زدندان جي ڊائريءَ جا ڪجھه ورق!

اڄ صبح سوير تترن جي ٻولين تي اک کلي ۽ اکيون مهٽيندي اٿيس ته سامهون کوليءَ جي بلڪل گيٽ وٽ ڪارڙا تتر ٻولي رهيا هئا، جيڪي تتر پنج نمبر ڊويزن مان هتي اسان وٽ آيل هئا، اهي تتر رئيس چانڊيو نالي هڪ قيديءَ جا جا جيل ۾ ڇڏي آهن، انهن تترن ۾ هڪ ٻه تتر خواهش جا به آهن ته جيئن انهن تترن جو نسل وڌي پئي، هاڻي ته جيل کان ٻاهر جھگ وڍجڻ ڪري تترن جو نسل بلڪل ختم ٿيندو پيو وڃي، انهن ٻنهين کي پنهنجا پنهنجا شوق جا تتر آهن. ڪارڙن تترن کان سواءِ رئيس چانڊيو وٺ اڇا تتر به سانڍيل آهن، انهن اڇڙن تترن جي ٻولي به ماکيءَ جي لار جھڙي مٺي آهي، جن تترن سان خواهش سمون ۽ رئيس چانڊيو جيل ۾ پنهنجو سٺو وقت پاس ڪندا آهن، ڇو ته جيل ۾ وقت گذارڻ قيديءَ لاءِ تمام ڏکيو هوندو آهي، انهيءَ لاءِ قيدي پنهنجو وقت ٽارڻ لاءِ تترن، ڪتابن جو شوق رکندا آهن، جيئن انهن جو جيل ۾ به سٺو وقت پاس ٿئي، اڃا آئو انهن تترن کي ويجھي کان ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس ته ايتري ۾ وارڊ جي منشي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جيڪو مون کي ساهي اداري وارن جي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ سڏي رهيو هو. منشي امام ادين قمبراڻي جي آواز تي ڊوڙندو ويس ته عزيز گاڏهي ۽ عظيم کوسو منهنجي انتظار ۾ ويٺل هئا، انهن دوستن سان گڏ هميشه جيان ڪلاس ۾ حاضر ٿيس، جتي اسان کان اڳ حيدر کوسي وارا ڪلاس ۾ موجود هئا، اڌ ڪلاس کان پوءِ استاد سان گڏ آصف ڇلگري سان سندس والد جي دعا فاتحا لاءِ وياسون جتي اسان کان اڳ استاد غلام نبي لغاريءَ وارا به سندس والد جي وفات تي فاتحا لاءِ آيل هئا، پوءِ سڀني آصف سان فاتحه خواني ڪئي. رب العزت سندس والد کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

ميڊيا تي پابندي نامنظور!‎‎

وفاقي حڪومت طرفان ميڊيا اٿارٽي بل آندو ويو آھي، جنھن جي خلاف سڄي ملڪ جي صحافتي برادري سراپا احتجاج بڻيل آھي، ڇو ته انھن جو موقف آھي ته ان بل ذريعي حڪومت آزاد ميڊيا جو منھن بند ڪرڻ چاھي ٿي ڪنھن به ملڪ ۾ اتي جي ميڊيا جو وڏو ڪردار ھوندو آھي ۽ ميڊيا تي ڪارا قانون لاڳو ڪرڻ سان ان ملڪ جو اميج خراب ٿئي ٿو، عمران ان وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ آزاد ميڊيا تي وڏا ليڪچر ڏيندو ھو ۽ 2014 واري ڌرڻي ۾ ميڊيا جي ڪوريج سان ئي ھو اڳتي اڀري نڪتو ھو، ھاڻي پنھنجي حڪومت ۾ اھائي ميڊيا ان لاءِ خراب ٿي وئي، صحافتي برادري اسلام آباد ۾ ڌرڻو ھڻي ويٺل آھي، اسين انھن سان گڏ آھيون ۽ وزيراعظم جناب عمران خان کان مطالبو ٿا ڪريون ته آزاد صحافت تي ڌاڙو ھڻندڙ ھن ڪاري قانون ميڊيا اٿارٽي بل کي بنا دير واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ عدالت جو دروازو کڙڪايو ويندو.
مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

نيٽ ورڪ لاءِ پريشان نيوڇور واسي!

