لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ ۽ (ق) ليگ جي اسيمبلي ميمبرن جي تڪن ۾ ترقياتي منصوبن جو پلان تيار ڪيو ويو  آهي، پنجاب حڪومت پنهنجي اسيمبلي ميمبرن ۾ 97 ارب رپين جا فنڊ ورهائيندي. نواز ليگ جي حڪومت پنهنجي ۽ اتحادين جي اسيمبلين جي تڪن لاءِ بجيٽ ۾ جيڪي فنڊ رکيا هئا، اهي هاڻي پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن کي ڏنا ويندا، جنهن لاءِ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي فنڊ ڏيڻ جو فارمولو طئي ڪيو ويو آهي، ايم پي اي ۽ ٽڪيٽ هولڊر کي فوري طور تي 10 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا. پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز ۽ ٽڪيٽ هولڊرز کي 20-20 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا. پنجاب ۾ رڳو ق ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي اها بجيٽ ملندي، پهرين ٽه ماهي ۾ 97 ارب رپيا حڪومتي ميمبرن ۾ ورهايا ويندا. جنهن ذريعي پنهنجي تڪن ۾ نوان ۽ جاري منصوبا مڪمل ڪيا ويندا، جن ۾ روڊ سيڪٽر، شهري ترقي ۽ واٽر سپلاءِ اينڊ سينيٽيشن اسڪيمون شامل آهن، جڏهن ته ميمبر پي ايس ڊي پي مان فنڊ به واپس وٺي ايم اين ايز کي ڏيندا.