ انهن جي سار لهندا هئا، شامل جو ڪلهن جي هلڪي ورزش ڪيم.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد
هڪ خط چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ڏانهن!
مانوارا سائين، چيف جسٽس صاحب، اميد ته خوش هوندا، مانائتا سائين مان اوهان کي سينٽرل جيل حيدرآباد جي کولي نمبر 30 مان خط لکي رهيو آهيان، خط لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اوهان جو ڌيان ڪجھه ڳالهين طرف ڇڪرائڻو آهي ۽ گڏوگڏ قيدين جي ڪورٽن م بند ڪيسن جي نشاندهي ڪرائڻي آهي، ٿي سگھي ٿو ته اهي ڳالهيون اوهان جي علم ۾ نه هجن ۽ اوهان بلڪ به انهن ڳالهين کان اڻڄاڻ هجو، جيئن ته هتي سينٽرل جيل حيدرآباد جا ٽوٽل قيدي 1869 جي لڳ ڀڳ آهن، جن قيدين ۾ ڪجهه اهڙا قيدي به آهن جيڪي مختلف ٿاڻن جي پوليس وارن جي دشمني تحت ڪيسن ۾ جيل آيل آهن، جيڪي ڪيس ۾ بلڪل بيگناهه آهن، جن کي پنهنجي گناهن جي بلڪل خبر به نه آهي ته اهي آخر ڪهڙن گناهن ۾ قيد آهن، اهي مختلف دشمنين ۾ قيد ڪٽي رهيا آهن ۽ سندن مٿان قصاص جي وڏي رقم لڳل آهي، مانائتا سئين اوهان کي اهو به عمل هجڻ گھرجي ته 2019ع ۾ سڄي سنڌ صوبي جيان پاڪستان جي چڇئني صوبن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس محترمه سعيد کوسه صاحب سيشن ڪورٽن ۾ واڌو ڪورٽون قائم ڪيون هيون جن ڪورٽن کي ماڊل ڪورٽس جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ انهن ماڊل ڪورٽن ۾ جوابدارن کي مختلف ڪيسن ۾ مختلف سزائون ڏنيون ويون آهن، جن قيدين کي ماڊل ڪورٽن طرفان دشمني ۾ پوليس ذريعي ڪوڙين شاهدين ۾ سزائون پڻ لڳيون آهن، جن کي جيلن ۾ ڪافي سال ۽ مهينا گذري چڪا آهن، سندن ڪيس ڪورٽن ۾ هلڻ بدران بند پيا آهن. چيف جسٽس صاحب اوهان جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ مختلف جيلن ۾ بند قيدين ۾ سرهائي محسوس ڪئي وئي آهي ته اوهان مظلوم قيدين جي داد رسي ڪري کين ڪيسن ۾ انصاف ڏياريندا ۽ سندن سزائن ۾ گھٽتائيءَ جو حڪمنامون به جاري ڪرائيندا. اها اميد کڻي دل ۾ سنڌ جي مختلف جيلن ۾ سزا يافتا قيدي رب کان پوءِ اوهان ڏانهن واجھائي رهيا آهن. سائين ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اوهان غريب مظلوم قيدين جا همدرد ۽ انسانيت جا پيروڪار آهيو، اوهان بنا ڪنهن لالچ جي سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيدين جي مسئلن کي حل ڪري رهيا آهيون جنهن رب سائين اوهان کي اجورو ڏينديو. اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڪافي سالن کان سان قيدين جي ڪيس ڪورٽن ۾ بند هجڻ ڪري ڪيترن ئي قيدين آپگھات به ڪيا آهن ۽ ڪجھه قيدي ته ذهني مريض به ٿي ويا آهن، منهنجي اوهان کي گذارش آهي ته خدارا قيدين جا ڪورٽن ۾ ڪيس هللائي اسان کي انصاف ڏنو وڃي.
سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد
ماستري جي ٽيسٽ قابل اميدوارن کي به منجھائي ڇڏيو!‎‎
تازو آءِ بي اي پاران استادن جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽون ٿي رھيون آھن، آءِ بي اي ھڪ سٺو ساک رکندڙ ادارو آھي پر ان پاران ھن ڀيري ورتل استادن واري ٽيسٽن ڪيترائي ئي مونجهارا ۽ سوال پيدا ڪري ڇڏيا آھن، ھڪ ته ڪافي وقت کان استادن جي ڀرتين وارو عمل شروع ٿيو آھي پر آءِ بي اي پاران شايد پنھنجي اداري کي ٻين کان مٿي ڏيکارڻ خاطر ٽيسٽ پيپر ۾ ايترا ته ڏکيا ۽ عجيب سوال ڏنا ويا جن جو تعلق نصاب سان به نه آهي، اھڙن سوالن اھل قابل اميدوارن کي به منجھائي ڇڏيو آهي، ايئن ڪڏھن به ڪنھن به ٽيسٽ ۾ نه ٿيندو آھي پر آءِ بي اي جو ھي ڪھڙو ٽيسٽ وٺڻ جو طريقيڪار يا معيار آھي؟ پرائمري ۽ مڊل اسڪول جا استاد ڀرتي ڪيا پيا وڃن يا ضلعي کي ھلائيندڙن جون ڀرتيون پيون ٿين؟ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استاد شاگرد کي فقط انھن جو نصاب پڙھائيندا جيڪو سرڪار پاران ڪتابن ۾ ڏنل آھي، ان لاءِ ڇا انھن اميدوارن کي سائنس بابت مڪمل ڄاڻ ھجي ڇا اھو ممڪن آھي؟
سجاد علي شيخ/ عمرڪوٽ
ڇا ڏکي ٽيسٽ بھتر تعليم جي ضمانت آھي؟‎‎
سنڌ سرڪار تعليمي نظام کي بھتر بٻائڻ لا اڄ تائين جيڪي تجربا ڪيا آھي سي سڀ ناڪام ويا آهن، جن ۾ لاڳيتو 13 سال يعني 2007ع کان وٺي اڻ ڌري اداري کان ڳري رقم عيوض امتحاني ٽيسٽ جو ڪم وٺڻ جنھن ۾ آءِ بي اي ادارو  سڀ کان گوءِ کڻڻ ۾ ڪامياب ويو آھي، اھڙي امتحاني ٽيسٽ سبب رٽافڪيشن گولڙو پائي مارڪون کڻڻ جو رواج پئجي رھيو آھي، ھن قسم جي ٽيسٽ سان  خالص اھل اميدوارن جي چونڊ ممڪن ئي ناهي، مثال  ھڪ اڻ پڙھيل وزير يا ايم پي اي کي ٽييسٽ جو پنو پڪڙايو، گولڙا پائي 25 مارڪون کڻي ويندو، ان جو مطلب اھو ٿيندو ته ڇا 25 سوال صحيح ڪيا اٿس؟! اھڙي ٽيسٽ پاس ڪري نوڪري وٺڻ کان پوءِ به 13 سالن ۾ تعليم جو معيار اسان کي ميار ڏيندو پيو اچي. سنڌ سرڪار ڄاڻي واڻي ابتو ڪم ڪيو، جيئن رياست پنهنجي نااھليون لڪائڻ لاءِ نوجوانن کي امتحاني ٽيسٽ جي نالي تي بيعزتون ڪري ذھني مريض بڻائڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب وئي آھي. ھي منطق ڪير سمجھڻ لاءِ تيار ناھي ته 14 سال پڙھي سوين ساليانا امتحان پاس ڪرڻ لاءِ نصاب مان 33 مارڪون کڻڻ لاءِ هٿ جو ٺوڪيل پرچو ڪلاڪ سوا ۾ پاس ڪرڻ لاءِ سٺ سيڪڙو شرط! مٿي بيان ڪيل ڳالھين تي مون کي ڪو بيورروڪريٽ يا وزير مٿي ڦريل سمجھي ته مھرباني ڪري پاڻ آءِ بي اي واري ٽيسٽ پاس ڪري ڏيکاري، پوءِ ان ٽيسٽ کي درست قرار ڏنو ويندو! سنڌ سرڪار کي گھرجي ته بھتر تعليمي نظام لاءِ تدريسي نظام کي تپاسڻ لاءِ ڪو اثرائتو نظام آڻي جنھن جو مان ڪافي ڀيرا “پنهنجي اخبار” ۾ ذڪر ڪري چڪو آھيان ۽ گھٽ ۾ گھٽ 30 مارڪون کڻندڙن کي اھل قرار ڏئي سندن تربيت ڪري کين وڌيڪ اھل بڻايو وڃي، خط چو ثواب وزير تعليم کي بخش ڪجي ٿو.
منظور ھاليپوٽو/ٽلٽي