هن جديد دور ۾ نيوڇور اهو واحد شهر آهي جتي ماڻهو موبائيل جو استعمال نٿا ڪري سگهن سبب صرف اهو آهي ناروي ڪمپنيءَ جو نيٽ ورڪ جو نه هجڻ آهي، نيوڇور اهو شهر آهي جتي نيٽ ورڪ جو مسئلو روز جو معمول بڻيل آهي، شهر ۾ موجود ٽاور بجلي جي وڃڻ شرط نيٽ ورڪ موبائيل مان غائب ٿيو وڃي، ماڻهو پريشان ٿيو وڃن، برسات جي ڇنڊ ڪرڻ شرط نيٽ ورڪ غائب ٿي وڃي ٿو، ڪافي شڪايتون ڪرڻ باوجود ناروي ڪمپنيءَ جي انتظاميا حرڪت ۾ ناهي آئي، آخر نيوڇور واسين جي پريشانين جو خاتمو ڪڏهن ٿيندو؟ ان جي ڪا به خبر ناهي پر هن شهر ۾ ناروي ڪمپنيءَ جو نيٽ ورڪ گهڻي کان گهڻو استعمال ٿيندو آهي. هن شهر ۾ پوءِ به نيٽ ورڪ جو مسئلو تمام وڏو ٿي ويو آهي. ساڳيو پي ٽي سي ايل جي پرائيويٽ ڪمپني جو نيٽ ورڪ بهترين سروس ڏئي پيو پر نيوڇور ۾ ان ڪمپنيءَ جو ايزي لوڊ نٿو ملي، آخر نيوڇور واسي ڪيڏانهن وڃن. هڪ نيٽ ورڪ ناهي جنهن جو نيٽ ورڪ آهي ان جو ايزي لوڊ ناهي. ناروي ڪمپني جي انتظاميا کي نيوڇور جو نيٽ ورڪ بحال ڪرڻ گهرجي جيئن هتي جا صارف سم ڪنورٽ ڪرائڻ تي مجبور نه ٿين جيئن غريبن جو ڪيل پيڪيج زيان نه ٿئي، ماڻهو ڪنهن ڏکين حالاتن ۾ موبائيل جو استعمال ڪري سگهن.

ڪاشف ڪنڀر/نيوڇور
سنڌ حڪومت نوجوانن جي مستقبل سان نه کيڏي!

