اسلام آباد(بيورورپورٽ) پرڏيهي آفيس پنجگور ۾ ايران مان دهشتگردن جي فائرنگ سان 4 سيڪورٽي اهلڪار شهيد ٿيڻ تي ايراني سفير کي طلب ڪري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان اميد ظاهر ڪئي ته ايران جي حڪومت دهشتگرد حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندي ۽ اهڙا واقعا ورجائجڻ کان روڪيندي. پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.