پنجاب ۾ چونڊن جو شيڊول جاري: ڪي پي جي گورنر سان گڏجاڻي بنا نتيجي ختم

0
191
پنجاب ۾ چونڊن جو شيڊول جاري
پنجاب ۾ چونڊن جو شيڊول جاري: ڪي پي جي گورنر سان گڏجاڻي بنا نتيجي ختم

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، نامزدگي ڪاغذ 12 کان 14 مارچ تائين جمع ڪرايا ويندا

نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال 22 مارچ تائين ٿيندي، پنجاب ۾ چونڊن لاءِ پولنگ 30 اپريل تي ٿيندي

خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي گورنر سان گڏجاڻي بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي

 پشاور ۾ ٿيل گڏجاڻي دوران چونڊن لاءِ ڪا به تاريخ سامهون نه اچي سگهي، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمير حميد خان جي اڳواڻيءَ ۾ وفد گورنر حاجي غلام علي سان ملاقات ڪئي

گورنر هائوس جي پڌرائي موجب اليڪشن ڪميشن جي وفد گورنر کي چونڊن ۽ ان تي ايندڙ خرچن بابت بريفنگ ڏني، سيڪيورٽي جا معاملا به غور هيٺ آيا

 گڏجاڻي دوران اليڪشن جي تاريخ تي اتفاق نه ٿي سگهيو، ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ هڪ وڌيڪ گڏجاڻي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي

هن کي به پڙهندا

عام چونڊون ڊجيٽل آدمشماري تحت ئي ٿينديون: اعظم نذير تارڙ