اڄ ڪلھ ڏسون پيا ته سنڌ جا لکين قابل پڙھيا لکيا جوان ماستري جي ٽيسٽ ڏئي رھيا آھن، مھانگائي ۽ غربت جي ھن دور ۾ ھنن غريبن ڪيئن پنھنجيون ڊگريون ۽ ٻيا گھربل ڪاغذ پورا ڪيا ھوندا، اھا ته بس انھن کي ئي خبر ھوندي. آءِ بي اي پاران نڪتل انتھائي ڏکي ٽيسٽ ۾ ڏکيائي ۽ ڀاڳن سان ڪي ٻه ٽي سئو يا هزار اميدوار ئي پاس ٿي سگھندا، جيڪي پاس نه ٿي سگھندا سي ته پنھنجي روزگار جي ڳولا ڪري ڪجھ ڪري وٺندا پر اصل امتحان شروع ٿيندو انھن قابل استادن جو جيڪي انتھائي محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ ماستري جي نوڪري جي اھل ٿيندا. ڏيڍ ٻه سال جي احتجاجن ۽ ڌرڻن کان پوءِ انھن کي نوڪري ڏني به وئي ته اھا به ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ھوندي ۽ ايئن اھي سنڌ جا قابل استاد ان پريشاني ۾ پنھنجي اھليت ۽ توانائي کي وڃائيندا رھندا ته الائي انھن استادن کي پڪو ڪيو ويندو الائي نه. سنڌ سرڪار کي گھرجي ته جنرل پرويز مشرف جي شروع ڪيل ان پاليسي کي ختم ڪري ۽ استادن کي مستقل بنيادن تي ڀرتي ڪري ته جيئن استاد پنھجي دل ۽ جان لڳائي سنڌ جي ٻچڙن کي بھتر تعليم ڏئي سگھن. ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي جا انيڪ نقصان آھن، جن مان ڪجھ ھيٺ ڏجن ٿا(1) استاد جون پيشاوراڻيون صلاحيتون متاثر ٿينديون، (2) استاد ذھني دٻاءَ ھيٺ رھڻ ڪري گھربل نتيجا نه ڏئي سگھندا. (3) استاد مستقل نه ٿيڻ جي خوف کان ٻين نوڪرين لاءِ اپلاءِ ڪندا ۽ موقعو ملڻ تي نوڪري ڇڏي ويندا. (4) ڪانٽريڪٽ جي پاليسي ڪري سنڌ جا قابل نوجوان ھن پيشي کي اھميت نه ڏيندا ۽ اھڙي طرح سنڌ اھل ۽ سٺن استادن کان محروم رھندي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي پنھنجي پاليسي تي نظرثاني ڪري استاد دوست پاليسيون ٺاھڻيون پونديون جيئن سنڌ جي تعليم ۾ سڌاري جي اميد رکي سگھجي.

سجاد حسيني ڪليري/نوابشاھ

تعلقا اسپتال مانجهند کي سهولتون ڏيو!‎‎

ڪروڙ رپيا بجيٽ جي هوندي به تعلقا اسپتال مانجهند سهولتن کان اڄ به محروم آهي پر ڪنهن به اعليٰ اختيارين جو ڌيان هن اسپتال تي نه آهي، آخرڪار هن اسپتال ۾ ايڏي ته ڪرپشن آهي جو ڪير چوڻ وارو يا ڪير پڇڻ وارو نه  آهي. اڄ جا رهواسي روزمرهه جي زندگي ۾ پنهنجن ٻچن جي روزي ڇڏي پنهنجن حقن لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن، آخرڪار اهو ڪيستائين سنڌ جي ماروئڙن سان ظلم ٿيندو رهندو، ڪڏهن معصوم ٻارن جو لاش موٽرسائيڪل تي کنيو پيو ته ڪڏهن وري ان پورهيت جو لاش گڏهه گاڏي ذريعي کنيو پيو وڃي، اڄ جا حڪمران انهن پورهيتن کان ووٽ وٺي انهن رهواسين جو تماشو ڏسي رهيا آهن، هتان جي ماڻهن جو علاج نه ٿيڻ ڪري شهرن ۾ جيڪي پرائيويٽ اسپتال ۾ علاج لاءِ وڃن ٿا، هڪ غريب پورهيت پنج سو رپيا ڏهاڙي ڪمائڻ وارو ڪهڙي پرائيويٽ اسپتال وڃي علاج ڪرائيندو؟ مان هن چٺي جي ذريعي اعليٰ اختيارن کي اپيل ڪندس ته هنن ادران تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن عوام پنهنجو صحيح نموني سان علاج ڪرائي سگهي، ڪروڙ رپين جي بجيٽ هوندي به اسپتال ۾ مريضن کي سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن، خدار ڪجهه رحم انهن مسڪينن ته کائو جيڪي اوهان کي ووٽ ڏئي اقتدار تائين پهچائين ٿا.

محرم خاصخيلي/مانجهند

وينزويلا، ايران، شام ۾ پيٽرول سستو ۽ پاڪستان ۾ مهانگو!

