لاهور (بيورورپورٽ) پيپلز پارٽي کي ڇڏي ويندڙن لاءِ پارٽي ۾ واپسي جا دروازا کلي ويا آهن. رپورٽ موجب اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ايندڙ عام چونڊن دوران پنجاب ۾ ڪاميابي لاءِ ڊيرا ڄمائي ورتا آهن.ذريعن ٻڌايو آهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري پنجاب ۾ ايندڙ چونڊن دوران (نواز) ليگ جو رستو روڪڻ لاءِ مضبوط الائنس ٺاهڻ ۾ مصروف آهي ۽ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي مضبوط الائنس سان گڏ(نواز) ليگ کي عام چونڊن ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ذريعن موجب آصف علي زرداري پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي واپسي لاءِ (نواز) ليگ جي مخالفن کي گڏ ڪرڻ جي مشن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ سينٽرل پنجاب ۽ ڏکڻ پنجاب جي اهم سياستدانن سان رابطا ڪيا آهن. جڏهن ته پيپلز پارٽي کي ڇڏي ويندڙن جي لاءِ به پارٽي ۾ واپسي جا دروازا کوليا ويا آهن.ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جون اهم شخصيتون پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي لاءِ راضي آهن ۽ پهرين مرحلي ۾ گوجرانوالا، جهلم، جهنگ، اٽڪ، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ منڊي بهاءُالدين سان تعلق رکندڙ اڳوڻا پارليامينٽرين ايندڙ مهيني جي شروع ۾ پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪندا. جڏهن ته قصور، ساهيوال، ملتان، ليه، ميانوالي، خانيوال، راجن پور، صادق آباد، بهاولپور ۽ بهاولنگر مان به اهم شخصيتون پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿينديون.