اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ واري مامري تي قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ پاران اسٽيٽ بينڪ کي اليڪشن ڪميشن کي فنڊ جاري ڪرڻ جو مامرو ايجنڊا ۾ شامل آهي، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اجازت کانسواءِ سپريم ڪورٽ پاران اسٽيٽ بينڪ کي فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڏيڻ جو مامرو غور هيٺ آندو ويندو.