وينزويلا، ايران، شام ۾ پيٽرول سستو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. پي ٽي آءِ جي 3 ورهين ۾ پيٽرول 31 رپيا مهانگو ٿيو آهي. پي ٽي آءِ حڪومت ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون بلند ترين سطح تي پهتيون آهن. پي ٽي آءِ حڪومت کان اڳ سيپٽيمبر 2018ع تي پيٽرول جي قيمت 92 رپيا 83 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت 106 رپيا 57 پئسا في ليٽر هئي. هاڻي پيٽرول جي نئين قيمت 123 رپيا 30 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ڊيزل 120 رپيا 04 پئسا في ليٽر ۾ ملي رهيو آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ هن وقت تائين 30 رپيا 47 پئسا في ليٽر واڌ ٿي چڪي آهي ۽ ڊيزل جي قيمت هن وقت تائين 13 رپيا 83 پئسا في ليٽر وڌي آهي. دنيا ۾ سڀ کان سستو پيٽرول ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ وينزويلا ۾ آهي. وينزويلا ۾ هن وقت پيٽرول 03 رپيا 56 پئسا پاڪستاني رپيا ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. وينزويلا تيل ۽ گئس جي دولت سان مالا مال آهي. جنهن ڪري اتي پيٽرول تمام سستو آهي. وينزويلا کان پوءِ سڀ کان سستو پيٽرول پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ايران ۾ آهي جتي پيٽرول جي قيمت 10 رپيا 08 پئسا في ليٽر آهي، جڏهن ته شام ٽيئن نمبر تي آهي جتي پيٽرول 38 رپيا 89 پئسا في ليٽر ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. دنيا ۾ سڀ کان مهانگو پيٽرول هانگ ڪانگ ۾ آهي جتي پيٽرول جو في ليٽر 426 پاڪستاني رپيا آهي، جنهن کان پوءِ يورپي ملڪ هالينڊ جتي پيٽرول جو في ليٽر 367 رپيا 24 پئسا آهي. پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينهن روزمره جي ضرورت ۽ استعمال ۾ اچڻ وارين شين جي قيمتن ۾ اضافي عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت کي کپي ته ان طرف ڌيان ڏنو وڃي. پاڪستان جي غريب عوام تي رحم ڪيو وڃي ۽ ان گاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ ڏينهون ڏينهن شين جي وڌندڙ قيمتن تي ضابطو آندو وڃي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

بجلي ڪيڏانهن وئي؟

هن وقت نصرپور جا ماڻهو جيڪي گھرن ۾ هجن يا ڪاروبار سان لاڳاپيل هجن وڏي ڏکيائين ۾آهن، گھرن ۾ وهنجڻ، ڪپڙا ڌوئڻ ته پري گھرن ۾ پيئڻ جو پاڻي نه آهي. دڪاندارن جو ڪاروبار ٺپ ٿيل آهي، نصرپور ۾ بجلي تمام گھڻي بند رهي ٿي، جنهن ڪري هن موتمار گرمي ۾ ماڻهو پريشان آهن، جيڪڏهن بجلي اچي ٿي ته وولٽيج گھٽ هجڻ ڪري ان تي روٽر نٿا هلن، جنهن ڪري ماڻهو هٿن ۾ بالٽيون کڻي هينڊ پمپن کي ڳوليندا رهن ٿا، هينڊ پمپ ڪو ملي ته پيئڻ لاءِ پاڻي ڀريون. شهر ۾ ڪيترائي ٽرانسفارمر سڙيل آهن، ڪي اهڙا به آهن جن ۾ هڪ يا ٻه فيز هلن ٿا، جنهن ڪري جيڪو فيز بند آهي اهي ماڻهو ڏکيائي ۾ آهي. هتي جڏهن ڪمپلين آفيس کلي ته ماڻهن اهو سمجھيو ته هاڻي بجلي جي فالٽن مان جان آجي ٿيندي. بجلي بند ڪرڻ جو سبب فالٽ هوندا آهن، بجلي بند ڪرڻ جي ڪري اسڪولن ۾ ٻار تڪليفن سان تعليم پرائي رهيا آهن، ٻار پگھر ۾ شل هوندا آهن، بجلي جي بندش ۽ وولٽيج جي گھٽ هئڻ ڪري ماڻهن جون دانهون نڪري ويون آهن. هتان جو عوام محترم علي پلهه کان گھر ڪري ٿو ته اسان کي هن عذاب مان نجات ڏياري وڃي ۽ ٻين حيسڪو چيئرمين، ايس ڊي او، ايڪسين، کان گھر ڪن ٿا ته نصرپور جا وولٽيج صحيح ڪيا وڃن. بجلي جي بندش جيڪا لوڊ شيڊنگ شيڊول موجب آهي اها ڪئي وڃي.

