لاهور (م ڊ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته صوبي ۾ سياسي سرگرمين تي ڪنهن به قسم جي پابندي ناهي لڳائي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊ مهم هلائڻ جي مڪمل آزادي آهي. پنجاب حڪومت سياسي سرگرمين ۽ ريلين تي صرف هڪ ڏينهن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي آهي. نگران وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ڪرڪيٽ ميچ ٽيم جي چرپر ۽ ميراٿن بابت اڳ ئي سموري منصوبه بندي ڪئي وئي هئي ۽گهڻو وقت اڳ اعلان پڻ ڪيو ويو هو. ياد رهي ته پنجاب حڪومت پي ٽي آءِ جي ريلي جي اعلان کانپوءِ لاهور ۾ هڪ دفعو ٻيهر قلم 144 لاڳو ڪندي ڪنهن به قسم جي ريلي هجي يا جلوس تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.