سرگودا (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي آهي ته پنجاب ۾ نواز ليگ حڪومت ٺاهيندي، اليڪشن آئين جي مطابق نگران حڪومت جي قيادت ۾ ٿيڻ گهرجي، آئين ۾ لکيل آهي عام چونڊن لاءِ وفاق ۽ صوبن ۾ نگران حڪومت هجي، هاڻ اليڪشن ٿي ته عمران خان پنهنجي شڪست تسليم نه ڪندو، ملڪ جي ضرورت صرف اليڪشن نه آهي پر صاف ۽ شفاف اليڪشن آهي، هن چيو ته اسان کي اليڪشن جو ڪوبه خوف ناهي، اسان پوئتي ناهيون هٽيا،  اليڪشن ۾ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي شڪست ڏينداسين.