خادم گھراڻو/نصرپور

آءِ بي اي امتحان ۾ سنڌي سبجيڪٽ جو هجڻ ساراھ جوڳو عمل آهي!

تازو آءِ بي اي طرفان سنڌ ۾ جي اي ايس ٽي استادن جي ڀرتين لاءِ لکت وارو امتحان ورتو ويو، جنهن ۾ 20 سوال سنڌي سبجيڪٽ مان ڏنل هئا، هر اميدوار اها ڏوراپو ڏنو ته سنڌي وارو حصو تمام ڏکيو هو جنهن ڪري پيپر ۾ فيل ٿي وياسين، اسان جي مادري زبان به سنڌي وري شڪايت به اها ته سنڌي وارو حصو ڏکيو هو ان ڳالھ تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، مان سلام پيش ڪريان ٿو آءِ بي اي جي اداري کي جنهن پيپر ۾ 20 سيڪڙو سنڌي کي شامل ڪيو، ڇو ته اسان وٽ سنڌي پڙھڻ ۽ پڙھائڻ کي عيب سمجهيو پيو وڃي، سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن مان سنڌي سبجيڪٽ ختم ٿيندو پيو وڃي، جنهن سان سنڌي ٻوليءِ جي بقا لاءِ خطرو پيدا ٿيندو پيو وڃي، سنڌي ٻولي نازڪ دور مان پئي گذري، اهڙي وقت آءِ بي اي سنڌي ٻوليءَ کي زندھ رکندي سنڌ اندر استادن جي ڀرتي ۾ 20 سيڪڙو سنڌي کي شامل ڪيو جيڪو هڪ ساراھ جوڳو عمل آهي، اميد آهي ته ان عمل کي اڳتي به جاري رکيو ويندو جنهن سان اسان جا نوجوان سنڌي طرف خاص ڌيان ڏيندا.

محمد اسلم سومرو/ کرڙاھ، ميرواھ
غربت، مھانگائي ۽ بيروزگاري سبب وڌندڙ آپگھات!

سنڌ صوبي ۾ گذريل ڪجھ سالن کان آپگھات جي واقعن ۾ رڪارڊ واڌارو ڏسڻ ۾ آيو آھي، غير سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ صوبي ۾ ساليانو 50 ھزار ماڻھو پنھنجون قيمتي حياتيون آپگھاتن وسيلي وڃائي رھيا آھن، سنڌ صوبي ۾ آپگھاتن جو مکيه ڪارڻ پرڳڻي ۾ وڌنڌڙ غربت، ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، بيروزگاري جو راڪاس اھڙا واقعا آھن جيڪي آپگھاتن جو سبب بڻجي رھيا آھن. آپگھاتن جا واقعا سنڌ صوبي ۾ عام جام ٿي چڪا آھن، پريشان ڪندڙ اھا ڳالھ آھي ته آپگھات ڪندڙ جو وڏو انگ تعليم يافتا نوجوان ڇوڪرا ۽ نوجوان ڇوڪريون آھن، آپگھات جي وڌنڌڙ واقعن جي ڪري سنڌ ۾ ھڪ ڳڻتي واري صورتحال آھي پر اسان جي حڪمرانن جي ڪنن تي جُون به نٿي سُري، اسان سنڌ حڪومت کي گذارش ڪنداسين ته سنڌ ۾ وڌنڌڙ آپگھاتن جي واقعن جي روڪٿام لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ۽ سنڌ واسين ۾ ھڪ سجاڳي جي مھم ھلائي وڃي ۽ عوام کي آپگھات جي واقعن جي نقصانن بابت آگاھ ڪيو وڃي، گڏو گڏ غربت مھانگائي بيروزگاري جي خاتمي لاءِ جنگي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي.

