پنجاب ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو آپشن به موجود آهي: راڻا ثناءُ الله

0
188

لاهور: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پرويز الاهي سميت ڪير به اسان کي پنجاب اسيمبلي اچڻ کان روڪي نه ٿو سگهي، پنجاب ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو آپشن به موجود آهي

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پرويز الاهي اڪثريت وڃائي ويٺو آهي، کيس خبر آهي ته عمراني ٽولو به هن کا ناراض آهي، تنهن ڪري اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان لنوائي رهيو آهي

هن چيو ته  عالمي برادري پاران پاڪستان کي 11 ارب ڏيڻ جو اعلان عمران خان جي منهن تي چماٽ آهي، پاڪستان ڪڏهن به ڊفالٽ نه ڪندو