پنجاب ۾ وڌندڙ بحران

0
136
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سڄو ملڪ ته عام طور تي بحرانن ۾ ورتل آهي پر جيئن ملڪ جو وڏي ۾ وڏو صوبو خاص بحرانن ۾ وڪوڙجي چڪو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن وڪوڙجي رهيو آهي ان جو ڪو سٿرو حل نظر نه ٿو اچي. هڪڙي بحران کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ته مٿان وري ٻيو بحران ٿو اچي وڃي. هن وقت حالت اها آهي جو ڄڻ ته عملي طور ڪا به حڪومت ناهي ۽ سڄي سياسي سرگرمي جو زور به انهي صوبي ۾ آهي. صوبي ۾ وڌندڙ بي يقيني سبب سڄو ڪاروهنوار ٺپ آهي. ملڪ جي اڳ ئي معيشت خراب لڳي پئي آهي ويتر وڏي صوبي ۾ اهڙي حالت انهي کي وڌيڪ خراب ڪري رهي آهي.حڪمران ڌر توڙي جو دعويٰ ڪري رهي آهي ته اها پنجاب ۾ معاملا سنڀالي وٺندي پر لڳي ايئن ٿو ته سڀ معاملا انهن جي به هٿ وس نه آهن.

اڳوڻي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ کانپوءِ وفاق سان گڏ جيڪو سڀ کان وڌيڪ صوبو متاثر ٿيو اهو پنجاب آهي، انهي عدم اعتماد جي  رٿ کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ۾ سياسي بارگيننگ دوران معاملا جيئن خراب ٿيندا ويا اهي  اڃا تائين سلجهي نه سگهيا آهن. پنهنجي هڪ اتحادي کي راضي ڪرڻ لاءِ اڳوڻي وزيراعظم پنجاب جي ان وقت جي وڏي وزير کان استعيفا ڏياري جنهن کانپوءِ لڳاتار اهي معاملا اسيمبلي مان نڪري  عدالتن ڏانهن هليا ويا، ايستائين جو نئين وڏي وزير جي چونڊ ۽ انهي کي حلف کڻائڻ جو معاملو به عدالت جي حڪم تي طئي  ٿيو. صوبي ۾ گورنر جي مقرري جو تڪرار به هلندڙ آهي ته مٿان سپريم ڪورٽ جي آئين جي آرٽيل 63 اي جي تشريح کانپوءِ اليڪشن ڪميشن به پنجاب اسميبلي جي انهن 25 ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي جن وڏي وزير جي چونڊ ۾ پارٽي جي فيصلي خلاف ووٽ ڏنو هو.

جنهن ڪري هاڻي اهو سوال سامهون آيو آهي ته نئين چونڊيل وڏي وزير کي ووٽ ڏيندڙ اهي ميمبر ئي اسيمبلي ۾ نه رهيا آهن ته وڏي وزير جي چونڊ ڪيئن قانوني ٿي سگهي ٿي؟ جنهن ڪري اهو مطالبو زور وٺي رهيو آهي ته اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرايون وڃن. جڏهن ته صوبي ۾ هن وقت ڪو گورنر ناهي جڏهن ته اسپيڪر قائم مقام گورنر جي چارج وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ نه نين چونڊن طرف وڌي سگهجي ٿو نه ئي وري موجوده صورتحال کي برقرار رکي سگهجي ٿو عملي طور صوبي جو نظام مفلوج نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته ٻين صوبن ۾ انهي حڪومتي تبديلي جو ڪو وڏو اثر نه پيو آهي اهي پنهنجي حساب ۽ مينڊيٽ سان ڪم ڪري رهيا آهن،هن وقت سڀني کان وڌيڪ سياسي ويڙهه جو مرڪز پنجاب ئي آهي ۽ اتي ئي آئيني ۽ سياسي بحران پيدا ٿيل آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت پاڻ به معاشي صورتحال سبب ٻڏتر جو شڪار آهي ته نئين چونڊن طرف وڃجي يا انهي صورتحال کي برقرار رکي معاملا سنڀالڻ جي ڪوشش ڪجي.وفاق ۾ توڙي جو آئيني بحران ناهي پر سياسي ۽ معاشي بحران اتي به موجود آهي پر پنجاب ۾ ته ٽئي معاشي ،سياسي ۽ آئيني بحران هڪ ئي وقت موجود آهن جنهن ڪري انتظامي بحران به پيدا ٿي پيو آهي جيڪڏهن اهي بحران وڌيڪ ڊگهو هلن ٿا ته صوبي جو ڪاروهنوار مفلوج ٿي ويندو.

اسان سمجهون ٿا ته اها صورتحال ڪنهن به ريت ڪنهن به سياسي ڌر يا صوبي جي مفاد ۾ ناهي.سياسي ڌريون پنهنجي عارضي سياسي مفادن لاءِ قانوني ۽ آئيني گهرجن کي پٺي نه ڏين.جيڪڏهن انهي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ آئيني رستو اختيار ڪيو وڃي ٿو ته اهو ئي بهترين طريقو هوندو. اسيمبلي يا پارليامينٽ کي استعمال ڪرڻ بدران  هر معاملو عدالت ڏانهن رجوع ڪرڻ نظام لاءِ به خراب آهي. تنهن ڪري سياسي ڌريون گڏجي ويهي انهي معاملي جو  حل ڪڍن، نظام هوندو ته انهن جي سياست به پئي هلندي.