ارشاد علي لغاري/چمبڙ، ٽنڊوالهيار
جي چرپر کان سواءِ ڪم ٿئي ته پوءِ ڇا کپي!

موجوده وفاقي حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق به کسي رهي آهي، اصل ۾ وڏين ڪرسين ۽ عهدن تي ويٺل به سرمائيدار طبقي جا واٺا ۽ ڇاڙتا آهن جنهن ڪري هو پيٽرول اسم، گئس ۽ ٻين معدني وسيلن سان ملندڙ شين جا اگھه چاڙهي ملڪ جي سرمائيدار طبقي کي اڃا شاهوڪار ڪرڻ ۽ غريبن کي بنهه مارڻ لاءِ پيٽرول ۽ گئسن جا اگھه وڌائيندي ٿي رهي. هيءَ پهرين حڪومت آهي جيڪا ميڊيا تي ته مهانگائيءَ جو راڳ آلاپي رهي آهي پر، هڪ هٿ ۾ هنٽر اٿس جيڪو عوام جي اگھاڙن پٺن تي وهائي رهي آهي، هيءَ پهرين حڪومت آهي جيڪا چاهي ته غريب ملڪ ۾ رهي ئي نه اهو ڪيڙن ماڪوڙن جيان مري کپي وڃي، ان کي جيئڻ جو ڪو سهارو نه ملي، فقط هڪ هوا رهي آهي جيڪا غريب لاءِ مفت آهي باقي هر شيءِ سميت پاڻيءَ تي به ٽئڪس لڳل آهي. سرمائيدار پيٽرول ۽ گئس مهانگي ٿيڻ جو بهانو بڻائي عوام کل ابتي ڪري لاهي رهيا آهن، جڏهن ته حڪومت کين روڪڻ بغير واهه واهه ڪندي ٿي رهي. پيٽرول اگھه دنيا ۾ وڌندا آهن، قرض به ورتا ويندا آهن پر معدني وسيلن سان مالا مال ملڪ جي شاهوڪار عوام سان اهڙي ويڌن اسان ڪٿي ناهي ڏٺي.

محمد ارشد ماڇي/ڪراچي
مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪري پيٽرول اگھه گھٽايا وڃن!

وفاقي حڪومت تيل جي قيمتون وڌائي عوام مٿان مھانگائي جو ايٽم بم ڪرائي ڇڏيو آھي، تيل مھانگو ٿيڻ شرط ئي منافعي خورن عام واھپي جي شين جا اگھ پڻ وڌائي ڇڏيا آھن، گاڏين وارن ڪرايا وڌائي ڇڏيا آھن، جڏھن ته ڪارخانن کان ويندي ٽرانسپورٽ جو  سڄو ڪاروبار  جو دارو مدار تيل تي ھلندو آھي، جنھن ڪري تيل مھانگو ٿيندي عام واھپي جي شين جا اگھ ڇوٽ چڙھي ويا آھن، پھريائين ڪورونا وائرس جي سبب ملڪ اندر بک، بدحالي ۽ بيروزگاري عروج تي پھتل آھي. مٿان وري حڪومت مھانگائي مٿان مھانگائي وڌائيندي ٿي رھي. عوام جي چيلھ  ڀڄي ڇڏي آھي. گوشت، مڇي، مرغي ته غريبن جي پھچ کان پري آھن پر ٻن وقتن جي مانيءَ لاءِ پريشان آھن، آڻين ۽ چاڙهين وارو مزدور طبقي جا بچا بکون کاٽي رھيا آھن، منافعي خورن کي ته موقعي جي ڳولا ھوندي آھي، موقعو ملندي ئي عام واھپي جي شين جا اگھ وائي ڇڏيا آھن، راڻيپور ۾ دڪانن تان ريٽ لسٽيون گم آھن، پرائيز ڪنٽرول اٿارٽي آفيسن تائين محدود ٿيل آھن غريب عوام مھانگائيءَ جو عذاب ڀوڳي رھيو آھي. مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، لاڳاپيل ادار نوٽيس وٺن، مھانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ تيل جي قيمتون گھٽايون وڃن.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
پيٽرول قيمتن ۾ تاريخي واڌ ۽ ترقي جون دعوائون!

مھانگائي ملڪ ۾ اڳ ئي موجون پئي ماڻي، ھڪ پاسي ڪورونا وبا سبب ڪاروباري طبقو پريشاني جو شڪار آهي، جتي ڪورونا جي ڪلورن کي نظر ۾ رکندي سرڪار کي عوام کي رليف فراھم ڪرڻ ۽ ھن وبائي صورتحال ۾ بک ۽ بدحالي کان بچائڻ لاءِ ڪي اھڙا اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي جو پورھيت طبقو ٻه ويلا گڀو کائي سگهي پر افسوس ته ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن مھانگائي وڌندي پئي ۽ هيءَ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي. تازو تاريخي حد تائين پيٽرول جي قيمتن ۾ ٿيل واڌ بعد عوام ۾ بي چيني پکڙيل آهي، سڄي ملڪ خاص طور سنڌ ۾ بک، بيروزگاري، بدحالي، بدامني ڪارڻ عوام جو رجحان ڏينهون ڏينهن آپگھات ڏانهن وڌي رھيو آهي، گذريل ڪجھ عرصي ۾ آپگھات جي واقعن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي. عوام جو ھاڻ جيئڻ تان ارواھ ئي کڄي ويو آهي. ان پٺيان يقينن ٻيا به انيڪ ڪارڻ ھوندا پر ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي سبب پيدا ٿيل صورتحال کي به ته نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ٿيڻ جو اثر روزمرھ جي شين تي پوندو آهي. مھانگائي سمورن پريشانين جي ماءُ آهي، ھاڻ ملڪ جو عوام سرڪار کان سندن ئي ڪيل واعدن کي وفا ڪرڻ جي اميد ٿو رکي، جيڪڏهن ٿوري دير لاءِ اھو مڃي به وٺجي ته پوئين دور حڪمراني ۾ حڪمرانن پاران ملڪ جو پئسو غير قانوني طريقي سان ٻاهر منتقل ڪري ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو ويو ان ڪري ملڪ ۾ مھانگائي به ٿي، سڀ ڪجهه ٿيو پر ھاڻ ملڪ جو پئسو ڪيڏانهن پيو وڃي؟ ھن وقت مھانگائي ٿئي ٿي ته پوءِ ڪنهن کي چور چئجي؟ جيڪڏهن ملڪ ترقي ڪري پيو ته پوءِ ترقي نظر ڇو نٿي اچي؟ آخر اھا ترقي ڪھڙي گرھ تي پئي ٿئي؟ خدارا! رڳو پنهنجن ئي ڪيل واعدن کي وفا ڪريو ۽ مھانگائي جي جن کي قابو ڪري عوام کي جيئڻ جو ڪو دگ ڏيکاريو.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