اسلام آباد (م ڊ) سُڌ سماءُ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ نواز ليگ اڳواڻ جاويد لطيف خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس  ۾ سرڪاري ٽي وي جو ايم ڊي راشد بيگ ۽ پروگرام پروڊيوسر به جوابدار نامزد ڪيا ويا آھن. پنجاب جي گهرو وزير هاشم ڊوگر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته جاويد لطيف ۽ مريم اورنگزيب خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. نواز ليگ اڳواڻن خلاف لاهور جي گرين ٽائون ٿاڻي تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيو آهي. پنجاب جي گهرو وزير چيو ته سرڪاري ٽي وي جي ايم ڊي راشد بيگ ۽ پروگرام پروڊيوسر کي پڻ ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس دهشتگردي ٽوڙ جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو آهي. هاشم ڊوگر چيو ته ڪنهن کي به مذهبي نفرت ڦهلائڻ ۽ تشدد تي ڀڙڪائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.