اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي فيصلي ۾ چيو ته ٻنهي صوبن ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن، گورنر جي حڪم تي اسيمبلي ٽٽي آهي ته گورنر چونڊن جي تاريخ ڏئي. چيف جسٽس، جسٽس منير اختر، جسٽس محمد علي مظهر اڪثريتي فيصلو ڏنو، جنهن ۾ درخواستگذارن کي رليف ڏنو ويو، جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس منصور علي شاهه اختلافي نوٽ ڏنو. چيف جسٽس 13 صفحن تي مشتمل فيصلو پڙهي ٻڌايو، فيصلي ۾ چيو ته آئين ۾ عام چونڊن لاءِ  60 ۽ 90 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي اسيمبلي ٽٽڻ بعد 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ لازمي هونديون آهن، پنجاب اسيمبلي گورنر جي صحيح نه ڪرڻ سبب 48 ڪلاڪن ۾ پاڻمرادو ٽٽي وئي جڏهن ته ڪي پي اسيمبلي گورنر جي صحيح سان ٽٽي وئي، اليڪشن ايڪٽ صدر ۽ گورنر کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ڏي ٿو، عدالت صدر کي اليڪشن ڪميشن سان مشاورت ڪري پنجاب، جڏهن ته ڪي پي ۾ گورنر کي اليڪشن ڪميشن سان مشاورت ڪري چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ صدر جو 20 فيبروري جو حڪم پنجاب جي حد تائين درست، جڏهن ته ڪي پي اسيمبلي لاءِ ڪالعدم قرار ڏنو. عدالت عظميٰ فيصلي ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن گورنر ۽ صدر سان ايڊوائس جو ڪردار ادا ڪرڻ جي پابند آهي، صدر 9 اپريل تي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو، ان صورتحال ۾ اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو، 9 اپريل تي چونڊون ممڪن ناهن ته مشاورت کانپوءِ پنجاب ۾ تاريخ تبديل ڪري سگهجي ٿي. عدالت چيو اها وفاق جي ذميواري آهي ته چونڊون ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، وفاق جي ڊيوٽي آهي ته ايگزيڪيوٽو اٿارٽيز اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪن، ڪي پي جو گورنر فوري طور چونڊن جي تاريخ ڏئي ۽ سمورا وفاقي ۽ صوبائي ادارا اليڪشن ڪميشن کي سيڪيورٽي سميت هر قسم جي امداد فراهم ڪن. عدالت پاڻمرادي نوٽيس جو فيصلو گذريل ڏينهن محفوظ ڪيو هو، چيف جسٽس 22 فيبروري تي چونڊن ۾ دير تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي 9 رڪني لارجر بئنچ جوڙي هئي، حڪمران اتحاد بئنچ ۾ شامل ٻن ججن جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي تي اعتراض واريو هو. جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس اطهر من الله به پاڻ کي بئنچ کان ڌار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ چيف جسٽس ٻيهر 5 رڪني بئنچ جوڙي هئي. پاڻمرادي نوٽيس تي 4 ٻڌڻيون ٿيون، گذريل ڏينهن 7 ڪلاڪ ڊگهي ٻڌڻي ۾ ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪيو هو. سپريم ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته آئيني طور 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿينديون، ڪو آئيني ادارو چونڊن جو مدو نٿو وڌائي سگهي، چونڊون وقت تي نه ٿيون ته ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو.