پنجاب ۾ چونڊن جي حڪم بعد اليڪشن ڪميشن جو هنگامي اجلاس طلب

0
236
پنجاب ۾ چونڊن جي حڪم بعد اليڪشن ڪميشن جو هنگامي اجلاس طلب
پنجاب ۾ چونڊن جي حڪم بعد اليڪشن ڪميشن جو هنگامي اجلاس طلب

پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد اليڪشن ڪميشن اڄ مشاورتي اجلاس سڏائي ورتو

چيف اليڪشن ڪمشنر  راجا سڪندر سلطان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو جائزو ورتو، عدالتي فيصلي تي عملدرآمد جي امڪانن جو جائزو ورتو ويندو

 گذريل ڏينهن چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن جي 8 آڪٽوبر تي چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي کي غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو هو

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عرفان قادر عدالتي فيصلي تحت چونڊون ٿيڻ وارو امڪان رد ڪري ڇڏيو

 عرفان قادر چيو آهي ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته 3 رڪني بينچ جي حڪم تي پنجاب ۾ 14 مئي تي اليڪشن ٿي وڃي، اليڪشن ڪميشن ان فيصلي جي پابند نه آهي، اهو فيصلو آئين جي خلاف آهي

هي به پڙهندا

اسان ڪڏهن ناهي چيو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجو رستو وٺي پر سول ملٽري تعلق ۾ توازن هجڻ گهرجي: عمران خان