لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز  الاهي نڪاح لاءِ ختم نبوت صه تي ايمان جي حلف وارو نئون فارم استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پرويز الاهي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نڪاح وقت گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ ختم نبوت صه جي حلف نامي تي صحيح ڪرڻ لازمي هوندي ۽ نڪاح رجسٽرارن کي ختم نبوت صه جي حلف نامي وارا نوان فارم ڏنا وڃن. هن چيو ته نڪاح نامي ۾ ختم نبوت صه تي ايمان جو حلف شامل ٿيڻ تي مبارڪون پيش ڪريان ٿو، نڪاح رجسٽرارن کي نوان فارم نه ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ نوان فارم استعمال نه ڪندڙ رجسٽرار کي هڪ مهينو قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٿي سگهندي.